سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :8

 (101)

ڪئن چوان شمشاد، تنهنجي قامتِ رعنا کي آءُ؟
ڪئن ڪريان قمري جي مَٽ، پنهنجي دلِ شيدا کي آءُ؟
اَي مٺا! تنهنجي مِٺي لب تي تصدق نت ڪريان،
انگبين کي، نيشڪر کي، شهد کي، حلوا کي آءُ.
ٿي ٿئي تشبيهه ناقص، نسترن سان، جي چوان،
عارضِ رشڪِ سمن، تنهنجي صفا آرا کي آءُ.
هي گلِ بي خار آهي، هُن جي دل ٿي غدار،
مَٽ ڪريان ڪئَن تنهنجي عارض سان گلِ لالا کي آءُ؟
نرگسِ شهلا جو گل ٿئي تنهنجي نيڻن تي نثار،
غنچهء زنبق چوان ڪئن بينيء زيبا کي آءُ؟
نافهء مشڪِ ختن کان خال تنهنجو خوشنما،
تنهنجي زلفن جو سدا، سر ۾ رکان سودا کي آءُ.
غنچهء دل منهنجي ٿئي بشگفته بيشڪ شڪلِ گل،
جي ڏسان يڪبار رويء، يار بي پروا کي آءُ.
تنهنجي فرقت ۾ اٿم از بسڪ ٿيو جوشِ جنون،
باغ کان بهتر ٿو ڀانيان دشت ۽ صحرا کي آءُ.
جي لڳي يڪبار منهنجي هٿ کي، تارِ زُلفِ يار،
سَو لِڱا صدقو ڪريان، هوند عنبر سارا کي آءُ
'.
جي حسينن جي ثنا خواني کان، سا ساڪت ٿئي،
پوءِ ڪريان ڇا، هُوند هن پنهنجي زبان گويا کي آءُ.
ساقيا! مون کي سندءِ واسينگ وارن جو قسم،
گردنِ طائوس ڀانيان گردن مينا کي آءُ.
حُسن جي سرڪار مان مون کي عنايت آهه ٿيو،
ساهه ۾ سانڍيان سدائين عشق جي تمغا کي آءُ.
هر گھڙي موُن ساڻ همدم سو ٿئي منهنجو حبيب،
ٿو سڪان جنهن جي سدا، حُسنِ جهانٌ آرا کي آءُ.
شهد کان شيرين زياده، يار جا دُشنام تاخ،
با سخن سمجھان بجا، تنهنجي سخن بي جا کي آءُ.
دولت ديدار تنهنجي اَٿم درڪار يار!
ڌوڙ ۾ داخل ڪريان، تنهنجي سوا دُنيا کي آءُ.
برق ٿئي بيتاب منهنجي آهِ آتشباز کان،
چشم گريان سان ڏيان تشبيهه ڪئن دريا کي آءُ؟
آءُ جي اچڻو توکي آهي، مهرباني ڪر مٺا!
ڪين وسهان وعدہء امروز يا فردا کي آءُ.
پنهنجي چشم مست جو صدقو نظر مُونڏنهن ته ڪر
'،
ساقيا! تو کان گهران ٿو ساغرِ صهبا کي آءُ.
پننهنجي هِن خرقه پُراڻي جي برابر ڪئن ڪريان؟
قاقم ۽ سنجاب ۽ زربفت ۽ ديبا کي آءُ.
پوءِ ته درويشي جي دعويٰ منهنجي باطل بي خلاف،
هڪ نظر سان جي نهاريان دولتِ دنيا کي آءُ.
لؤلؤ ۽ لالا کان روشن تر مضامين منهنجا ٿيا،
سَرس قُلزم کان ڏسان ٿو طبع جي دريا کي آءُ.
بختِ خوابيده سندم بيشڪ ادا بيدار ٿئي،
جي ڏسان جيئري وري هوند يثرب و بطحيٰ کي آءُ.
مير منهنجو ذوالڪرم عبدالحسينٌ خانٌ نامدار،
فيض جو دَريا چوان اُن گوهرِ يڪتا کي آءُ.
شعر رنگين تي سندس نازڪ خيالي ختم ٿي،
ڪين همسر اُن جو سمجھان ناسخ و سودا کي آءُ.
حاجي حامد جي هي مصرع آهه الحق ۽ عجيب،
“عين حق ڄاڻان ٿو الحق صورتِ زيبا کي آءُ“.
شال چشمن سان چمان آءُ عتبهء عالي سندس،
اي ”گدا“ هر دم ڪريان ٿو عرض هي موليٰ کي آءُ.

 

 

______
رديف ي

 

(102)

دوست دلدار! ڇو ٿي دل موهيئي؟
دل گهريا يار! ڇو ٿي دل موهيئي؟
ڪئَن نه تنهنجي سوا ٿيان بي تاب،
ماهِ رخسار ڇو ٿي دل موهيئي؟
ڪئن نه قمري نمط ڪريان ڪُو ڪُو،
ڪبڪ رفتار! ڇو ٿي دل موهيئي؟
جيئَن مون ساڻ تنهنجي هئي اُلفت،
ته ڪري کنگهڪار، ڇو ٿي دل موهيئي؟
جڏهن ٻيهر نه توکي هو اچڻو،
تڏهن يڪبار ڇو ٿي دل موهيئي؟
ڪا نه ڪا تنهنجي حسن ۾ هئي ڪمي،
ته ڪري جنسار، ڇو ٿي دل موهيئي؟
ڪئَن نه صد بار سر ڪريان صدقي،
جو ڪري رفتار، ڇو ٿي دل موهيئي؟
جي وفا توکي ڪين هئي ڪرڻي،
يار عيّار! ڇو ٿي دل موهيئي؟
تَرڪ ڪر مون تان ڏوٿ ڏک ۽ ڏمر،
تُرڪ طرّار ڇو ٿي دل موهيئي؟
وصل جي ڪر بهار سان سيراب،
رشڪِ گلزار! ڇو ٿي دل موهيئي؟
آءُ! اچي ٿي ”گدا“ سان تون همدم،
جو ڪري تڪرار، ڇو ٿي دل موهيئي؟
'


 

(103)

آهي منهنجي دلدار جي، سچ لوڏ لکن جي،
خوشبو آهي زلفن ۾ سندس مشڪِ ختن جي.
عارض جي نزاڪت آهي آهي نسرين کان دَه چند،
گلبرگ زبان آهِه اُنهيءَ غنچه دهن جي.
دل صاف سندم نقرهءِ خالص نه ٿئي ڇو؟
اُلفت آهي مون کي ته سَدا سيم تنن جي.
ان طرح سان اُن گل جي ڏسڻ لئي آهيان مُشتاق،
جنهن طرح سان بلبل کي ادا! سِڪ هئي چمن جي.
سر نَذر رکان يار جي قدمن تي گهمائي،
تصديق ڪري مَر ته اَچِي منهنجي سخن جي.
وَروَر ڏيو وَر لاءِ، ٿي ووڙيائين وندر کي،
لنؤ لنؤ ۾ لڳل سسئي کي لنؤ هئي ته جتن جي.
هِي حال وڃي تنهنجي سوا ڪنهن کي سُڻايان؟
تو ڌاران ڪريان ڪنهن سان وڃي ٻي ڳالهه سخن جي!
بلبل جي صفت ڪئَن نه ڪريان نالهء فرياد،
تن مَن ۾ لڳل تار اَٿم گلبدنن جي.
دل جي نه ڪڏهن ضعف جو شڪوو نه ڪندس پوءِ،
خوشبو جي سِنگهان يار جي آءُ سيبِ ذقن جي!
آهي سو اَڻاسو جو وطن پنهنجو وساري،
واجب آهي موءمن کي ادا حُبّ وطن جي.
اَجلاف جو اقبال ڏِسي اوج ٿو ڪيڏو!
شرفا سان عداوت آهي هِن چرخِ ڪُهن جي.
اعليٰ کي ته ادنيٰ جي ڪڏهن ڪاڻ نه آهي،
شهباز کي پروا نه آهي زاغ و زغن جي.
جي سير جو شائق آهين ٻيا سير ڦِٽا ڪر،
ڏِسِ صبحِ صفاهان وڃي شام دکن جي.
اَو آهه مسلمان اُهو مؤمن آهي،
جو حُبّ رکي دل ۾ اَدا پنج تنن جي.
ٻانهن جا ڍڪي عيب ٿو ستّار سدائين،
آهه اُن ۾ لڄ الله کي منهنجي لکن جي.
اُن شاهه جي روضي جي ”گدا!“ مون کي زيارت،
آهي مون حسيني کي سدا حُبّ حسن جي.

 

(104)

پيريءَ ۾ آءُ ڇڪن آهيان هڪ نوجوان تي،
دلخواه دوست دل جي گُهرئي دِلستان تي.
شيرين سخن تان قندِ مڪرّر نثارڪن،
آڻيان مِٺي جو نام ٿو جنهن دم زبان تي.
فرقت ۾ يار جي ٿو روئان زار زار زار،
دريا وهايان ڪئَن نه ڀَلا آسمان تي!
سوزِ فراق مون کي ستائي ٿو سخت پر،
درد و الم جو شڪوو نه ايندم زبان تي.
مدّاح آهيان يار جي زلفِ سياه جو،
فخر آهه مون کي طوطيء هندستان تي.
سينو سپر ڪري ٿو جھليان تنهنجي روبرو،
تير نظر چِتائي هڻج تنهن نشان تي.
ٰدُشمن کان وڌ ته مون تي عداوت ٿا دوست ڪن،
افسوس! مون کي ڪئن نه ٿئي اهلِ جهان تي.
خالِ سياهِ يار جي ابرو تي بس! عجيب،
ڏِس زاغ جو نشيمن ڪئن ٿيو ڪمان تي!
شرفا کي آهه وَيل، ته هِن ويل ٿيو نصيب،
سفلن جو اڄ دماغ رسيو آسمان تي.
ائين ٿا حريص جنگ جُنبائين پاڻ ۾،
جهڙي طرح وڙهن ٿا، ڪُتا اُستخوان تي.
اهلِ تصوّف آهين ته ڪر صلح ڪُل قبول،
دُشمن تي لطف، مِهر ڪجي مهربان تي.
شاهي مِلي تڏهن به گدائي نه آءُ ڇڏيان،
پنهنجو پلاس ڪين مَٽيان، پَر نيان تي.
ڪحل الجواهر آهه سندس خاڪپاءِ پاڪ،
جنهن شاهِ دين قدم هو رکيو ڪهڪشان تي.
چشمن سان دل جي جنهن کي چميو هو مون بار بار،
سر کي وڃي ڌري رکان اُن آستان تي.
اُن شاهه جو غلام آهيان اي ”گدا“ سدا،
معراج رات جو هو رسيو لامڪان تي.
ٰ

(105)

چشم دلبر جا ميگسار ٻئي،
مست و مخمور پُر خمار ٻئي.
زلف دلبر جا مشڪبار ٻئي،
وَر وجھن ٿا سُڻي رُوار ٻئي.
غمزهِ چشم عشوهِ ابرو،
ناز نينن جا ڪاردار ٻئي.
دانهء خال دام زلفِ دراز.
طائِر دل جي لئي تيار ٻئي.
منهنجو سِر منهنجو ساهه سو ڀيرا،
مَہ جَبينن تان نت نثار ٻئي.
صبح رخسار شامِ زلفِ سياه،
ڪئَن ٿيا هڪ ٻئي سان سازوار ٻئي.
روز محشر جي شبر و شبير،
شل ڪندا مون کي رُستگار ٻئي.
هڪڙو ”مخلص“ ٻيو ”مجتبائي“ شاهه،
اِي ”گدا“ منهنجا دوستدار ٻئي.

 

(106)

الله اُن جو خَلق ۾ نام و نشان ڪري،
هي حال منهنجو يار کي جيڪو نشان ڪري.
وعدو جي مُون سان وصل جو اُو دِلستان ڪري،
مُون پير مرد کي ته وري نوجوان ڪري.
ٰعالم سڄو سياه تڏهن ٿو نظر اَچي،
زلفن ۾ رُخ کي يار جڏهن ٿو نِهان ڪري.
جنهن جي فراق ڪار ڪٿان منهنجي دل سان ڪئي،
اُن ماهِ رو کي موٽي خدا مهربان ڪري.
هي حال منهنجو تنهنجي وِڇوڙي ۾ آهه ٿيو،
فرياد جي سُڻي ته فغاني، فغان ڪري.
”در آرزويء وصلش جان برلبم رسيد“،
لِله لگ! ڪو يار سان منهنجو بيان ڪري.
عبدالحسين خان سندم مير بي نظير،
اڪبر کان وڌ الله سندس عز و شان ڪري.
اُن کي يقين ڪينڪي ٿيندو ڪڏهن نصيب،
جو بدگمان منهنجي طرف بدگمان ڪري.
جو خيرخواه خلق جو خوش دل هجي مُدام،
صد حيف تنهن کي جيڪو ٿو پنهنجو زيان ڪري.
اهل سخن سان ڪنهن جي مجال آهه دمزني،
حڪم روان ڪري نه سا طبع رَوان ڪري.
مون کي اُميد آهه ميء معرفت منجھان،
لبريز منهنجي جام کي پير مغان ڪري.
عرض آهه هي ”گدا“ جو، خدا جي جناب ۾،
مَڪّي ۾ يا مديني ۾ منهنجو مڪان ڪري.
ٰ

 

(107)

بي سبب ڪين اَدا منهنجي هي مَستي آهي،
دين و ايمان سندم، حُسن پرستي آهي.
دست بسته نه سندس ڪئَن ٿيان ڀَلا آءُ بيشڪ!
دل کسي مون کان وئي، يار جي دستي آهي.
زلف پُر پيچ جو پيو پيچ، اَزل کان مون کي،
اصل کان منهنجي اَدا! دل ته شڪستي آهي.
آهِه اَجلاف جو اَڄ، اوجِ رسا تي اِقبال،
اَي ادا! بخت کي شرفا جي ته پستي آهي.
تعبير آهِه ترقّي جو، تنزّل، لا ريب!
شڪل فّواره جي، هر ڪنهن جي ته هستي آهي.
آءُ آهيان هاشمي، مون ساڻ اَٿس وير وِڌو،
زال دُنيا جي، جا خر خوار ٿي خستي آهي.
شاهِ مردان جو، ”گدا“ ڪئَن نه ٿئي مدّاح مدام،
هي سعادت، ته مليل اُن کي، اَلستي آهي.

 

 

 

(108)

نِگار منهنجو چمن ۾، جي بي نقاب ٿئي،
ته ڇو نه، رشڪ جي آتش سبب گُل آب ٿئي،
ٰجي منهنجو مِهر فزا ماه، بي نقاب ٿئي،
ته رات جو به عيان هوند آفتاب ٿئي.
ڏٺو مون دوش ته دلدار سان ٿيس هم دوش،
خدا ڪري، ته سَچو منهنجو شال خواب ٿئي.
صبا، جي طّرهِ جانان کي، وا ڪري بيشڪ!
سڄوئي روءِ زمين، پُر ز مشڪناب ٿئي.
نيازمند اَسين جنهن جا سو سراپا ناز،
سندس عنايت سمجھون ٿا، جي عِتاب ٿئي.
چَوَن حياتِ اَبَد جنهن کي سو ته آهي عشق،
ٿو مُستفيض سدا، جنهن کان شيخ و شاب ٿئي.
شراب ناب جو، ساقي! ڀري پيالو ڏي،
جگر رقيب جو، حسرت کان شل ڪباب ٿئي.
جو ڪين پنهنجي عبادت جو ٿو شمار ڪري،
خدا جي ان تي ئي رحمت، ٿي بي حساب ٿئي.
ڪريم، قادرِ مطلقِ جي قدرت، آهِه ڪمال،
عجب نه آهِه، جي ذرّي مان آفتاب ٿئي.
ڏسان اکين سان وڃي، شال روضه شبّير،
خدا جي در ۾، اِهو عرض مستجاب ٿئي.
بچائي آتشِ دوزخ کان آبرو بخشيم،
اِمام منهنجو قيامت ۾، بُو تراب ٿئي.
جناب شاه نجف جي مدد سان، در هر وقت،

”گدايء گوشه نشين“ ڇو نه ڪامياب ٿئي.ٰ
”گدا“ جو هي ته غزل لاجواب آهِه، اگر،
قبولِ خاطرِ ”ماتم“، اِهو جواب ٿئي.

 

(109)

آءُ، اَي عجيب منهنجا، تون مون وٽ ذري ذري،
پيارا تون هڪڙو پَل نه ٿي مون کان پَري پَري.
اَي آرزو اٿم ته دل وجان ڪريان فدا،
قدمن تي تنهنجي پنهنجا آءُ هٿڙا ڌري ڌري.
مون کي سَري ته ڪين ٿي تنهنجي سوا مِٺا!
توکي ته مُون سِوا ٿي سدائين سَري سَري.
تو آتشين عذار جي شڪ ۾ بسوز و غم،
مانندِ شمع منهنجي دل و جان ڳري ڳري.
محبوب منهنجو مون کي سَڏي مهر مان مُدام،
رهزن رُليو رَقيب چوي ٿو ”پَري پري“.
سُورن سِجهايو مون کي عجيبن جي اِن قدر،
ٿي زِندگي تمام ته ڏکڙا ڏري ڏري.
ريجهايو آهِه مون ته بصد عجز ۽ نياز،
جانان کي پنهنجي نيٺ ته جانان ڀري ڀري.
بيڪس آهيان، غريب آهيان، بي نوا آهيان،
آسان منهنجا مشڪل موليٰ ڪري ڪري.
اُميد اِي اَٿم ته پياريندو اَي ”گدا“،
ڪوثر مان جام، ساقيءِ ڪوثر ڀري ڀري.

 

 

(110)

يار مون ساڻ، ڪج اَدائِي ڪئي.
با وفا ساڻ، بي وفائي ڪئي.
ناز مان ڪين سو نِهاري ٿو،
جنهن جي خاطر، مون جانٌ فدائي ڪئي.
نامور آءُ تڏهن ٿيو آهيان،
بره مون سان جڏهن، ڀَلائي ڪئي.
نه مران ٿو تڏهن، نڪي ٿو جيان،
يار جاني، جڏهن جُدائي ڪئي.
ماه رو، مهربان نه ٿيو مُون تي،
بخت مُون سان نڪي ڀَلائي ڪئي.
آهه جو شوخ و شنگ، بي پروا،
مُون وڃي اُن سان آشنائي ڪئي.
ناهِه اِن ڳالهه ۾ خلاف ذرو،
”اُو چڱو آهِه، جهن چڱائي ڪئي“
اَو ڀلو آهِه، اَو ڀلو آهيٰ،
ڪين ڪنهن ساڻ جنهن بُرائي ڪئي.
ڀروسو جنهن تي آءُ ڪريان فردا،
اهڙي مُون ڪانه ڪا ڪمائي ڪئي.
آهِه شاهن کان شاهه وَڌ منهنجو،
يار جي دَر جِي مون گدائي ڪئي.

 

(111)

ڪين وسري ٿو سو ڪڏهن، مون کي سو يوسفِ ثاني،
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، مون کي سو دلبر جاني.
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، منهنجو مِـٺو ماه لقا،
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، منهنجو سو جاني، جاني.
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، مون کي ڪمان ابرو ئي يار،
مرغِ دل ڪئن نه ڪريان اُن تي اَدا! قرباني!
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، مون کي اُهو وقتِ سعيد،
نازنين يار چيو مون کي ٿي ”جاني جاني!“
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، مون کي مِٺي جو مرڪڻ،
جنهن جي گفتار ڪئي منهنجي ته دل ديواني.
ڪين وسري ٿو ڪڏهن، مون کي قمر طلعت يار،
مون کي آئينه صفت جنهن ته ڏني حيراني.
دوست جو منهنجو هجي، اُن جو مددگار ٿئي،
جو عدو منهنجو، هڻي اُن کي قلندر ڪاني.
آءُ ”گدا“ شاهِ نجف جو ته ازل کان آهيان،
منهنجو اغيار ته مروان آهي مرواني.
هي غزل حضرتِ سانگي جو تتبّع مون چيو،
جنهن جي سر تاج هجي لطف سدا سبحانيٰ.

 

(112)

منهنجي سهڻن سان آشنائي ٿي،
بخت جي مون سان ڏِس ڀَلائي ٿي.
سيم تن يار ٿيو جڏهن همدم،
دل کي حاصل تڏهن صفائي ٿي.
سا مِٺي جي مِٺِي، مِٺي آهي،
ڪانه اهڙي ڪِٿي مٺائي ٿي!
يار جي ٿو ڪري قدم بوسي،
زلف جي ڏِس ته ڇا رَسائي ٿي!
آهَ منهنجي جو سو اَثر آهي،
منهنجو اَغيار ويو توائي ٿي.
بي خورو خواب بيقرار آهيان،
منهنجي توکان جڏهن جُدائي ٿي.
گرچه مُون سان وفا نه ڪئي دلدار،
ڪانه ڪا مون کان بي وفائي ٿي.
قدر اَشراف جو اُتي ڪهڙو!
جِت لُچن جي اَچي لُچائي ٿي.
سو وري منهنجو ٿيو ڦِري بدخواه،
مُون چيو جنهن کي ”حال ڀائي ٿي“.
عشقبازن جو آهِه سو سر تاجٰ،
ڪين جنهن کان ڪڏهن ڪچائي ٿي.
عاشقن لاءِ عجز ۽ زاري،
دلبرن لاءِ خود نمائي ٿي.
وئي جواني جي شوخي ۽ شنگي،
آهِه ڪاراڻ مان، اڇائي ٿي.
پاڻ ڄاڻي ٿو پنهنجي بينائي،
جنهن جي عينڪ سان آشنائي ٿي.
”وحده لاشريڪ لَہٌ“ گويم،
حيف صد حيف! جي ٻيائي ٿي.
کاءُ کاراءِ دولتِ دُنيا،
اَڄ تنهنجي ۽ سُڀاڻي پَرائي ٿي.
آهِه ”سانگي“ جي، خوب هي مصرع،
”منهنجي موليٰ جي هٿ خدائي ٿي“.
اَي ”گدا!“ منهنجي آهِه اِي اُميد،
آءُ ڪريان شڪر، ڪربلائي ٿي.

 

(113)

ڌڻيءَ جي دَر ڪريان روز آزي،
ڪندو قادر ڪرم سان ڪارسازي.
جي آهين طالب الموليٰ ته بيشڪ!
حقيقي عشق وٺ ڇڏ تون مجازي.
ڦٽا ڪر ٻيا سڀئي لهو ۽ لعب تون،
ڀَلي آهي بلاشڪ! عشقبازي.
اِها آهي صدا منهنجي سدائينٰ،
سٺا محبوب ڪر عاجز نوازي.
سوا آزيءَ جي ٻي ڄاڻان نٿو بات،
پرين جي در جو، آءُ پينار پازي.
اکين منهنجن مان اُڌما ڏيو وهي آب،
ڏسي سُهڻن جو پيراهن پيازي.
کسي ويا دل نه دلداري ڏنائون،
عجيبن جي عجب ٿي ترڪتازي.
اهو عنقا صفت معدوم آهي،
غريبن جو ڪري، جو غور غازي.
هلن ٿا هاڻي پيرن سان پيادا،
تِکا هئا تند جن وٽ تيز تازي.
ڏِسو همّت سان ڪن ٿا حڪمراني،
نه هوندو ڪو پٺاڻن جهڙو غازي.
سُڀان توکان به کٽندو، ڪينڪي کِل،
کٽِي جي ڪنهن کان اَڄ تو آهه بازي.
عِبادت ڪر، عبادت ڪر، عبادت،
مسلمان مرد مؤمن ٿي نمازي.
ڪندو منهنجي شفاعت روزِ محشر،
محمّد مصطفيٰ مُرسل مِجازي.
غزل هي بي بدل آهي ”گدا“ جو،
جواب اُن جو ڏئي جلدي ”نيازي“.

 

(114)

لبِ جان بخش جانان کان خجالت آبِ حيوان کي،
رُخِ دلبر تي آءُ قربانٌ ڪريان خورشيدِ رَخشان کي.
رکيو رُخسار تي دلدار اَڄ زُلفِ پريشان کي،
ڏِٺو مُون صبحِ صادق سا بهم، شامِ غريبان کي.
ڏيان تشبيهه جي خورشيد سان رُخسارِ جانان کي،
ته حاصل زرد روئي ٿئي سندم هر فرد ديوان کي.
دُرِ دندانِ دلبر يار جي نت يادگيريءَ ۾،
خجل ڪيو چشمِ گوهر بار منهنجي ابرِنيسان کي.
نهوڙيو ناز سان نيڻن جي دلبر نرگسِ شهلا،
ڏسي قامت سندس شرمندگي ٿي سروِ بُستان کي.
ڏسن ڪپتان ۽ ڪرنيل، اُن جو ناز ۽ غمزو،
چَون زنگين زبردستن جي پلٽڻ اُن جي مزگان کي.
برنگِ برق بيتاب آهيان آءُ فرقت ۾ دلبر جي،
چوان نِت ابرِ گوهر بار پنهنجي چشمِ گريان کي.
اها اُميّد شل منهنجي ڪندو پوري خدا صاحب،
پِرين جي آءُ ڪريان پيزار تي صدقو دل و جان کي.
سدائين ساقيا تنهنجو هجي آباد ميخانو،
بهار آيو ڀري ڏي جامِ صهبا مَي پرستان کي.
ٰمضامين فهم، معنيٰ ياب، صائب فڪرت و فائق،
سلامت حق رکي هرجا ”فدا“ جهڙي سخندان کي.
نه ڪج ڪنهن طرح سان محتاج ڪنهن نامرد جو مون کي،
”گدا“ جي هي صدا آهي سدائين شاهه مردان کي.

 

(115)

دل ۾ دُشمن جي جو شرر آهي،
آهَ منهنجي جو سو اَثر آهي.
ماه رُو پنهنجي کي ڏِسيو ٿو چوان،
جلوه گر بام تي قمر آهي.
اُن کان حيوان کي چڱو چئجي،
عشق کان جيڪو بي خبر آهي.
مون کي مفلس چون ٿا ڇو ٿا چون؟
منهنجو محبوب سيم بر آهي.
بُلبليون گل کان ٿيون ڀڄي بيزار،
باغ ۾ يار جلوه گر آهي.
آهه اڳواڻ جنهن جو آري ڄام،
ڇاڙڪي اُن کي سڀ ڇپر آهي.
درد جنهن کي چون ٿا بي دردا،
عشق وارن کي سو سمر آهي.
منهنجي دلدار جا لب و دندان،
سچ چوان لعل ۽ گُهر آهي.
منهنجي دلبر جو زُلفِ عنبربار،
مُشڪ تبّت جو سَربسر آهي.
ٰمنهنجي محبوب، مهر طلعت جو،
زُلف و رُخ، شام ۽ سحر آهي.
هِن زماني ۾ اَمن ٿيو عنقا،
ڏس ته چؤطرف شورو شر آهي.
جو بخيل آهِه سو عدو الله،
اُن تي ڏاتار جو ڏمر آهي.
آهه مهمان سرا مگر دُنيا،
سَڀڪنهن جو هِتان سَفر آهي.
ڇڏ علائق، ته تون ٿِئين آزاد،
سروِ آزاد بي ثمر آهي.
جيڪو حق جو ڪري ٿو شڪر ادا،
اُن تي رحمت ته بيشتر آهي.
جي ڪمينو ڪو آهه دولت مند،
هِن زمان ۾ سو سَکر آهي.
جي تهِي دست آهه ڪو اَشراف،
سڀڪو چئي ٿو ته ”هي نکر آهي“.
مير عبدالحسين خان صاحب،
صاحبِ تخت و تاجور آهي.
جنهن کي شاهِ نجف جي آهه مدد،
اَي ”گدا“ سو ته بي خطر آهي.
ٰ

(116)

جي يار منهنجو مهربان مُون ڏي نظر ڪري،
طالع سان منهنجي رشڪ نه شمس و قمر ڪري.
رُستم ڪري نه سام نڪي زال زر ڪري،
هِن وقت ۾ ته جيڪي اَدا مُشتِ زر ڪري.
جنهن وقت منهنجو مِهر فزا، ٿو ڏمر ڪري،
قدرت خدا جي، حُسنِ مرصّع پگھر ڪري.
خورشيد شرم کان ته ٿئي زرد رو تمام،
سَر تي دو پٽّو، زر جو اگر سِيم بَر ڪري.
”در وقتِ شب چو يار شود جلوه گر بباغٰ
ڏسندي سان ان جو عارض ڪو رنش قمر ڪري.
نت نت نئون ٿو طالع ان جو ڪري طلوع،
خورشيد وار جيڪو سدائين سفر ڪري.
ڇا لاءِ ٿو بنائين بروجِ مشيّده؟
ويٺو ڀَلا مدام ڪو دنيا ۾ گهر ڪري؟
نيڪي سوا نه ان جو رهيو ڪو هِتي نشان،
شاه و گدا زماني مان جي ويا گذر ڪري.
ڄاڻج، ته پنهنجو اَصل ٿو ڄاڻائي بيوقوف،
اَشراف ساڻ جيڪي بَدي، بَد گهُرَ ڪري.
اهلِ حماقت آهن خَر کان به بَدخصال،
شَر کان سندن سدائين ٿو دانا حَذر ڪري.
عجز و نياز پاڻ سان ٻيئي ڪري رفيق،
طالب خدا جي راه جو، تقويٰ سَمر ڪري.
خلدِ برين ۾ ڪئن نه سو خندان ٿئي روزِ حشر،
حَسنين جي جو غم ۾ هِتي چشم تَر ڪري.
ڪوثر مان مون کي ساقي ڪوثر پياري جام،
روزِ جزا شفاعتِ خيرالبشر ڪري.
عبدالحسين خان سندم مير نامدار،
دارين ۾ الله ڪڻس نامور ڪري.
نعم النّصير، لطفِ لطيفي، سدا هجيس،
مُون تي نظر سخا جي ٿو شام و سحر ڪري.
ماتم ادا ”گدا“ جي سوا ڪنهنجي ڇا مجال!
هِن شعر جي جواب جو ميدان سَر ڪري.

 

(117)

بِره ڪئي آهِه مُون سان بيدادي،
آءُ ٿيان، ڪنهن جي دَر تي فريادي.
عشق جي جنهن کي آهِه اِمدادي،
تنهن کي هر درد کان ٿي آزادي.
مرغِ دل منهنجو ڪيئين وٺي قابو،
يار تي ختم آهِه صيّاديٰ.
شيفته آهيان يار جي لب جو،
مون کي لازم ٿي ڪار قنّادي،
يار جي ياد ۾ ٿيان يڪتا،
ڪانه گھرجي ٿي ٻي ڪا اُستادي.
باده نوشن جو دُشمن آهِه وڏو،
زاهدِ خشڪ نَر نڪي مادي.
عشقبازيءَ ۾ مردِ ڪامل ٿيءُ،
عمر ڇو ٿو وڃائين اَفرادي؟
شاهِ مردان ڪندو مدد منهنجي،
آءُ ”گدا“ آهيان حيدرآبادي.
داد منهنجو ڪندو سُڻي فرياد،
بِاليقين شاهه بغدادي.

 

(118)

اُنهيءَ لاءِ مجنون جي گهر جي ٿي گادي،
وَسائي وره جي وڃي جيڪو وادي.
اُهو مست و مخمور مدهوش آهي،
ڪري جيڪو بِنت العنب ساڻ شادي.
چون جنهن کي دُنيا ساڌَ چڙي، دورنگي،
”گدا“ مُسافر ٿي، اِي مالزاديٰ.
”گدا“ شاه مردان جو آهيان ثنا خوان،
هدايت ڪندو شال سو مون کي هادي.

 

(119)

دِلڙي ديواني تو لئي منهنجي مُدام آهي،
سِڪ تنهنجي مون کي سهڻا! هر صبح و شام آهي.
اَڄ ڏينهن پنهنجو وعدو اَي بيوفا وفا ڪر،
نِت منهنجو توکي بيشڪ ڏورون سلام آهي.
جيتوڻي يار ٻيا ڀي مٺڙي زبان آهن،
پر يار منهنجو سڀ کان شيرين ڪلام آهي.
لعلن کان لال آهن لب لال تنهنجا مِٺڙا،
رَنگين تنهنجي رُخ جو لاله غلام آهي.
سروِ سهي کان سهڻِي، سهڻي جي آهِه قامت،
هنج مور کان هلڻ ۾ وَڌ خوشخرام آهي.
هٿ ٻئي ٻَڌي اَدب سان سَو سَو ڪري ثنائون،
قاصد! چئج پرين کي جنهن پَر پيام آهي.
حيدر جي حُبّ جنهن کي آهي خدا عطا ڪئي،
بيشڪ مقام اُن جو دارالسَّلام آهي.
روزِ جزا جي دهشت دل ۾ نه آهِه اُن جي،
عشقِ خدا کان جنهن جو لبريز جام آهي.
پنهنجي ”گدا“ تي ڪر تون نافع نگاه پنهنجي،
يا مصطفيٰ محمّد! تنهنجو غلام آهي.

 

(120)

جهڙو تهڙو نه پنهنجو يار ڪجي،
يار ڳولي ڪو وضعدار ڪجي.
ڪانه ٻي ڪائي ڪاربار ڪجي،
عشق بازي کي اختيار ڪجي.
دل کسي يار ٿو وَڃي مخفي،
ناهِه لازم ته اِشتهار ڪجي.
عاشق آهين ته وٺ صلاح اِها،
نازنينن تي جانٌ نثار ڪجي.
”اَلآ کمان آبرو يک نظر کافي است“،
مرغ دل جو اچي شڪار ڪجي.
يار جاني جي آمد آمد جو،
هر شب و روز اِنتظار ڪجي.
دوست دلخواه يار دلبر جو،
شوق هردم هيئنين جو هار ڪجي.
عجز ۽ عاجزي ڪري همراه،
يار جي دَر تي اِنڪسار ڪجي.
ڪين ڪنهن جو ڪڏهن ٿجي همراه،
صُلح ڪل ڇو نه اِختيار ڪجي؟
شاهِ مردان جي حُبّ تي هر دم،
اِي ”گدا“ ڇو نه اِفتخار ڪجي؟

 

(121)

يار جو ياد ڪري تنهن کي سدا ياد ڪجي،
عشق بازيءَ جي اَدا مُلڪ کي آباد ڪجي.
يار جي قامتِ رعنا سان مقابل جي ٿئي،
صدقي شمشاد ڪجي سروِ سهي آزاد ڪجي.
جهڙي تهڙي کي ڪجي ڪينڪي منظور نظرٰ،
مهربان مِهر فزا يار پريزاد ڪجي.
يار، جي جورو جفا تي ٿو ڪشي پنهنجي ڪمر،
ناهه لازم ته اُٿي نالهء و فرياد ڪجي.
يار ٿئي يار ۽ اَغيار جو اَغيار ٿئي،
اهڙي حرفت ڪا عجب هاڻ ته ايجاد ڪجي.
جيڪو مظلوم هجي تنهنجو مددگار ٿجي،
جيڪو ناشاد هجي اُن جي ته دِلشاد ڪجي.
تنهنجي دروازي جي سائل جي صدا هي ٿي سدا،
يا علي شاهِ نجف فيض جو اِرشاد ڪجي.
جيڪو تو کي ٿو ڏسي سو ٿو چوي ”پير آهي“،
اَي ”گدا“ هاڻ ته هر وت خدا ياد ڪجي.
مير صاحب جي چوڻ تي هي غزل مون جوڙيو،
هن غزل جو ته صِلو سيگهه مان اِمداد ڪجي.

 

(122)

سَفر تي اُسهيو اُهو خير ساڻ يار اَچي،
هِنئين جو هار اَچي منهنجي مَن جو ٺار اَچي.
ڏِٺي ٿيا ڏينهن گھڻا آءٌ ته سخت ساريان ٿو،
اَچي ته درد وڃي قلب کي قلب کي قرار اَچي.
هميشہ شام و سحر منهنجو هي وظيفو ٿيو،
مُحب يار اَچي منهنجو جيءُ جيار اَچي،
دُعا گهران ٿو جِتي ڪو ڏسان ٿو اهل الله،
خزان ته دل کي ڪيو پزمرده اَو بهار اَچي.
بَرنگِ مُرغِ سحر هر سحر ڪريان فرياد،
سِگهو سو رشڪِ چمن يار وضعدار اَچي.
ڏسان سو شال سدا پنهنجو غيرتِ گلزار،
نظر ۾ جنهن جي سوا گل ٿو شڪلِ خار اَچي.
هزار بار ڪريان آءُ به سرِ نثار مٿس،
عجيب منهنجو جي مون وٽ هزار بار اَچي.
اِهو سوال سندم شال حق قبول ڪري،
اَجل نه تيسين اَچي جيسين منهنجو يار اَچي.
”برنگ زلفِ پريشان فراق کرد مرا“،
اَچي جي يار ته دل کي سندم قرار اَچي.
حساب ٻيو ته اَچي ڪين مون کي ٿو مطلق،
مگر حساب چمن جو ٿو بي شمار اَچي.
اِها اُميد اَٿم تو ۾ اَي ڪمان ابرو!
خد نگ ناز جو سيني جي آر پار اَچي
زمانو اهڙو ٿِيو آهِه اَڄ اَدا هر جا،
سچي غريب تي ڪنهن کي نه اَعتبار اَچي.
صفا رهج تون زماني ۾ زنگِ ڪلفت کان،
متان ڪي آئينهء دل تي ڪو غبار اَچي.
حَسب تي ڪين ڪندو سر ڪشي اُهو بيشڪ،
نسب تي جنهن کي ڪڏهن ڪين اِفتخار اَچي.
”گدا“ سندس آهيان منهنجي مدد لاءِ مُدام،
جنابِ شاهِ نجف شير ڪردگار اَچي.
عجب هي ”حضرت سانگي“ جي مصرعِ دلچسپ،
”هي خوف آهه متان شعر شعله بار اَچي،،.

 


 

(123)

يار! يارن سان تون ڪلال نه ٿي،
با خبر ٿي تون بي خيال نه ٿي.
عشقبازيءَ جي شاهراه نه ڇڏ،
راست رستي کان تون بتال نه  ٿي.
شڪر حق جو رقيبِ رهزن جِي،
جا هُئي اُميّد سا بحال نه ٿي.
ڇو ٿو اَغيار تون ڪرين آڪڙ.
عاشقن لاءِ ڪوٽوال نه ٿي.
ڪيس سان ڪيس ٿو ڪرين ڪارا،
پهتي پيري ته خورد سال نه ٿي.
فرقت يار جو هي آهه اَثر،
طبع منهنجي جي مون سان سال نه ٿي.
تو کي حضرت مسيح ماريندو،
منهنجا بد خواه خر دجال نه ٿي.
آهين حيران ڇو حرام پٺيان؟
ڪنهن چيو طالب حلال نه ٿي؟
جئَن چڱا توکي ٿا چون تئَن ڪر،
لاخيالي کان خود خيال نه ٿي.
هر ڪنهين سان ڪري حماقت ٿو،
آهين اِنسان خر خصال نه ٿي.
بوسهء لب گُهريم ته يار چيو،
اَي ”گدا“ در پئي سوال نه ٿي.
ٰ

(124)

جنهن جي خاطر ٿي دلڙي ديواني،
سو ڏسان شال پنهنجو آءُ جاني.
منهنجو دلدار دلربا جاني،
آهِه بيشڪ سو يُوسفِ ثاني.
يار گل پيرهن جي گوش گذار،
اَي صبا اِي پيام پنهاني.
تنهنجي اکڙ ين ڪيو اَٿم بيمار،
تنهنجي زُلفن ڏنم پريشاني.
ڏَند دلبند تنهنجا مرواريد،
لال لب تنهنجا لعلِ رمّاني.
اَڄ اڱڻ منهنجي ڏس عجيب آيو،
ساقيا ڏي شرابِ ريحاني.
اَڄ بغل گير مُون سان ٿيو دلدار،
ڪُک ۾ اَغيار جي لڳي ڪاني.
پادشاهي کان اَفضل و اعليٰ،
يار جي در جي مون کي درباني.
قيس کي ناهه مُون سان ڪا تشبيهه
آءُ شهري ۽ هُو بياباني.
واه! درويش لا اُبالي کي،
خُوب چَسپان لباسِ عُرياني.
”فِڪر سان ذِڪر، ذڪر سان فڪر آهه“،
آهِه اِي خوب راهِ ربّاني.
جيڪو دانا ٿو پاڻ کي ڀانئي،
اِي ته اُن جي ٿي عين ناداني.
”ياد موليٰ است از همه اُوليٰ“،
ڇڏ تغافل ۽ ڇڏ تن آساني.
جو پَڏائي ٿو پاڻ کي مجهول،
ڪين سمجھي سو رمز عرفاني.
جيڪو گهر کان رُسي سو شعر چوي،
اهڙي ارزان ٿي اَڄ سخن داني.
جو پروڙي سگهي نه ابجد کي،
اَو ته ڀانئي ٿو آهيان خاقاني.
شعر گوئي نه آهه آساني،
”منحصر شد بدادِ سبحاني“.
شعر نِت منهنجو مير صاحب چئي،
جنهن نازان ٿي ميري و خاني.
مير عبدالحسينٌ خانٌ صاحب،
سچ سخاوت ۾ حاتمِ ثاني.
نظم ۾ بي نظير سو بيشڪ.ا
نثر ۾ ڏس سندس دُر اَفشاني.
هوئي خدا، يار و ياور اُن جو مُدام،
”برسرش باد تاجِ سلطاني.“
علم توحيد جو اَٿس از بر،
شاه درويش دوستِ لاثاني.
اُن جو نعم النصير لُطفِ لطيف،
اُن جو رهبر علّي عُمراني.
”صدّو سي سال عمرِ اُو باشد“،
”همدمش باد فضل يَزداني“.
آهِه شرفا نواز ذوالاڪرام،
مون کي لازم سندس ثنا خواني.
آءُ ”گدا“ آهيان شاهه مردان جو،
منهنجو دُشمن ته آهي مرواني.

 

(125)

صِدق سان بندهِ الله ٿجي.
جي ٿو ڀانئين ته بادشاه ٿجي.
جا رضا حق جي تنهن تي راضي ٿي،
نه طلبگارِ عز و جاه ٿجي.
عشق جي سلطنت سدا آهي،
بِره وارن جو بادشاه ٿجي.
پوءِ لهجي ٻين جي سار سنڀال،
پهرين پنهنجو ته خير خواه ٿجي.
ڪنهن جي ٿوري کي ڪين ٿورو سمجھه،
ڪهربا جي اڳيون ته ڪاه ٿجي.
عام بخشيش ڪجي برنگِ سحاب،
ڪين دريا ٿجي، نه واهه ٿجي.
بي گناهي نه ڪنهن وس آهي،
حفظ سان حق جي بي گناه ٿجي.
بادشاهي ملي فقير ٿجي،
جي فقيري ملي ته شاه ٿجي.
جي فقيري ته سر برهنه ڀَلو،
جي ٿجي شاه ڪج ڪلاه ٿجي.
لا زوالِ آهِه دين جي دولت،
ڪين دُنيا پُٺيان تباه ٿجي.
ڪونه اُن جهڙو آهِه ڪو عادل،
دَر ڌڻيءَ جي تي داد خواه ٿجي.
ڇڏ گناهن جي گس کي تائب ٿيءُ،
ڇو سُفيدي ڇڏي سياه ٿجي.
اي ”گدا!“ دل جي صدق نيت سان،
پنجتن پاڪ جو سِپاه ٿجي.

 


 


غنچهء زنبق: زنبق جي مکڙي – زنبق هڪ نهايت مست ڪندڙ خوشبوءِ وارو گل آهي، جو ڪنول جي گل جهڙو ٿيندو آهي – چنبيلي جي تيل کي به زنبق چوندا آهن. بينيءَ زيبا: وڻندڙ نَڪ. عَنبرِ سارا: هڪ نهايت خوشبودار عنبر جو قسم. گردنِ طائوس: مور جي ڳچي. گردن مينا: شراب جي گهگهيءَ جي ڳچي. تمغا: بادشاهي مُهر جو نشان.

دُشنام تاخ: تيز ۽ تِکيون گاريون. برق: وڄِ کنوڻ. آتشبار: باهه وسائيندڙ آه، چشم گريان: روئندڙ اک. وعده امروز يا فردا: صبحاڻي. فاقم: ڪپڙي جو قسم. سنجاب: ڪپڙي جو قسم. زربفت: ڪپڙي جو قسم. ديبا: ڪپڙي جو قسم. سَرس قُلزم: مصر ۽ مڪي جي وچ ۾ ڪوهه طور جي ويجهو هڪڙي شهر جو نالو، جنهن سمنڊ جي ڪناري تي هيءُ شهر آهي، اُن کي به هن شهر جي نالي پٺيان بحر قلزم چوندا آهن. يثرب: مديني شريف جو اڳوڻو نالو. بطحيٰ: مڪي شريف جي ويجهو هڪ ماٿريءَ جو نالو.

ناسخ: شيخ امام بخش، اُردو جو مشهور شاعر، سودا: مرزا محمد رفيع سودا، اردو جو مشهور شاعر آههِ الحق: بلڪل سچ. عين حق: خاق! خاص حقيقت- خدائي راز الحق: سچ پچ- يقين سان. عتبهء عالي: پاڪ آستانو – پاڪ چائنٺ

صفاهان: ايران جو هڪ مشهور شهر جنهن کي اصفاهان يا اصفهان به چوندا آهن. طوطيء: توت کائيندڙ پکي – طوطي اصل ۾ توتي جو معرب آهي جو بلبل جي رنگ جهڙو ۽ خوش آواز ٿيندو آهي.

نشيمن : آکيرو. سفلن: ڪمينن. اُستخوان: هڏا. اَهل تصوف: فقيري متي وارا. پلاس: سِڻي جو ٿلهو ڪپڙو. پَر نيان: هڪ قسم جو گلن وارو ريشمي ڪپڙو. ڪجل الجواهر: موتين جو سرمو – اهو سرمو جنهن ۾ موتي پيهي گڏيا ويا هجن. ڪهڪشان: اُها رستي وانگر سنئين ليڪ، جا آسمان تي ننڍن ننڍن تارن جي ميڙ سان برسات جي راتين ۾ پيدا ٿيندي آهي. هن کي ڪهڪشان انهيءَ لاءِ چوندا آهن، جوج ان ڦُٽل گاهه واري ليڪ سان مشابهت رکي ٿي، جا گاهه واري زمين جي وچ ۾ لتاڙڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي.

فغاني: فرياد ڪندڙ – هڪ مشهور فارسي شاعر جو تخلص. در آرزويء وصلش جان برلبم رسيد: اُن جي ميلاپ جي اُميد ۾ منهنجو ساهه چپن تي پهتو آهي. دمزني: ٻٽاڪ هڻڻ. رَوان: شعر ۾ تيز هلندڙ طبيعت.

دَستي: هٿري- مُٺ. شڪستي: ٽٽل –ڀڳل. اُجلاف: ڪمينا بدنسل. فواره: ڦوهاري وانگر. خستي: سڙيل-رُليل.

گُل آب: گل جو پاڻي يعني گلاب جو گل. مهرفزا ماه: سج کان وڌيڪ روشن جنڊ.

طره جانان: محبوب جا زلف. وا: پکڙيل – ٽڙيل. مشڪناب: ڪاري مشڪ. مُستفيض: فيض حاصل ڪيل. شيخ و شاب: پوڙهو ۽ جوان. متجاب: قبول –منظور.

”گدايء گوشه نشين“: ڪنڊ يا اڪيلائيءَ ۾ گذاريندڙ فقير. ماتم: فضل محمد ماتم، گدا جو همعصر شاعر.

آتيش عذار: باهه جهڙا ڳل. مانندِ شمع: موم بتيءَ وانگر. بصد عجز: سون عاجزين ۽ نيزارين سان.

شنگي: تيزي – بي پرواهي. ”وحده لا شريڪ له“ گويم: مان چوان ٿو ته خدا هڪڙو آهي ۽ ڪو به ان جو شريڪ ڪونهي. ڪارسازي: ڪم ٺاهڻ – مطلب پورا ڪرڻ.

لب جان بخش جانان: محبوب جو ساهه بخشيندڙ چپ. آب حيوان: اُهو پاڻي، جنهن جي پيڻ سان ماڻهو هردم جيئرو رهي ٿو. خورشيدِ رَخشان: چمڪندڙ سج. زرد روئي: هيڊو رنگ – شرمساري – ڦِڪائي. هرفرد: غزلن جي ديوان ۾ ڪو به هڪڙو شعر. ابرِنيسان: اپريل جي مهيني ۾ وسندڙ ڪڪر، جنهن ۾ موتي پيدا ٿيندا آهن. مزگان: پنبڻيون. برنگِ برق: وڄ وانگر – بجلي وانگر. پيزار: پيرن جي دَز يا خاڪ. جام صهبا: ڳاڙهي شراب جو پيالو. مي پرستان: شراب جا پوڄاري.

مضامين فهم: مضمونن کي سمجھندڙ ۽ پروڙيندڙ. معنيٰ ياب: معنيٰ حاصل ڪندڙ يعني علم لغت جو ڄاڻو. ”فدا“: علامه اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي – گدا شاهه جو همعصر شاعر.

سيم بر: چانديءَ کان وڌيڪ سهڻو. مُشڪ تبت جو: ٿٻيٽ علائقي جي مُشڪ.

مهر طلعت: اۡڀرندڙ سج. عنقا: سيمرغ – هڪ خيالي ۽ فرضي پکي – اُها شي، جنهن جو دُنيا ۾ ڪِٿي به وجود نه هجي. عدو الله: الله جو دُشمن.

علائق: علائقي جو جمع – لاڳاپا – تعلقات. بيشتر: حد کان زياده. تمام گهڻي. تهي دست: هٿين خالي.

طالع: بخت- نصيب. رشڪ: ريس. رُستم: هڪ مشهور بهادر جو نالو. سام: رستم پهلوان جي ڏاڏي جو نالو. زال: اهو ماڻهو جنهن جا ڄمڻ کان وٺي کان وٺي وار اڇا هجن. رستم پهلوان جي پيءُ جو نالو. مُشت زر: پيسن يا سونين اَشرفين جي مُٺ. حُسنِ مرصح: سينگاريل سنواريل سونهن. سِيم بَر: چانديءَ جهڙو سهڻو.

”در وقتِ شب، چو يار شود گلوه گر بباغ“ رات جي وقت جڏهن محبوب باغ ۾ اچي ٿو جلوو ڏيکاري. ڪورنش: آداب – سلام. بروج مشيده: مضبوط ۽ پائدار منارا. بروج، برج جو جمع آهي ۽ مشيده گچ ۽ چوني منجھان ٺهيل مضبوط عمارت کي چئبو آهي.

بَد خصال: بڇڙين عادتن وارو. شَر: فساد: حَذر: پرهيز ڪنارو. ڪڻس: ان کي-کيس. نعم النصير: نعمتن جو مددگار – بخشيش چو ساٿي. لطفِ لطيفي: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو لطف يا اِحسان.

صيادي: شڪاربازي

شيفته: عاشق – مَست – سودائي. قنادي: حلواين جو ڌنڌو – کنڊ ٺاهڻ جو ڪم. بِاليقين: يقين سان – ويساه سان – سچ پچ. بغدادي: بغداد جو بادشاهه يعني حضرت پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني. بنت العنب: انگور جي ڌيءُ يعني شراب.

مالزادي: مال ۽ دولت جي ڌيءَ

شيرين ڪلام: مِٺو ڳالهائيندڙ. دارالسلام : سلامتي جي جاءِ يعني بهشت. لبريز: ٽمٽار- ڪنن تائين ڀريل. نافع: نفعو پهچائيندڙ – فيض رسان. وضعدار: ناز ۽ نخري جو مالڪ.

اِشتهار: مشهور – ظاهر –پڌرو. ”اَلآ کمان آبرويک نظر کافي است“: اي پنبڻين جي ڪمان تنهنجي هڪ نگاهه ڪافي آهي. اِنڪسار: عاجزي – هيٺاهين. اِفتخار: فخر – وڏائي. قامت رعنا: سهڻو ۽ وڻندڙ قد.

منظورِ نظر: اکين کي وڻندڙ- پيارو محبوب.

مِهر فزا: سج کان وڌيڪ روشن. پريزاد: پرين جو اولاد – پرين جهڙو سهڻو. ناله فرياد: آه و زاري- روڄ راڙو. ايجاد: نئين پيدا. پز مرده: ڪومايل. مُرغ سحر: صبح جو پکي –نَر ڪڪڙ.

يُوسفِ ثاني: ٻيو يوسف يعني حُسن ۾ حضرت يوسف جو مٽ. گوش گذار: ڪنن تائين پهتل. پيام پنهاني: ڳجهو پيغام – لِڪل نياپو. مرواريد: موتي –گوهر. زماني: ڳاڙهي ڏاڙهون جهڙو. لا اُبالي: بي پرواه يا بي ڊپ فقير چَسپان: ٺهيل ٺڪيل. عُرياني: اوگهڙ. ”ياد موليٰ است از همه اَوليٰ“ : خدا  تعاليٰ کي ياد ڪرڻ هر ڳالهه کان بهتر آهي. تغافل: غفلت –سُستي.

تن آساني: آرام –عيش. عرفاني: معرفت جي رمز – خدائي راز. ارزان: سستي. ابجد: حروف تهجي –الف ب جا 28 اکر. خاقاني: ايران جو مشهور شاعر. ”منحصر شد بدادِ سجاني“: خدائي ڏنل ڏات تي دارو مدار رکي ٿي. دُر اَفشاني: موتي هارڻ. ”برسرش باد تاجِ سلطاني“: ان جي مٿي تي پادشاهي تاج ٿيو. ازبر: برزبان ياد. نعم النصير: نعمتون بخشيندڙ ۽ مددگار. لطف لطيف: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احسان. عُمراني: جناب رسول الله جي چاچي ۽ حضرت علي جي والد ابو طالب جو اصل نالو حضرت موسيٰ جي والد وانگر عمران هو، انهيءَ ڪري حضرت علي کي عمراني سڏيو ويو آهي. ”صدو سي سال عمرِ اوباشد“: هڪ سوَ ٽيهه سال ان جي عمر هجي. ”همدمش باد! فضلِ يزداني“: ان سان الله تعاليٰ جو فضل شامل هجي. شرفا نواز: شريفن کي نوازيندڙ. ذوالاڪرام: سخاوت جو مالڪ.

ڪهر با: هڪڙي قسم جي هيڊي رنگ جو کونئر جنهن کي ريشم يا چمڙي تي پينهڻ کان پوءِ گاهه يا ڪک کي اُن سان کڻي سگھبو آهي. برنگِ سحاب: جهڙ وانگر. حفظ: پناه- حفاظت. سر برهنه: مٿي اگھاڙو.ڪج ڪلاه: ڏنگي ٽوپيءَ وارو- تاج جو مالڪ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org