سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :4

سم خورده: زهر کاڌل

خلش: چڀڪار (ڪنڊي جو)، رنجش، کٽڪو، اضطراب

(6)

لشڪر ڏي نهاري ٿي چيائين هينئن هر بار

هي طبل و عَلم هيچ هي اَنبوه آ بيڪار

اَنجام تي ڪر غور ذرا شمر لع بد اطوار

شئي ڪهڙي توکي آهي ڪيو ظلم تي تيار

 

هي جنگ آ فاسق لءِ امام دوسرا جي

بندو نه اطاعت ڪري ڪيئن پنهنجي خدا جي

(7)

اُنَ پيءُ جو آئون پٽ آهيان جو هو اَشجع عالم

جنهن تي هو سدا سايه فگن فتح جو پرچم

جنهن ذات سان اسلام جو بنياد هو محڪم

سو اَصل ۾ هو قُوتِ پيغمبرِؐ اڪرم

 

طفليءَ ۾ به اُنَ نيٺ نه اَڙدر کي ڇڏيو هو

بي فتح نه اُن قلعه خيبر کي ڇڏيو هو

 

اشجع عالم: جهان ۾ سڀ کان وڏو بهادر

سايه فگن: حفاظت يا مدد ڪرڻ وارو، ڇانو وجهڻ وارو

اڙدر: وڏو نانگ، ازدها، اروڙ

(8)

هينئن سامهون اَچي هر هر اٽڪڻ نه چڱو آ

ايمان کان هنطرح سان بگڙڻ نه چڱو آ

نادانَ بُريءَ ڳالهه تي بيهڻ نه چڱو آ

دُنيا جي ڪري دين مان نڪرڻ نه چڱو آ

 

ناپاڪ نه ٿي دولتِ ناپاڪ جي بدلي

اڪسير ڇڏين ٿو تون فقط خاڪ جي بدلي

(9)

دُنيا جي زياده ٿي ته ايمان نه رهندو

انسان انهي حال ۾ انسان نه رهندو

آسودگيء روح جو سامان نه رهندو

سو انجمنِ حُسن جي شايان نه رهندو

 

دولت کي گهڻائي ٿا چَون هي ته خدا آ

پر آئون هي سمجهان ٿو ته زَرِ هڪڙي وَبا آ

(10)

خواهش جي آ محدود ته ايذا نه ڪجهه آهي

ارمان جي گهٽ هوندا تمنا نه ڪجهه آهي

قانع کي ڪنهين چيز جي پروا نه ڪجهه آهي

مومن تي مسلط ڪڏهن دنيا نه ڪجهه آهي

 

سلطان جي ٿئي صاحب حاجت ته گدا آ

جنهن کي نه ضرورت ڪا هجي سو ته خدا آ

 

قانع: قناعت ڪرڻ وارو، جيڪي مليس ان تي راضي رهڻ وارو

پروا: پرواهه جو مخفف

(11)

وڃ گورِ غريبان تي نظر ڪر تون بَه غبرت

ظاهر پوءِ ٿيندي توتي دنيا جي حقيقت

عبرت جي لَءِ تون ڳول شهنشاهه جي تربت

پُڇ اُن کان ڪِٿي آهي سَندءِ شان ۽ شوڪت

 

هُوءَ تُنهنجي حُڪومت ۽ سَندءِ راڄ ڪٿي آ

اي ڪاسئه سر چئو ته اهو تاج ڪٿي آ

 

گور: قبر، تربت، مزار

ڪاسئه سر: کوپري، مٿي جو (سر) جو پيالو

(12)

ناگاه اَچي ايتري ۾ اُت وسڻ لڳا تير

خيمي جي طرف ڏسنديئي چُپ ٿي ويو شبير ع

گهوڙي کي وَڌائي هي پڪاريو شههؑ دلگير

مجبور ٿي هاڻي ٿو ڪڍان مِيانَ مان شمشير

 

قدمن تي سچائي جو سَرِ فتح و ظفر آ

جُرّئت به اُنهيءَ طرف آ جنهن طرف نظر آ

(13)

ڇا جوهرِ شمشير هو ڇا زورِ شُجاعت

نزديڪ اَچي ڪير نه هئي ڪنهنکي ڪا همت

تابندهَ خط و خالَ ۾ هُئي بَرقِ امامت

حيدرؑ جي سا سِطِوَت هئي ته حمزه جي جلالت

 

شمشير نه هُئي فوج تي بجليءَ جي چمڪ هئي

يا ابر سِيه تاب ۾ نُوراني جهلڪ هئي

 

تابنده: روشن، نوراني، چمڪندڙ

خط: ليڪو، تحرير، چٺي، نوجوان مرد جي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ

خال: ترُ

برق: بجلي، کنوڻ

سطوت: قهر، دٻدٻو، رعب، شان شوڪت

ابرسيه: ڪارو ڪڪر

(14)

جنهن سِرَ کي رَسي پيڪرِ بي جان نظر آيو

جنهن سَمت ويئي خُونَ جو طوفان نظر آيو

اُوچي ٿي اگر، بَرق جو دامان نظر آيو

نيچِي ٿي ته اُت قبر جو سامان نظر آيو

 

ڪنهن تاب جهليو ڪونه ۽ بيتاب ڪَنئين ٿيا

هڪ ضرب سان في النار ٿي بي دين اُتي ويا

 

پيڪر: شڪل، صورت، منهن، روپ

سمت: جانب، طرف، رُخ، راه

دامان: پلئه، جهولي، چولي يا پهراڻ جو آڳو، ڪنارو

(15)

مصروف اڃا جنگ ۾ هو حضرت شبيرع

هاتف کان ندا آئي ته بس روڪ تون شمشير

لازم آ ته اُمت جي شفاعت جي ٿئي تدبير

پي جام شهادت ته وڌي عزّت و توقير

 

طوفان کان بچي حق تون سندءِ جانِ فدا ڪر

ڀل پاڻ کي هنوقت ۾ اڄ سرَ کان جدا ڪر

 

هاتف: غيبي آواز ڏيندڙ فرشتو، غيب جو آواز

(16)

ناگاه پَئيِ صبر و رضا حُڪم جو پهتو

تلوار کي روڪي ۽ لٿو گهوڙي تئون پياسو

ڄڻ شمس قيامت ۾ زمينءَ تي نظر آيو

غُل جنّ و ملائڪ ۾ پيو صلي عليٰ جو

 

لرزان هو انهيءَ وقت ۾ هُو عالمِ افلاڪ

جو هاڻ شهادت کي رسيو ٿي شهِه لولاڪ

(17)

هَئي هَئي ڪو ئِي عباسؑ دلاور کي پُڪاري

هي آهي عجب وقت ڪو اڪبرؑ کي پڪاري

اڪبرؑ جي نه آهي ته ڪو اصغرؑ کي پڪاري

پُٽَ لاءِ ڪو هَئي هَئي عليؑ حيدر کي پڪاري

 

يا سَّيدِ لولاڪ هتي هاڻ مدد ڪر

غُربت ۾ يتيمن تي خدارا ڪا نظر ڪر

(18)

خنجر جو رکيو شمر لع اچي حلق تي آخر

زَهراؑ جي صدا آئي ته آهسته ستمگر

سرُ پيار سان زانوءَ تي رکيو حيدرِؑ صفدر

گِردونءَ جي طرف مُنهن ڪري هينئن چوٿي پيغمبرص

 

نڪتي نه گلا منهنجي پياسي جي لَبن مان

خود روح سندم نڪتو نواسيِ جي لَبن مان

گردون: آسمان، چرخ

(19)

هڪ شامِ غريبان ۽ ٻيو اَندوه جو ميدان

خيمن ۾ تلاطم ۽ اداسيءَ جو ئي سامان

سڀ عالم عقبيٰ ڏي ويا خيمن جا نگهبان

هت حسرت و فرقت هو ۽ خاموش بيابان

 

عبرت کي هئي عبرت اڄ خود ظلم خجل هو

هي لاش نه هو خاڪ تي اسلام جي دل هو

خجل: شرمسار

(20)

مصروف پيغمبرؐ هو اڃا آه و بُڪا ۾

جُنبش ٿي اچي اوچتي هڪ مَوج هوا ۾

آواز هي آيو ٿي ته چُپ دشتِ بلا ۾

شبيرؑ جو سِرُ آ رکيو حورن جي ردا ۾

 

هن خون کي هر خون کان ممتاز ڪيو مون

۽ تنهنجي نواسي کي سراَفراز ڪيو مون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org