سرافراز: وڏي مرتبي وارو، معزز
(21)
هي ”طالبِ مولا“ آهي اُن خون جو تاثير
مشهور سدا آهي جهان ۾ جيڪا تڪبير
هاڻي به ٿئي جن جي رَهِ عشق ۾ تعمير
صد شُڪر ته خوش ٿيندي ٿا پائن اُهي زنجير
هو ڪين ڊِڄن ٿا ڏسي جلاد جي صورت
زندان ۾ وڃن حضرتِ سجادؑ جي صورت
رَه: راه جو مخفف
جلاد: بي رحم، بي درد، پاپي، ڦاسي ڏيندڙ (قانون موجب)
مرثيه 3
مسافرن جي مديني ۾ جڏه رسيد آئي
31 بند
بيان احوال
خط صغريٰؑ و
شهادت امام حسين ع
(1)
مسافرن جي مديني ۾ جڏهن رسيد آئي
ته وعده گاه ۾ فوج شههِ سعيد آئي
رسيد اچڻ سان صغريٰؑ جي گهرَ ۾ عيد آئي
پراڻو تپ ويو هليو طاقتِ جديد آئي
ملال درد ويو عيش جي قريني سان
بُخار نَبضَ کان، غَمُ دِل کان، دِردُ سيني کان
عيش: خوشي، عشرت، آرام، آسائش، سک، مزو، لطف
قريني سان: ڍنگ سان، سليقي سان
(2)
خطِ حسينؑ هو صغريٰؑ جي لاءِ ڄڻ ڪ بهار
جو دُور هڪڙي گهڙي ۾ ڪيائين دِل جو غبار
غم و ملال ويو دل مان اُن گهڙيءَ ٿيو قرار
ڄڻ رشڪ بالِ هُما هو خطِ شههؑ ابرار
بَجُز خُدا ٻيو مضمون خطَ جو ڇا ڄاڻي
لکي هئي پنهنجي خزان نونهال زهراؑ جي
رشڪ: ڪنهن جهڙو ٿيڻ جي خواهش ڪرڻ
بال: پکيءَ جا بازو، پر، بالون وغيره
هما: هما هڪڙو پکي آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جنهن جي مٿان گذري وڃي اهو
بادشاهه بنجي ٿو وڃي.
(3)
محمد حنفيه جي گهَرَ ڏي آيو قاصدِ شاهه ع
گهُرائي اُن کي ڏِنئين نامئه شههِؑ ذِي جاه
اکين تي خطُ رکي اُن دَم چيائين بِسم الله
پڙهڻ جو هوش نه آهي تون جلد ڪر آگاه
اسان جو قبلو ۽ ڪعبو سَفرَ ۾ خير سان هو؟
جواب هُنَّ ڏنو خير حالِ غير سان هو
(4)
محمد حنفيه اُت پو پڇيو بَديدهء نم
ڪٿي ڇڏيا تو مُسافر اسانجا سڀ باهم
هُئو ته ڪونه ڪٿي ڪو اُنهن کي رنج و اَلم
ٻُڌاءِ مونکي ته منزل ڪِٿِ آهي شاهِهؑ اُمم
چَيائين ڪرب و بلا ۾ وري نه هت ايندو
حُسينؑ گورِ غريبان اُتي بنائيندو
باهم: گڏوگڏ، يڪجاءِ
گور غريبان: مسافرن ۽ مصيبت زدن جون قبرون
(5)
محمد حنفيه کي تڏهن چيو ٿي هِينئن صغريٰ ع
ٻُڌاءِ خطُ پَڙهِي مُونکي اَي چاچا ٿيان آءٌ فدا
نه هاڻ تاب، نه ڪر دير بس بَراءِ خدا
ٻڌي آئون خوش ٿيان صُغريٰ ؑ ڏي ڇا لکيو بابا
ڪريان ٿي ياد آئون باب حسينؑ کي هر دم
اُچي ٿو پاڻَ يا مونکي گهُرائي ٿو هڪدم
(6)
شروعَ خط ۾ لکيل هئي ته سر گذشت سفر
ٻڌِي هي فاطمهؑ غمگين ٿي تڏهن يڪسر
چَيو هي چاچي ته خير آهي تون نه ٿي مضطر
هُنن جو آهي ته الله حافظ و ناصر
خُدا ڪندو ته وري موٽي خير سان ايندا
جي دير ٿي ته اسان کي هِتان گهرائيندا
شروع: آغاز، منڍ، ابتدا
يڪسر: سمورو، تمام، بلڪل، سڄو سارو
(7)
لکيل هو اڳتي ڪ اَي نُورِ چَشِمِ بَرخوردارِ
سواءِ تنهنجي گهڙِي هڪڙي ناهي صبر و قرار
هتي ڪو سُکُ نه ڏٺم آهي بس رڳو آزار
رهيو نه باقي هتي آهي منهنجو ڪو غمخوار
قرار دل کي نه بس هاڻ آهي آهَ تي آهَ
۽ تنهنجي صورت منهنجي فقط نگاهه ۾ آه
برخوردار: زندگيءَ جو ميوو کائيندڙ، پٽ، فرزند، سعادتمند
غمخوار: غم ۾ شريڪ ٿيندڙ، همدرد، ڏک سور جو ساٿي
(8)
سَندءِ فراق جو سڀني کي آهي درد و اَلم
حياتي پنهنجي اسانکي ٿي تلخ آهر دم
ذرو به چين مليو ڪونه ڪو خدا جو قسم
تو هڪ جي دل کي سڀن جي ته هجر جو آ غم
جا تنهنجي دل ۾ آ تنهن کي خدا ئي ڇا ڄاڻي
هي جنهن تي گذريو اُهو ڄاڻي يا خدا ڄاڻي
فراق: جدائي، وڇوڙو، هجر، فڪر، خيال
تلخ: ڪڙو، کهرو، تکو، ڏکيو، تڪليف وارو، رنج رسائيندڙ، اڻ وڻندڙ
هجر: وڇوڙو، جدائي، فراق
(9)
آئون صدقي تو تان ٿيان منهنجي پياري اَي صغريٰ ع
مون خواب ۾ آ ڏِٺو توکي گرفتار بلا
جو دَرَ تي بيٺي ڪرين يا حسينؑ جي تون صدا
نه آهي ڪو به ٻڌڻ وارو اُت خدا کان سواءِ
ضرور توکي هتي پاڻ وٽ گهرائيندس
۽ پنهنجي دل جي اکين سان آس لاهيندس
گرفتار بلا: مصيبت ۾ مبتلا
(10)
عرض ڪِيو چاچي کي صغريٰؑ ته منهنجو خط به لکو
هي منهنجي حال جو احوال صاف صاف چئو
ٻڌايو درد و الم ۽ بيان هجر ڪريو
لکو سواءِ تو بابا جي ڪين ڪجهه ٿيندو
تون منهنجي طرفان هي القاب لکج بابا کي
ڄڻ ٻانهون خطُ ٿو لکي جيئن ڪ پنهنجي آقا کي |