سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :7

 

(74)

ٻيون ڇا ڪندس هزار هجن جي ڪي چاشنيوُن،
شيرين لبن جي لب جون گهران هر گهڙي چُميون.
اڄ رات مُون سان ماهِ لقا هم ڪنار ٿيو،
منهنجون اُميدون حق جي دران مون کي سڀ مليون.
آهن اَنار يار جي پستان سان هم شبيہ،
آ ڪئن چوان اَنار کان اَفضل ٿيون نارنگيون.
هڪڙي به رُوي يار سان ٿيندي نه روبرو،
اَنبار جي حلب
' کان اچي ٿينديون آرسيون.
خبط الحواس اهڙا اسين ڪين ڪي آهيون،
شيرين لبن کي تنهنجي ڇڏي چاشنيون چَٽيون.
زلفن جو تنهنجي نانءُ مون ورتو، ڳچيءَ پيو،
اغيار جي ڳچيءَ ۾ پون شال! اڄ ڳَٽيون.
سَو وار آ نثار ڪريان توتي سِر ۽ ساهه،
سو پاريون سُوکڙي ڪر مُون ڏانهن تو موڪليون.
حيران مون کي آئينهءِ رُوي يار ڪيو،
زلفن جي عشق مُنهنجون مُنجهائي ڇڏيون مَتيون.
صحنِ چمن ۾ يار جيِ مون ساڻ ڳالهه ڪيئون،
في الفور مون کي ياد پيون اڄ سي فارسيون.
منهنجي به دل تي تن جو اثر آهِه اي ”گدا“!
”سانگي“ وڄايون وره جي سورن جون سارنگيون.

 

(75)

اي ادا! آ ميلان عجيبن سان،
شال همدم ٿيان حبيبن سان.
وصل دلبر جو، دل جو آهِه علاج،
طبع سالم نه ٿي طبيبن سان.
خوامخواه موون سان ٿا کريل کونسن،
ڪئن ڪريان آ رُلين رقيبن سان.
حُسن ۾ ناز ۾ نزاڪت ۾،
ڪونه مَٽ آ ڪريان قريبن سان.
ڪين ڪنهن ساڻ بي ادب ٿيندس،
مون کي اُلفت آهي اديبن سان.
نيڪ بختي جا جي آهيو خواهان،
نيازمندي ڪجو نجيبن
' سان.
چِڙ چڱي ڪينڪي چڱا ٿا چون،
ڪين ڪاوڙ ڪجي غريبن سان.
اي ”گدا!“ ڪنهن کي ڪين ڏوه ڏيان،
وَس هليو ڪونه ڪو نصيبن سان.

 

(76)

ساقي! پيار ساغرِ صهباي الله گون،
فصلِ بهار ۾ ٿو ٿئي جوش ۾ جُنون.
قاصد قريب کي هي چئج منهنجو تون پيام،
آءُ، يار گلعذار! ته هڪ ٻئي کي ٻَک وجهون.
شوقِ لقاي يار جو دفتر طويل ٿيو،
تقرير کان فزون
' ٿيو تحرير کان فزون.
مُون ساڻ خواه مخواه ٿو کونسي رُليو رقيب،
مولا ڪندو ته ٿيندو سِگهو زار ۽ زبون.
هي ڪاسهء فلڪ ته ڪڏهن ٿيندو راست ڪين،
سرپوش وانگر آهِه سدا هِي جو سَرنگون.
هن دور ۾ ته جيڪو ئي ڇَسّو ۽ بي وقوف،
پر پاڻ کي ٿو ڀانئي ته آ آهيان ذوالفنون.
دردِ فراقِ يار کان هرلحظه، هر گهڙي،
سيماب کان به وَڌ آهيان بيتاب و بي سڪون.
عبدالحسين خان، سندم مير محتشم،
اقبال و بخت ان جو فريدون کان هُئي فزون.

 

(77)

يا الاهي! اُهي عجيب اَچن،
جن ڪيو آهِه محو منهنجو مَن.
سرو آزاد قدّ دلبر جو،
رونقِ رُوي رشڪِ باغِ عدن.
گوش گل، چشم، نرگسِ شهلا،
رنگِ رخسار، رشڪِ برگِ سمن.
ناز نيڻن جي مون کي ڪيو مدهوش،
منهنجي دل دام ۾ وِڌي زُلفن.
پرت جي پوک جي پچڻ خاطر،
نار نيڻن جا، نار جئن ٿا وَهن.
جو منافق هو مُدّعي منهنجو،
رَب رُلايو رقيب سو رهزن.
”آ ’غلامِ محمّدِ‘ عربي“،
منهنجا حامي سدا حسين و حَسن.

 

(78)

ضعيفن تي جي ظلم ظالم ٿا ڪن،
اُهي آهن شيطان اُهي اَهرمن
'.
نه رهندو ڪو دُنيا ۾ شاه و گدا،
هِتي آهِه سڀڪو غريب الوطن.
ٿا اَرض و سما تڏهن برهم ٿين،
ٿِئي دِل جو دريا جڏهن موجزن.
گدا شاهه ٿيا، شاه ٿي ويا گدا،
ڪيا رنگ ڏس ڪهڙا چرخِ ڪهن؟
هجان ياد ۾ تنهنجي شام و سحر،
هجي جيسين هي منهنجي جان دربدن.
سُڻي تنهنجو آوازُ راحت رسي،
ڏسي تنهنجي اکڙين کي اکڙيون ٺرن.
جوانيءَ جا، پيريءَ ۾ ماڻيون مزا،
جي ساقي پياري شرابِ ڪهن.
سي منزل تي اڳواٽ سڀ کان وڃن،
ادا! عشق جي واٽ جيڪي وٺن.
ادا! منهنجي اقبال جو اوج ڏس،
مُڪو وصل جو يار مُون ڏي سَمن
'.
ڏِسان باغ ۾ جي اُهو گل بدن،
ڪريان اُن تي قربان سرو ۽ سمن.
”گدا“ منهنجي مشڪل کي آسان ڪندو،
علي شيرِ حق شاهه خيبر شڪن.

 

****


 

رديف ”و“

 

(79)

جي ڀانئين ته حاصل ٿئي دارين ۾ دَرٌجو،
ٿي دل سان گدا حضرتِ حَسنين جي دَرَ جو.
جئن نقطهء
' موهوم دهن يار جو، تئن ٿيو،
باريڪ تر از تارِ نظر مُوي ڪمر جو.
آ يار جي زُلفن جو ۽ رخسار جو مدّاح،
هي خوب وظيفو ٿيو سندم شام و سحر جو.
اشراف جو همسر نه ڪڏهن ٿيندو ڪمينو،
تازيءَ جي برابر نه ڪڏهن قدر ٿيو خر جو.
نادان کي ڏس نعمتِ الوان ٿي ميسّر،
دانا کي ته شربت جي عوض خون جگر جو.
هِن عالمِ اسباب ۾ عقل آهه وڏي وٿ،
بي سمجهه اڳيان ڪهڙو وقار آهه گُهَر جو؟
جي روزِ جزا توکي فراموش نه ٿيو آهه،
ڇو روز ڪرين زور ڏکوين تي ڏمر جو؟
غفلت ۾ ڀلا ڪئن ٿو تڏهن تون ته گذارين؟
دنيا کي جڏهن سمجهين ٿو گهر آهه گذرجو.
منزل به اَٿئي دُور ۽ پنڌ آهه پراهون،
ڇو ڪينڪي سعيو ٿو ڪرين، پنهنجي سفر جو؟
افسوس! هنر ڪئن نه ڪرين ٿو تڏهن حاصل؟
هر هنڌ ٿو ڏسين قدر جڏهن اهلِ هنر جو.
هن وقت ۾ هر جاءِ ڏسان زور زياده،
فتنه جو، لچائي جو، شرارت جو ۽ شَر جو.
اُن ڀاءُ کي ڀالو لڳي جو ڀاءُ جو دُشمن،
صد حيف! اُنهيءَ پُٽ کي بدخواه پدر جو.
جيتوڻي وڃي خلد جي مسند تي مڪين
' ٿيو،
پر زندهءِ جاويد سخن شاه ٖ ظفر جو.
آهي سو سکر جنهن کي هئي سادات جي ساڃاه،
روهڙيءَ جو رهاڪو هجي توڻي هُئي سکر جو.
يا شاههِ نجف! شيرِ خدا حيدر و صفدر!
سائل، هي ”گدا“ آهه سدا تنهنجي نظر جو.

 

(80)

منهنجو محبوب مهربان آيو،
دلربا دوست دِلستان آيو.
آهه بيت الشرّف ٿيو گهر منهنجو،
مہ لقا اُن ۾ مِهر مان آيو،
رازِ مخفي کي ٿو ڪريان پڌرو،
يار اغيار کان نهان آيو.
منهنجي دلخواه جي ڏِسي قامت،
وجد ۾ سروِ بوستان آيو.
بخت منهنجي سان ڪنهن جي آهي ريس؟
وعدهءِ وصل دوست کان آيو.
يار ناوڪ فگن
' ڪمان ابرو،
قصد مان ڏس ڪشي ڪامن آيو.
ممتحن جي اڳيان ادا مون کي،
نسخه عشق بر زبان آيو.
عشقبازيءَ ۾ آ آهيان يڪتا،
ڪونه مون جهڙو پهلوان آيو.
منهنجي گردش ۾ عمر ساري وئي،
مِهر تي ڪين آسمان آيو.
سچ چيم جنهن کي سو ٿيو آزردو،
راست منهنجو سخن گران آيو.
آهي دُنيا سڄي گذر جو مقام،
اُن ۾ آيو سو ميهمانٌ آيو.
جت وڃان اُت چون ٿا شاهه و ”گدا“
شاهِه مردان جو مدح خوان آيو.

 

(81)

خدا صاحب ڪندو منهنجو وري محبوب سان ميلو،
ڏسان سو دوست الغرضو اچٖي سو يار البيلو.

ڏِٺو مون سنڌ ساريءَ کي ڪراچي مان وڃي ڪعبي،
ڏِٺو مون ڪيترا ڀيرا سڄڻ جي لاءِ لس ٻيلو.
ادا ناصح! ڪريان تنهنجي نصيحت تي عمل ليڪن،
حَسينن جي طرف هردم رهي ٿو روح جو ريلو.
پُڇي ٿو ڪونه مفلس کي اڪابر جي هجي توڻي،
وڏو ماڻهو اُهو جنهن جو ڀريل مهرن
' سان ٿئي ٿيلو.
رکي جو ڇانگ مينهين جي اُهو درويش ڪئن چئبو؟
فقير آهي اُهو جنهن وٽ نڪا ڇيلي نَڪو ڇيلو.
”گدا“ قسمت ۾ اُن جي اِيئن لکيو سو قادرِ قدرت،
رَسي ساهڙ کي ڪئن سهڻي ڀُري دريا ۾ پيو ڀيلو.

 

(82)

فرقتِ جانان جو دل کي غم رهيو،
غم رهيو جيسين ڪِ مُون ۾ دم رهيو.
زلفِ ظالم جا ڏسي پُر پيچ و تاب،
حال منهنجو درهم و برهم رهيو.
آهيان مجنونٌ جيئن مُشتِ استخوان،
ماس جو ماسو نه ڪوئي چم رهيو.
منهنجي دلبر جو ته هي ادنيٰ فريب،
وصل جو وعدو دِلاسو دم رهيو.
نار نيڻن جا ٿا ٻاڙودا وهن،
منهنجي اکڙين ۾ سدائين يم رهيو.
مومنن کي تا دمِ يوم النّشور،
شبّر و شبّير جو ماتم رهيو.
اي ”گدا“ اُن شاهِ خوبان جي سوا،
ڪين ڪنهن ٻي ساڻ منهنجو ڪم رهيو.

 

(83)

گناهن ۾ وئي عمر ساري عزيزو!
نه مُون جهڙو ڪو ٻيو ڏُهاري عزيزو!
جڏهن ڪر ڇني يار ياري عزيزو!
تڏهان ڪر اٿم بيقراري عزيزو!
اچي شال مون وٽ اُهو منهنجو مُونس
'!
اٿم جنهن جي اڄ انتظاري عزيزو!
ڪري يڪ قلم ترڪ جورو جفا کي،
سُڻي جي سندم آه و زاري عزيزو!
ٺرن منهنجون اکڙيون ٽَپا ڇونه دل ڏئي،
سُڻان ڳالهه جي وصل واري عزيزو!
نِهوڙي نيو نينهن ننڍپڻ ۾ مون کي،
سٺم سر تي هي بار باري عزيزو!
دل و دين و ايمان کان مان سچ چوان ٿو،
پِرين جي پِرت مون کي پياري عزيزو!
جي پائِي نه آهي پلئه ۾ ته ڇا ٿيو؟
هجي دل ۾ همّت هزاري عزيزو!
نه ڪنهن ڀاءُ مان مون کي پهتي ڀَلائي،
نه ڪنهن يار ڪئي مُون سان ياري عزيزو!
ڪريو ياد اُن ماهِ طلعت کي هر شب،
ڪريان ڪئن نه اختر شماري عزيزو!
ڏئي وعدهءِ وصل سو شاهِ خوبان،
”گدا“ جِي ڪري غمگساري عزيزو!

 

(84)

دلدار جو قد سروِ خرامان نه چوان ڇو؟
ڪاڪل کي سندس سُنبلِ پيچان نه چوان ڇو؟
خط خضر بشِ عيسيء دوران نه چوان ڇو؟
'
دلبر جو دهن چسمهء حيوان نه چوان ڇو؟
زلفن کي سندس شامِ غريبان نه چوان ڇو؟
عارض کي سندس صبح درخشان نه چوان ڇو؟
نيڻن جو ڪري ناز کسَيئين منهنجي دل و جان،
غمزي کي سندس رهزنِ ايمان نه چوان ڇو؟
نرگس کان چڱا چشم ڀرون ڀَنور پرين جا،
رخسار کي گل، خط کي آ ريحان نه چوان ڇو؟
سيني ۾ سندم روز لنگهيو پار پون ٿيون،
پنبڻين کي پيارل جي آ پيڪان نه چوان ڇو؟
عشوو ۽ ڪرشمو ۽ تبسّم ۽ تختّر،
هي حُسن جي سرڪار جو سامان نه چوان ڇو؟
دلدار جي فرقت ۾ جِيَڻ مون کي مرڻ آهه،
هر درد جي ديدار کي درمان نه چوان ڇو؟
هڪ پرده نشين يار لُٽي منهنجي ويو دل،
هِن رازِ لهاني کي آ پنهان نه چوان ڇو؟
هر قطرهء اشڪ، آهِه سندم لؤلوءِ لالا،
آ پنهنجون اکيون غيرتِ نيسان
' نه چوان ڇو؟
بيدرد کي با درد سُڻڻ ساڻ ڪري ٿو،
هر بيت سندم درد جو ديوان نه چوان ڇو؟
جنهن شهر ۾ دلدار وضعدار نه آهي،
اُن شهر کي آ شهرِ خموشان نه چوان ڇو؟
الله سندم دل ۾ سندس حُبّ عطا ڪئي،
هر لحظه ثناي شہِ مردان نه چوان ڇو؟
سانگي جو خدايار پسر هوئي مددگار،
اُن مير کي آ پنهنجو قدردان نه چوان ڇو؟
همت ۽ سخاوت ۾ جوان حاتمِ ثاني،
اِقبال ۾ سو قيصر و خاقان نه چوان ڇو؟
آ آهيان ”گدا“ اُن جو شب و روز دعاگو،
ضامن آ سندس شاهِ خراسان
' نه چوان ڇو؟

 

(85)

باغ ۾ رشڪِ چمن يار خرامان آيو،
باغبان چيو ته اجهو غيرتِ بُستان آيو.
منهنجي دلدار جا رخسار ڏسي ٿي حسرت کان،
گلِ صدبرگ جو صد چاڪ گريبان آيو.
جلوهء عارضِ جانان جو ڏسي، ٿي بيتاب،
سايهء ابر ۾ خورشيدِ درخشان آيو.
ڪئن ٿئي منهنجو تڏهن حالِ پريشان پڌرو،
برسرِ جور جڏهن زلفِ پريشان آيو.
منهنجي حِصّي ۾ ادا! عشق جي سرڪار منجهان،
حسرت و درد و غم و رنج جو سامان آيو.
اصل کان پنهنجي جدا ٿئي ٿو، انهيءَ باعث کان،
هرڪو هِن عالمِ ايجاد ۾ گريان آيو.
شبِ هجران جي روئڻ جو آ ڪريان ڪهڙو بيان،
مون کي روئندو ڏسي هر ڪنهن چيو باران آيو.
گرچه هر شب ٿو سُڻي منهنجن دانهن کي مگر،
مهر تي ڪين ڪڏهن گنبدِ گردان آيو.
دم دلاسو به ”گدا“ ڪين ڪنن ساڻ ٻُڌم،
عمر وئي، ڪين ڪڏهن وعدهءِ جانان آيو.

 

(86)

جلوه گر باغ ۾ اُو رشڪِ گلستان آيو،
باغبان ڏسندي چيو، سروِ خرامان آيو.
بخت پنهنجي جي ڀَلا ڇونه ڀَلائي ڀانيان،
اڄ اڱڻ منهنجي ڀَلائي ڪري جانان آيو.
هن کان واڌو ته ادا مون کي ٻيو ڇا گهرجي؟
جام مي برسرِ ڪف
' يار غزلخوان آيو.
رات ياقوتِ لبِ يار چُميم، مون کي چيئين،
تنهنجي قبضي ۾ سڄو مُلڪِ بدخشان آيو.
سَرڪريان، ساهه ڪريان، دل به ڪريان آ قربان،
خوشخبر يار وٽان قاصدِ خندان آيو.
هاڻي اَغيار رُليو مون کي ڪري ڇا سگهندو؟
مون ڏي دلخواهه جو پيغام ته پنهان آيو.
آسمان جو آ تڏهن اُن کي ستارو سمجهان،
دوست جي در جو جڏهن مون وٽ دربان آيو.
وعدهء وصل عجيبن جو اَچي مون کي ڏنئين،
شڪر حق جو آ ڪريان يار جو درمان آيو.
زيرِ فرمان تڏهن ملڪ محبت جو ٿيم،
عشقبازي جو جڏهن مون کي ته فرمان آيو.
آهه لازم ته حقيقت کي سُڃاڻي پنهنجي،
اَشرف الخلق جڏهن حضرتِ انسان آيو.
اي ”گدا“ يار جي مجلس ۾ جڏهن داخل ٿيس،
دوست دُشمن ٿي چيو شاهِ سخندان آيو.
هي غزل ٻيئي مون هڪ وقت ۾ تصنيف ڪيا،
توسنِ طبع
' کي اَڄ جوش ۽ جولان آيو.

 

(87)

وِساريان ڪئن اُهو محبوب مُرڪڻ ساڻ ماري جو،
هجي صد حيف تنهن کي، اهڙي مهوش کي وِساري جو.
برنگِ نيم بسمل مرغ منهنجي دل کي ڪيئين زخمي،
ڪمان ابرو ڪشي قصداً هنيو ناوڪ نظاري جو.
عبث، ناصح! نصيحت ٿو ڪرين تون عشقبازن کي،
ڏسان ٿو ڪونه ڪو، تدبير سان تقدير ٽاري جو.
فراقِ آتشين رخسار دلبر يار جي ساڙيم،
ادا! هرگز نه پوندم ياد ڪو سک هن سياري جو.
صبا! اُن غيرتِ گل کي وڃي هي عرض چئو منهنجو،
وساري تنهن کي ڪئن ويٺين، هنجون حسرت جون هاري جو؟
اَسان جي دل نه هر ڪنهن گل تي بلبل جئن ٿئي شيدا،
اَسين عاشق ٿيون اُن تي، اَسان جي دل ڌُتاري جو.
اَسين مي نوش وقتِ بي خودي هِئن ٿا چئون هردم،
سدا ساقي سلامت هوئي، پيالو پُر پياري جو.
دَم تسليم زانو اُن جو ڪوهِ طورِ سينا ٿئي،
خدا سان بيخودي جي واديء ايمن ۾ گهاري جو.
زماني جي حوادث
' کان نه اُن کي آهه انديشو،
علائق کان هجي بيزار، گوشه ۾ گذاري جو.
نظر جِت ٿي رسي اُت سبزه زاري آه زمرّد گون،
عجب دلڪش مڪان وه واه ناري جي ڪناري جو.
جناب مير صاحب جو خدا يار آهه ۽ ياور،
”گدا“ کي شاهه جي دَرَ جو سگهوئي سير ڪاري جو.
بقابالله جي در جي تي پهتل آهي سو عارف،
مُئل دِل کي نگاه فيض فائق سان جياري جو.

 

(88)

بارڪ الله ٿيو اقبال سوايو منهنجو،
پنهنجي پاسي ۾ ته گهر يار اڏايو منهنجو.
راتڙيو رويو طلب جنهن جي ۾ تارا ٿي ڳڻيم،
رات سو ماهِ لقا يار هو آيو منهنجو.
جنهن جي فرقت ۾ شب و روز ٿي فرياد ڪيم،
خوبيء قسمت! سو خدا مُحب مِلايو منهنجو.
ٿيو مسخّر سو اچي منهنجو پريزاد پرين،
آهوي چشم صنم اهڙو ڪيو وحشي مون کي،
جنهن کان ڏس مون کان گريزان ٿيو سايو منهنجو.
سو وڃي يار جي قدمن تي تصدق آ ڪريان،
اَڄ اَچي اهڙو پيو روح ۾ رايو منهنجو.
لعل جان بخش جي بوسه سان سڄڻ ساهه وڌو،
ورنه فرقت هو سندس، جيئڙو جاليو منهنجو.
مون کي دلبر چيو، ”آ تنهنجو ته دلدار آهيان،“
هِن سخن يار جي ڪيو فخر سَوايو منهنجو.
رويو روهن ۾ ٿي، هي سسئي چيو ”هاءِ پنهون! توسان قسمت ته اچي، انگ اڙايو منهنجو.“
عشق ڌاران ٿو خدا ڪنهن کي ڪري جيئرو ڪين،
اي ادا! ڪينڪي ويو عشق اجايو منهنجو.
آ آهيان شير صفت اُو ته آهي رويهء لنگ
'،
منهنجي اغيار تي حق، رعب ڄمايو منهنجو.
حاضرن کان به ادا! اُن کي ٿو همدم سمجهان،
جنهن هو پَرپُٺ ۾ ڪڏهن يار سڏايو منهنجو.
دوست سو، جنهن ڪيو آئينه صفت عيب عيان،
آهِه دشمن اُهو جنهن عيب لِڪايو منهنجو.
مون کي اُستادِ غزل سنڌ ۾ سڀڪو ٿو چوي،
آهِه هن فن ۾ فزون، سڀ کان ٿيو پايو منهنجو.
شاهِ مردان جي غلامي کان ”گدا“ شاهه ٿيو،
نه چوي ڪئن نه ڪي دارا ٿيو دايو منهنجو.

 

(89)

مُون سان اقرار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو،
لطف بسيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
چشمِ مخمور جي غمزه سان ڪري چڪنا چور،
مون کي سرشار يڪو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
صبر و آرام و قرار و خردو عقل کسي،
محوِ ديدار
' ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
حضرتِ عشق لڪايم ٿي، لڪي ڪين لِڪو،
نيٺ نروار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
شڪر صد شڪر! ته مُون ساڻ اچي صلح ڪري،
ترڪ تڪرار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
سِر جو سانگو نه ڪري جيڪو سڏائي عاشق،
اهڙو اظهار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
پنهنجي پاسي کان ڪڏهن ڪين ڪيائين پاسي،
ڏِس ته اڄ ڌار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
تيغِ ابرو سان ڪري مون کي سراپا زخمي،
جگر افگار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
واديء عشق ۾ مجنون کان به وڌ آهِه مون کي،
گرم رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
مون کي سيني ۾ جڏهن عشق سندس آهِه تڏهن،
واقف اسرار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
هن حقيقت جي سُڻڻ شرط سڙي ڇونه رقيب،
واه جو پيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
هم بغل مُون سان جڏهن خواب ۾ ٿيو آهِه تڏهن،
بخت بيدار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
هِت رقيبن کي ادا مُون سان عداوت آهي،
هُت طلبگار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
باغبان تون ٿو ڪرين ناز گل و لاله تي،
ڏس ته گل زار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
نگهتِ
' زلفِ معنبر سان بلا شبه خجل،
مشڪِ تاتار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
عشق مشڪل هو مگر مُون تي ڪري پنهنجو ڪرم،
سهل دشوار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
وصل جو مون سان اڃا ڪالهه ڪيائين اقرار،
اڄ ته انڪار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
دوستدارن کان عزيزن کان قريبن کان مون کي،
آهِه بيزار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
صُبحدم مون کي صبا کان هي خبر خوش پهتي،
غرق اغيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
هجر بربار ٿيو وصل جو اڄ واءُ وريو،
اهڙو اقرار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
اي ادا جنهن کي عداوت هُئي ”گدا“ جي دل ۾،
سو ته مسمار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
واه وا! ”حضرت سانگي“ جي غزل جو هي جواب،
”مون کي هُشيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو“.
عشقبازن ۾ ”گدا“ شاهه ڪيائين مون کي،
منهنجو مقدار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

(90)

پيراهنِ دلبر مان ڏٺم رنگ بدن جو،
آندو مون عجب قافيو ڏس شمع لگن جو.
چسپيده مٺائي کان ٿين ڪئن نه سندم لب؟
بوسو جو ڏئي مون کي مِٺو پنهنجي چپن جو.
ڪئن قندِ مڪرّر
' سان ڀريل منهنجو نه ٿئي وات،
آ آهيان ثنا خوان پنهنجي دلبر جي دهن جو.
جي منهنجو گل اندام ٿئي گلشن ۾ خرامان،
صدقو ٿئي سندس قد کي ڏسي سَرو چمن جو.
جيتوڻيڪ بي بال و پري کان ٿئي پريشان،
محتاج ڪڏهن ڪينڪي ٿئي باز زغن جو.
ٿيو نافِهء آهوي ختن حال کان بيحال،
زلفن کي سندس آ ڪين چوان مُشڪ ختن جو.
آ تنگ نه ڪئن عرصِهء عالم ۾ گذاريان،
عاشق آهيان آ يار جي موهوم دهن جو.
اُن سرو گل اندام کي ان طرح ٿو ساريان،
گلزار کي جنهن طرح سِڪي مرغ چمن جو.
دلدار جي قدمن تي ڪريان سر کي تصدّق،
هٿ ۾ جي اچي منهنجي سندس سيب ذقن جو.
پابند ڪري ڪين ڪڏهن ڪنجِ قفس ۾،
صيّاد جِي فرياد سُڻي مرغ چمن جو.
هر قطرهءِ اشڪ آهِه سندم گوهِر غلطان،
جنهن وقت ڪرياد ياد ٿو آ سير عدن جو.
ان مهر فزا ماهِ لقا يار کان ڪيئين دُور،
مون ڪهڙو قصور آهِه ڪيو چرخِ ڪُهن جو.
ازبسڪه
' سياحت ٿي وئي مون کي سدائين،
دهلي کي ڏٺم هاڻ ڏسان ملڪ دکن جو.
هي عرض سُڻي منهنجو خداوندِ دو عالم،
ڏيکاري وري مون کي سگهو ملڪ يمن جو.
جيتوڻيڪ حاڪم ٿيو سڄي مصر جو ليڪن،
هو حضرتِ يوسف کي مگر چاه وطن جو.
سچ آهِه اِها ڳالهه ذرو ڪوڙ نه آهي،
ڪوڙن کي ڪڏهن قدرپوي ڪونه سچن جو.
سڀ اهل سخن مون کي ”گدا“ شاهه چون ٿا،
ٿيو زيرِنگين منهنجي سڄو ملڪ سخن جو.
اڪبر کان به وڌ اُن جو هجي بختِ همايون،
”سانگي“ ٿو ڪري قدر سدا منهنجي سخن جو.
دارين ۾ درڪار سندس مون کي حمايت،
آ آهيان حسيني ته ”گدا!“ شاه حسن جو.

 

(91)

جهانگير آهِه اڄ هن عهد ۾ دردِ دورنگي جو،
سڄي عالم ۾ زور ۽ شور ڏسجي ٿو اڍنگي جو.
اُنهن کي قدر آهي، عشق جو ۽ عشقبازي جو،
لڳي ناوڪ ٿو جنهن جي دل ۾ ڪنهن خان و خدنگي جو.
رُخِ دلدار تي خالِ سيه جنهندم نظر آيم،
يقين ڄاتم مڪان ٿيو خلد ۾ بي شبه زنگي جو.
ادا ؤ غمزه ناز و ڪرشما ٿا وڻن مون کي،
ڇڪن آ آهيان پنهنجي يار جي شوخي ۽ شنگي
' جو.
مٺي محبوب منهنجي کي ڪندو محڪوم سو منهنجو،
سڄو هندوستان جنهن زيرِ فرمان ڪيو فرنگي جو.
قسم مون کي شعاعِ شمعِ حسنِ چهرهِء جانان،
مِليم سرڪار مان سهڻن جي، اڄ منصب پتنگي جو.
”دمِ صبحِ قيامت تک رها هوگا نه وه هرگز“،
پيو گردن ۾ جنهن جي پيچ ظالم زلف زنگي جو.
ڪنهين جي ڇا مجال آهي سوا تسليم جي اُن هنڌ،
مُلي کان مرتبو موليٰ ڪري برتر جي ڀنگي جو.
لغورن جِي دليرن جي اڳيان ڪهڙي آهي وقعت؟
گِدڙ کان ڪينڪي ٿيندو ڪڏهن ڪو ڪم پلنگي جو.
ڪري جو يڪ قلم ٿو ترڪ خواهشهائي نفساني،
اُهو ڄاڻي ٿو بيشڪ مرتبو اعليٰ ملنگي جو.
خدا صاحب ڪري سلطان کي درويش هڪدم ۾،
عجب ڪهڙو ”گدا“ کي جي ڪري صاحب ڪلنگي جو.
”گدا“ شاهِ رُسل تنهنجو اُتي حامي اچي ٿيندو،
لحد ۾ ڪين ڪج تون خوف تاريڪي ۽ تنگي جو.

 

(92)

جيڻ دُشوار هڪڙو دم اٿم جاني جدائي جو،
ڪريو اڄ قرب مان مُون ڏي ڀَري ڀيرو ڀلائي جو.
محبت کي نڀائيندس جي ڀانئين يا نه ڀانئين تون،
ازل کان دم هنيو مون آهِه تنهنجي آشنائي
' جو.
جي سگلي توڻي اگلي، اي مٺا تنهنجي ته آ آهيان،
پرين پڌرو نه ڪج ڪي ڪجهه ڪڏهن منهنجي ڪچائي جو.
ڪرشمه سان ڪيو تو قتل مون کي اي ڪمان آبرو!
بيان ڪنهن سان ڪريان اي يار تنهنجي ڪج ادائي جو.
اِهو منهنجو سوال آهي، اِهائي آرزو آهي،
مِلائي يار شل مون سان خدا صاحب خدائي جو.
سچن تي آهِه منهنجو ساهه سر صدقو تون سچ ڄاڻج،
وَڻي ٿو حرف مون کي ڪين ڪُوڙن جي ڪچائي جو.
ڪدورت کي ڪڍي ڇڏ قلب مان تون يڪ قلم ڪوري،
سدائين سعيو ڪر پنهنجي تون سيني جي صفائي جو.
جي آهين طالب الموليٰ ته وٺ توشو توڪّل جو،
پري ڪر دل کان پنهنجي خيال پَيسي جو ۽ پائي جو.
ميان صاحبڏني شاهه جي هي آهي مصرع موزون،
”ڏنم سر ساهه سڀ سٽ ۾، ڪيم سودو سچائي جو.“
همايون بخت منهنجو اي ”گدا!“ اڪبر کان اڪبر ٿيو،
مليو محبوب کان مون کي ته اڄ منصب گدائي جو.

 

(93)

جمعي جي ڏينهن جو ڇنڇر نمونو،
۽ آچر جي ڏينهن جو آهي سومر نمونو.
اسان جي آشڪ جو گوهر نمونو،
اسان جي آهَ جو صر صر نمونو.
مِٺي منهن مان ڪڍين ڇو ٿو ڪڙا قول،
نه ٿئي حنظل ڪڏهن شڪّر جو نمونو.
ويو وسري اسان کي مشڪ و عنبر،
سڄڻ جي خال جو اخگر نمونو.
سوا سختي جي نرمي اُن ۾ ناهي،
دلِ دلدار جو ڏونگر نمونو.
اسين ناهيون صفاتي آهيون ذاتي،
اسان جي عرض جو جوهر نمونو.
جي سکرّ جا ۽ روهڙيءَ جا رهاڪو،
چون بکرّ جو ٿا سکرّ نمونو.
نه مَٽ منهنجو رقيبِ رُوسيه  ٿئي،
نه تازيءَ جو ٿئي خچرّ نمونو.
آهي خورشيد اوجِ آسمان تي،
رُخ دلدار جو اّظهر نمونو.
”گدا“ جو شيرِ حق رهبر سدائين،
سندس دُشمن جو ٿيو عنتر نمونو.


 


 

رديف ”ه“

 

(94)

اڄ ڏٺم ساقي ڀري صهبا' جو ساغر صُبحگاه،
غنچهء دل رنگ گل جي ٿي شگفته، واه! واه!
آتشين خوشعله روڪيو مُون سان وعدو وصل جو،
ويو جلي کامي سڙي رهزن رقيب اڄ رُو سياه.
چشم ميگون يار جي ڪيو مست آهُو دشت ۾،
ڪبڪ کي ڪيو ڪوه ۾ سهڻي تجّر سان تباه.
زلف کي مشڪِ خطا جي آ چوان مون ڪئي خطا،
يار جي رخسار کي جي گل چوان آهي گناه.
جان جند سر ساه صدقو ڪئن نه آ ان تي ڪريان،
ناز پرور نازنين ڪئي ناز مان مُون ڏي نگاه.
يار جي رخسار ڏي ائين منهنجي دل تانگهون ڪري،
جنهن طرح سان بلبلِ شيدا جي هُئي گل ڏي نگاه.
جئن وهي برسات ۾، بارَڻ جي نئن بازور و شور،
منهنجي نيڻن جا وهن تئن نار هر شام و پگاه.
آءُ اچي دلدار دلبر پنهنجو تون اقرار پاڙ،
تنهنجي سڪ ۾ آ هنجون هاريان، نهاريان روز راه.
زاهد! وسري وڃي توکان هي سڀ لاف و گزاف،
حُسن جي سرڪار جي هيڪر ڏسين جي رسم و راه.
صفحهء دل تي اهو لک حرف جنهن سان حق ڏسين،
ڇو پَنن تي پيهه ڪيو ناحق ڪرين ڪاغذ سياه.
جو خوديءَ کي کائي سو مالڪ سچو صاحب ڪمال،
آهِه سو ناقص نهايت پاڻ تي جنهن جي نگاه.
ڪثرت آهي عين و حدت عين و حدت ساڻ ڏس،
اي ادا سالڪ اها هاديءَ جي دَر جي آهِه راه.
رک سدائين دل ۾ حُبَ مُرتضيٰ موليٰ علي،
مدح ڪر حسنين جي جيسين هُجئي تن ۾ پساه.
مير صاحب ذوالعطا
' آقا سندم عبدالحسين،
هُئي خدايار اُن جو ۽ شيرِ خدا پُشت و پناه.
ڇاڪريان آ حيله سازي روبهء گردون کان باڪ،
آ ”گدا“، منهنجو امام آهي علي شيرِ اِلٰہ.
مرتضائي هِن غزل جو مون کي ڏيندو در جواب،
منهنجو مشفق آهِه سو سيّد فصاحت دستگاه.

 

(95)

سندم دل اهڙي دلبر تي ڇَڪن آهِه،
سمن رخسار جو گل پير هن آهِه.
نثارِ عارضِ زيبائي جانان،
گل و لالهء و نسرين و سمن آهِه.
سڄڻ جا زلفِ مشڪين عنبر آفشان،
خطا ٿئي جي چوان مُشڪِ ختن آهِه.
چوان بادام چشمِ دلبرا کي،
علاجِ ضعفِ دل سيبِ ذقن آهِه.
قدِ دبر سهي
' کان آهِه سوڌو،
خجل جنهنب کان ٿيو سروِ چمن آهِه.
دُرِ دندانِ دلبر جهڙو موتي،
ڏٺو مون ڪين در ملڪِ عدن آهِه.
ڪريان اِيئن يار جي فرقت ۾ فرياد،
فراقِ گل ۾ جئن مرغِ چمن آهِه.
اُهو آگاه رنج عاشقي کان،
پڙهيو جنهن ڪنهن ڪتاب نلدمن آهِه.
تڏهن آرام ڪنهن کي ڪين ڏيندو،
جڏهن گردش ۾ خود چرخِ ڪهن آهِه.
هئا جنهن جاءِ تي طائوس طناز،
اُتي اَڄ ٿو ڏسان، زاغ و زغن آهِه.
پڙهي جيڪو ٿئي سو شڪّر افشان،
زِبس شِرين سندم سهڻو سخن آهه.
اُنهيءَ کي ناهه ڪنهنجو بيم ۽ باڪ،
حمايت جنهن جي هردم پنجتن آهِه.
”گدا“ خسخانه پنهنجي ۾ ئي، هر ڪو،
نظام الملڪ نوابِ دکن آهِه.

 

(96)

سندم سهڻو سڄڻ رشڪِ چمن آهِه،
گل اندام آهه ۽ گل پيرهن آهِه.
سراپا منهنجو دلبر خرمنِ گل
'،
صنوبر قامت ۽ گلگون بدن آهِه.
حَسينن ۾ سندس همسر نه ڪوئي،
عديم المثل منهنجو من موهن آهِه.
نگاهِ ناز سان دل نِيئين نهوڙي،
اَدا! هي دلبري جو هڪڙو فن آهِه.
زبان ”برگِ گلِ احمر سان همِ رنگ“،
برنگ غنچه دلبر جو دَهن آهِه.
تصدق يار جي لب تان سمر قند،
نثارِ زلفِ مشڪين خود ختن آهِه.

اُهو ڪئن راستبازن سان ٿئي راست؟
سَراسر زلف جنهن جو پُرشڪن آهِه.
پِرين وانگر پَريٖ هڪ پل نٿو ٿئي،
سندم دل درد جو گويا وطن آهِه.
وِساريٖ ٿِي ڇڏي خلدِ بَرين کي،
عجيبن جي عجائب انجمن آهه.
پريزاد آهِه پيارو يار منهنجو،
رقيبِ بد گُهَر ڄڻ اهر من آهِه.
تڏهن اَڄ عشق ٿي پيو ڦِشڪ آهي،
نڪا شيرين نه ڪوئي ڪوهڪن آهِه.
عُمر کي مارئي چيو ”باهه ۾ ساڙِ،
”چئين ٿو جنهن کي تون، هي نوَرتن آهِه.“
نڪو جهڙس ٻيو زهرِ هِلاهل
'،
فراقِ يار ڄڻ دارا شڪن آهِه.
غزل منهنجو سُڻي چيو منهنجي دلبر،
”گدا“ ”سر حلقهء اهلِ سخن“ آهِه.

 

(97)

نڪي سو مرد آهي ۽ نه زن آهِه،
وليّن جي طرف جنهن کي ڪي ظن آهِه.
مثالِ مسور جيتوڻيڪ آهي،
تَڪبّر کان ٿو سمجهي، پيل تن آهِه.
سندس راحت سراسر درد و اَندوه،
هِي دنيا سَر بَسر دارُالمِحَن آهِه.
سَڀن کي پاڻ کان سمجهي زياده،
سياڻن جو اهو سُوڌو سخن آهِه.
دوئي جي حرف کي دل کان وساري،
اُهو مؤمن سچو جو يَڪ سخن آهِه.
ڌرم سال آهِه هي دنيا دو رنگي،
مُسافر هِن ۾ هرڪو بي وطن آهِه.
تڏهن هر ڪنهن ۾ آهي ڪج اَدائي،
زماني جو جڏهن اُلٽو چلن آهِه.
ڏِسو هي گردشِ گردونِ گردان
`،
نه اَشرافن جي هٿ ۾ اَڄ چمن آهِه.
”گهيٖ اِقبال بخشد گاه اِدبار“،
نه هڪڙي چال تي چرخِ ڪهن آهِه.
غريبن تي خدا راضي ٿئي شال!
اَدا! هي ورهيه ڏِس ڪهڙو ڪٺن آهِه.
خدا خود راز کي پنهنجو ٿي ڄاڻي،
ڪنهين کي ڇا مجالِ دم زدن آهِه؟
ڇڏي غفلت اُٿي الله سان اور،
اِهو فرمايو سڀني مُرسلن آهِه.
“غضب کان حق جي رحمت آهِه غالب”،
سچي سردارِ عالم جو سخن آهه.
اَميرِ ذاولعطا عبدالحسين خان
سنہ س حامي سدا حضرت  حسن آهِه.
”گدا“ جو شاه اَسد الله غالب،
اَمير المؤمنين خيبر شڪن آهِه.

 

(98)

يار جو رخسار واه،
يوسفِ ثاني چوان،
ڪبڪ کي پامال ڪيو،
نت خدا کان ٿو گهران،
منهنجي پيو گردن ۾ اَڄ،
مون سان سهڻي يار جو،
سر تصدّق ٿو ڪريان،
مون ڏٺو اَڄ خواب ۾،
وصل جو دلبر وري،
مون کي ساري ملڪ ۾،
منهنجي آهي دمبدم،
منهنجي ساجن منهجي لاءِ،
مون کي ڏي پير مغان،
”حضرت سانگي“ سخي،
پير صاحب جان شاه،
مخزنِ اسرارِ حق،
هو سلامت شل هجي،
آهه ڪَلامت ۾ عجيب،

 

غيرتِ گلزار واه!
دلبرِ دلدار واه!
يار جي رفتار واه!
دولتِ ديدار واه!
زلف جو زنّار واه!
قرب ڪيو ڪلدار واه!
يار تي صد بار واه!
پنهنجو اکڙين ٺار واه!
مون سان ڪيو اِقرار واه!
عشق ڪيو اظهار واه!
چشم گوهر بار
` واه!
سَرس ڪيو سينگار واه!
ساغرِ سرشار واه!
مير مڻيادار واه!
آهِه وضعِ دار واه!
مطلع انوار واه!
سيّدِ سردار واه!
هو شور هشيار واه!

 

اَي ”گدا“ شاهِ نجف،
منهنجو مدّدگار واه!

 

(99)

ڏِس! ته ڪهڙي لڳي هوا اَڄ ڪالهه،
مون کان محبوب ٿيو جدا اڄ ڪالهه.
چيو طبيبن، سُڻي سندم احوال،
درد تنهنجو، ٿيو لا دوا اڄ ڪالهه.
ڪانه ٻي ڳالهه ٿي وڻي، مطلق،
مون کي سهڻن جي سڪ سوا اڄ ڪالهه.
مون کي شايان هر طرح آهي،
عشقبازيءَ جي اِدّعا اڄ ڪالهه
`.
هم بغل مون سان، منهنجو ٿيو محبوب،
مون کي حاصل ٿيو، مدّعا اڄ ڪالهه.
آءُ! اچي منهنجو حال ڏِس هيڪر،
آهيان بي تاب، تو سوا ڄ ڪالهه.
آءُ ڪريان پنهنجو مال، جان، فدا،
يار چيو مون کي، مرحبا! اڄ ڪالهه.
دوست دلخواه، يار دلبر جا،
منهنجي گردن ۾، زُلف پيا اڄ ڪالهه.
مون کي جنهن جي ڏِسڻ جي سڪ هئي سدا،
آءُ ڏسان ٿو سو جا بجا اڄ ڪالهه.
بي سبب ناهه، منهنجي دل جي ڪشش،
يار پيارا، سي ياد پيا اڄ ڪالهه.
جن ضعيفن جي ٿي حمايت ڪئي،
ڪين ڏسجن ٿا، سي ادا! اڄ ڪالهه.
وئي لَڏي، لوڪ مان ادا! اُلفت،
۽ ٿيو بغض و حسد بپا اڄ ڪالهه.
جي سُکيا هئا، اُهي بُکيا ٿي پيا،
ڏِس زماني جي رنگ ڪيا اڄ ڪالهه.
هيءَ دُعا منهنجي مستجاب ٿئي،
فضل پنهنجو ڪري، خدا اڄ ڪالهه.
شال ”سانگي“ سدا سلامت هوئي،
ٿو چوي شعر بي بها اڄ ڪالهه.
اَي ”گدا“ تنهنجو هِت هُتي هر جا،
ٿيو مددگار، مصطفيٰ اڄ ڪالهه.

 

رديف ء

(100)

آلهه لڳ مٺا محب پيارا تون آَءُ!
مران ٿو سِگهو جيءَ جيارا تون آءُ!
دل و جانٌ جدائي ۾ تنهنجي جلي،
وهن منهنجي نيڻن جا نارا تون آءُ!
سُڻي عرض عاجز جو عاجز نواز،
ڀَلائي ڪري ڪا، ڀَلارا تون آءُ!
سڄڻ ساهه کي، تو تي قربان ڪريان،
اکين ۾ ڏيان ٿو اوتارا، تون آءُ!
سڄو ڏينهن تنهنجو اَٿم انتظار،
ڳَڻيان ٿو سڄي رات تارا، تون آءُ!
نه ڪر دير دلدار دَمُ درميان،
سَنبهجي سِگهو ماه پارا تون آءُ!
ولي خدا شاه مردان علي،
”گدا“ جي صدا سُڻ، خدارا تون آءُ
'.

 


 


'                 حلب: ملڪ شام جي هڪ مشهور شهر جو نالو جو بلوچ قوم جو اصل وطن آهي. خبط الحواس: چريو- پاڳل- بيوقوف. في الفور: هڪدم- جلدي- جهٽ پٽ.

'                 نجيبن: شريفن- بزرگن. ساغر صهباي لاله گون: ڳاڙهي رنگ جي شراب جو پيالو.

'                 فزون: وڌيڪ. ڪاسهء فلڪ: آسمان جو پيالو يا کوپري. راست ڪين: سنئون نه ٿيندو. سرپوش: ڍَڪڻ. سَرنگون: هيٺ جهڪيل. ذوالفنون: فنن ۽ هنرن جو مالڪ. سيماب: پارو. محتشم: حشمت جو مالڪ- رعب ۽ دٻدٻي جو ڌڻي. فريدون: فارس جي هڪ قديم بادشاهه جو نالو. رشڪِ برگِ سمن: چنبيلي جي پن کي شرمائيندڙ.

'                 اَهرمن: ديو- شيطان- آتش پرستن جي نزديڪ نيڪيءَ جو خالق يزدان يعني خدا تعاليٰ آهي ۽ بَديءَ جو خالق اَهرمن يعني شيطان آهي.

'                 سَمن: پيغام- نياپو- سنيهو.

'                 نقطهء موهوم: اُهو ٽٻڪو جو فقط وهم يا گمان ۾ هجي، يعني نه اُن جو وجود هجي ۽ نه وري ظاهري طرح ڏسڻ ۾ اچي. باريڪ تر از تارِ نظر: نگاهه جي تار کان به وڌيڪ سنهو. موي ڪمر: چيلهه جو وار. نعمتِ الوان: رنگا رنگي نعمتون- جدا جدا قسمن جا عيش. اسباب: سببن يا وسيلن جو جهان يعني دُنيا

'                 مڪين: رهندڙ- آرامي. زندهءِ جاويد: همشہ زنده رهندڙ- سدائين جيئرو. ظفر: دهليءَ جي آخري مغل بادشاهه، بهادر شاهه جو تخلص. بيت الشرف: عزت يا بزرگي جو گهر- ستارن جو اوج يعني آفتاب کي حمل، قمر کي ثور، مريخ کي جدي، عطارد کي سنبله، مشتري کي سرطان، زهره کي حوت ۽ زحل کي ميزان ۾ سعادت حاصل ٿئي ٿي.

'                 ناوڪ فگن: ننڍو تير چڀائيندڙ. آزردو: اِيذايل- رنجايل. الغرضو: بي غرض- بي پرواه- بي ڊپو.

'                 مهرن: سونيون مهرون- روپيا. مشتِ استخوان: هَڏن جي مُٺ. ٻاڙودا: ڀرپور- ٽمٽار- نار ۾ ايترو پاڻي هئڻ جو لوٽين جي ڪنارن کي پيو لڳي. يم: آلاڻ. يوم النّشور: قيامت جي ڏينهن واري مهل تائين.

'                 مُونس: محبوب- پيارو. اختر شماري: تارا ڳڻڻ.

'               خط خضر بشِ عيسيء دوران نه چوان ڇو؟: منهن جي خط کي خضر وانگر رهبري ڪندڙ ۽ بش يعني اُن کلندڙ منهنجي محبوب کي پنهنجي زماني جو عيسيٰ يعني مُردن کي زنده ڪندڙ ڇو نه چوان. ريحان: نازبوءِ. عشوو ۽ ڪرشمو: ناز- غمزو- نخرو. تبسم: مُرڪ- مُشڪڻ. تختّر: مڪاري- دغا- فريب.

'                 غيرتِ نيسان: نيسان جي ڪڪر کي شرمائيندڙ- نيسان عبراني سال جي ستين مهيني جو نالو آهي جو انگريزي اپريل مهيني جي برابر ٿئي ٿو. هن جي برسات کي ابرِنيسان چوندا آهن. هي ربيع جي مند ۾ نو روز کان چاليهه ڏينهن پوءِ وسندو آهي. مشهور آهي ته هن جي ڪري سپ ۾ موتي، ڪيلي ۾ ڪافور ۽ ڪاري نانگ جي ڦڻ ۾ زهر پيدا ٿئي ٿو. قيصر: رومي ٻوليءَ ۾ قيصر اُن ٻار کي چوندا آهن، جنهن جي ماءُ ٻار پيدا ٿيڻ واري ڏينهن مري وڃي ۽ اُن جو پيٽ چيري ٻار ڪڍيو وڃي. جئن ته روم جو پهريون بادشاهه آغسطوس، جنهن کي انگريزيءَ ۾ آگسٽس چوندا آهن، اهڙيءَ طرح پيدا ٿيو هو، تنهنڪري سندس لقب قيصر مشهور ٿيو. هينئر اهو لفظ ايتريقدر عام ٿي ويو آهي، جو هر بادشاهه کي قيصر چوندا آهن. خاقان: چين ۽ روسي ترڪستان جي اڳين بادشاهن جو لقب، هينئر هر بادشاهه کي خاقان چوندا آهن.

'                 شاهِ خراسان: خراسان جو بادشاهه- جئن ته حضرت عليءَ جي تربت خراسان جي شهر نجف ۾ آهي، تنهنڪري کيس شاهِ خراسان سڏيو ويو آهي. گلِ صدبرگ: سَون پنن وارو گل- هيڊي رنگ جو گل- گيندو يا گيدوڙو. سايهء ابر: ڪڪرن جي ڇانو خورشيدِ درخشان: چمڪندڙ سج. برسرِ جور: ظلم جي مٿان. گربان: روئندڙ. باراب: مينهن- برسات.

'                 جامِ مي برسر ڪف: هٿ جي تريءَ تي شراب جو پيالو. ملڪِ بدخشان: بدخشان جو ملڪ، جتي لعل پيدا ٿيندا آهن. اشرف الخلق: سڄي مخلوق کان مٿاهون يا ڀلارو.

'                 شاهه سخندان: شاعرن جو بادشاهه. توسنِ طبع: طبيعت جو گهوڙو. مهوش: چنڊ جهڙو منهن رکندڙ محبوب. ناوڪ: ننڍو تير. دم تسليم: سلام ڪرڻ مهل. حڪم جي تعميل ڪرڻ وقت. زانو: گوڏو. طورِ سينا: طور سينا جبل، جو ملڪ شام ۾ آهي، اُن تي حضرت موسيٰ کي الله جو جَلوو نظر آيو هو. واديءِ ايمن: بيڊپائي جي ماٿري.

'                 حوادث: حادثه جو جمع-واقعا-نيون پيدا ٿيل مصيبتون. علائق: علائقه جو جمع- لاڳاپا-واسطا-تعلقات. زمردگون: زمرد يعني سائي رنگ جي هڪ ڳري قيمت واري هيري جهڙي. ڪاري: ڪرائي. بارڪ الله: خدا توکي برڪت ڏئي. سبحان الله. مسخر: تسخير ڪيل- تابع- حڪم هيٺ. لِله الحمد: سڀڪا تعريف خدا جي واسطي آهي.

'                 رويهء لنگ: منڊي لومڙي. آئينه صفت: آئيني وانگر- شيشي جهڙو. دايو: ٻانهو- بادشاهن جي ٻارن کي راند روند ڪرائيندڙ خاص نوڪر. چشمِ مخمور: شرابي اکيون- نشيلا نيڻ.

'                 محوِ ديدار: ديدار ۾ مست. واقف اسرار: ڳجهه مان واقف- راز مان خبردار.

'                 نگهت: خوشبوءِ. بلاشبه: شڪ کان سواءِ-سچ پچ. خجل: لڄي- ڦڪو- شرمندو. سهل: آسان. مسمار: برباد- تباهه. مقدار: اندازو- تخمينو- شمار. شمع لگن: شمعدان- ٿالهيءَ جي مٿان ٻرندڙ موم بتي. چسپيده: چنبڙيل.

'                 قندِ مڪرّر: ٻيو ڀيرو صاف ڪيل کنڊ. خرامان: نخري سان هلندڙ- آڪڙجي گهمندڙ. نافهء آهوي ختن: چين جي حد ۾ تاتار جي هڪ شهر ختن جي هرڻ جي دُن، جنهن منجهان مشڪ پيدا ٿيندو آهي. عرصهء عالم: دنيا جو ميدان. موهوم دهن: اهو باريڪ ۽ ننڍڙو وات جنهن جو فقط وهم يا گمان ڪري سگهجي ۽ ظاهري طرح ڏسڻ ۾ نه اچي.

'                 ازبسڪه: مطلب ته. زيرِنگين: منڊيءَ هيٺان يعني اهو حڪم يا فرمان جنهن تي مهر لڳائي وڃي. همايون: هي لفظ هما ۽ يون کان مرڪب آهي. هماُن پکيءَ کي چوندا آهن، جنهن جي پاڇي پوڻ سان ماڻهو وڏي بخت وارو يا بادشاهه بنجي ويندو آهي. جهانگير: ملڪ فتح ڪندڙ. اڪبر بادشاهه جي فرزند سليم جو لقب، خدنگي: تيرانداز- بهادر.

'                 شنگي: ڌاڙو هڻڻ. قسم مون کي شعاعِ شمعِ حسنِ ڇهرهء جانان: محبوب جي منهن جي حسن جي شمع جي شعاع جو قسم. پتنگي: پروانو. دمِ صبحِ قيامت تک رها هوگا نه وه هرگز: قيامت جي ڏينهن جي صبح واري مهل تائين اُهو ڪڏهن به آزاد نه ٿيندو. ملنگي: درويشي- فقيري. لحد: قبر جي اندر هڪڙي پاسي کان لاش رکڻ جي کڏ.

'                 آشنائي: دوستي- محبت. سگلي: سياڻي. آگلي: چري. توشو: ثمر- سامان. توڪل: خدا تي ڀروسو. ميان صاحبڏنو: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد منجهان ۽ گدا شاهه جو هم عصر شاعر.

  حنظل: ٽوهه. اخگر: ٽانڊو- ٻرندڙ اڱر. عرض: ’ر‘ جي زبر سان، اها شي جا پاڻمرادو قائم نه هجي، پر ان جو ڪو ٻيو سبب هجي؛ جئن ته رنگ جو قيام ان جي ڪپڙي يا ڪنهن ٻي شي تي آهي. جوهر: اُها شيَ جا پاڻمرادو پنهنجي ذات سان قائم هجي؛ جئن ته ڪپڙو عرض آهي ۽ رنگ اُن جو عرض آهي. خورشيد: سج. عنتر: حضرت علي جو مقابلو ڪندڙ عربستان جو هڪ بهادر.

 

'                 صهبا: ڳاڙهو شراب. صُبحگاه: صبح جي وقت. آتشين خو: باه وانگر تيز عادت وارو. شعله رو: باه وانگر ٻرندڙ منهن. ڪبڪ: مشهور پکي، جنهن کي چڪور به چوندا آهن. تجّر: علم ۾ سمنڊ وانگر هوشيار هئڻ تمام گهڻن علمن جو مالڪ هئڻ. بارَڻ جي نئين: نئين باران، جا کير ٿر جبل مان نڪري ڪوٽڙيءَ جي ويجهو سنڌو نديءَ ۾ ڇُڙي ٿي. پگاه: صبح.

'                 ذوالعطا: سخاوت جو مالڪ. روبهء گردون: آسمان جي لومڙي. نثارِ عارضِ زيبائي جانان: محبوب جي وڻندڙ ڳلن تان قربان.

'                 سهي: سرو جو سنئون سِڌو وڻ. ڪتابِ نلدمن: ڪاليداس جو مشهور ناٽڪ نلد مينتي. طائوس: مور. طناز: اِشاره بازي ڪندڙ- ناز نخرو ڪندڙ. زغن: ڪانو ۽ سرڻيون. شڪر افشان: کنڊ هاريندڙ. زِبس: مطلب ته- بس. بيم: خوف- ڀَو- ڊپ. نظام الملڪ، نوابِ دکن: دکن يعني حيدرآباد دکن جو نواب نظام الملڪ آصف جاهه نواب عثمان علي.

'                 خرمنِ گل: گلن جي ٻاري. تصدق: گهور- قربان- صدقي. رقيبِ بدگُهَر: بد نسل- بدبنياد. اهرمن: شيطان- آتش پرستن جي عقيدي موجب بَديءَ جو خالق. ڦِشڪ: فسق- زنا.

'                 زهرِ هلاهل: اُهو قاتل زهر، جنهنجو ڪوبه علاج نه هجي ۽ ان جو کائيندڙ ترياق يا ٻي ڪنهن به دوا سان بچي نه سگهي. تخفته المؤمنين ۾ لکيل آهي ته هلاهل چين ۾ هڪ جبل جو نالو آهي، جنهن تي هڪڙي قسم جو وڻ پيدا ٿيندو آهي، جنهنجي پاڙ قاتل زهر آهي. انهيءَ جبل جي نالي پٺيان ان زهري ٻوٽيءَ جو به اهو نالو پئجي ويو آهي. داراشڪن: گلي گهٽڻ واري ڦاسي- ڦاسيءَ جو تختو. سر حلقهء اهلِ سخن؛ سخندانن جو سردار. ظن: وهم- شڪ- گمان. پيل تن: ٿاهيءَ جهڙو جسم. دارُ المِحَن: رنج ۽ غم جي جاءِ.

` گردون گردان؛ ڦرندڙ آسمان جو ڦيرو گهي اقبال بخشدگاه اِدباز؛ ڪڏهن بخت ٿو بخشي ۽ بدبختي

` گوهر بار؛ موتي وسائيندڙ مخزن اسرارِ حق: خدا جي ڳجھن رازن جي کاڻ. مطلعِ انوار: نُورن جي اڀرڻ يا پيدا ٿيڻ جو هنڌ. ڪلامت؛ ڪلام – سخن - شعر

 قامت رعنا: رنگين قد. انگبين: ماکي. نيشڪر: ڪمند- کنڊ، شهد: ماکي. نسترن: نسرين – هڪ خوشبودار گل جو نالو. صفا آرا: صفائي کي سينگاريندڙ يعني محبوب جو منهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org