سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :9

 (126)

ڏسان يڪبارگي شلِ پنهنجي اُن شيرينُ شمائل کي،
نوازي ناز پرور مانَ هِن گهورن جي گهائل کي.
مسخّر سو پَري پيڪر اَچي منهنجو تڏهن ٿيندو،
جڏهن آءُ شهر بابل ۾ ڪندس هٿ ڪنهن به عامل کي.
فنا مون کي ڪري ٿي تنهنجي فرقت آءُ اَچي ڏس تون،
پرين پيارا ڇڏي ڏي تون تعلل ۽ تغافل کي.
اهائي آرزو منهنجي اِهائي اِشتياق آهي،
ڪريان آءُ طوق گردن جو سندءِ زلفِ مُسلسل کي
صبا پهچاءِ هي پيغام منهنجو منهنجي جانان کي،
اَچي ڏس پنهنجي هِن بيتاب رشڪِ نيم بسمل کي.
ڪريان پنهنجي دل و جان نذر گرجاني اَچي مون وٽ،
وِهاريان دل جي حُجري ۾ اُنهيءَ غارتگر دل کي.
وِساريو منهنجي دلبر دوست مون کي اِن طرح آهي،
ڪجي دفتر ۾ داخل جنهن طرح سان فردِ باطل کي.
پروڙيندو سچو عاشق حقيقت عشقبازيءَ جي،
خبر اِن راز جي ڇا زاهد بي پير جاهل کي!

اَنانيت ڪيو اِبليس کي ملعون عالم ۾،
تڪبّر ڪينڪي گھرجي ڪرڻ ڪنهن ساڻ عاقل کي.
”گدا“ جي هي صدا آهي جناب شاهه مردان کي،
سدا پنهنجي درِ دولت تي سِگهڙو پنهنجي سائل کي.

 

(127)

سدا ڪر تون الله جي در تي آزي،
گھرين ٿو جي دارين ۾ سرفرازي.
بهرحال بهتر اٿئي عشقبازي،
حقيقي هجي يا هجي سا مجازي.
نه ڪر تون تڪبر نه ڪر تون وڏائي،
خدا کي سونهي سدا بي نيازي.
رکج خوف دل ۾ خد جو تون هردم،
نه ڪر ڪذب ڪنهن سان نه ڪر ڪنهن سان بازي.
سدا ياد مشڪل ۾، ڪر تون خدا کي،
ڪندو اُن سوا ڪو نه، عاجز نوازي.
گھرين جي، ٿين عفو، عصيان تنهنجا،
سدا ڪر خداوند جي در تي آزي.
خدا اُن تي راضي، رسول اُن کان خوش ٿئي،
مسلمان مومن جي آهين غازي.
سندم محب مؤمن، ميون ماتم آهي،
سخن سنج شاعر، بجا ذوطرازي.
”گدا“ جو مددگار، هر وقت حق ٿئي،
بحّق محّمد رسولِ حجازي.

 

(128)

ماهرو منهنجو، با ڪمال آهي،
سج کي، هر روز ڏس، زوال آهي.
حسن جي باغ جو، بهار، بَلي!
نازنين منهنجو، نونهال آهي.
آءُ ڪُهن سال، پر زهي قسمت،
منهنجو محبوب، خورد سال آهي.
مون کي مُرڪي چيو، مِٺي محبوب،
عشق ۾ تنهنجو، اَڄ ڪمال آهي.
تنهنجي زُلفن جو، آهيان سودائي،
خال جو مون کي، نِت خيال آهي.
تنهنجي فرقت ۾، اَي پِرين پيارا!
هڪڙي ساعت به مون کي سال آهي.
غمزهء چشم، ٿا چون جنهن کي،
دلربائي جو سو، دلال آهي.
لااُبالي، آهيان آءُ، مست مُدام،
شيخ، منهنجي اڳيان، شغال آهي.
آهه آسان، ٻيو سَڀوئي ڪم،
عشقبازيءَ جو ڪم محال آهي.
عشقبازيءَ مان، مون کي ٿيو حاصل،
رنج ۽ درد ۽ ملال آهي.
مون کي بيڪار ڇو چون ماڻهو؟
شاعري منهنجو اِشتغال آهي.
اهڙي مُوذيءَ کي مات ڪئَن نه ڪريان!
مون سان اَغيار جو جدال
' آهي.
آهيان مدّاح تنهنجو اسد الله:
مون سان ڪنهن جي نه ڪا مجال آهي:
شَاهِ مردان جي در جو آهيان ”گدا“
بخت منهنجو ته بي زوال آهي.

 

(129)

يار جو حُسن باڪمال آهي،
سج کي هر روز ڏس زوال آهي.
يار جي لال لب تي خال آهي،
حوضِ ڪوثر تي ڏس بلال آهي.
يار مون کان نه ٿي رميدو تون،
سڀڪو چوندو ته ”هي غزال آهي“.
تنهنجي فرقت ۾ جان بلب آهيان،
آءُ، اچي ڏس ته ڪهڙو حال آهي!
”دهنِ يار نقطهِ موهوم“
دلنشين منهنجو هي مثال آهي.
يار در جي آءُ چُميان چائٺ،
منهنجي خاطر ۾ هي خيال آهي.
وعدهءِ وصل مُونسان پاڙيندو،
يار جو هي سخن بحال آهي.
ڪئن چوان اُن کي يوسف ثاني!
منهنجو محبوب بي مثال آهي.
با وفا آهيان آ تڏهن ته ادا،
منهنجو دلبر نڪي ڪلال
' آهي.
مون کي ماري وري جياري ٿو،
هي جلال آهه هو جمال آهي.
جان، جانان تان آءُ نثار ڪريان،
ٻيو زياده ڪو ان کان مال آهي؟
عشق کان مون کي ٿا جھلين پلين،
ناصحن جو هي قيل و قال آهي.
دوستي جو ۽ آشنائي جو،
هِن زماني ۾ ڏس ته ڪال آهي.
ڀَروسو ڪين ڪر تون دُنيا تي،
خواب هي آهِه يا خيال آهي.
آءُ ضعيف آهيان آءُ فقير آهيان،
منهنجو مالڪ ته ذوالجلال آهي.
مير الهه بخش، حاتم دوران،
صاحب فيض باڪمال آهي.
آءُ ”گدا“ شل ڏسان نجف اَشرف،
شاه مردان کي نت سوال آهي.

 

(130)

اَفسوس! گلعذار' سَمن بر ڪِٿي ڪِٿي!
محبوب، مهرپرور، دلبر، ڪِٿي ڪِٿي!
گلبرگ کان به جن جو، هو نازڪ بدن تمام،
خوش رنگ، خوش لباس، سي خوشتر ڪِٿي ڪِٿي!
زيرِ نگينِ حڪم هو، جن جي سڄو جهان،
سي بادشاهه، صاحبِ افسر ڪِٿي ڪِٿي!
جن جي اڳيان هو رُستمِ دستان مثال زال،
سي صف شڪن، بهادر و صفدر ڪِٿي ڪِٿي!
فرمان جن جو، ساري زماني تي ٿي هليو،
تن جون ڪچهريون تن جا سي دفتر ڪِٿي ڪِٿي!
ڪر اي ”گدا“ تون مدح، شهنشاهِ دين جي،
ڇڏ ٻي پچار، جا ٿو چئين اڪثر، ڪِٿي ڪِٿي.

 

(131)

تنهنجي تعريف ۾ ٿي، طبع رواني، جاني!
ڏِس! ته پيريءَ ۾ ڪيم، ڪارِ جواني، جاني!
مون ڏٺو ڪونه ڪٿي، تنهنجو ڪو ثاني، جاني!
روز افزون هو ئي سندءِ، حُسن جواني، جاني!
شمس شرمايو، ڏسي توکي، قمر ٿيو قربان،
بارڪ الله! تون ئي يُوسفِ ثاني، جاني!
تنهنجي آءُ عارض گلرنگ جو، شيدا آهيان،
مون کان بلبل به سِکي زمزمه خواني
'، جاني!
تنهنجو شيدا آهيان، پر آءُ ته وضعدار آهيان،
ڪر عيان لطف سان تون رمزِ نهاني، جاني!
برق بيتاب ٿي، ۽ ابر جو زير آب ٿيو آب،
منهنجي چشمن جي ڏسي اَشڪ رواني، جاني!
لَک تواضع جي ڪجن، توڻي ڪجي عجز و نياز،
پر ڪڏهن ڪينڪي ٿئي، يار زباني، جاني!
مثل خورشيد جي، زردار جِي گھٽبي نه فَلڪ،
مفلسي ته ڪٿي، خان جي خاني، جاني!
آءُ بلاغت کي رسيس، تنهنجو ڏسي حُسنِ بديع،
ڇا ٿيو جي نه پڙهيم علمِ معاني، جاني!
تنهنجي صورت جي ڏسي ها ته برنگِ صورت،
بحر حيرت ۾ ٻُڏي هوند ها، ماني، جاني!
سُر مگين چشم سندءِ، مون کي ڪيو مَست، مدام،
ڪهڙي درڪار اَٿئي، ڪجل جي ڪاني، جاني!
صفِ مزگان کي سندءِ ڇو نه چوان آءُ پلٽڻ؟
تنهنجي آبرو جو اِشارو ته ڪمائي، جاني!
بعدِ مردان جي ٿئي جلوه نما يار ڪڏهن،
قبر مان منهنجي صدا اِيندي ته جاني، جاني!
طفلِ مڪتب به ٿو هن وقت ۾ ڄاڻي ته آهيان،
فيضي
' و فطرت و فاني و فغاني، جاني!
جو ڪري پنهنجي زبانٌ ساڻ ٿو پنهنجي تعريف،
آهِه اُو قصرِ حماقت جو ته باني، جاني!
مردِ مؤمن کي ”گدا“ دل ۾ سدائين گھرجي،
شاهِ مردان جي محبّت جي نشاني، جاني!

 

(132)

وري پُٺتي بنا وَر جي، وندر مان ڪئَن وَرڻ گھرجي!
برنگِ شعلهء جوّاله ٻانڀڻ کي ٻرڻ گهرجي.
نڪي پَٻ کان ڪجي پاسو مَٽي مهبار کان وڃجي،
ڪشالو ڪيچ ڏسي ڪهسار ۾ قصدون ڪرڻ گهرجي.
پُنهل سان پرت جي توکي وندر کي تون وندر ڄاڻج،
پُٺيءَ پنهنجي پيارل جي مُٺي! توکي مَرڻ گھرجي.
هلج تون هيج مان حب ڏي توڪل جو کڻي توشو،
سُڻي غولن جي غوغا کي، نه ڏونگر ۾ ڏَرڻ گھرجي.
”گدا“ دلچسپ هي مصرع فصاحت ماب حامد جي،
”ڇڏي حيلا حبيبن سان ڀَلا ڪا وِک ڀَرڻ گهرجي.“

 

(133)

چرخ' منهنجي بيقراري کان سدا چرخاب کي،
چشم گريان کان سندم شرمندگي سيلاب کي.
هو فراري هن کي آهي بيقراري ۾ قرار،
ڪئن چوان سيماب آءُ پنهنجي دلِ بي تاب کي.
فرقتِ جانان ۾ چشمن کان سندم دريا روان،
طَوق گردن جو ٿو سمجھان حلقه گرداب کي.
وصل ڌاران ڪا دوا اُن جي نه آهي اَي حبيب!
يڪ قلم جنهن ترڪ ڪيو هجران ۾ خورد و خواب کي.
حسن عالمگير جنهن جي مهرِ تابان ڪيو مُنير،
اُن جي عارض سان ڪريان مٽ ڪئَن ڀلا مهتاب کي؟
منهن مبارڪ جنهن جو مصحف خال و خط زير و زبر،
اُن جي آبرو سان ڏيان تشبيهه آءٌ محراب کي.
دوستن مون کي وِساريو پر نه وِسريا مون کي دوست،
ياد تنهن لئي ٿو ڪريان آءُ روضهء الاحباب کي.
غير جي اِيذا کي سمجھان پنهنجي اِيذاءُ کان وڌيڪ،
آَي مهوّش! ڪئَن ڪريان ڪُشتو تڏهن سيماب کي!
ڪئن رهي اهل صداقت جو تڏهن هاڻي وقار،
آهه اَڄ رونق جڏهن دَلبي کي ۽ دولاب کي.
يڪسرِمُو
'، راز حق جي کان، نه سي آگاهه ٿيا،
توڻي يونانين ڪيو ايجاد، اَصطرلاب کي.
نخوت و عجب و تڪبر آهه فرعونن جي ڪار،
حق تواضع ڪيو عطا اَلحق اولي الالباب کي.
عاجزن کي اهل رفعت جا ڏين ٿا دل ۾ جاءِٰ،
چشمهءِ خورشيد ۾ ڏس شبنم شاداب کي.
حق سوا ڪنهن کي مجال آهي ڪري اَضداد، جمع،
پاڻ ۾ ڏس آتش و خاڪ و هوا و آب کي.
خرقهِ پشيمين جنهن جي تن کي آهي زيبناڪ،
ڪئن قبولي سو لباسِ مخمل و ڪِمخواب کي.
آءٌ ”گدا“ چشمن سان شل تنهنجي وري چائنٺ چُمان،
اِلتجا منهنجي اِها نِت سيد الشبَاب کي.

 

(134)

سي ماروار زلف جي زهري ڪٿي ڪٿي!
پلپل پون ٿا پَلٽي ۽ پَهري ڪٿي ڪٿي!
عاشق جي سر تي سينه تي دل تي ۽ ساهه تي،
وَر ور ڏيو ور وجھن ٿا سي قهري ڪٿي ڪٿي!
گلشن ۾ بَر ۾ بحر ۾ دلدار جي سوا،
دلگير دل اَسان جي نه ٺهري ڪٿي ڪٿي.
جنهن کي ڏسي ٿي تنهن کي چوي ٿي ته هي اُهو،
منهنجي ته دل اَدا ٿي اُٻهري ڪٿي ڪٿي!
قدرت ۾ حق جي ڏس ته ڪئن ڪن ٿا قيل و قال،
خامي کان ٿي خيال جي دَهري ڪٿي ڪٿي.
نڪ تائين پيٽ توڻي ڀريل ٿو ٿئي مگر،
هٻڇي چون ٿا کنڊ جي تهري ڪٿي ڪٿي؟
ورق الخيال جا سي ڪريو جام، جام نوش،
لافون هڻن نشي ۾ ٿا شهري ڪٿي ڪٿي!
مصرع عجيب ”حضرت سانگي“ پڙهي ”گدا“!
پرّ ان ٿي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي!ٰ

 

(135)

جهڙي خوشبو ته زلفِ دلبر جي،
تهڙي نڪهت ڪڏهن نه عنبر جي.
نِت طلب مون کي پنهنجي دلبر جي،
سر و قد گُل بدن سمن بر جي.
بوسئِه لب جي ڏيم سو دلبر،
گھرج پوءِ ڪهڙي مون کي شڪر جي!
مُحب محبوب مَن گُهريو منهنجو،
ويو کسي دِلڙي مُون ته مضطر جي.
مون کي بس دوست جو مِلڻ گھرجي،
نه طلب منهنجي دل ۾ ٿئي زر جي.
حسن، حق، جنهن حَسين کي بخشيو،
ٿي ضرورت نه تنهن کي زيور جي.
رندِ مدهوش جي هڪل کي سُڻِي،
مُحتسب کي نه سار ٿي سَر جي.
نِئَن سخنور کي سُڌ سخن جي ٿي،
سمجھه جئَن جوهري کي جوهر جي.
سلطنت سان بدل سَدل نه ڪجي،
هيءَ فقيري ته دوست جي دَر جي.
هر دو جڳ ۾ سو خوشدل و خرّم،
جنهن ته ڪئي پيروي پيمبر جي.
منهنجا مشڪل سَڀئي ڪندو سو حل،
فتح جنهن ڪئي حصار خيبر جيٰ.
ٻيو سڀوئي وڃيم شل! وِسري،
حُبَّ دل ۾ هُجيم حيدر جي.
جي گهرين ٿو ته حق ٿئيم حصول،
گُهرجي توکي مَدد قلندر جي.
بي الف هي غزل ”گدا“ جوڙيو،
هيءَ ته صنعت ڏِسو سخنور جي.

 

(136)

خادم ٿجي مريد ٿجي نفس مارجي،
شوقِ لقاءِ يار ۾، ٻيو سڀ وسارجي.
جانان ڪڏهن ته ناز منجھان ڪِي نهارجي،
ماڻي سان هاڻِ ڪين نماڻي کي مارجي.
نِوڙت ڪجي نياز ڪجي نفس مارجي،
شاهي هجي تڏهن به گدا تي گذارجي.
اَي پادشاهِ ڪشورِ خوبي خدا جي نانءَ!
عاشق کي پنهنجي تنهنجي بغل ۾ وهارجي.
نافه نثار يار جي نت خال تي ڪجي،
مُشڪِ ختن کي زلفِ معنبر تي وارجي.
آءُ عاشقن ۾ ڪئَن نه تڏهن سُرخرو ٿيان!
آبرو جِي منهنجي سر هڻي دلبر ترار جي.
ٻيون حڪمتون هزار اَچن جي ته ڇا ٿيو،
حڪمت ڪجي ڪا اهڙي جو اَغيار ٽارجي.
هي ٻيو غزل مون آهِه اِنهيءَ بحر ۾ چيو،
شاعر ٿجي ته طبع روان اهڙي ڌارجي.
آهي مريد ساقيءَ ڪوثر جو هي ”گدا“،
ساقي! شرابِ ناب پياري پيارجيٰ.

 

(137)

لنؤ لنؤ ۾ لنؤ لڳي اَٿم اُن گلعذار جي،
بلبل صفت رکان ٿو تمنّا بهار جي.
هڪ ڪاربار عشق جي سرڪار جي ڪجي،
سڀ ڪاربار ترڪ ڪري روزگار جي.
ڪنهن کي سُڻايان ڳالهه اِها پنهنجي حال جي!
جَڙ جان ۾ لڳي جا اَٿم جي جيار جي.
آءُ اَي عجيب! هاڻ ته وعده کي ڪر وفا،
طاقت رهي نه تن ۾ اَٿم انتظار جي.
قاصد! وڃي هي حال سندم يار کي چئج،
ڊوهي ڏيان ٿو توکي ته پروردگار جي.
جيڪي چوي رقيب سو ڪن ڪينڪي ڪجانءِ،
دشمن جي ناهه ڳالهه ڪڏهن اِعتبار جي.
شاهِ نجف جي دَر جو ”گدا“ مون کي ٿا چون،
اَلحق سَنَد اِها ته سندم اَفتخار جي.

 

(138)

دَرد مان دانهون ڪريان دلدار تنهنجي واسطي،
واٽڙيون نِت نِت نهاريان يار تنهنجي واسطي.
بره ۾ تنهنجي هميشہ وره مون مغموم کي،
نِت وَهن منهنجن اکين جا نار تنهنجي واسطي.
ڪئَن ڪريان ڪاڏي وڃان هي حال آءُ ڪنهن کي چوان؟
سِر سَٺم سي عشق جا آزار تنهنجي واسطي.
عين حڪمت توڻي آهي تنهنجي اکڙين ۾ عيان،
جا بجا ڏِس! بره جا بيمار تنهنجي واسطي.
باغ ۾ جاني! جڏهن تون سروقد ٿئين جلوه گر،
بلبلين وانگر ٿيا گُل زار تنهنجي واسطي.
باعثِ اِيجادِ عالم صاحبِ لولاڪ  تونٰ،
خَلق ساري خلق ٿي سردار تنهنجي واسطي.
معجزو شق القمر جو آهِه اَظهر شمس کان،
سِر ڌريو ڌرتيءَ تي مَہ مُختيار تنهنجي واسطي.
آءُ ”گدا“ تو شاهه جو تون شاهه سڀ شاهن جو شاهه،
خوش گدائِيءَ ۾ ٿيو هي پينار تنهنجي واسطي.

 

(139)

يار! ياري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
دوستداري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
سوز فرقت جو سخت ٿو ساڙي،
اَشڪباري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
ياد ڪيو پنهنجي دوست دلبر کي،
بيقراري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
پرت جا پيچ جو وجھي تنهن سان،
پِرت پياري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
جِت حسينن جو هوئي هجوم اُتي،
ڪارداري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
قدر جنهن کي نه دل جو هو ئي تنهن کان،
دل پِياري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
يار دَلبي تي دِل ڌُتاري ٿو،
هوشياري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
جِت هجي يار وضعدار اُتي،
وضعداري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
زور ۽ زر جِي جِت نه جاءِ اُتي،
زورزاري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
عشقبازن کان عشق بازيءَ ۾،
سَرس ساري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
آهه هر روز ”آمد آمد
يار،
اِنتظاري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
جيڪڏهن ڪنهن غريب کي ڏسجي،
غمگساري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
اَي ”گدا“ ڇو نه پنهنجا ڏوهه ڏسي،
شرمساري ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟

 

(140)

دوست دلبر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
دل کي خوشتر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
در شبِ ماهتاب وقتِ بهار،
يار دَربر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
جي لبالب ڪري ڏِئي ساقي،
نوش ساغر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
ڪاڪلِ مشڪبار
' تي صدقي،
مُشڪ و عنبر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
خالِ مشڪين جي يادگيريءَ ۾،
حالُ آبتر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
خوبروين جي بَدمزاجيءَ جو،
ذِڪر اڪثر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
پنهنجي گردن اڳيان عجيبن جي،
زير خنجر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
آتشين آهه يار جو رخسار،
دل سمندر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
ڪوچئِه يار رشڪِ باغ و بهار،
اُت وڃي گھر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
دُر دندانِ يار تان صدقي،
ملڪِ گوهر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
عشقبازيءَ جي راهه مشڪل آههِ،
عشق رهبر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
شاهِ مردان جي آستان تي هلي،
مُنهن مُنوّر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
شور شيرينيءَ سخن سنجي،
رشڪ شڪّر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
اَي ”گدا“ ”عاصي و گنهگارم“،
خوفِ محشر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟

 

(141)

دوستن سان بسر' ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
دشمنن کان حذر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
شعله رو يار شوخ و شنگ آهي،
تيز اُن تي نظر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
آهِه تارِ نظر جو، سو هم سرِ،
فڪرِ موي ڪمر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
تيرِ مزگان لنگهيو پون ڌو پار،
چَئو ته سِينو سپر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
يار جي در تي جو رَسي يڪدم،
اهڙو اَڄ نامه بر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
عشقبازي اگرچه مُشڪل آهِه،
دل کي مضطر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
صندلي رنگ يار جو ڏسندي،
دفع سڀ دردِ سر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
بي حيا آهه، بَد گُهرَ بَد ذات،
عير کي ڪور و ڪر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
آبرو مَرد جي جتي نه رهي،
اهڙي هنڌ کان سفر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
مرد جو هر شناس جي آهين،
قدرِ اهلِ هنر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
نيڪ بختن سان جو وِڙهي بد بخت،
اُن بشر ساڻ شر
' ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟
خوف خالق جو اي ”گدا“ ڪر تون،
ٻيو ته خوف و خطر ڪجي، ڪجي نه ڪجي؟

 

(142)

توڻي دلبر جي مون سان دل ٿي کَٽي،
پر محّبت سندس نه مون کان گھَٽي.
مارئي کوهه تان عُمَر هئي جَهٽي،
عشق ڪئَن چئجي هِن کي هِي هُئي چَٽي،
”هست صدبار به ز باغ و بهار“
يار گل پير هن جي گَهر جِي گَهٽي.
نيزهء ناز ڪيو جگر زخمي،
تيغ ابرو جي مُنهنجي دِلڙي ڦَٽِي.
منهنجو محبوب مون سان ٿئي همدم،
صبح جو اهڙي هٿ لڳيم جَهٽي.
مون کي ماڻهو چون ٿا پير مگر،
دِل حسينن کان منهنجي ڪين هَٽي.
عشق اِئين عاشقن سان ڪار ڪري،
ڪور ڪپڙي کي جئَن ڏِئي ٿو کَٽِي.
ساقيا! جام جام ڏي مون کي،
ڪينڪي آڇ مون کي تون ته وَٽي.
مرد ميدان جو اُهو آهي،
جنهن اڳيان دلربا جي دلڙي مَٽي
'.
پَٽ پٽولا عُمر ٿي آڇيس ته به،
پنهنجي لوئي ته مارئي نه مَٽي.
عشقبازيءَ جو زور ڪم زوري،
هَر ڪنهين عاجزي سان آهِه کَٽي.
مرد جي آهين هڻ بندوق ڀَري،
زال دُنيا جي آهِه زور زٽِي.
مون سان کونسي ٿو ڇو رقيب خبيث؟
لعل شهباز ڪا وِجھيس چَٽي.
اِشتياق آهِه مون کي شال ڏسان،
صوفي با صفا بُزرگ ڀَٽي.
اَي ”گدا“ سچ چيو ”حضرتِ سانگي“،
”دُشمني جي مون دِل کان پاڙ پٽي“.

 

(143)

سڄڻ تي منهنجي اَدا! ختم ٿي گُل اندامي،
اِنهيءَ سخن ۾ ته منهنجي نه آهِه ڪا خامي.
سُڻائي حال سندم سر بسر بعجز و نياز،
صبا کي پار پرين جي ڪريان ٿو پيغامي.
ڪڏهن ته ناز مان مُرڪِي مٺا نظر ڪر تون،
سَٺي مون سِر تي سندءِ بره جي ته بدنامي.
هِي شاعرن جي ته تشبيهه مبتذل آهي،
چون جي چَشم کي دلدار جي ٿا بادامي.
جي خاص عاشق آهن، بس اُهي سُڻي سگھندا،
پڙهان ٿو عشق جو دفتر نه قصَّئهِ عامي
'.
اُهي اڳيان هئا جي مطلب تي ڪين هئا مفتون،
ڏسان ٿو ڪونه ڪو هاڻي ڇڏي جو خود ڪامي.
دِلير ساڻ نه ٿيندو لغور مَٽ مطلق،
”گدا“ کان ڪين ڪڏهن ٿيندي ڪار خر گامي.
گدائي گوشه نشين کي نه ڪنهن جي ڪا پروا،
ڀَلي فقير کي شهرت کان آهِه گُمنامي.
سَدا جنابِ اِلاهي ۾ هي صدا منهنجي،
ڪرين تون فضل سان منهنجي سڀئي سرانجامي.
”گدائي شاهِ نجف مرتضيٰ علي هستم“،
حَسن حُسين ٻئي منهنجا هِت هُتي حامي.

 

(144)

اَي صبا تون آڻ خوشبو زُلفِ عنبربار جي،
جا دَوا آهي مجرّب برهه جي بيمار جي.
اَي صبا ڪر ڪا خبر تون منهنجي گل رخسار جي،
ناز پرور نازنين نازڪبدن مَنٺار جي.
يَڪسر مُون منهنجي دل ۾ ناهِه ٻي ڪا آرزو،
اِشتياق آهي مگر هر وقت وصل يار جي.
ڇا ڪريان آءُ حشمت و جلال اِقبال کي،
مُون گدائي ڪئي قبول آهي دَرِ دلدار جي.
ڪين گھرجي مون کي هرگز شربت و قند و نبات،
تشنگي
' بن ۾ اَٿم نِت شربت ديدار جي.
سَرو قُمري جي طرح قامت ڏسي ٿيندو نثار،
آمد آمد باغ ۾ اَڄ آهه اُن دلدار جي.
”ڪثرت آهي عين وحدت، عين وحدت ڪثرت آهه“،
هِي خبر ڄاڻج سچي تون صادق الاِقرار جي.
آهه سو مؤمن مسلمان مرد بيشڪ متّقي،
جنهن جي دل ۾ حُبّ هر دم حيدرِ ڪرّار جي.
ساقيا تنهنجو هجي آباد ميخانو مُدام،
ڪئي ”گدا“ توکي صدا اَڄ ساغرِ سرشار جي.

 

(145)

مِٺو محبوب منهنجو يار جاني،
سَڄي سنسار ۾ جنهن جو نه ثاني.
مٺي دلدار اَڄ ڪئي مهرباني،
مُڪو مُون پار پيغامِ زباني.
گھڻا ئي يار ڏسجن ٿا زباني،
 مگر ڏسجي نه ٿو ڪو يار جاني.
ڏسان جي جلوهِ ديدارِ دلدار،
ڪريان جاني تي پنهنجي جانٌ فشاني.
اَچي ٿئي هم بغل جي يار جاني،
نَئين سر ٿئي وَري مُنهنجي جواني.
برنگِ گل ٿيان آءُ ڇو نه خندان،
سڄڻ ڪيو ويس آهي زعفراني.
وجھي گھنڊ گھور سان مونڏنهن نهاريئين،
سڄڻ جي اِي وَڻيم رمزِ نهاني.
سندم هي عرض اَي ساقي سُڻين تون،
”بِده جاملآ شرابِ اَرغواني“.
'
اَدا ڙي حال هي ڪنهن کي سُڻايان؟
فراقِ دلربا ڪيو مون کي فاني.
هزاران آفرين مون کي چوي ها،
غزل منهنجو سُڻي ها جي فغاني.
اِهو اِقرار هو سسئي جو هردم،
آءُ آهيان يار ٻاروچل جي ٻاني.
جتي صاحب حڪومت جا هئا اَشراف،
اُتي اَجلاف ڪن ٿا حُڪمراني.
خدا ڪنهن کي نه ڏيکاري ڪڏهن شال،
جواني ۾ ضعيفي ناتواني.
اَجايو شُو ڪجين ۽ ڦُوڪجين ٿو،
نه رهندي تنهنجي آڪڙ جاوداني.
ڇڏي غفلت خدا کي ياد ڪر تون،
اَجائي ٿو وڃائين زندگاني.
سدائين شال ”سانگي“ هوئي سلامت،
”گدا“ جي ٿو ڪري نِت قدر داني.
بلند اِقبال هو ئي عالم ۾ اُن جو،
هجي دولت سندس شل جاوداني.

 

(146)

عقل وارن کان آءُ آهيان عاري'،
عشق وارن جي مُون سان ٿي ياري.
دل صد پاره جو علاج آهي،
مُون ڏي دلبر مُڪي جا سوپاري.
مُنهنجي سُهڻي سڄڻ جي سچ ٿو چوان،
حُسن جي مُلڪ ۾ ٿي سرداري.
هر ڪنهين درد کان ٿِيو آزاد،
بِرهه جي جنهن کي آهه بيماري.
چشم مخمور مون کي ڪيو مدهوش،
خوب خاصو ٿيس آءُ خُمّاري.
نه نهاري ٿو ناز مان مُون ڏي،
اهڙي ڪهڙي ڪيم گنهگاري!
سنگدل يار جي وڇوڙي ۾،
منهنجي گريه سان سيل ٿي جاري.
ڇو چئي ٿو لڳين رقيبن جي؟
يار مُون سان نه ڪر تون آغياري.
تنهنجي فرقت ۾ آءُ فنا ٿو ٿيان،
آءُ اَچي ڪر تون منهنجي پوءِ واري.
آءُ ڪندس ڪينڪي ڪڏهن اِنڪار،
عشق تنهنجي جو آهيان واپاري.
عشقبازيءَ جي مُلڪ ۾ منهنجي،
ڪارداري هُجي يا ڪمداري.
دِل کَسيو پوءِ وري ڏِين ٿا ڪين،
هيءَ عجيبن جي آهِه عيّاري.
هوش هڪڙي نگاهه سان ٿا نِين،
هي حريفن
' جي آهِه هُشياري.
سَو لِڱا يار تان ٿيان قربان،
مون کي ڀاڪر وجھي جي هڪ واري.
يار جو زُلف آهِه عنبر بار،
ٿيو خجل جنهن کان مُشڪ تاتاري.
قيس کي پنهنجو ڪئَن ڪريان ڀيچي،
عشقبازي جو آءُ آهيان هاري.
آهِه اَغيار منهنجو اِيئَن مون سان،
جئَن پُٺيان شينهن جي هُئي ڦيڪاري.
سال سِڪندي ٿيا اَدا تن لاءِ،
جن سوا مون گھڙي نٿي گھاري.
 نُورِ حق جي مان ٿيو ظهور سندن،
جيڪي ٻُڌجن ٿا نُوري و ناري.
آءُ نه عابد آهيان نڪي زاهد،
مون کي گھرجي فقط سندس تاري.
مير عبدالحسين خانٌ کي مُدام،
حِفظ حَق جو هُجيس چوڌاري.
بخت و اِقبال ٿئي غلام سندس،
سَرس سڀني کان هُئي سنديس ساري
'.
شاهِ مردان جي اَي ”گدا“ هر جا،
مون سان شامل هجي مددگاري.

 

(147)

عاشق آهيان اُن بُتِ بي باڪ تي،
سنگدل سيمين بدن سفّاڪ تي.
برق کي باهيون بَڇايان آهَ جون،
آبر گهوريان ديدهِ نمناڪ تي.
خاڪسار آهيان اگرچه خاڪ تي،
پر سَندم آهون رَسن اَفلاڪ تي.
خال و روي يار اِئين مون کي وڻن،
جئن موالي مَست ڏس! ترياڪ تي.
تيغِ ابرو تيرِ مزگان جا هڻي،
ههڙي ڪاوڙ ڇو ٿي مُشتِ خاڪ تي!
قلب شت اِقبال جو ڄاڻن نه ٿا،
فخر ڪن فخّار ٿا اِملاڪ تي.
ڪونه اُن جهڙو ٻيو نادان آهِه،
اِدّعا جيڪي ٿا ڪن اِدراڪ تي.
جن ڪميڻن کي لڳي اِقبال ٿو،
تئن ڦَسي پيا ڦوڪجن پوشاڪ تي.
زالِ دُنيا مرد مُمسِڪ
' جي مُطيع،
قرب قهبه ٿي ڪري، اِمساڪ تي.
تو سِوا ڪنهن کي ڪريان سيّد سُوال،
رحم ڪر منهنجي دِل غمناڪ تي.
اي ”گدا“ اُن شاهه جو آهيان غُلام،
سَير جنهن ڪيو گنبذِ اَفلاڪ تي.

 

(148)

مصطفيٰ منهنجو مُقتدا آهي،
مُرتضيٰ منهنجو رهنما آهي.
في الحقيقت سو بادشاهه آهي،
لا طمع جيڪڏهن گدا آهي.
چشم حق بين سان جو ڏسي سو ڏسي،
جلوهِ يار جا بجا آهي.
نردبانِ حقيقت آهه مجاز،
سچ چيو شاههِ اوليا آهي.
دمبدم آهِه هن سان هو جدا آهي.
ڪيميا ڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍان:
خاڪ مون ڪاڻ ڪيميا آهي.
ڪو نه اِقبال جو ڪري ڪو فخر،
قلبِ اِقبال لابقا آهي.
سُرمهءِ ديدهءِ اولي الاَ بصار،
'
اهل بيتن جي خاڪپا آهي.
سايهِ ڪوي آن پري پيکر“،
بهتر از سايهِ هما آهي.
منهنجو مدفن ٿئي مديني ۾،
نِت سندم آرزو اِها آهي.
سو ”گدا“ آهِه تارڪ الدنيا،
جنهن جي گهر ۾ نه بوريا آهي.

 

(149)

منهنجو دلدار باوفا آهي،
مهر پرور سو مہ لقا آهي.
يار جي صندلين قبا آهي،
دردِ سر جي عجب دوا آهي.
قامتِ يار جي ڪريان توصيف،
منهنجي پيري جي سا عصا آهي.
يار جي زُلف کي بلا ٿا چون،
شاعرن جي ته هي خطا آهي.
آهيان زلفِ رسا جو سودائي،
پر سندم بخت نارسا آهي.
آءٌ ڀلا اُن جي ڇا ڪريان تعريف؟
رشڪِ گل جنهن جو نقشِ پا
' آهي.
منهنجي مارڻ لئي ۽ جيارڻ لاءِ،
يار جو ناز ۽ اَدا آهي.
پيچ در سُنبلِ پيچان،
يار جي زُلف کان سدا آهي.
واه دانا فريب دانه خال،
يار جي رُخ تي خوش نما آهي.
سنڌ جو پاءِ تخت شهرِ قديم،
رشڪِ ڪشمير ٿيو بجا آهي.
جلوه گر هر طرف منجھس محبوب،
خوش سندس سبزه خوش هوا آهي.
مير عبدالحسين خان صاحب،
مردمِ ديدهِ سخا آهي.
هئي خدا يار اُن جو في الدّارين،
خادمِ آلِ مصطفيٰ آهي.
حمزوي هاشمي همايون بخت،
خادمِ شاهِ ڪربلا آهي.
واه! نازڪ خيال خوش اَسلوب،
'
صاحبِ ذهن ۽ ذُڪا آهي.
سنبل و لاله و گل نسرين،
مير جي جاءِ جا بجا آهي.
”و قنا ربّنا عذاب النّار“،
درد هجران جو، جان گزا آهي.
رمزدانِ سخن ميان ماتم،
معتقد منهنجو باوفا آهي.
منهنجو آقا سدا سلامت هوئي،
مون ”گدا“ جي اها صدا آهي.

 

(150)

دِلدار بيدلن جان نه دل هِئن ڌُتارجي،
مهجور کي نه مُفت فراقن ۾ مارجي.
فرقت ۽ ڪربلا ۾ تفاوت نٿو ڏسان،
اُڃين تي آبِ وصل نه اِئين بند ڪارجي.
آهيون سفينه نوح ۾ ثابت قدم چڙهيا،
طوفانِ غم کان تُرت اُنهن کي اُتارجي.
نيندي نسيم تُحفو ڪري چين ۾ عجيب،
هڪدم ڇَتا نه ڇوڙ جو عنبر ٿو هارجي.
تو مصرِ عشق! مون کي به ڪنعانِ غم رکيو،
پرديس ۾ نه ديس کي دلبر وسارجي.
رهزن رقيب مون ته نه غيبت ڪا تنهنجي ڪئي،
فتنو فساد مُفت نه مُوذي اُٿارجي.
ياري رکڻ ۽ موٽي ڇِنڻ يا پَري ڀڄڻ،
هِن طعنه کان سو حلق تي تلوار وارجي.
راتيون وهاميو ڏينهن اَچن درس داد خواه،
بيداد تنهنجي لاءِ دفع
' ڪهڙو ڌارجي؟
دوزخ ۾ دائما جي وجھن مون کي ناهه ڊپ،
تنهن کان وڇوڙو تنهنجو ٿو اَبتر گذارجي.
هن بي ديار مرتضوي کي ڏيار ڪوٺ،
بادِصبا جو قافلو جنهن دم قطارجي.
سانگي! اَچي ڪا واهر ڪر منهنجي تُرت تون،
اَچ هي ”گدا“ ضعيف ٿو ماڻن سان مارجي.

 

(151)

عارض عجيب جي ڪيو، محو آفتاب کي،
مُنهن جي جمال محو ڪيو ماهتاب کي.
شير و شڪر ۽ قندءِ مڪرّر ڪريان نثار،
تشبيهه ڪئن چپن سان ڏيان! شهدِ ناب کي.
غمزن سان ڪيو غلام غزالان کي سربسر،
يڪدم جو دُور مُنهن کان ڪيو تو نقاب کي.
خورشيد زرد رُو ٿيو ڏسي جلوهِ جمال،
سياهي نصيب زلف کان ٿي مشڪناب کي.
جنهن جو ”گدا“ غلام آهيان آءُ اَلست کان،
مَحشر ۾ مون کان دُور ڪندو اُو عذاب کي.

 

(152)

يا رب ڪلام منهنجو سدا معتبر هجي،
هر لفظ آبدار
' برنگِ گُهرَ هجي.
اُن کي ڪلام چئجي ٿو جو با اَثر هجي،
حيرت ۾ جنهن جي سڻندي سان مُرغِ سَحر هجي.
بَر ۾ سندم سو دلبر شام و سحر هجي،
منهنجي دعا ۾ شال سدائين اَثر هجي.
اهڙي حَسين تي ته دل و جان ڪجي نثار،
شرمنده جنهن جي حُسن کان شمس و قمر هجي.
عاشق جي دل مدام ملائم برنگِ موم،
سنگين دِلن جي دل ته سدا پُرشرر هجي.
پُرزو لکيم جو يار ڏي سو پاره پاره ڪيئين،
رهزن رُلئي رقيب جو پُرزا جگر هجي.
عبدالحسين خان سندم مير بي نظير،
اِقبال ۾ ۽ بخت ۾ ڪُل کان ڪثر هجي.
هن شهر ۾ ته زر جي سوا زور ٿئي زبون،
رُستم هجي يا اُن جو اَبو زالِ زر هجي.
اُن جهڙو ڪونه آهي زماني ۾ خوش نصيب،
جنهن جو جناب شاهِ نجف راهبر هجي.
يا مرتضيٰ علي و ولي شاهه بُوتراب:
هر دم ”گدا“ جي حال تي تنهنجي نظر هجي.

 

(153)

نه ڏسجي گل، رُخِ دلدار ڏسجي،
نه ڏسجي سَرو، قدِّ يار ڏسجي.
سدائين دوست جو ديدار ڏسجي،
مِٺي محبوب جو جِنسار ڏسجي.
پُنهل جهڙو جڏهن ڪو يار ڏسجي،
تڏهن مر ڪنج
' ۽ ڪهيار ڏسجي.
بهار آيو وري جوشِ جنون ٿيو،
خمار آلوده چشمِ يار ڏسجي.
خدا جي فضل سان هاڻي ته هر جا،
زمين ساري زمرّد وار ڏسجي.
ڇڏي سڀ زهد ۽ تقويٰ کي يڪبار،
مي و ميخانه و ميخوار ڏسجي.
مي شيراز جو ساقي جي هٿ ۾،
بلورين جام نِت سَرشار ڏسجي.
ادا ڏسجي ته ڏسجي عارضِ يار،
نڪي گل کي نڪي گلنار ڏسجي.
اَچڻ جو ڏس ڪيو دلدار وعدو،
ڪڏهن پرندو اِهو اِقرار ڏسجي.
لنگھي سائر سنديون لس ليٽ لهريون،
محبّت سان مِٺو ميهار ڏسجي.
ڇِني ڇڏجن سڀئي سڱ ۽ سياپا،
'
حبيبِ حق سچو سردار ڏسجي.
”گدا“ شاهن کان ٿيندو شان دَهه چند،
هلي حيدر جو در هڪوار ڏسجي.

 


 


تائب: توبهه ڪندڙ. يڪبارگي: هيڪر. شمائل: مِٺين عادتن وارو. مسخر: تسخير ٿيل – تابعدار. پري پيڪر: پريءَ جي شڪل جهڙو. بابل: عراق جو مشهور شهر جتان جو جادو مشهور هو. هاروت ۽ ماروت اُتي کوهه ۾ لٽڪيل آهن. تعلل: سبب – بهانو. تغافل: غفلت- سستي-بي پرواهي. زلفِ مُسلسل: پيچدار زلف. بسمل: اَڌ ڪٺل. غارتگرِ دل: دل لٽڻ وارو. فردِ باطل: ڪوڙي چٺيءَ، جا ڀري نه وڃي ۽ پراڻي وهي ۾ داخل ڪري ڇڏجي.

اَنانيت: پاڻپڻو –خودي –تڪبر. اِبليس: شِطان. ملعون: لعنت ڪيل – ڌِڪاريل. نيازي: بي پرواهي. بازي: ٺڳي –دغا، عصيان: گناهه معاف. ذوطرازي: ڍنگ ۽ طريقي جو مالڪ يعني شاعري جي فن جو ڄاڻو. حجازي: حجاز وارو رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي صدقي.

اِشتغال: مشغولي- ڌنڌو. جدال: جنگ- لڙائي- جهڳڙو. بِلال: حبش جو رهاڪو رسول الله صلي الله عليه وسلم جو صحبتي ۽ اَذان چوڻ وارو. رميدو: ڀڄندڙ- ٽهندڙ. غزال: هرڻ. ”دهنِ يار نقطه مرهوم“: محبوب جو وات هڪ خيالي ٽٻڪي وانگر آهي.

'                 ڪلال: ڪوڙو- دغاباز.

گلعذار: گل جهڙو منهن رکندڙ. سَمن بر: چنبيلي کي شرمائيندڙ. گلبرگ: گل جا پن. افسر: تاج جا ملڪ. رستم دستان: هڪ مشهور بهادر. زال: عورت- اصل ۾ رستم جي ڏاڏي جو نالو جنهن جي معنيٰ آهي ته اُهو ماڻهو جنهن جا وار ڄائي ڄم کان اڇا هجن. صفدر: صفون چيريندڙ. افزون: وَڏ- زياده.

زمزمه خواني: گيت ڳائڻ. زيرآب: پاڻيءَ جي هيٺان- غرق. آب: آبرو- عزت. رواني: ڳوڙهن جو بي اختيار وهڻ. فَلڪ: آسمان- مراد وڏائي ۽ سر بلندي- خودي. بلاغت: جواني- عام ماڻهن جي اندازه موجب ڪلام ڪرڻ جي قابليت. بديع عجيب ۽ نرالو حسن. علم معاني: ڪلام جي فصاحت، حلا ۽ مناسب موقعي معلوم ڪرڻ جو علم- برنگ صورت: تصوير وانگر. ماني: هڪ وڏي ڪامل نقاش جو نالو. هي فارس جو هڪ تمام وڏو مجوسي هو، عيسائي ٿي وري خارج ٿي ويو. اُن پنهنجي ڪتاب ارڙنگ جي وسيلي نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي. هندستان ۾ اچي ٻڌ مذهب جي تعليم حاصل ڪئي هئائين. فارن واپس ورڻ تي کيس 277ع ۾ بدعتي سمجهي کل اُڊيڙي موت جي سزا ڏني ويئي.

پرّان: پرواز ڪندڙ – اُڏامندڙ. بحري: باز جو قسم. مدهوش: نشي ۾ چور درويش. مُحتسب: شريعت جي برخلافي ڪري سزا ڏيندڙ آفسير.
نوٽ: هن سڄي غزل ۾ ”گدا“ جي الف کان سواءِ ٻيو ڪٿي به الف جو اکر ڪم آندل ڪونهي. علمِ بديع ۾ اهڙي صنعت کي ”صنعت التزام“ ڪري چوندا آهن (مؤلف)

حصار: ڪوٽ يا قلعو. مريد: اِرادو رکندڙ – طالب – معتقد. شوق لقاءِ يار: محبوب جي ديدار جي شوق ۾. ڪشورِ خوبي: اي سونهن جي ولايت جا بادشاهه. مُشڪ ختن: ترڪستان جي ختا يا ختن شهر جي مُشڪ. زلف معنبر: عنبر جي خوشوءِ وارا زلف.

شرابِ ناياب: ڳاڙهو شراب. جي جيار: جيءَ جياريندڙ. ڊوهي: قسم. الحق: سچ پچ. سَنَد: ثابتي – سرٽيفڪيٽ. اِفتخار: فخر – عزت –مرتبو. عين حڪمت: خاص سياڻپ جي ڳالهه

باعث ايجادِ عالم: دنيا جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو سبب. خَلق: دُنيا-مخلوق. خلق: پيدا: شق القمر: چنڊ جو چيرجڻ – جناب رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي معجزي سان چنڊ ٻه اڌ ٿي زمين تي اچي ڪرِيو هو. اظهر شمس کان: سج کان وڌيڪ ظاهر يا روشن. اشڪبازي: ڳوڙها وهائڻ. ڪارداري: ڪم ڪار هلائڻ – عام مختاري.

آمد آمد؛ اچ اچ ڪي وائي. درشب ماهتاب: چانڊوڪيءَ رات ۾. ڊَربر: بغل ۾. لبا لب: ٽمٽار- ڪنن تائين ڀريل.

بسر: گذارو. حذر: پرهيز- ڪنارو پاسو. شعله رو: باهه جي مُنهن جهڙو محبوب. شوخ و شنگ: تيز طبيعت ۽ چيڙاڪ. تار نظر: نظر جي تار- تمام سنهي ديد. هم سر: برابري ڪندڙ. فڪرِ موي ڪمر: چيلهه جي وار جي ڳڻتي. سپر: ڍال. نامه بر: پيغام پهچائيندڙ- خط کڻي ويندڙ. بَد گُهَر: بدنسل- بَد بنياد. ڪورو ڪر: ڪتي کي سڏڻ وقت ڪور ڪور ۽ گڏهه کي هڪلڻ وقت ڪر ڪر ڪبو آهي.

سَٽي: دلدار- محبوب. زٽِي: زٽ- ڪوڙو ڏٽو. ڀَٽي: هالن جي ڀٽي بزرگن منجهان بزرگ. گل اندامي: گل جهڙو جسم. مبتذل: ابتذال واري- خراب معنيٰ ڏيکاريندڙ.

قصهء عامي: عام قصو يا افسانو. خود ڪامي: خود مطلبي- خود غرضي. ڪارخرگامي: گڏهه وانگر ڍرو هلڻ. سر انجامي: پورائي. ”صدائي شاهِ نجف مرتضيٰ علي هستم“: نجف جي بادشاهه حضرت علي المرتضيٰ جو گدا يا فقير آهيان. مجرّب: تجربو ڪيل- آزمايل.

عاري: عار يا شرم ڪندڙ- بيزار. دل صدِ پاره: سَو ٽڪرا ٿيل دل. چشمِ مخمور: نشي سان ڀريل اکيون- خماريل يا نشيلا نيڻ. مدهوش: شراب جي نشي ۾ بيهوش. خُمّاري: خمار وارو- نشي وارو. سيل: ڇَر- درياءَ جي اُٿل.

سري: سوڀ- فتح- ڪاميابي. سيمين بدن: چانديءَ جي جسم جهڙو. سفّاڪ: سخت ظالم. ريياڪ: آفيم. قلب شت: لاهيون چاڙهيون. فخار: تمام گهڻو فخر ڪندڙ. اِملاڪ: ملڪيت- ڌن- مال- دولت. اِدعا: دعويٰ. اِدراڪ: عقل- دانائي.

مُمِسڪ: اِمساڪ يعني مڙساڻي طاقت جون گوليون استعمال ڪندڙ ماڻهو. قهبه: رنڊي- ڪڃري- طوائف. امساڪ: مڙساڻي طاقت جون گوريون. اَفلاڪ: آسامان جي گول گنبذ.

چشم حق بين: خدا کي سڃاڻندڙ اک. نرد بان: معراج- ڏاڪڻ. شاهه اوليا: اوليائن جو بادشاهه يعني پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني. قلب اقبال: بخت جو وچ يا ابتڙ. ”اقبال“ لفظ کي ابتو ڪبو ته ”لابقا“ بنجي پوندو.

نقش پا: قدمن جو نشان. پيچ در پيچ: وڪڙن پٺيان وڪڙ کاڌل. سنبلِ پيچان: سنبل جو ور وڪڙ کاڌل گل. دانا فريب: دانائن کي ٺڳيندڙ. دانهء خال: تِر جو داڻو. شهر قديم: جهونو شهر يعني حيدرآباد سنڌ. سبزه: ساوڪ. حمزوي: ٻنهيءَ جهانن ۾. هاشمي: حضرت امير حمزه جو اولاد- بلوچ پاڻ کي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي چاچي حضرت حمزي جي اولاد منجهان شمار ڪندا آهن. همايون بخت: هما پکي جي پاڇي پوڻ وارو بادشاهي نصيب.

خوش اسلوب: چڱي دستور، ڍنگ ۽ طريقي وارو. ذُڪا: عقل ۽ هوش جو مالڪ. ”و قنا ربّنا عذاب النّار“: اي اسان جا رب اسان کي دوزخ جي باهه جي عذاب کان بچاءِ” سفينه نوح: حضرت نوح عليہ السلام جو ٻيڙو. نسيم: ٿڌي ۽ خوشبودار هوا. مصرِ عشق: محبت ۾ مصر جو ملڪ. ڪنعان غم: جي ڪنعان- ڪنعان انهيءَ  کوهه جو نالو آهي، جنهن ۾ حضرت يوسف عليہ السلام کي سندس ڀائرن وڌو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org