(48)
شمس شرمايو ڏسي، تو مِهر پَرور'
جو جمال،
صورت ۽ سيرت ۾ سُهڻو آهين، بيشڪ بيمثال.
زلف سنبل، چشم نرگس، سر و قامت، خوشخرام،
”عارضِ زيبا برنگِ برگِ گل بي قيل و قال“.
تنهنجي اکڙين کي سڄڻ! آهو چوڻ آهي گناه،
تيغِ ابرو کي ڏسي، حسرت ڪري هردم هِلال.
شاهِ مردان جو نوازيل، مير صاحب شہ نواز،
جڳ ۾ هُئي جيئرو سدائين، شال با جاه و جلال.
مير صاحب! توکي پهرائين پاکر پنجتن،
ڏيار خلعت، مون کي جنهن جو آهِه خاطر ۾ خيال.
(49)
منهنجا محبوب! مُون سان ٿي مائل،
آ، اَچي دوست دلربا! رَل مِل.
مون کي عاشق چوڻ، گناهِ عظيم،
تنهنجي گهورن جو، جي نه ٿيان گهائل.
عشقبازي جو شغل آهِه عجيب،
عشق ۾ تون سدائين ٿي شاغل.
تنهنجي فرقت ۾، آئون رُئان ۽ رڙان،
هي ڏسي حال ڪر خوشي ۽ کِل.
ڪونه مون جهڙو، ڪو ڪِٿي شيدا،
عشق جي علم ۾ آهيان قابل.
پاڻ جهڙو، جڏهن ٻئي کي گهرين،
مرد مومن، تڏهن ٿئين ڪامل.
کاءُ، کاراءِ، ڏي خدا جي نانءَ،
”ڪر نه دولت کي، ڌوڙ ۾ داخل“.
خوابِ غفلت کان ٿي سُجاڳ سگهو،
چست و چالاڪ ٿي، نه ٿي ڪاهِل.
توکي خلقيو خدا عبادت لاءِ،
تون عبادت کان ڪين ٿي غافل.
جو خودي کان ڀَڄي ٿئي بيزار،
سو خدا سان وڃي ٿئي واصل'.
خاڪپا بنجي بُوتراب جو وڃ،
جي گهرين خلد ۾ ٿيان داخل.
هردو عالم ۾ اي ”گدا“ مُون ساڻ،
شاهِ مردان جو لطف ٿئي شامل.
****
رديف ”م“
(50)
اي دوست سڄڻ! دلدار سندم،
ڪر پنهنجي گدا تي پنهنجو ڪرم.
هڪ پل نه پَري ٿي، مون کان پري!
نه ته وٺندس، رستو راهِ عدم'.
تنهنجي حُسن ڪيم پامال، پنهل!
مون کي تنهنجي قدم جو آهِه قسم.
تنهنجي نينهن، نشانبر ڪيو مون کي،
اي يار سندءِ احسان اٿم.
تنهنجي فرقت مون کي ماري ٿي،
ڪر وصل جو وعدو مُون سان صنم!
ٿيا هجر ۾ منهنجا مُونس اِي:
دُک درد قلق، ارمان اَلم.
سڻ عرض اِهو، آ منهنجي اڱڻ،
آ
تنهنجو ”گدا“، تون شاهه سندم.
(51)
وڃائي عمر مون وصفِ بتان ۾،
بسر ٿي زندگي هندوستان ۾.
اثر ظاهر ٿيو، آه و فغان ۾،
لِڦون پئجي ويون، منهنجي زبان ۾.
سُڻي منهنجو غزل سنڌي زبان م،
پيو حيرت ۾ ”حيرت'“،
اِصفهان ۾.
آ هڪ
پرده نشين تي آهيان شيدا،
ڪريان اظهار ٿو، رمزِ نهان ۾.
پياريندم، مَيء گلگون جو پُر جام،
اٿم اُمّيد اِيءَ پيرِ مغان ۾.
نگاهِ ناز پرور جي نظاري،
قبا ڪيو، جامء گل بوستان ۾.
پريشان ڪئَن نه مُون بيدل جي دل ٿئي،
هَٿيڪي ٿِي، خمِ زلفِ بتان ۾!
دلِ بيتاب جي ديوانگي ڏِس،
وڃي قابو ٿي زُلفِ دِلستان ۾.
ڪريان هر شب ٿو جنهن جي سڪ ۾ فرياد،
اَچيٖ سو ماهرو، منهنجي مڪان ۾!
جڏهن ٿيٖ عاشقن جو اِمتحان ٿيو،
تڏهن فُل پاس ٿيس آ
امتحان ۾.
سندم نيڻن جون نهرون، نت وهن جام،
لُڙهان ٿو جنهن جي آ
آبِ روان ۾.
وساريندس نه پنهنجو يار جاني،
ڏِسي حُورن کي، آ
باغِ جنان ۾.
”ز رشڪِ عارضِ پُرنورِ جانان'“
ٿيو خورشيد لرزان آسمان ۾.
ڪريان ڇا وصف آ
پنهنجي پُنهل جي؟
نه جهڙس آهِه ڪو ساري جهان ۾!
ڪريان ڇا وصف، دلبر جي ذقن جي،
نه هوندو سيب اهڙو اصفهان ۾.
نهاري ڪين بلبل هوند گل ڏي،
گذر جي يار جو ٿئي بوستان ۾.
مريضِ عشق جي ڏِس زرد رُوئي،
نه جهڙس رنگ آهي زعفران ۾.
فقيريءَ ۾ ڪري ٿو بادشاهي،
”گدا“ شاهن کان وَڌ پنهنجي مڪان ۾.
گهران جيڪي، اُهو مون کي عطا ٿئي،
اَثر بخشي خدا اهڙو زبان ۾.
اُٿي بيدار ٿي، ڇو ٿو وڃائين،
گِرامي عمر کي، خوابِ گران ۾!
بخيلن کي حياتي تلخ ٿي ٿئي،
سخي، راضي رهي ٿو ميهمان ۾.
شريفن لاءِ لازم آهِه سختي،
هُما جو رِزق، ڏس ٿيو اُستخوان ۾.
جي آهين مرد مومن، صاحبِ فيض،
ڪڏهن راضي نه ٿي، ڪنهن جي زيان ۾.
ادا، اهلِ سلف'
جيڪي چئي ويا،
اُهي ظاهر اَثر ٿيا هِن زمان ۾.
محبّت ۾، عليُّ المرتضيٰ جي،
مَڪان ملندو، بهشتِ جاودان ۾.
سلامت هُئي، سدا ميرِ اَلهه بخش،
بصد اعزاز، پنهنجي خاندان ۾.
عديم المثل ٿيندو ’مجتبائي‘،
فصاحت ۾، بلاغت ۾، بيان ۾.
”گدا“ جو شاهه آهي، شاهِ مردان،
اَميرالمومنين هردو جهان ۾.
(52)
اڄ خرامان باغ ۾ رشڪِ چمن دلبر ڏٺم،
ناز پرور نازين پنهنجو پري پيڪر ڏٺم.
هٿ ۾ ساقيءَ جي ڀريل صهبا جو اڄ ساغر ڏٺم.
اوج تي اِقبال جي، پنهنجو بلند اَختر ڏٺم.
بخت خوابيده سندم بيدار ٿيو، دل ٿي بهار،
خواب ۾ خوش مہ لقا محبوب کي دربر ڏٺم.
زلفِ عنبر بار جي خوشبو، معنبر'
ڪيو دماغ،
خالِ مشڪين، بر رُخِ اَن جانِ جان خوشتر، ڏٺم.
يَڪسرِمُو، پنهنجي وعدي کي نه ڪيئون هڪدم وفا،
بيوفائي سان ڀريل، سهڻن جا سڀ دفتر ڏٺم.
آ ٿيس جنهن ڏينهن کان پيرِ مغان جو معتقد،
حيف باشد، جي وڃي ڪنهن شيخ جِيءَ جو دَر ڏٺم!
مُون سان ٿيو هم بزم، منهنجو آتشين رخسار يار،
رشڪ کان آغيار کي سَرتا به پا آخگر ڏٺم!
”عشقِ اميرالمومنين، حيدر علي مشڪلڪشا ست“،
عشق جهڙو، ڪونه ڪو ٻيو بي بها گوهر ڏٺم.
مرتضيٰ، موليٰ علي، شيرِ خدا، شاهِ نجف،
پيشوائِيءَ لاءِ پنهنجي، هادي و رهبر ڏٺم.
اَ ”گدا“ اُن شاهِ خوبان جِي ڪريان ڪهڙي صفت،
غمزه و ناز و ادا، هردم سندس لشڪر ڏٺم.
(53)
دَم توکان نه ٿيان دُور، اي صنم!
شال هجان تنهنجي حضور، اي صنم!
ڪهڙو ڪيو مون ته قصور، اي صنم؟
ڇو ٿو ڪرين مون کان نفور، اي صنم؟
تنهنجي مقابل نه ٿئي مهر و ماه'،
تون ته همه تن آهين، نُور، اي صنم!
آءٌ ته آهيان طالب تنهنجو مُدام،
حُور کان ٿيو مون کي نفور، اي صنم!
مون کي دلاسو ڪو مِلي وصل جو،
هجر ڪيو مُون سان ڪَلور، اي صنم!
تنهنجي آهِه عشق جو الحق اثر،
سِڪ ۾ سدا آهي سُرور، اي صنم!
باهه سدا برهه جي ڀڙڪي منجهس،
تَن ٿيو سندم، رشڪِ تندور، اي صنم!
توسان ٿئي منهنجو وصل، اي مِٺا!
دل ۾ اَٿم شوقِ وفور، اي صنم!
جي مون ڪيو ڪوڙ، ته گردن پويم،
ساق سندءِ، رشڪ بلور اي صنم!
تنهنجي محبت جي سوا مون کي، شال،
ڪونه پوي ڪوبه ضرور، اي صنم!
منهنجو وڃڻ، ڪئن نه هُئي اتي مُدام،
ڪُوءِ سندءِ، غيرت طور، اي صنم!
ڪونه ڏٺم، ڪونه ڏسان ٿو ڪٿي،
جيڪو ڪري توسان غرور، اي صنم!
ديدهء حق ٻين سان ڏسين جي ته ڏِس،
حق جو ٿيو بهرجائي`
ظهور، اي صنم!
گرچه گنهگار آهيان بي حساب،
بخش ڪندو رب غفور، اي صنم!
بحر اِهو گرچه هو مشڪل بَسي،
طبع سندم پَر ڪيو عبور، اي صنم!
شاه جو ٿيو حڪم ”گدا“ کي جڏهن،
تڏهن هي غزل چيائين ضرور، اي صنم!
(54)
آهيان فراقِ يار جي سببان، و بال ۾،
هر ورز و شب، گذاريان ٿو رنج و ملال ۾.
ڪنهن سان ڏيان مثال آءٌ اُن بي مثال کي،
پنهنجو مثال پاڻ سو آهي، مثال ۾.
رضوان، ڪيئن نه اُن جي آءُ دربان کي چوان،
حُورن کان يار منهنجو زياده، جمال ۾.
زاهد ڏسي جي ”جلوہِ حسنِ پَري رُ خان“
پاڻان پري ٿئي ڪيئن نه پوي، وجدوحال ۾.
ڪنهن کي خيال مال جو ڪنهن کي منال جو،
عاشقن سدائين مَحو ٿيو، پنهنجي حال ۾.
هڪدم خدا جي بندگي مون کان نه ٿي سگهي،
برباد منهنجي عمر ٿي، خواب و خيال ۾.
حاصل سندس حبيب جو مون کي ٿئي حضور،
هردم اِها اُميد اَٿم ذوالجلال ۾'.
حَق جي نظر ٿي حال تي نَي قيل و قاقل تي،
تاثير ڏس ته ڪيڏو ٿيو بانگِ بلال ۾.
ڇڏ حرص ۽ هَوَس کي اَڇا پنهنجا تون ڏِسي،
خورشيد تنهنجي عمر جو آيو زوال ۾.
ڪُڇ پُڇ ڪنهين سان ڪين ۽ ڪرصبر ۽ سڪوت،
هٿ توکي اِيندو ڪجهه به نه جنگ و جدال ۾.
اولاد آهين سيّدِ صابر حسين جو،
ڪر مصطفائي! صبر تون هِن خشڪ سال ۾.
اُن کي ڪريم چئجي ۽ آهي اُهو سخي،
راضي رهي سدا جو ”گدا“ جي سال ۾.
(55)
حضرتِ عشق رهنماءُ اَٿم،
ڪانه ٻي سُڌ نه ڪو سماءُ اٿم.
ابِ حيوان مِلي ته ڪينَ مَٽيان،
يار جي سِڪ جو اهڙو ساءُ اٿم.
شوق تنهنڪي ڪيو حال هي منهنجو،
هر گهڙي لب تي ”آءُ! آءُ!“ اٿم.
تنهنجي ناوڪ نگاه'
دل ڪئي فگار،
تنهنجهي گهُورن جو دل ۾ گهاءُ اٿم.
يار چيو مون کي ”ڇڏ پچر منهنجي“،
هَٿَ ٻَڌي مون چيو ”خداءُ اٿم“.
پادشاهي ڏٺم گدائي ۾،
پرت جي پيڄ ڄڻ پُلاءُ اٿم.
اي ”گدا“! مڪمه ۾ محشر جي،
شاهِ مردان ڀَلو بچاءُ اٿم.
(56)
ناز آهي جو نگاهِ يار ۾،
سو نه آهي نرگسِ بيمار ۾.
رنگ جيڪي آهِه رُوي يار ۾،
سو نڪي گل ۾ نيڪ گلنار ۾.
دل ٿي قابو گيسوي خمدار ۾،
برهمڻ جئن، رشتہءِ زنّار ۾.
منهنجي دلبر جهڙو سهڻو سيم تن،
ڪونه آهي ڪابل ۽ قنڌار ۾.
مون کي مُرڪي چيائين ”ڇڏ منهنجي پچر“
رمز آهي، يار جي گفتار ۾.
آهِه هي دُنيا ته مانجهاندي جو ماڳ،
سڀڪو ٿيندو رهروِ'
مُلڪِ عدم.
جي گهرين ٿو جاءِ ”بر بالاي چشم“،
ڪر تون ”گرد صورت ابروي خم“.
رک سدائين سڪّ تون حرمين جي،
شوق ڪر همراه، ڏِس بيت الحرم.
اي ”گدا!“ ڇا سنڌ ۾ توکي سَريو؟
هَل وري، ڏس، روضهء شاهِ اُمم.
(58)
عشق آهي شير عقل آهي غنم،
عشق سان ڪئن عقل ٿيندو هَمقدم؟
”تيغ ابروي بُتانِ مَہ جبين“،
عاشقن جي سر تي آهي دمبدم.
حُسن جي سرڪار کي گهرجي ضرور،
لشڪرِ ناز و ڪرشمه يڪ قلم.
زلفِ جانان، سر بسر زنگي سپاه،
خوش خط ترسا کان باصد پيچ و خم.
يار جي رخسار تي پُر پيچ زلف،
گل ۽ سنبل باغ ۾ آهن بَهم'.
ڪونه مُون جهڙو پريشان روزگار،
زلفِ عنبربار جو سودا اٿم.
چشم دلبر جا غزال آهن غلام،
يار جي رخسار جو مُون کي قسم.
اي صبا! سِگهڙو وڃي پهچاءِ تون،
خط ڪريان ٿو پنهنجي دلبر ڏي رَقم.
يا اميرالمؤمنين! موليٰ علي!
مُون ”گدا“! جو ورد آهي صبحدم.
(59)
اسان ڪيو عشق جو اِقرار پنهنجن ۾ پَراون ۾،
اسان ڪيو عقل جو اِنڪار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
ڪري ٿو پيار مُون سان يار پنهنجن ۾ پَراون ۾،
سڙي کامي پچي اغيار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
شرابِ شوق مان ساعت بساعت دمبدم يارو!
پيڻ ساغر کپي سرشار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
جڏهن اُلفت زماني ۾ نٿي ڏسجي تڏهن بيشڪ،
رهڻ دُنيا ۾ ٿيو دُشوار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
زبانٌ ۾ ۽ زيان ۾ ٿيو تفاوت هڪڙي نقطي جو،
تڏهن هي سمجهجي گفتار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
مِٺو ماکي کان ٿي ضرب المثل تون جمله عالم ۾،
ڪجي اهڙي طرح گفتار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
نه ڀانئي ۽ چِتائي ڪو ڪڏهن مفلس کي عالم ۾،
پيارو ٿو ڪري ڪَلدار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
تڏهن ڪهڙي ڪجي شوخي تڏهن ڪهڙي ڪجي آڪڙ؟
ٿِيا پيري جا پڌرا پار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
ڪپت ۽ ڪوڙ مان ڪنهن کي نه حاصل ٿو ٿئي هرگز،
وڻي هر ڪنهن کي ٿو وهنوار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
عجب هي مصرعِ موزون'،
”گدا“ کي ٿِي وڻي بيشڪ!
سچي ”سانگي“ ڪجي گفتار پنهنجن ۾ پَراون ۾.
(60)
دل ديواني دوست تنهنجي لَي اَٿم هردم مدام،
ڪر ڪرم ڪو مون مٿي آهيان سندءِ تهدل غلام.
ڪئن ڪريان ڪنهن کي چوان تولَي سڪان سانول سدا،
لهه سگهي تون سار اي منهنجا مِٺا شيرين ڪلام!
رات جو اختر شماري ڏينهن جو آه و بڪا،
صبح جو ساريان سڪان، واٽون ڏسان آ
وقتِ شام.
هي دعا مون کان ۽ عالم کان هجي آمين شال!
هوئين سلامت جڳ جا جاني! تا دمِ يوم القيام.
مون ”گدا“ دلگير جي تو در سدا هي آ صدا،
رک سلامت رئيس صالح يا علي عالي مقام!
(61)
سُڻي ناله و آه و زاري سندم،
ڪري دوست شال دوستداري سندم.
پرين کان پَري ڪين هڪ پل ٿيان،
جي اهڙي هجي اختياري سندم.
وڇوڙي ۾ دلخواه دلدار جي،
فزون'
برق کان بيقيراري سندم.
ڪريان حال هي پنهنجو ڪنهن سان بيان؟
ڪنهين ڪانه ڪئي غمگساري سندم.
ڪندو عفو عصيان منهنجا الله،
ڏِسي شال هي شرمساري سندم.
شہِ ڪربلا جي زيارت ڪريان،
ڪري ايتري بخت ياري سندم.
علي، حوضِ ڪوثر جو پياريندو جام،
محمد ڪندو رُستگاري سندم.
ادا شاهِ مردان جو آهيان ”گدا“،
اهو آهِه منصب هزاري سندم.
(62)
مشهور سڄڻ جئن ٿيو شيرين دَهَني ۾،
تئن شهرہءِ آفاق آهيان شيرين سخني ۾.
سر رشتهء تسليم تڏهن هٿ کان ڇڏيان ڇو؟
حاصل نه ٿيو حق ڪنهن کي ڪڏهن ماؤمني ۾.
اي بادِ صبا چئج وڃي اهل وطن کي،
ضرب المثل آ
آهيان غريب الوطني ۾.
اُن سَر و گل اندام'
تي، ٿي ختم نزاڪت،
نسرين کان وَڌ جو ٿيو نازڪ بَدني ۾.
ڪنهن ڪين ڏٺو يار جي مُون سيم تني ۾.
جو لطف ڏٺو يار جي مُون سيم تني ۾.
جا يار جي زلفن ۾ خدا داد ٿي خوشبو،
سا هوندي ڀلا نڪهتِ مشڪِ ختني ۾؟
ويسر ۾ ڪنهين اهلِ وطن ڪين ڪيو باد،
ارمان ڪريان ڪئن نه غريب الوطني ۾؟
دلدار جي قامت سان ڏيان اُن کي آ
تشبيهه،
رفتار ڏسان جي ها آ
سروِ چمني ۾.
اَشراف جي مٽ ڪين ڪڏهن ٿيندو ڪميڻو،
فرق آهِه خزف ۾ ۽ عقيقِ يمني ۾.
زر ساڻ لکڻ گهرجي اِها مصرعِ موزون،
”راضي ته خدا ٿيندو ڪڏهن دِل شَڪني ۾“.
عاصي کي رکڻ گهرجي سدا دق سان بيشڪ،
اُمّيد شفاعت جي رسولِ مَدَني ۾.
اهڙي جي پُٺيان ڇو ٿو ”گدا“ عمر وڃائين؟
هر گز نه وفا ڪنهن ڏٺي دُنياءِ دُني ۾.
****
رديف ”ن“
(63)
مِٺا ڪر تون مُون سان مِٺائي جو ڳالهيون،
رقيبن سان ڪر تون ڪَڙائي جون ڳالهيون.
وفادار آهيون اُسين تنهنجا عاشق،
اَسان سان نه ڪر بي وفائي جون ڳالهيون.
اَسين سر ڏيڻ ولاءِ هر لحظه حاضر،
اسان کي وڻن دلبرائي جون ڳالهيون.
دل ۽ جان منهنجي ٻئي توتان قربان،
نه ڪر مُون سان جاني، جُدائي جون ڳالهيون.
اَسين آهيون سُوڌا سڄڻ تنهنجا طالب،
ڪرين ڇوٿو تون ڪج اَدائي'
جون ڳالهيون؟
وڃي ڏي پرين کي هي پيغام پانڌي:
نه ڪر وچ ۾ تون نارسائي جون ڳالهيون.
اَسان عاجزن جي ڏِسي عاجزيءَ کي،
خدا لڳ نه ڪر خود نمائي جون ڳالهيون.
اسان سان ڪدورت ڪڍي قلب مان تون،
صفا دل ڪري ڪر صفائي جون ڳالهيون.
نصيحت کي تنهنجي نه سُڻنداسين ناصح:
ڦِڪا! ڇڏ کڻي تون ڦڪائي جون ڳالهيون.
جي اَسرار کان عشق جي بي خبر سي،
چون عاشقن کي چريائي جون گالهيون.
نجومي ۽ رمّال سڀ ڪوڙ ڪن ٿا،
خدا خود ٿو ڄاڻي خدائي جون گالهيون،
جي دُنيا جي دولت تي مغرور آهن،
اُهي ڪن وڏيون ٿا وڏائي جون ڳالهيون.
گهُري وعدهءِ وصل دلدار کان ٿو،
سِکي ڪو ”گدا“ کان گدائي جون ڳالهيون.
(64)
يادِ زلفِ بتان ڪريان نه ڪريان؟
سيرِ هندوستان ڪريان نه ڪريان؟
مہ لَقا مون تي مهربان نه ٿيو،
شڪوهِ آسمان'
ڪريان نه ڪريان؟
يار جي لب جي ٿو ڪريان تعريف،
شڪّر افشان زبان ڪريان نه ڪريان؟
فرقتِ يار مون کي ڪيو فاني،
هردم آه و فغان ڪريان نه ڪريان؟
جان بلب آهيان آ جدائي ۾،
درد دل جو بيان ڪريان نه ڪريان؟
مُون ته دلدار کي ڏني دلڙي،
وصفِ دلدار مان ڪريان نه ڪريان؟
پنهنجي دلدار دوست دلبر کي،
ياد وردِ زبان ڪريان نه ڪريان؟
ممتحن عشق جو ٿا مون کي چون،
پنهنجو آ امتحان ڪريان نه ڪريان؟
آهيان ڪون و مڪان کان آزرده،
لا مڪان' ۾
مڪان ڪريان نه ڪريان؟
جام مون کي ڀريو ٿو جام ڏِئي،
مدحِ پيرِ مغان ڪريان نه ڪريان؟
مُنهنجو محبوب نوجوان آهي،
پاڻ کي آ جوان ڪريان نه ڪريان؟
قصد مان ٿي اَچي ڪمان ابرو،
پنهنجي دل کي نشان ڪريان نه ڪريان؟
حيف! تنهن کي هجي چوي جيڪو،
گلهء دوستان ڪريان نه ڪريان؟
مجتبائي جي خوب هي مصرع،
”شڪر“ حق هر زمان ڪريان نه ڪريان“؟
اَي ”گدا“ پنهنجي شاهِ خوبان جو،
ذڪر در هر مڪان ڪريان نه ڪريان!
(65)
دُوش ڏٺم دلدار سڄڻ کي خواب اندر خوشحال ميان،
بخت ٿيم بيدار اُنهيءَ دم ڪيڙم نَوم، نهال ميان.
صورت سهڻو محب موچارو صاحب قرب ڪمال ميان،
اُن جا آهو- عين ڏسي ٿيا عرق ۾ غرق غزال ميان.
نرگس نيڻ خماري خوني مست سدا متوال ميان،
سنبل زلف سياه معنبر سُرها مُشڪ مثال ميان.
اَنف'
سُهَيٌ کان سهڻو مُک سان ناهي مِين مجال ميان،
مِهر ۽ ماه کي رُوءِ رُلايو اَختر خال جي خيال
ميان.
لؤ لؤ لالا، ڏند مصفا لاله کان لب لال ميان،
سيب، اَنار کان پستان سالم سُوڌا سهڻا سال ميان.
قامت قد قيامت آفت چينچل کان وڌ چال ميان،
طرزِ خرام تذرو کي ڪيڙو پيرن سان پامال ميان.
زيب ڏين پازيب پرين کي خوب سونهن خلخال ميان،
حورون پريون ڪيڙيون چريون جوڀن حُسن جمال ميان.
ظاهر ۾ وڃ محب مِلي هي تنهنجو خواب ۽ خيال ميان،
شاه! غلام محمد جو سُڻ سيّد! سگهڙو سوال ميان.
(66)
وِساري جن ڇڏيم، سي، ڪينڪي ڪنهن دَم وِساريا مون،
ڪريو سي ياد پنهنجا يار هردم لُڙڪ هاريا مون.
مِٺي محبوب کي مون چيو ته ”ماڻن ساڻ مارين ٿو،“
چيائين مُرڪي ”تو جهڙا سوين غمزن سان ماريا مون.“
غم و درد و الم اندوه کان واندو نه ٿيس هر گز،
حياتي جا ڏکيا سڀ ڏينهن گوندر ۾ گذاريا مون.
ڀَلائي بخت جي ڀانيان ٿو آ يا خوبيءِ قسمت،
عجيبن جون ڏسي اکڙيون اَدا اَڄ نيڻ ٺاريا مون.
ادا آسان آهي دلربائي، دلبري مشڪل،
بصد عجز و نياز و بندگي'
دلبر ڌتاريا مون.
سعادت کان سراپا منهنجي ٿيندي ڪينڪي خالي،
پرين جا پير پاڪيزا هٿين پنهنجي ڌُئاريا مون.
چُمان هٿ پنهنجا جن کي دسترس ٿي اِنقدر حاصل،
رُخِ جانان تي درهم زلف ها، سي ڏِس سنواريا مون.
سدائين توکي ساريان ٿو، سدائين تنهنجي سِڪ حاصل،
سوا تنهنجي نڪي ٻيا ناز پرورده نهاريا مون.
”گدا“ هي ”حضرتِ سانگي“ جي مصرع دلفريب آهي،
”سڄڻ سهڻي ڏنا جي سُور سي ”سانگي“ سنڀاريا مون.“
چوان سچ ٿو، چوان سچ ٿو، چوان سچ ٿو، چوان سچ ٿو،
ڪيم جي عهد ۽ اِقرار پياري سان سي پاريا مون.
(67)
دوستن لئي ته آ سُرور آهيان،
دشمنن لئي مَٿي جو سُور آهيان.
عشقبازي جي فن ۾ اَي يارو!
صاحبِ هوش ذي شعور آهيان.
حضرتِ عشق جو آهيان عاشق،
عقل کان آ گهڻو نفور آهيان.
فرقتِ يار ۾ فنا ٿيندس،
ڪين ڏک کان ڪڏهن آ ڏور آهيان.
بره جي باه مَن ۾ ٿي ڀڙڪي،
ورنه آ صورتِ تنور آهيان.
يار چيو ”مون کي ٿي اَچي غيرت،“
غير ڏي ڇو ڏسين، غيور'
آهيان.
جهڙو آهيان آ تهڙو، ڪئن آهيان،
پنهنجي دلدار کان جي دُور آهيان.
خاڪساري جو آهه هي تاثير،
آ جو هم رنگ با سمور آهيان.
عمر گم ٿي وئي گناهن ۾،
ڪئن چوان آ بي قصور آهيان.
”دلبرم گفت ’کيستي؟‘ گفتم:
”بندهِ درگہِ حضور“ آهيان.
اهلِ باطن سان آ آهيان همدم،
گرچه در عالمِ ظهور آهيان.
اي ”گدا“ پنهنجي شاهِ خوبان کان.
هڪڙو دم آ ته ڪين دُور آهيان.
(68)
ايندو اَڄ دلخواه، دلبر دوست ٿينديون شاديون،
آ وڇايان سيج تي، سُرهيون گلن جون گاديون.
آ ڇپر'
کي ڇاڙڪي ڄاڻان وندر جا وَر وندر،
هئن چئي سسئي هلي ور لاءِ ووڙڻ وادِ يُون.
ننگ ۽ ناموس ڏي، منهنجي نڪا آهي نگاه،
آ پنهل جي پار پُرنديس، اي اديون اي دادِيُون:
جيڪي دلڙيون، درد دلبر جي ڪيون آهن دونيم،
سي نه ٿينديون عشق جي آزار کان آزادِيُون.
درد دل جي واسطي اِنسان کي خلقيو خدا،
درد ڌاران ٻيون سڀيئي ڳالِهيُون اَفرادِ يُون.
”هرچه گويم عشق زان برتر بود“ چيو مولوي،
”طالب الموليٰ مذڪر“ ٻيون مِڙيئي مادِيُون.
ڏرت لاٿو ڏيهه تان قادر ڪيو پنهنجو ڪرم،
ملڪ سڀ سرسبز ٿيو، هر هنڌ ٿيون آبادِيُون.
اي ”گدا گلزار ۾ مُون ساڻ همدم، ٿيو حبيب،
دوست دشمن ٿي ڏنيون، مون کي مبارڪباديون.
(69)
محو نظّارهءِ نگار آهيان،
عشقبازيءَ ۾ هوشيار آهيان.
بره جي باغ جو بهار آهيان،
نازنينن تي آ نثار آهيان.
يار جي زلف مون کي پاتو پيچ،
ري پڇيو اُن جو رشته دار آهيان.
يار چيو ”موُن تي ختم ٿي خوبي“،
مون چيو ”آ به وضعدار'
آهيان“.
مست و مخمور ميڪش و مدهوش،
يار جي چشم جو، خمار آهيان.
جهڙو تهڙو نه مون کي سمجهه رقيب:
يار پنهنجي جو آ به يار آهيان.
دوستن وٽ آهيان آ گل کان وڌيڪ،
اک ۾ اَغيار جي آ خار آهيان.
خاڪساري ڪيو اٿم اڪسير،
يار جي در جو آ غبار آهيان.
آ ”گدا“ آهيان شاهِ مردان جو،
ڪين ڪوري نڪي ڪنڀار آهيان.
(70)
يا الاهي تون مِلائين يار سان،
دوست دلبر دلربا دلدار سان.
هر گهڙي هر لحظه هيڪاندو هجان،
سر و قامت يار گل رخسار سان.
في الحقيقت ڇا ڪندو ڪا همسري،
مُشڪ اُن جي زلف عنبر بار سان.
منهنجا والي منهنجو واري ڪر وصال،
مِهر پرور مہ لقا منٺار سان.
منهنجي دل کي هڪڙي ڪافر بي قياس،
پيچ پاتو زلف جي زنّار سان.
مون کي ساقي! واسطي الله جي،
مست ڪر تون ساغرِ سرشار سان.
آ ”غلام محمد گدا“ حاضر هجان،
روزِ محشر سيّد الابرار'
سان.
(71)
دِل وٺي وئين دلربا ديدار سان،
روح نِيو تو رمز جي رفتار سان.
محو ڪيُئِي، من منهنجو مُرڪڻ سان مٺا:
جان، جانڻ! وئين کسي جنسار سان.
کڻ اکيون، کِل يار! ماڻن سان نه مار،
ڇڏ ڏمر تون بره جي بيمار سان.
رُس مَ، ڇڏ اِي رسم، ڪُڇ پُڇ ڪينڪي،
پرچ پيارل! پنهنجي هن پينار سان.
هُج هميشه مون سان همدم اي حبيب!
يار شل اغيار ٿين اغيار سان.
ساڪنانِ عرش کان آندم اَپر،
آه اعليٰ عشق جي اسرار سان.
روزِ محشر جي ”گدا“ محشور ٿئي،
آلِ پاڪِ سيّد الابرار سان.
مون ”غلام محمد گدا“ جو غور ٿئي،
عرض نت هي حيدرِ ڪرّار سان.
منصبِ شاهي گدائي ڪر عطا،
دوست! پنهنجي دلتِ ديدار سان.
(72)
سُوال منهنجو، سُڻي سڄڻ سائين،
مون کي ڀاڪر ڪو پِرت جو پائين.
مون کي ماڻن سان يار ٿو مارين،
مون کي گهورن سان يار ٿو گهائين.
تون نه ڀانئين نه ڀانءِ تنهنجي خوشي،
آ ته ڀانيان ٿو مون کي ٿو ڀانئين.
ورهيه ٿيا وصل لاءِ واجهه وجهان،
يار! مُون ساڻ اڄ ته ڪر ”آئين“'.
توتي فرياد آ ڏيان ڪنهن کي؟
منهنجو فرياد آهِه تو تائين.
سَو لڱا مون ته توکي پرچايو،
هڪ لڱا مون کي ڇو نه پرچائين؟
تنهنجي قدمن تي سر ڪريان قربان،
جي اڱڻ منهنجي پيرڙا پائين.
حُسن جي مُلڪ جو تون آهين شاهه،
ڇو نه پنهنجي ”گدا“ کي پرچائين.
(73)
آتشين رخسار جنهن دم دوست دلبر ٿو ڏسان،
مرغِ دل کي رشڪِ اَفزاي سمندر ٿو ڏسان.
صد هزاران هرطرف دلدار دلبر ٿو ڏسان،
پر نه ڪو ناز و ادا ۾ تنهنجو همسر ٿو ڏسان.
لعل لب تنهنجن کي ڪئن آ لعل سان تشبيهه ڏيان؟
شرمگين جن جي اڳيان ياقوت احمر ٿو ڏسان.
هڪڙي هنڌ باهم ڏسان تڏ ڪئن نه آ شام و سَحر،
عارضِ جانان تي جَڏ زلفِ معنبر ٿو ڏسان.
خانه زاد آهين عشوه ۽ سندس غمزه غلام،
ناز پرور يار جو نت ناز نوڪر ٿو ڏسان.
خال کي مخفي ڪري ٿو منهنجو زيرِ زلف،
خال پنهنجو زلف سان دلبر جي همسر ٿو ڏسان.
جڏ نظر جي باز جو دلبر ڪري دَستين'
دوال،
تڏ هماي دل کي پنهنجي آ ڪبوتر ٿو ڏسان.
فّدِ دلجو، منهنجي دلبر جو ادا شايد ڏٺئين،
سرو، قمري جي صفت قربان سراسر ٿو ڏسان.
سُرخروي رنج ڌاران ڪين ٿي حاصل ٿئي،
درميانِ خارها آ وَردِ احمر ٿو ڏسان.
جَڏ شڪم ٿو سير ٿئي ڀانيان ٿو جنت ٿي نصيب،
جي لڳي اُڃ بُک ته اُن دم روزِ محشر ٿو ڏسان.
جن کي قصر و ڪاخ ڌاران ڪونه ڪو آرام هو،
خاڪ جو تودو به اُن جي آ نه بَرسر ٿو ڏسان.
اي مهوّس پاڻ کي ڪشته ڪري اڪسير ٿي،
شڪل گل صد چاڪ ٿيندو طالبِ زر ٿو ڏسان.
واءِ! ٿيا اشراف ويچارا ولها هن وقت ۾،
اوج تي اقبال جي اَجلاف'
اڪثر ٿو ڏسان.
”ڪثرت آهي عين وحدت، عين وحدت ڪثرت آهِه“،
هِت هُتي هر جاءِ پنهنجو هڪڙو دلبر ٿو ڏسان.
تارڪ الدنيا هوالحق لامڪان ٿيس سير گاه،
شاهبازِ اوجِ عرفان آ قلندر ٿو ڏسان.
بُوترابين وٽ اَچي ماتم، ادا! تون پيش پئو،
خاڪپا اُن جي به ازگو گرد احمر ٿو ڏسان.
طالبانِ حق جو ٿي طالب بصد صدق و صفا،
جن جي دروازي تي سائل سَو سڪندر ٿو ڏسان.
مولوي چيو ”عشق امير المؤمنين حيدر بود“،
عشق کي راهِ خدا جو آ ته رهبر ٿو ڏسان.
يا علي مشڪلڪشا! مشڪل نه مون کي پيش پئي،
تو سوا ڪنهن کي نه پنهنجو يارو ياور ٿو ڏسان.
آفتابِ عالم آرا تنهنجي شفقت کي چوان،
مير صاحب! توکي بيشڪ ذرّه پرور ٿو ڏسان.
تنهنجا حامي مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ نعم النصير،
تنهنجو ياور آ سدا شبيرّ و شبر ٿو ڏسان.
شاهه تو جهڙو ڏٺو مُون ڪونه ڪو آهي ڪٿي،
مون ”گدا“ جهڙا هزارين آ گداگر ٿو ڏسان.
|