حيات “گدا”
خاندان
سيّد حاجي غلام محمد شاهه ”گدا“، صحيح النسب حسيني سادات هو،
جنهن جي باري ۾ پاڻ فرمائي ٿو:
اُن شاهه جي روضي جي سَدا مون کي زيارت،
آهي مُون حسينيءَ کي سَدا حُبّ حَسن جي.
* * *
دارين ۾ درڪار سندس مون کي حمايت،
آءُ آهيان حسيني ته ”گدا“ شاهه حَسن جو.
سندس حسب و نسب، اٺين اِمام علي رضا عليه السلام سان وڃي ٿو
مِلي، تنهنڪري پاڻ رضوي سادات ڪري سڏبا آهن، ۽
اهڙيءَ ريت سندن سلسلو سيّد مصري شاهه نصرپوريءَ ۽
شاهه عنايت رضويءَ سان وڃي ٿو ملي. سيّد مصري شاهه
سندس تمام ويجهي ۾ ويجهو مائٽ هو.
گدا شاهه جا وڏا، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾، خراسان
منجهان لڏي خدا آباد ۾ اَچي آباد ٿيا، جو اُن وقت
ڪلهوڙن جي قيامگاهه ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو.
گدا شاهه جو پڙ ڏاڏو سيّد بچل شاهه هڪ ڪامل ولي
الله، عالم، فاضل ۽ صاحب دل انسان هو، ڪيترا
عقيدتمند سندس روحاني زمري ۾ داخل ٿي، فيض
اِلاهيءَ جو اَبدي شرف حاصل ڪندا هئا. هن بزرگ
تمام وڏي ڄمار حاصل ڪئي. حتاڪ گدا شاهه جي جوانيءَ
جي آغاز جو زمانو به سندس پرورش ۽ عاطفت هيٺ
گذريو، ۽ گدا شاهه سندس هٿ تي بيعت ڪري، کانئس
روحاني فيض ۽ دل جي صفائي حاصل ڪئي. سندس طريقو
قادري هو، ۽ سيّد عبدالقادر جيلاني پير دستگير جي
روحاني فيض ۽ عظمت تان صدق دل سان قربان هو-جئن ته
گدا شاهه پاڻ فرمائي ٿو:
رک سلامت تون بچل شاهه منهنجي مرشد پير کي،
جڳ جي مرشد غوث اعظم اوليا جي واسطي!
سيّد بچل شاهه، مير بهرام خان شهيد وٽ اچي ملازمت اختيار ڪئي،
سندس پويان به حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن جي صحبت
۾ رهندا آيا.
ولادت
گدا شاهه جو والد بزرگوار سيّد حسن علي شاهه، مير نصير خان جي
زماني ۾، بچاراڻي ٽالپرن وٽ هڪ معزز عهدي تي ممتاز
هو. سن 1253هه، مطابق 1826ع، ميرن جي صاحبيءَ جو
اُهو سڳورو سال هو، جنهن ۾ هي سنڌي غزل گوئيءَ جو
آفتاب روشن ٿيو. سندس نالو غلام محمد شاهه رکيو
ويو. ولادت جي تاريخ هيٺئين قطعي مان، ”مظهر حق“
لفظ مان، نڪري ٿي:
ڇا سب، اڄ آيو آهي وجد ۾ چرخِ ڪهن،
خلد کان وڌ آهه پُر رونق سخن جي اَنجمن.
هن کان اڳ گذري ويا، جي شاعران باڪمال،
سڀ چون ٿا مرحبا، تربت منجهان ڦاڙي ڪفن.
سرنگون آهي فلڪ، گهورون ٿو گهوري آفتاب،
ڪنهن جي آمد سان ٿيو سر سبز سنڌيءَ جو چمن.
آهِه سو عالي نسب سيّد، محمّد جو غلام،
زندگي جنهن جيءَ جو مقصد، آهه مدحِ پنجتن.
”مير“، ”سانگي“ ۽ ٻيا اُستاد ٿا جنهن کي مڃن،
ظاهري نالو ”گدا“، باطن ۾ سلطان سخن.
جئن پُڇيم سال ولادت، تئن چيو هاتف ”رشيد“،
”مظهرِ حق“ ان جي سڀ تاريخ ٿا لکندا اَچن.
1253 هه
تعليم ۽ تربيت
گدا شاهه جي تعليم جي باري ۾ پورو احوال ملي نٿو سگهي؛ پر سندس
ڪلام مان ظاهر آهي ته پاڻ عربي، پارسي، سنڌي ۽
اردو ٻولين ۾ هڪ يگانو گوهر هو. سندس فارسي دانيءَ
جي ايتريقدر هاڪ هوندي هئي، جو ان وقت جا سڀ تعليم
يافتا ماڻهو کيس استاد ڪري تسليم ڪندا هئا.
جيتريقدر معلوم ٿي سگهيو آهي، ان موجب چئي سگهجي ٿو ته گدا شاهه
ابتدائي سنڌي ۽ قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي گهر ۾
پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ ڏاڏي وٽان حاصل ڪئي؛ فارسي
حيدرآباد جي شيراڻي آخوندن وٽان پڙهيو، جن منجهان
سندس همعصر شاعر مرحوم محمد بخش ”واصف“ جو استاد،
آخوند حاجي فقير محمد صاحب “عاجز” به هو-جنهن جي
باري ۾ گدا شاهه فرمائي ٿو:
اين جواب آن غزل ”عاجز“ گفت است ”گدا“،
”آه سوزان ز دل آندم که فرستم به سمک“.
آخوند ”عاجز“ صاحب، گدا مرحوم سان گڏ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ
پهريائين تپيدار هو، پر پوءِ گدا شاهه وانگر هن کي
به مير عبدالحسين ”سانگي“ وٽان وظيفو ملندو هو.
جيئن ته پنهنجي هڪ غزل ۾ ”سانگيءَ“ جي تعريف سان
گڏ ”گدا“ جي فضيلت جو به قائل ٿئي ٿو-فرمائي ٿو:
عبدالحسين مير ٿيو، سر چشمهء فيوض،
جهڙس سخا ۾ ناهه ڪو عالي جناب ڪٿ.
احمد عطا ڪريس خدا يار طول عمر،
ناهي سندس عديل ڪو گردون قبا به ڪٿ.
”سانگيءَ” جو شعر شيرين موزون و پُرنمڪ،
آهي ”گدا“ به صاف فضيلت ماب ڪٿ.
گدا شاهه فارسي تعليم باقاعدي حاصل ڪئي، پر عربي تعليم ۾، ڪن اڻ
ٽر مجبورين سبب، فضيلت جي دستار حاصل ڪري نه
سگهيو. ڪن رايتن موجب، عربيءَ ۾ سندس مطالعي جو
ساٿ علامه اسد الله شاهه ”فدا“ ٽکڙائيءَ کي حاصل
آهي، ۽ پاڻ آخر عمر ۾ کانئس عربيءَ جي ڪن فني
مسئلن لاءِ مشورو به وٺندو هو، جنهن جي باري ۾ پاڻ
فرمائي ٿو:
مضامين فهم، معنيٰ ياب، صائب فڪرت و فائق،
سلامت حق رکي هرجا ”فدا“ جهڙي سخندان کي!
جوانيءَ جو زمانو
گدا شاهه پنهنجي زماني جو هڪ زبردست عالم ۽ ڪيترن وڏن وڏن شاعرن
جو استاد هو. ڦوهه جوانيءَ ۾، مير ميرمحمد خان ولد
مير غلام علي خان جي ڳوٺ ۾ لڏي وڃي رهيو. مير صاحب
مٿس ڏاڍو مهربان هوندو هو، ۽ کيس ڪنهن به قسم جي
تڪليف پهچڻ نه ڏيندو هو. گدا شاهه سندس نوازشن جو
بي انداز قائل هو-جئن ته پاڻ فرمائي ٿو:
بادشاه هفت کشور باد يا رب تا بحشر،
صاحب جودو کرم مير محمد خانِ ما!
مير ميرمحمد خان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ مير شاهنواز خان،
جنهن کي پوليٽيڪل پينشن ملندي هئي، سو به گدا شاهه
جو حد کان زياده معتقد رهيو؛ پنهنجي دربار مان
سندس وظيفو مقرر ڪيائين، ۽ خاص موقعن تي قصيدن لکڻ
۽ ٻين مسرت خيز ڳالهين جي ڪري، کيس شاهاڻين خلعتن
۽ انعام و اڪرام سان نوازيندو رهيو-جئَن ته گدا
شاهه سندس باري ۾ هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:
شاهِ مردان جو نوازيل مير صاحب ”شهه نواز“،
جڳ ۾ هُئي جيئَرو سدائين يا جاه و جلال!
”سانگيءَ“ جي استاديءَ جو شرف
سيد گدا شاهه جڏهن مير ميرمحمد خان جي ڳوٺ ۾ اچي رهائش اختيار
ڪئي، تڏهن مير عبدالحسين خان ”سانگي“ به اتي اچي
سڪونت پذير ٿيو. ”سانگي“ سنڌ جي آخرين تاجدار مير
محمد نصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو
فرزند هو. سن 1268هه مطابق 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ پيدا
ٿيو؛ سندس والد اتي وفات ڪئي ۽ پاڻ پنهنجي چاچي
مير محمد حسن علي خان جي پرورش هيٺ بنگالي، اردو،
فارسي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين، ۽ سنڌي سنڌ ۾
اچي سکيو.
مير محمد حسن علي پنهنجي ڀائٽئي مير عبدالحسين ”سانگيءَ“ سان
گڏ، سن 1863ع ۾ آزاد ٿي، سنڌ ۾ آيو. سندس تخلص
”حسن“ هو. 26 ذيقعد سن 1240 هجري ۾ وفات ڪيائين.
شعر و شاعريءَ ۾ هن جو اُستاب به سيد گدا شاهه هو.
هن جي تصنيفات ۾ ”سنڌ جو شاهنامو“ هڪ خاص اهميت
رکي ٿو. گدا شاهه پنهنجي هڪ غزل جي آخر ۾ سندس
باري ۾ فرمائي ٿو:
فخر الملوڪ مير محمد حسن علي،
جنهن کي عطا ڪيو شوڪت و شان مرتضيٰ علي؛
مقبول مرثيا ۽ مناقب سندس ٿيا،
ڪيو زير حڪم اُن جي زمان مرتضيٰ علي.
گدا شاهه کان سواءِ، آخوند محمد قاسم هالائيءَ کي به مير حسن
علي خان جي اُستاديءَ جو شرف حاصل هو.
مير عبدالحسين ”سانگي“ گدو بندر کان ڏيڍ ميل ڏکڻ طرف، گدا شاهه
سان گڏ، مير ميرمحمد خان جي ٽنڊي ۾ اچي رهيو. سندس
رهائشگاهه کي عام ماڻهو ’ڪانپ‘ (ڪئمپ) ڪري ڪوٺيندا
هئا. چوهتر ورهين جي عمر ۾، سن 1924ع ۾، وفات
ڪيائين. سندس لاش سندس وصيت موجب ڀٽ شاهه تي، شاه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي پٺيان، هڪ کٻڙ جي وڻ
هيٺان دفن ڪيو ويو.
هيٺيان ماڻهو ”سانگي“ جا صحبتي ڪري شمار ڪيا وڃن ٿا:
(1) غلام محمد شاهه ”گدا“، جنهن کي ”اُستاد الشعراء“ جو شرف
حاصل هوندو هو. ”سانگي“ سندس باري ۾ فرمائي ٿو:
شاعر ته ”گدا“ آهي ۽ ٻيو ”حيدري“ آهي-
ٿئي طبع کان تن جي ڪو غزل اهڙو نمودار.
* * *
منهنجي جي هن نظم کي ڏسندو ”گدا“،
چوندو غزل اهڙو ضرور اي صنم.
(2) ميون وڏل علوي، ”حيدري“. سيدپور، تعلقي گونيءَ جو ويٺل هڪ
زبردست شاعر ۽ عالم هو. ”سانگيءَ” جي ديوان جي
پهرئين جلد جي تاريخ تصنيف لکي اٿس، جا هيٺ ڏجي
ٿي:
جڏ ٻُڌم پورو ٿيو ”ديوان سانگي“ بيمثل،
واسطي تاريخ جوڙڻ جي ڪئي منهنجي طبع تاڻ؛
با سر بيخواسته از لطف مون کي حيدري،
ٿيو آهي هاتف چيو ديوان سانگي ختم هاڻ.
(3) پير ميان علي محمد شاهه (علڻ سائين)، سجاده نشين درگاهه
جناب شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه-مير عبدالحسين خان
”سانگيءَ“ کي سندن مريد هئڻ جو شرف حاصل هو.
(4) پير ميان صاحبڏنو شاهه، سجاده نشين بارگاهه شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ وارو-گدا شاهه سندس فرزند محمد ظهور علي جي
تاريخ ولادت هيٺينءَ ريت لکي آهي:
بصاحبدنه شاه عالي جناب،
عطا کرد فرزند حق از کرم؛
”گدا“ سال توليدش از اسم او،
”محمد ظهور علي“ شد رقم. -1313 هه
پير صاحبڏني شاهه 19 رجب 1322 هجري، مطابق 13 جون 1914ع ۾ وفات
ڪئي.
(5) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ جا وڏا اصل
جارجيا يا گرجستان جا رهاڪو هئا. سندس والد مرزا
فريدون بيگ کي مير ڪرم علي خان جو هڪڙو ايلچي،
اِصفهان شهر مان، سيد مرتضيٰ شاهه وٽان وٺي آيو، ۽
مير ڪرم علي خان کيس پنهنجي خاص وزير مرزا خسروبيگ
جي پرورش هيٺ رکيو، جنهن وڏي هوندي کيس پنهنجي
دختر نيڪ اختر سان شادي ڪرائي. اُن منجهان ست پٽ ۽
ٻه نياڻيون پيدا ٿيس، جن مان ٽيون نمبر پٽ مرزا
قليچ بيگ هو.
مرزا قليچ بيگ، تاريخ 4 محرم سن 1270هه مطابق 1853ع ۾ پيدا ٿيو.
سنڌي، عربي ۽ پارسي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي
حيدرآباد ۾ آخوند شفيع محمد، آخوند ولي محمد ۽
قاضي حاجي احمد مٽيارين واري وٽان حاصل ڪيائين، ۽
پنهنجي والد بزرگوار وٽان ترڪي، فرينچ ۽ ٻين
ڪيترين مغربي ٻولين جي مهارت نصيب ٿيس.
حيدرآباد سنڌ جي سرڪاري هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪري، بمبئي جي
ايلفنسٽن ڪاليج مان بي. اي. جي سند حاصل ڪيائين.
وطن واپس ورڻ بعد، پهريائين کيس مختيارڪاريءَ جو
عهدو مليو، ۽ آخر ۾ ٽيهه ورهيه نوڪري ڪرڻ بعد،
ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي ۾، سن 1910ع ۾، پينشن مليس.
شاعري سندس خانداني ورثو هئي. ٻاراڻي وهيءَ کان
وٺي شعر چوندو هو. نظم توڙي نثر جي موضوع تي ننڍا
وڏا ڪل ٻن سون کان مٿي ڪتاب لکيائين. سرڪار
برطانيه، سندس علمي خدمتن جو اعتراف ڪندي، کيس
”شمس العلماء“ جو لقب ڏنو.
مير ”سانگي“ ۽ ”گدا“ مرحوم سان سندس خاص صحبتون هونديون هيون،
ٻيئي ڄڻا کيس نهايت عزت ۽ احترام جي نگاهه سان
ڏسندا هئا-جئن ته مير ”سانگي“ سندس باري ۾ فرمائي
ٿو:
شاعر عالي دماغ آهي اهو مرزا ’قليچ‘،
سر زمين شعر ۾ جنهن کي ٿيو ڪلي اقتدار.
اهڙيءَ ريت سيد گدا شاهه به، سندس هڪ غزل جو جواب لکندي، کيس
هيٺين ريت ياد ٿو فرمائي:
هي جواب حضرت مرزا ’قليچ‘،
رمز ڳولج تحتها الا نهار ۾.
مرزا صاحب، گدا شاهه سان گڏ، ”سانگيءَ“ جي ڪيترن مشاعرن ۾ شرڪت
ڪئي ۽ ڪيترن غزلن تي گڏجي طبع آزمائي
ڪيائون-مثلاً:
ماڻا ڪري نه مار، سڄڻ تون ذري ذري،
پاڻان نه ڪر پيارل، مون کي پري پري.-الخ (قليچ)
* * *
آءُ اي عجيب منهنجا تون مون وٽ ذري ذري،
پيارا تون هڪڙو پل نه ٿي، مون کان پري پري.-الخ
(گدا)
مرزا قليچ بيگ پنجهتر ورهين جي عمر ۾ 3 جولاءِ، 1929ع ۾ وفات
ڪئي.
(6) آخوند لطف الله ”لطف“ حيدرآبادي. آخوند لطف الله ”لطف“،
”واصف“ مرحوم جي استاد حاجي فقير محمد “عاجز” جو
سڳو سوٽ، ۽ شيراڻي آخوندن مان هو. سنڌي، اردو ۽
فارسي ٻولين ۾ زبردست مشق ۽ مهارت حاصل هيس. ترجمي
جي فن ۾ ته هڪ يگانو گوهر هو. جهڙيءَ ريت اردو
زبان ۾ نثر مقفيٰ ۾ لکيل مرزا رجب علي بيگ ”سرور“
جو ڪتاب ”فسانهء عجائب“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، تهڙيءَ
ريت هن صاحب به انهيءَ ساڳئي ڪتاب کي، ”گل خندان“
جي نالي سان، سنڌي ٻوليءَ جو اهو وڳو ڍڪايو آهي،
جو ڪنهن کي به ائين چوڻ جي همت نٿي ٿئي، ته ڪو اهو
ڪتاب ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ تان ترجمو ڪيو ويو آهي؛ ۽
نه وري سندس زبان جي سلاست ۽ مخاورن جي بندش
منجهان ترجمي جو رنگ ظاهر ٿئي ٿو، نه فقط موجوده
دور ۾، پر آيندي ڪيترن نسلن تائين، انهيءَ ڪتاب جي
رنگينيءَ ۽ فصاحت جو جواب پيدا ڪرڻ، ڏونگر ڏارڻ جي
برابر آهي.
(7) سيد عبدالحسين هندوستاني- جنهن کي دهليءَ مان خاص انهيءَ
مقصد سان گهرايو ويو هو، جو هو اُردو ۽ پارسي
ٻولين ۾ نهايت پرگو ۽ شستو شاعر هو. ”سانگي“ جي
دربار مان کيس ماهوار پگهار ملندو هو، ۽ سندس اردو
۽ فارسي غزلن جي اصلاح هن جي ذمي هوندي هئي.
(8) آخوند محمد قاسم هالاڻي: خليفي گل محمد هالاڻيءَ جو عزيز،
سن 1221 هجري مطابق 1806ع ڻ هالن پراڻن ۾ ڄائو.
سنڌي، اُردو، عربي ۽ فارسي ٻولين جو زبردست عالم
هو. پهريائين تپيدار هو، پر پوءِ نوڪري ڇڏي،
حيدرآباد شهر ۾ ڪورين جي پڙ ۾ اچي رهڻ لڳو.
ابتدا ۾ هزهائينس مير حسن علي خان کيس ’اُستاد الشعراء‘ جي لقب
سا نوازيو، ۽ مير صاحب جي ڪلام جي اصلاح جو ڪم هن
پنهنجي هٿ ۾ کنيو؛ ان جي وفات کان پوءِ مير
عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ وٽ رهندو هو، ۽ ميون وڏل
”حيدري“ ۽ سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ سندس خاص
همعصر ۽ هم-صحبت هئا. پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾، سن
1881ع ۾، حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس تصنيفن
منجهان “ديوان قاسم” خاص اهميت رکي ٿو.
(9) سيد غلام مرتضيٰ شاهه، ”مرتضائي“: ٺٽي شهر جو رهاڪو، رضوي
ساداتن مان هو. هن جا وڏا به سيد گدا شاهه جي وڏن
وانگر خراسان منجهان سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيا هئا. سيد
مرتضائي، عربي ۽ پارسيءَ جو ڄاڻو ۽ زبردست شاعر
هو. آنريبل مير الهه بخش خان جاگيردار، ٽنڊي محمد
خان وارو، کيس گهر ويٺي مقرر لوازمو پهچائيندو هو.
گدا شاهه سان خاص دوستي ۽ خط و ڪتابت جو رستو
هوندو هوس- جنهن جي باري ۾ ”گدا“ پنهنجي هڪ
مثنويءَ ۾ فرمائي ٿو:
سيادت منزلت، والا همم شاه،
غلام مرتضيٰ سيد و ذيجاه؛
شريف ٺٽوي سيد سخندان،
قدردان نامور منهنجو مهربان؛
ڪري تنهن مهرباني لا نهيت،
مُڪو هڪ نامه رنگين بغايت.
سندس تصنيفات منجهان ”مثنوي يوسف زليخا“ خاص اهميت رکي ٿي.
(10) فضل محمد، ”ماتم“: حيدرآباد سنڌ جو ويٺل، ”گدا“ ۽
”سانگيءَ“ جو خاص صحبتي هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي
ٻولين تي خاص عبور حاصل هوس. هن جا لکيل مرثيا اڄ
به محرم جي مجلسن ۾ ڏاڍي سوز ۽ گداز سان پڙهيا
ويندا آهن. ”سانگي“ سندس باري ۾ فرمائي ٿو:
آهه با فضلِ محمّد شعر ”ماتم“ جو مِٺو،
دل سندس آهي، غمِ آلِ عبا ۾ داغدار.
گدا شاهه ته سندس تعريف جا خاص ڍڪ ڀريا آهن، ۽ چپي چپي
تي کيس ساراهيو اٿس-جئن ته فرمائي ٿو:
”گدا“ جو هي ته غزل لاجواب آهِه، اگر،
قبولِ خاطرِ ”ماتم“ اِهو جواب ٿئي.
* * *
”ماتم“ اَدا، ”گدا“ جي سوا ڪنهن جي ڇا مجال،
هِن شعر جي جواب جو ميدان سَر ڪري.
* * *
رمز دانِ سخن ميان ”ماتم“،
معتقد منهنجو باوفا آهي.
هڪڙي هنڌ گدا شاهه پنهنجي ۽ ”ماتم“ جي
حيدرآبادي هئڻ تي فخر ظاهر ڪيو آهي: اهو ڪو معمولي
اشارو نه آهي، پر حيدرآباد جي معياري زبان جو شرف
آهي، جو کين حيدرآبادي سڏائڻ تي فخر محسوس ڪرائي
ٿو-
آهِه ”ماتم“ منهنجو مونس باليقين،
هر دو آهيون حيدرآبادي اَدا.
(11) سيّد غلام مجتبيٰ شاهه، ”مجتبائي“. گدا شاهه جي
خاص محبن ۽ همعصرن مان هو. ’ڪليات گدا‘ ۾ جا بجا
سندس تعريف آيل آهي. سندن ڳوٺ عامري ضلعو دادو هو:
اي ”مجتبائي“، توکي ”گدا“ آفرين چوي،
ذڪر خدا کان بند تون پنهنجي زبان نه ڪر.
* * *
عديم المثل ٿيندو ”مجتبائي“،
فصاحت ۾ بلاغت ۾ بيان ۾.
* * *
هڪڙو ”مخلص“، ٻيو ”مجتبائي“ شاهه،
اي ”گدا“ منهنجا دوستدار ٻئي.
(12) حافظ حاجي حامد ٽکڙائي: حيدرآباد جي ٽکڙ شهر ۾
پيدا ٿيو، جنهن کي عام طرح ’سيّدن جي وَسي‘ ڪري
ڪوٺيندا آهن. ٽن ورهين ۾، ماتا جي بيماريءَ ڪري،
سندس اکين جي بينائي موڪلائي ويئي. قرآن مجيد
مديني منور ۾ وڃي حفظ ڪيائين، ۽ ٻه حج پڙهي وطن
واپس وريو. عربي ۽ فارسي تعليم، درس ولي محمد
ملاڪاتيار واري ۽ قاضي ابوالحسن ٽنڊي سائينداد
واري کان پنهنجي خدا داد حافظي جي زور تي حاصل
ڪيائين. سن 1315هه ۾، مڪان جاريلي رياست جوڌپور ۾
وفات ڪيائين. سندس ڪيترو ڪلام ضايع ٿيل آهي؛ فقظ
مختصر مجموعه ”ارمغانِ حامد“ جي نالي سان سندس
صالح پوٽي محترم محمد خان ”غنيءَ“ ڇپائي پڌرو ڪيو
آهي، جنهن منجهان سندس بزرگيءَ ۽ شاعرانه عظمت جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
حافظ حامد صاحب جي بزرگيءَ ۽ شاعرانه عظمت جو سانگيءَ توڙي گدا
شاهه ٻنهي کي اعتراف هوندو هو، ۽ سندس ڪيترين مصرع
طرحن تي ٻنهي استاد ۽ شاگردن ڪيترا غزل تيار ڪيا
آهن- جئن ته سانگي چوي ٿو:
تنهن کان پوءِ چئجن وري ”حامد“ سندس اشعار خاص،
جي آهن تسبيح جئن پوتل، چُون دُر- شاهوار.
(13) محمّد هاشم، ”مخلص“: حاجي حافظ حامد جو فرزند، بلوي کان ٽي
سال پوءِ، سن 1860ع مطابق 1278هه ۾، تولد ٿيو.
پنهنجي والد جي زيرسايي سنڌي، فارسي ۽ قدري عربيءَ
جي تعليم حاصل ڪيائين. سڄي عمر صحافت ۽ شعر و
شاعريءَ ۾ صرف ڪيائين، ۽ ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو
ايڊيٽر ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾، قانون جي خلاف ورزيءَ
ڪري، کيس ڳچ وقت رياست جوڌپور ۾ روپوش به رهڻو
پيو. سن 1924ع ۾ ميرپور خاص ۾ ”مسلمان“ اخبار جو
ايڊيٽر ٿيو، ۽ بعد ۾ اُن اخبار واري پريس سندس
ڀائٽئي محمّد خان ”غنيءَ“ خريد ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ هي
صاحب به پنهنجي والد وانگر اکين جي بصارت وڃائي
ويٺو، ۽ تاريخ 12 شوال سن 1352هه مطابق 2 فيبروري
سن 1934ع ۾ خميس ڏينهن ميرپور خاص ۾ وفات ڪيائين.
”مخلص“ ، گدا شاهه جي مخلص شاگردن منجهان هڪ هو. گدا شاهه جو
مٿس ڏاڍو پيار هوندو هو- جئن ته چوي ٿو:
هڪڙو ”مخلص“ ٻيو ”مجتبائي“ شاهه،
اي ”گدا“ منهنجا دوستدار ٻئي.
* * *
هن غزل جو جواب ”مخلص“ من،
دير ڪر ڪين ڏي سگهو، ڪر جهٽ.
* * *
”مخلصا“ ڏي ”گدا“ جو جلد جواب،
بي دل منهنجو هي غزل آهي.
”مخلص“ جي نه فقط ”گدا“
مرحوم سان سنگت هئي، پر اُن جي همعصر دوستن مان به
گهڻو ڪجهه پرايائين. جنهن جو ثبوت اسان کي خود
سندس ڪلام مان ملي ٿو- جئَن ته ”مرتضائي“ جي باري
۾ لکي ٿو:
”مخلصا“ اَڄ ”مرتضائي“ هي غزل منهنجو ڏسي،
لاشڪ و لاريب خوش ۽
شادمان ٿيندو ادا.
”مجتبائي“ کي هيٺين ريت ٿو ياد ڪري:
رهي جو عامريءَ ۾ مجتبائي شاهه اي ”مخلص“
سدا گهرجي ڪرڻ تنهن مطلع الا نوار جي صحبت.
”مخلص“ گدا شاهه جي مليل مصرع طرحن تي ڪيترا غزل چيا آهن، ڪيترن
۾ گدا جو نالو به ڪم آندو اٿس- جئَن ته:
عجب مصرع گدا جي آهه ”مخلص“،
”خدا جي گنج جو گوهر محمّد“.
* * *
اُستاد ”گدا“ سچ چيو اي ”مخلص“ آهي:
”اشرف جو مَٽ ڪين ڪڏهن ٿيندو آراذل“.
* * *
”گدا“ اُستاد منهنجو بي نظير آهه-
سخن ۾، نظم ۾، طرز بيان ۾.
* * *
اسين گدا شاهه جا آهيون شاگرد،
فخر شعراي روزگار آهيون!
* * *
هيءَ ”گدا“ جي ٿي وڻي مصرع مون کي ”مخلص“،
”غرق ٿيس تنهنجو ڏسي، چاهه زنخدان آءُ“.
گدا جي پاڻ وٽ تشريف آوريءَ جي موقعي تي خوش ٿي چوي ٿو:
اَڄ گدا شاهه رونق آفزا ٿيو،
منهنجو اُستاد قدردان آيو؛
جت وڃي ٿو، اُتي چوي هرڪو:
هي اجهو خوش بيان آيو!
سير و سفر
گدا شاهه نه فقط سنڌ ۾ گهميو، پر هندوستان، ايران ۽ عربستان جو
به سير ڪيائين؛ ڪابل وڃڻ جو ارادو هوس، پر ڪن سببن
ڪري ترڪ ڪري ڇڏيائين- جئن ته پاڻ فرمائي ٿو:
”گدا“، شاهه نجف جي ڪر زيارت،
ڪڍي ڇڏ دل مان شوق ڪابل.
ان کان پوءِ سگهو ايران ۽ عراق ڏانهن روانو ٿيو، ۽
ڪربلا معلّيٰ، شاهه نجف، مشهد مقدس، ڪوفي، بغداد،
ڪاظمين ۽ ٻين سڀني امامن ۽ ولين جون زيارتون ڪري،
ڪربلا معّليٰ جو زوار بنجي ويو.
لس ٻيلي جي حاڪم ڄام حاجي مير خان سان گدا جي ڏاڍي پريت
هوندي هئي. هڪ ٻه دفعا لس ٻيلي ۾ سندس تختگاهه
”اُٿل“ ۾ به ويو، ۽ ساڻس گڏجي ڪعبته الله شريف جو
حج به پڙهي آيو- جنهن جي باري ۾ فرمائي ٿو:
ڏٺو مون سنڌ ساريءَ کي ڪراچي مان وڃي ڪعبي،
ڏٺو مون ڪيترا ڀيرا سڄڻ جي لاءِ لس ٻيلو.
ڄام صاحب به گدا شاهه کي گهر ويٺي پيو لوازما پهچائيندو
هو، ۽ گدا شاهه کي به ساڻس ڏاڍو قرب ۽ عقيدت هوندي
هئي- جئن ته سندس باري ۾ لکي ٿو:
جام صاحب مير خان سلآ کيون نه هو راضي خدا،
جس کلآ عدل و معدلت سلآ مُلک ’لَس‘ آباد هلآ.
جنهن وقت انگريزن ڄام مير خان کي نظربند ڪري ڪوئٽيا ۾
رکيو، ۽ حڪومت جي انتظام لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر
ڪيائون، تڏهن گدا جي دل کي سخت صدمو پهتو- جئن ته
هڪ هنڌ دعا ڪندي فرمائي ٿو:
يا اِلهٰي تو پهر حکومت دلآ،
جام صاحب غريب پرور کو؛
فتح و نصرت نصيب هو دائم،
اُس عظيم الوقار سرور کو!
اهڙيءَ ريت هڪ فارسي قصيدي ۾ کيس هيٺينءَ رت ٿو ياد ڪري:
خادمِ آلِ محمّد جام صاحب مير خان،
گلبنِ باغِ سخا و فيض بخش و نڪته دان؛
يا ورش در هر دو عالم مصطفيٰ و مرتضيٰ،
دستگيرش غوث اعظم حماء اُفتاد گان.
* * *
جام صاحب مير خان والا همم عالي بتار،
تمادم صبح قيامت ياد باصد افتخار؛
دشمنانش را بود درد و غم و رنج و الم،
دوستانش را نگار عيش و عشرت هم کنار!
گدا ٻيو ڀيرو به حج تي ويو، جنهن ۾ سندس ساٿي مير حاجي
نور محمد خان هو، جو هزهائينس مير حسين علي خان جو
فرزند هو. 11 شوال سن 1279 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽
سال 1927ع ۾ ڪربلا معليٰ ۾ وفات ڪيائين. اسان جي
محترم دوست مرزا گل حسن ”اَحسن“ ڪربلائيءَ جو بيان
آهي ته هڪڙو ڀيرو هو به ساڻس گڏجي ڪربلا معليٰ جي
زيارت لاءِ ويو هو. نهايت متقي ۽ پرهيزگار شخص هو.
سندس پرهيزگاريءَ جو اهو عالم هوندو هو، جو هر
نماز جي وقت غسل ڪري، ڪپڙا بدلائي، نماز پڙهندو
هو. سندس چاکڙيون نماز جي وقت ڌوپجي صاف ٿينديون
هيون، ۽ پوءِ وري انهن کي ڌوئي مٿي ڇت تي ٽنگي
ڇڏيندو هو. گدا شاهه انهيءَ حج جو ذڪر، پنهنجي
همسفر رفيق آخوند حاجي غلام محمد جي چوڻ تي،
مثنويءَ جي صورت ۾ لکيو آهي، جا ”ڪلياتِ گدا“ ۾
موجود آهي. ان ۾ هزهائينس حاجي مير نورمحمد خان جي
باري ۾ لکي ٿو:
اسان جي قافلي ساري جو سالار،
سخي نور محمد خان هو سردار؛
اها نعمت خدا ان کي عطا ڪئي،
مدد ان سان محمد مصطفيٰ ڪئي.
انهيءَ حج ڪرڻ کان پوءِ به، گدا مرحوم جي دل ۾ آخر دم
تائين حرمين شريفين جي دوباره زيارت ڪرڻ جو شوق
رهيو- جنهن جي باري ۾ فرمائي ٿو:
اٿم هيءَ آرزو هردم، ڪري پنهنجو ڪرم ڪامل،
در دولتسرا جي شل وري چانئٺ چمائيندا.
وڃي پؤ پيش تن جي جيڪي آهن آل پيغمبر،
اُهي فياض فائق توکي موليٰ سان ملائيندا.
* * *
”گدا“ جي آهه ايءَ اميد دل جي،
وري ڏيکاري پنهنجو در محمد.
* * *
رک سدائين سڪ تون حرمين جي،
شوق ڪر همراه، ڏس بيت الحرم.
اولاد
گدا شاهه جي شادي پنهنجن ويجهن عزيزن منجهان هڪ نهايت خوبصورت
پاڪدامن ۽ پارسا عورت سان ٿي هئي، جا پڻ فارسي
زبان جي چڱي ڄاڻو هئي، ۽ گدا شاهه جي ساڻس ڏاڍي
پريت هوندي هئي. ان منجهان کيس ٻه فرزند تولد ٿيا،
جن منجهان هڪڙو پرڻيو ۽ ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿيو، ٻيو
اڃا ڪنوارو هو: گدا شاهه وٽ فارسيءَ ۾ سڪندر نامو
پڙهندو هو، ۽ پيءُ جو ساڻس اهڙو پيار هوندو هو.
جهڙو يعقوب جو پنهنجي يوسف سان...... مگر افسوس،
جو زماني جي انقلاب ۽ چرخ بي پير جي ستم هن پير
سال گدا کي پيريءَ ۾ اهڙو سخت صدمو پهچايو، جو ان
جي بيان ڪرڻ جي نه زبان کي طاقت آهي ۽ نه قلم کي
قدرت. پهريائين ته سندس پوٽا ۽ پوٽيون اجل جي آواز
کي لبيڪ چئي وڃي جنت ۾ آرامي ٿيا؛ ۽ بعد ۾ ٻئي
فرزند ارجمند به- جي سندس پيريءَ جي عصا ۽ اکين جو
سوجهرو هئا- هڪ ٻئي پٺيان کيس داغ مفارقت ڏيئي،
وڃي ابدي آسائش حاصل ڪيائون.
گدا شاهه جي اميدن جي دنيا ۾ هرطرف انڌيرو ڇانئجي ويو ۽ پاڻ کي
زنده درگور تصور ڪرڻ لڳو؛ پر تنهن هوندي به امام
حسين عليه اسلام جي جانگداز واقعات تي نظر ڪري،
صبر جي دامن کي مضبوط ڪري جهليائين ۽ ان تي آخر دم
تائين پابند رهيو- جئن ته پاڻ فرمائي ٿو:
اولاد آهين سيد صابر حُسين جو،
ڪر ”مصطفائي“ صبر تون هن خشڪ سال ۾.
حليو مبارڪ
گدا شاهه قدآور، بُت ۾ ڀريل ۽ شڪل صورت جو نهايت حسين هوندو هو.
آخر دم تائين به سندس ڳل گلاب جي گل وانگر لعل ۽
ٽڙيل رهيا. چپن تي سدائين مُرڪ هوندي هيس. هميشہ
سائو ڦيرئون پٽڪو ٻڌندو هو، ۽ ڪاري کٿي ۽ موڱي
چادر ڪُلهن تي هوندي هيس.
مذهب
ڪن وقتن تي شاعر شعر نه چوندو آهي، بلڪ پنهنجي ۽ پنهنجيءَ قوم ۽
وطن جي مستقبل جي تاريخ بيان ڪري ڏيکاريندو آهي.
ان منجهان نه فقط عام معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي، پر
قوم جي مذهبي، اخلاقي ۽ معاشرتي تعمير ۾ به ڪافي
مدد ملي ٿي. مرحوم گدا شاهه جي ڪلام پڙهڻ سان اسان
کي معلوم ٿو ٿئي ته هو حسيني سادات مان هو. پان
فرمائي ٿو:
اُن شاهه جي روضي جي سدا مون کي زيارت،
آهي مون حُسينيءَ کي سدا حُب حَسن جي.
* * *
دارين ۾ درڪار سندس مون کي حمايت،
آءُ آهيان حُسيني ته گدا شاهه حَسن جو.
اهڙيءَ ريت، گدا جي مذهب جي خبر به سندس ڪلام مان تمام چٽيءَ
طرح پئجي سگهي ٿي. عام طرح اهو خيال ڪيو ويندو آهي
ته گدا مرحوم شيعو هو؛ مگر هروڀرو ائين نه آهي.
مون کي پنهنجي محترم دوست مرزا گل حسن ”احسن“
ڪربلائيءَ ٻڌايو ته اها ساڳي مذهبي ڇڪتاڻ مير
عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ سان به ٿي- يعني جنهن وقت
مير حسن علي خان جي وراثت جو سوال اٿيو، تڏهن سندس
وارث جو اهل سنت و الجماعت جو معتقد هئڻ سڀ کان
مقدم هو. مخالف ڌر سانگي صاحب کي ڪٽر شيعي ثابت
ڪرڻ لاءِ خود سندس ڪلام پيش ڪيو، جنهن تي کيس ڪورٽ
۾ تمام گهڻا ڪنڊا ڪڍڻا پيا، ۽ زبردست تاويل کان ڪم
ورتائين.
اهو به وقت هو، جڏهن علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ (وائيس چانسلر سنڌ
يونيورسٽي) جي والد بزرگوار قاضي امام علي صاحب
کان سانگي مرحوم جي مذهب بابت پڇا ڪئي ويئي، ته
فرمايائون ته ”هو اهل تشيع منجهان آهي، ڇاڪاڻ ته
اسان جي پاڙي واريءَ مسجد اچڻ وقت هٿ کولي نماز
پڙهندو آهي.“ مگر جڏهن آخوند محمد قاسم هالائيءَ
کان پڇا ڪئي ويئي، ته فرمايائين ته ”سانگي صاحب
اهل سنت والجماعت جو ماڻهو آهي، ۽ مون سان گڏ
هميشہ هٿ ٻڌي نماز پڙهندو آهي.“ پر پوءِ اهو وقت
به آيو، جڏهن سانگي صاحب تي اهڙي قسم جي حرف زني
ڪرڻ جي ڪنهن کي به جرات نه هئي. اهو ساڳيو معاملو
گدا شاهه مرحوم سان به آهي. اسان جي محترم دوست
ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب ”خليل“ جو بيان آهي ته
”ننڍپڻ ۾ جڏهن آءُ ٽنڊي محمد خان ۾ گنگارام جي
اسڪول ۾ سنڌي پڙهندو هوس، تڏهن پنهنجي والد
بزرگوار سان حيدرآباد ۾ گدا شاهه جي پاڙي ۾ اچڻ
ٿيندو هو. پاڻ ان وقت اُلهندي ڪچي ۾ رهندو هو. سيد
ابراهيم شاهه ۽ سيد حسن علي شاهه وارا سندس سوٽ
ماسات آهن، ۽ سندس اهڙو ساڳيو رشتو سيد مصري شاهه
نصرپوريءَ سان به ملي ٿو اچي. جيئن ته اهي سڀ
سادات سُني عقيدن جا آهن، تنهنڪري گدا شاهه مرحوم
جي سُني هجڻ ۾ به ڪو شڪ ڪونهي“.
ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ”مون گدا شاهه مرحوم کي ڏٺو هو، مگر
ٻاراڻي وهيءَ جي ڪري ياد نٿو اچي ته پاڻ ڪهڙي
عقيدي جو مالڪ هو“.
راقم الحروف، سيد حسن علي شاهه سان به ملاقات ڪئي. شاهه صاحب جن
هن وقت نهايت پيرسن آهي، ۽ سندس قوت بينائي ختم ٿي
چڪي آهي: سو مون جڏهن شاهه صاحب جن کان گدا شاهه
مرحوم بابت پڇا ڪئي، تڏهن رمضان شريف جي روزي جي ۽
پيريءَ جي ضعف هئڻ سبب ڪا خاص معلومات حاصل نه
ڪرائي سگهيا؛ فقط گدا مرحوم جي علم، بزرگيءَ، صوم
و صلوات جي پابنديءَ ۽ ساديءَ طبيعت جي تعريف ڪندا
رهيا.
انهن سڀني ڳالهين منجهان ثابت آهي ته گدا مرحوم جا وڏا ۽ سندس
ٻيا رشتيدار اهل سنت و الجماعت جا معتقد هئا، ۽
آهن. گدا شاهه پاڻ به جڏهن حيدرآباد جي اُلهندي
ڪچي ۾ رهندو هو، تڏهن سُني عقيدن جو بلڪل سختيءَ
سان پابند هو؛ پر جڏهن اتان لڏي ٽنڊي آغا ۾ وڃي
رهيو، ۽ اتان جي اثناعشري حضرات سان گڏ اٿڻ ويهڻ
ٿيس، تڏهن پنهنجي ڪلام ۽ عقيدن ۾ به تبديلي
آندائين. انهيءَ هوندي به، گدا مرحوم کي رافضي
ڪنهن به حالت ۾ سڏي نٿو سگهجي، ڀل ته ڪي حضرات کيس
تفصيلي ڪري ڪوٺين، پر مان ته ائين چوندس ته گدا
مرحوم سُني شيعي جي فروعي مسئلي کان بلڪل آزاد،
سچو صوفي ۽ پڪو مسلمان هو- ۽ اهي سڀ ڳالهيون خود
سندس ڪلام منجهان ظاهر آهن، جن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي
ڪابه ضرورت ڪانهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ته گدا شاهه کي اهلبيت ۽ اَئمه عليهم
السلام سان حد کان زياده عقيدت ۽ محبت هئي-
اي مومنو، جي آهيو محمّد جا اُمتّي،
لازم اَدب اوهان تي ٿيو اُن جي آل جو.
* * *
اهلبيتن جي حب رک دل ۾،
مرد مومن ٿي، مُرتضائي ٿي.
شاهه مردان جي مدح خوانيءَ ۾،
عمر منهنجي سڄي سجائي ٿي.
اي ”گدا“ منهجي آهه ايءُ اُميد،
آئون ڪريان شڪر ڪربلائي ٿي!
* * *
ڪندو مشڪل مڙيئي منهنجا آسان،
اميرالمومنين شاهِ ولايت.
* * *
روز محشر جي شبّرو شبّير،
شل ڪندا مون کي رُستگار ٻئي!
ساڳئي وقت، پاڻ اصحاب سڳورن ۽ سيد عبدالقادر جيلاني
پيران پير جي به مدح سرائي ڪئي اَٿس- جيئن ته مير
خدا داد خان کي دُعا ڪندي فرمائي ٿو:
خدا داد خان مير عالي تبار،
اِلاهي بود در جهان پائدار!
بحقّ محمّد نبيُّ الا نام؛
عليہ الصلواة و عليہ السّلام؛
بحّق اَبابڪر والا همم؛
بحق امير عمر ذواڪرم؛
به اعزاز عثمان عالي وقار؛
به اڪرام حيدر شہِ ذوالفقار؛
بحّق حُسين و بحقّ حَسن؛
بود زير حڪمش زمين و زمن!
* * *
اي ”گدا“ بادشاهه محي الدين،
سڀ ولين جي آهه سر جو ڇٽ.
* * *
غوث الاعظم جناب جيلاني،
آهه مرشد سندم شہ بغداد.
اخلاق ۽ عبادتون
گدا شاهه، هڪ سچو مومن مسلمان ۽ پيغمبر عليہ الصواة والسّلام جو
سچو پچو عاشق هو. ”ڪلياتِ گدا“ ۾ اهڙو ڪوبه غزل
ڪونهي، جنهن ۾ هڪ ٻه شعر سرورِ ڪائنات يا اهلبيت
سڳورن جي تعريف ۾ نه چيا ويا هجن. روزي ۽ نماز جو
نهايت سختيءَ سان پابند هو، ۽ هر وقت حلال جي
روزيءَ جو خواهان هو. پاڻ فرمائي ٿو:
مولا، محابي مير محمّد جي ڪر عطا،
سائل ”گدا“ سدا ٿيو رزقِ حلال جو!
جيتوڻيڪ گدا کي اميرن ۽ نوابن وٽان سندس مقرر ڪيل
لوازمات ۾ ڌن ۽ دولت جام پيو ملندو هو، پر تنهن
هوندي به سادگي هميشه سندس شيوو رهيو هو. سندس
دستر خوان امير توڙي غريب لاءِ هر وقت هڪجهڙو
ڪشادو هوندو هو، ۽ پاڻ وٽ ڪپڙي گنديءَ کان سواءِ
ڪجهه به بچائي نه رکيائين. هر وقت ائين فرمائيندو
هو:
کاءُ، کاراءِ دولتِ دُنيا،
اڄ تنهنجي ۽ سڀان پرائي ٿي.
حق جو سچو عاشق هو، عشقِ مجازيءَ کي عشقِ حقيقيءَ جي
تجليّ ڪري ڄاڻندو هو. ظاهر ۾ گدا هو، پر باطن ۾
شاهه هو. پاڻ فرمائي ٿو:
فقيريءَ ۾ ڪري ٿو بادشاهي،
”گدا“ شاهن کان وڌ پنهنجي مڪان ۾.
وفات
سيد حاجي غلام محمد شاهه ”گدا“، اَٺهٺ ورهين جي عمر ۾، تاريخ 4
ذوالقعد سن 1322 هجري، مطابق 11 جنوري سن 1905ع، ۾
حيدرآباد سنڌ ۾ وفات ڪئي، سندس لاش مبارڪ ٽنڊي آغا
جي قبرستان ۾ هڪ گمنام هنڌ تي دفن ڪيو ويو- مگر،
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا! - (شاهه)
”گدا“ ۽ ”سانگي“
سيد گدا شاهه جو روح پُر فتوح، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي
انهيءَ احسان کي ڪڏهن به وساري نه سگندو، جنهن جي
وساطت سان، سندس هن مختصر ڪلام جو مجموعو، اشاعت
هيٺ اچي، صاحب ذوق حضرات جي عبرت جون اکيون کولي
رهيو آهي؛ ورنه سنڌي غزل گوئيءَ جي هن حقيقي موجد
جي صحيح مقام کان سنڌ جي ادبي دنيا شايد ڪڏهن به
واقف نه ٿئي ها- ڇاڪاڻ ته نه گدا شاهه وري پيدا
ٿيندو، ۽ نه وري ڪو اهڙو ڪلام چوندو. هينئَر هي
”ڪليات گدا“ ئي سندس زندگي آهي، ۽ سندس آئيندي جي
شهرت سڀ انهيءَ تي منحصر آهي. جيڪڏهن ”ڪليات گدا“
موجود رهيو، ته گدا شاهه مرڻ جي باوجود به زنده
آهي؛ ورنه ٿورن ڏينهن کان پوءِ اِها شاهدي به ڪونه
ڀريندو ته ڪو گدا شاهه به سنڌ ۾ شاعر ٿي گذريو
آهي.
گدا شاهه ويچاري جي پنهنجي اِها حالت هئي، جو مير عبدالحسين خان
”سانگي“ ۽ ايڏن وڏن وڏن اميرن جي گرانقدر اِنعامن
ملڻ جي باوجود، پنهنجي لاءِ هڪ پائي به بچائي نه
رکيائين؛ تنهنڪري پنهنجي ڪلام ڇپائڻ جو کيس ڀلجي
به خيال نٿي آيو، ۽ هر وقت پنهنجن دوستن کي اِئين
فرمائيندو هو ته
کاءُ، کاراءِ، دولتِ دنيا،
اڄ تنهنجي ۽ سڀان پرائي ٿي.
گدا شاهه کي پنهنجي بيڪسيءَ ۽ ناداريءَ جو پورو پورو
احساس هو، ۽ چڱيءَ طرح ڄاتائين ٿي ته دنيا جو سڄو
ڪارخانو پيسي سان هلي رهيو آهي، ۽ اِهو پيسوئي
آهي، جنهن جي بدولت سُڃا ۽ ڪميڻا ماڻهو به دولت جا
مالڪ ۽ شرافت جا ڌڻي بنجي ٿا پون-
وهڻ جي جاءِ جن کي ڪانه هئي، هئا دربدر حيران،
خدا صاحب جي قدرت تن جا آهن ڪارخانا ڪيا!
اهوئي سبب هو جو گدا شاهه موجوده دور ۾ دنيا جي
ڪارفرمائيءَ کي اهميت ڏيئي، واضح لفظن ۾ چيو ته
رُستم ڪي نه سام، نڪي زال زر ڪري،
هن وقت ۾ ته جيڪي ادا مشت زر ڪري.
انهيءَ جي باوجود، گدا شاهه کي پنهنجي خوداريءَ تي پورو
پورو ناز هو، ۽ اُن جو دامن هٿن مان ڪڏهن به ته
ڇڏيائين. هڪڙي ڀيري سندس هڪ دوست کيس بيڪار هئڻ جو
طعنو ڏنو، جنهن تي هڪدم في البديهه فرمايائين ته
مون کي بيڪار ڇو چوَن ماڻهو،
شاعري منهنجو اشتغال آهي؛
شاهِ مردان جي در جو آهيان ”گدا“،
بخت منهنجو ته بي زوال آهي.
گدا شاهه کي خدا وند ڪريم شعر سان اهڙي مناسبت ڏني هئي،
جو ڏينهن رات فقط اُن جي ئي فڪر ۾ مست رهندو هو؛
مگر افسوس، بيقدر دنيا سندس ڪوبه قدر نه ڪيو! اُهو
ماڻهو، جنهن دنيا جون لذتون، عمر جون جدا جدا
موسمون ۽ انهن موسمن جون بهاريون، ڏينهن جون عيدون
۽ راتين جون شب براتون، دل جو آرام، من جون
خوشيون، ۽ طبيعت جا سڀ اُمنگ ۽ جذبا ڇڏي، فقط
شاعريءَ کي پنهنجو محبوب مشغلو بنايو، ۽ سندس آخري
تمنا به اِهائي هئي، ته انهيءَ شعر جي بدولت سندس
نالو دنيا ۾ رهندو- تنهن جو دنيا وارن اِهو قدر
ڪيو، جو اُن جي سڄيءَ زندگيءَ جي سرمايي کي هڪ
اهڙي اونداهي هنڌ تي اُڇلايو، جو اڄ نهايت
جفاڪشيءَ کان پوءِ به ڪو مشڪل سان هٿ اچي ٿو- ۽
سندس شهرت جو ستارو ڪڏهن به مٿس مهربان نه ٿيو
آهي:
ماهرو مهربان نه ٿيو مون تي،
بخت مون سان نڪي ڀلائي ڪئي.
گدا شاهه جي شاعراڻي هستي، هڪ خاص امتياز ۽ شرف رکي ٿي.
هو سنڌ جي انهن همه دان ۽ قادر الڪلام شاعرن مان
هڪ هو، جن جي پُر گوئيءَ ۽ وسعت نظاريءَ جي وسيلي،
سنڌي شاعري بامِ عروج تي پهتي. هو هڪ منڪسر المزاج
۽ گوشي نشين بزرگ هو، ۽ هميشہ شهرت کان دور رهڻ جي
ڪوشش ڪندو هو- (جيئَن سندس تخلص مان ظاهر آهي)؛ پر
ساڳئي وقت، سر زمين سخن جو بادشاهه به هو- جيئَن
پاڻ فرمائي ٿو:
اي ”گدا“ يار جي مجلس ۾ جڏهن داخل ٿيس،
دوست دشمن ٿي چيو، ’شاهه سخندان آيو‘.
اِها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته گدا شاهه کي ان وقت جي چوٽيءَ جي
شاعرن پنهنجو صحيح رهبر ۽ اُستاد تسليم ڪيو آهي؛
کيس دل کولي داد ڏنو آهي، ۽ سندس علمي تبحر ۽ طبع
جي جولائيءَ جي پوري پوري ساک ڀري آهي- جيئن
هزهائينس مير عبدالحسين خان ”سانگي“ سندس باري ۾
فرمائي ٿو:
ره گيا هوگا جو مضمون کوئي مجهه سلآ مخفي،
بر ملا اُس کو يقين شاهه گدا کر ديگا.
جيئن ته الحاج غلام محمد شاهه ”گدا“ صحيح النسب سادات
هو، تنهنڪري مير سانگي صاحب ’شاه و گدا‘ جو گڏيل
ڪنايو استعمال ڪري، کيس پنهنجو قدر دان ٿو سڏي، ۽
کانئس پنهنجي طبع جي موزونيءَ ۽ روانيءَ جو داد ٿو
گهري. گدا مرحوم کيس داد به دادن جهڙو ڏنو آهي، ۽
ڪيترين جاين تي سندس تعريف ڪئي اٿس. اهڙيءَ ريت،
سانگيءَ مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ ٻئي هڪ هنڌ پنهنجي
همعصر شاعرن جو نمبر وار مانُ ۽ مرتبو بيان ڪيو
آهي؛ مگر گدا شاهه کي سڀني کان اول نمبر ڏيئي، سچو
پچو اُستاد تسليم ڪيو اٿس. فرمائي ٿو:
ڪي غزل پهرين ”گدا“ جهڙي سخنور جا چوي،
بيمثل جو آهي اِقليم سخن جو شهسوار؛
آهه سو هن عصر ۾ ٿيو ابرِ نيسانِ سخن،
ٿو ڪڍي دل جي صدف مان صاف دُرِ آبدار.
تنهن کان پڙهجن وري تصنيف موزوم دلفريب،
حرف هر ڪنهن ۾ هجي، جنهن جي فصاحت بيشمار؛
شاعر عالي دماغ آهي اُهو مرزا ”قليچ”،
سر زمين شعر ۾ جنهن کي ٿيو ڪُليّ اِقتدار.
”حيدريءَ“ جي نظم کي پوءِ چئو بآوازِ بلند،
شاعرِ نازڪ خيال ۽ آهه جو يارن جو يار.
قادري و علوي و ’ميئون وڏل‘ نالو سندس،
نظم جنهن جا دلنواز ۽ آهه سو صوفي سچار.
تنهن کان پوءِ چئجن وري “حامد” سندا اشعار خاص،
جي آهن تسبيح جئن پوتل چوُن دُر شاهوار
آهه بافضلِ محمّد شعر ”ماتم“ جو مِٺو،
دل سندس آهي غمِ آلِ عبا ۾ داغدار.
ٻيا به آهن ڪيترا اُستاد شاعر سنڌ ۾،
با فصاحت ڇاپجن جن جون ٿيون تصنيفون هزار.
تو وسيا آهن هي مضمون موزون جا تگرک،
طبع تنهن آهه ”سانگي“ يا آهي ابرِ بهار.
وري پنهنجي ٻئي هڪ شعر ۾، سڄيءَ سنڌ جي شاعرن منجهان
غزل گوئيءَ ۾ فقط ٻن شاعرن، گدا شاهه ۽ وڏل
حيدريءَ، کي تسليم ڪري ٿو ۽ اُن ۾ به گدا جو نالو
اول ٿو آڻي. فرمائي ٿو:
شاعر ته ”گدا“ آهه ۽ ٻيو ”حيدري“ آهي،
ٿئي طبع کان تن جي ڪو غزل اهڙو نمودار.
اڳتي ٻئي هڪڙي شعر ۾ مٿين ٻنهي شاعرن کي پنهنجي غزل جي
جواب ۾ غزل لکڻ جي لائق سمجهي، فرمائي ٿو:
”حيدري“ ۽ ”گدا“ کي چئو ته چون؛
ٿيو غزل آهه هي چوڻ کان وڌيڪ.
هڪڙي هنڌ گدا جي مصرع طرح طور مقرر ٿيل مصرع تي غزل
لکي، کيس ساراهيندي فرمائي ٿو:
”گدا“ جي آهِه هيءَ دلچسپ مصرع-
”لِڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.“
هڪڙي هنڌ گدا ۾ پنهنجي غزل جي جواب جو اُميد رکي، چوي
ٿو:
منهنجي جي هن نظم کي ڏسندو ”گدا“،
چوندو غزل اهڙو ضرور اي صنم.
هڪڙي هنڌ ان وقت جي نوجوان شاعرن، ”دوست“ ۽ ”حيدريءَ“ جي
جوانيءَ ۽ سندن جوان طبيعت جو ذڪر ڪندي، گدا شاهه
کي پاڻ سان گڏ پير سخن ۽ ڪهن سال تسليم ڪري ٿو:
آهي ”دوست“ ۽ ”حيدريءَ“ جي جواني،
اسان ۽ ”گدا“ سا وساري عزيزو.
هڪڙي هنڌ گدا شاهه کي اعليٰ سخندان، استاد سخن ۽ شاعر
يڪتا تسليم ڪيو ويو آهي- فرمائي ٿو:
اُستادِ سخن آهه ”گدا“ شاعرِ يڪتا،
آءُ اهڙي سخندان کي سخندان نه چوان ڇو.
هڪڙي غزل ۾ گدا شاه، ”وصال“ جو قافيو ڪم آندو آهي.
ايران ۾ مرزا وصال نالي هڪڙو فارسي شاعر به ٿي
گذريو آهي؛ تنهنڪري سانگي صاحب، ساڳئي بحر ۽ ساڳئي
قافيي رديف ۾، گدا شاهه کي مذاح لطيف ۾ ياد ڪري
ٿو:
مرزا وصال ويو مري، تنهن کي ته ورهيه ٿيا،
آهي ”گدا“ اڃا تائين طالب وصال جو!
پوين ڏينهن ۾، گدا شاهه سان گڏ، آخوند محمد قاسم هالائي
۽ ميون وڏل ”حيدري“ به ”سانگيءَ“ جي محفلن جا رڪن
بنيا. هڪ ڀيري حافظ “حامد” تکڙائيءَ هڪ غزل لکيو،
جنهن جي جوابي غزل لکڻ لاءِ ”سانگيءَ“ گدا شاهه کي
ئي موزون ۽ لائق ڄاتو، ۽ فرمايائون:
”حامدا“ تنهنجي غزل جو ڏئي ”گدا“ سهڻو جواب-
ٿو چوان تاڪيد سان تنهن افضل الشعر کي آءُ.
انهيءَ شعر منجهان ظاهر آهي، ته ان وقت جي ايڏن وڏن ۽
بلند پايه شاعرن ۽ اديبن جي موجود هوندي به،
”سانگيءَ“ جي دربار مان فقط گدا شاهه کي”افضل
الشعراء” جو لقب مليو: انهيءَ کان وڌيڪ گدا جي
عظمت جو ٻيو ڪهڙو اندازو لڳائي سگهجي ٿو! اهڙيءَ
ريت، هڪ ٻئي دفعي، ”سانگيءَ“ وٽان، گدا شاهه کي
”خاقانيء سنڌ“ جو لقب به مليو آهي، جئن ”سانگي“
پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو:
هان غلام محمدي ڪ ”گدا“،
سنڌ ۾ آهه ساڳيو ”خاقاني“؛
آهه موصوف در همه اوصاف،
طبع تنهن جي ته آهه مرداني؛
فارسي شعر شد بفرمائش،
آهه اُردو ۾ ”آتش“ ثاني؛
مون کي پڻ شوق شاعريءَ جو ٿيو،
ڏسي تنهن جا غزل بطولاني؛
تنهن جو موزون ڪلام اي ”سانگي“،
آهِه بيشڪ هي دادِ سبحاني.
هڪڙي ڀيري گدا شاهه جو نوجوان شاگرد، محمد هاشم ”مخلص“،
”سانگيءَ“ جي درٻار ۾ آيو. ”سانگيءَ“ هڪدم مُرڪي
چيو ته
’مخلص‘، تون هتي: گدا شاهه به اُميد ته اجهو ٿو
توکي ڳوليندو هت اچي“. ”مخلص“ هڪدم برجستو جواب
ڏنو:
اجهي آيا سڄڻ ”سانگي“، انهن جي ڇو ڪريان ڳڻتي،
”گدا“ رولاڪ بنجي، ڪن ٿا ڳولا دوست دلبر جي.
”سانگيءَ“ کي ”مخلص“ جي حاضر جوابي ڏاڍي پسند آئي. هڪدم
غزل تيار ڪري، ان ۾ گدا شاهه ڏانهن هيٺيون شعر
وجهي موڪليائين:
چيو گدا شاهه کي سندس سهڻي:
”سخت رولاڪ آهه منهنجو مٺو“.
گدا شاهه به انهيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هيٺئين شعر ۾
قبول ڪيائين ته ”مخلص“ برابر دل گهريو دوست آهي:
|