سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :11

 

متفرقات

 

(155)

تضمين بر غزل حافظ شيرازي

نظر سان جي نوازي، ڏيانس آ تارن ۾ اوتارا،
”بخالِ ہندويش بخشم سمر قند و بُخارا را“
'.
حسينن غمزهء ؤ ناز و ادا و وضعداري سان،
”چنان بر دند صبراز دل که ترکان خوان يغمارا“.
اَزل کان منهنجو دلبر آهه آرائش کان مستغني.
”بآب و رنگ و خال و خط چه حاجت روي زيبارا“.
ڀَري ڏي ساقيا جامِ مي شيراز ساريان ٿو،
”کنارِ آب و رکنا باد گلگشتِ مصلّٰي را“.
مغنّي نغمه سنجي ڪر، نه قولو ڦور عالَم جو،
”که کس نکشود نکشادست بحکمت اِن معمارا“.
شعاعِ شمعِ حُسنِ يوسفي جنهن دم ٿيو، ڄاتم،
”که عشق از پردهءِ عصمت برون آرد زليخا را“.
مِٺا! دُشنام
' تنهنجا شهد کان شيرين چوان بيشڪ:
”جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شکر خارا“.
سدائين گوش دل جي سان سُڻيو سمجهيو چڱو ڄاڻن،
”جوانانِ سعادتمند پندِ پيرِ دانا را“.
”گدا“ تعريفِ روي عرق آلودهءِ جانان جي،
”که بر نظمِ تو اَفشاند فلک عقدِ ثُريّا را“.

 

****

 

(156)

”اَلآ صبا از من بگو پيغام با آن سيم بر“،'
توکي ساريان، رت هنجون هاريان ٿو هر شام و سحر.
”از براي اِشتياقَ ديدنِ ديدار تو“،
بيخورو بي خواب آهيان آءُ اَچي لَهه تون خبر.
”بر سرت قربان کنم جان و دل و دُنياؤ دين“
ناز پرور نازنين ڪر ناز مان مُون ڏي نظر.
”صبر و آرام و قرار و طاقت و تاب و توان“،
هڪڙي غمزه ساڻ غارت تون ڪري وئين سربسر.
”قصّه دردِ فراقت را اگر سازم بيان“،
ڪو سُڻي سگهندو نه اُن کي آهه از بس سو اَپر.
”آتشِ عشقت دل و جان و تنم يک لخت سوخت“،
مهر ڪر، ٿي مهربان، هيڏو نه ڪر مون تي ڏمر.
”تا دمِ صبحِ قيامت با تو اِقرارِ من است“
'،
آ مٽيندس ڪينڪي محبوب منهنجا تنهنجو دَر.
”آلآ شِه خوبان! بياؤ حالِ زارِ من به بين“،
وصل جو وعدو ”گدا“ سان دلگهريا دلدار ڪر.

 

(157)

”در غم عشقِ بتان از بسکه هستم بلآ خبر“،
هِن بَلا کي ٻيو ته ڪو سمجهي وجهي هٿ هوشوَر.
”تا جُدا گرديد از من آن مَهِ بُرجِ جمال“،
مثلِ گردون مون کي گردش آهه هر شام و سحر.
”نيّر اعظم آسمان حسن را رويش بود“،
تاب اُن جي کي ڏسي ڪورنش ڪري شمس و قمر.
”يکسرِ مو نيست در گفتارِ من کذب و دروغ“،
در نظر گاهلآ نيامد يار جو مُوي ڪمر.
”راست گويم نيست کس در عاشقي همتائلآ من“،
عشقبازي منهنجي ٿي عالم سڄي ۾ مشتهر.
”در فراقش آنقدر زار و حزين گرديده ام“
'،
ڇا عجب! جي آه سان عَالم ڪريان زير و زبر.
”از دل و جان چون ”گدا“ مدّاحِ شاهِ انبيا ست“،
آتشِ دوزخ کان اُن کي ناهه ڪو خوف و خطر.
”مير عبدالله خان صاحب بهادر حمزوي“،
سو سلامت شال هوئي فرزند سان با ڪرّو فر.

 

(158)

اَلآ ماهِ اوجِ دلبري نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!
اَلآ سروِ باغِ برتري نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!
اَلآ روئلآ تو رتکِ چمن ولآ زلفِ تو مشکِ ختن،
دندانِ تو درِّ عدنِ نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!
اَلآ نازنين ناز آفرين دارم دلِ اَندو هگين،
با درد و حرمان همقرين نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!
اَلآ عارضت رشکِ قمر سنگين دلت مثلِ حجر
'،
شيرين لَبت چون نيشکر نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!
اِمروز ميداري اگر بر من تو اِين جورو جفا،
فردا چه گوئي با خدا نامِ خدا مون ڏي ته ڏِس!
اَلآ دلربا گلگون قبا تا کلآ کني برمن جفا؟
بر اِين ”گدائلآ“ مبتلا نامِ خدا مون ڏي ته ڏس!

 

 

 

****

 

مستزاد

پياريو صبح پيالو ادا، مستن پرت والو،
                        ٿيس مخمور متوالو.
مي شيراز پياريو تو، مئل دل کي جياريو تو،
                        بهر جا اَڄ ٿيو بنگالو.
شراب شوق ڪرم مفتون، دل و جان کي فدا ڪيو مون،
                        چڱو دلچسپ هي چالو.
شرابي مون کي زاهد چئي، خرابي مون کي عابد چئي
                        لڳي پٽين جي سر ڀالو.
ڏس جنهن کي ٿيس آ غش
'، خط دلدار سو دلڪش،
                        قمر جي گرد جئَن هالو.
خزان ويو ۽ بهار آيو، خمار آلوده سڀڪو ٿيو،
                        ٿيو زاهد خشڪ اَڄ آلو.
گدائي ساقي ڪوثر ٿيس آ بخت ٿيو ياور،
                        ٿِيم شاهن کان وڌ نالو.

 

 

 

****

 

خط منظوم*

بخدمت حضرتِ مخدوم صاحب،
وليِّ ذوالڪرم والا مَناقب،
'
فصيح و فاضل و فخر الفواضل،
فهيم و فائق و بحر الفضائل،
زهلآ فرخ لقا خوش خلق خوش خو،
سخندان و سخن سنج و سُخن گو.
سلامن ۽ نيازن جي پُڄاڻا،
نيازن ۽ سلامن جي پُڄاڻا،
صبا! هي عرض منهنجو تون رسائين،
اَدب سان حال هي منهنجو سُڻائين،
بَافضالِ خداوندِ زمانه،
طرف حرمين جي ٿياسون روانه.
ڪراچي ۾ نَون ڏينهن جي مُدّت،
عَدن پهچي اُتي ڪئي سون اِقامت.
گذارياسون اُنهِيءَ هنڌ ڏينهن چاليهه،
اسان جي سر وَسيا رحمت سندا مِينهه.
اُتي درگاهِ شاهِ عبد روس آه،
عجائب فيض جي سا جاءِ وه واه!
وليّ الله سيّد با کرامت،
سهي سروِ گلستانِ وِلايت.
اَزان پس ٿياسون بابوره ۾ راڪب
'،
طرف قمران جي ٿياسون مخاطب.
اُنهيءَ هنڌ پنج پورا ڏينهن هئاسون،
حديده ڏي اُتان راهي ٿياسون.
وڃي خواجه جي اُت ڪئي سون زيارت،
صفي الله جي، جو صاحب ڪرامت.
سحابِ فيض اولادِ مجدّد،
وليّ والا همم فخرِ اَب و جد.
اُتاهون پوءِ جده ۾ رسياسون،
ڏسي جدّه کي خيلي خوش ٿياسون.
اَزان بس ٿياسون بيت الله ڏي تيّار،
رسي مڪّي ۾ ڪيوسون حمدِ داداره
طوافِ ڪعبته الله جو ڪيوسون،
صفا، مروه ڊُڪي ڊوڙي ڏِٺوسون.
زهي مڪّه معظم شهر آباد،
ڏِسي اُن شهر کي مؤمن ٿيا شاد.
ڏِسي بلدالامين شهرِ اِلٰهي،
اَسان جي دل کي ٿي حاصل صفائي.
چو نوشيديم آبِ چاهِ زمزم،
'
ويا وسري اسان کي درد ۽ غم.
زهي ڪعبه زهي ڪعبه جو ديدار،
سراسر نُورِ حق ۽ مخزن اسرار.
هَلي مَڪّي کان مينا ڏي وياسون،
اُتان عرفات ڏي راهي ٿياسون.
بحمدالله پڙهيوسون حجّ اڪبر،
ڪندو مقبول سو دادارِ داور.
عزيزن دوستن جي حق دُعائون،
پِنيم حق کان ڪري حَق جون ثنائون،
ڪندو مقبول سي الله اڪبر،
با عزازِ شفيعِ روزِ محشر.
مديني پار پوءِ راهي ٿياسون،
ڏهن ڏينهن پڄاڻا اُت رسياسون.
ڏِٺوسون شهر ختم الانبيا جو،
ڏِٺوسون شهر محبوبِ خدا جو.
چُمي چائٺ سندس ڪئي سون زيارت،
اَسان کي ڪئي خدا حاصل هدايت.
بلاشڪ سو شفيع المذنبين آهِه،
بِلاشڪ سو اِمام المرسلين آهِه.
رسول الله شاهِ اَنبيا سو،
نبي الله حبيبِ ڪبريا سو.
اَدب سان هَٿ ٻڌي گردن ڪري خم،
پڙهيم هي بيت ٿي هر لحظه هردم.
محمّد از تو مي خواهم خدارا،
'
اِلٰهي اَز تو عشقِ مصطفيٰ را.
بقيعه ۾ ڪيون سين با بشاشت،
اِمامن ۽ صحابن جي زيارت.
هزارين فيض ٿيا حاصل آسان کي،
سوين ڪيون سون دعائون اُت اوهان کي.
اَسان جي قافلي ساري جو سالار،
سخي نورِ محمّد خان هو سردار.
اِها نعمت خدا اُن کي عطا ڪئي،
مَدد اُن سان محمّد مصطفيٰ ڪئي.
خُدا اُن کي ڪندوشل صاحب اولاد،
بحقّ مصطفا ؤ آل امجاد.
وطن ڏي پوءِ وري راهي ٿياسون،
ڪراچي جا اَچي اَچ وڻ ڏِٺاسون.
ڪراچي ۾ اَچي اَڄ آهيون پهتا،
اوهان ڏي هي عريضو تڏ لکون ٿا.
اَسان ڏي اَئين قدم رنجا ڪندو شال،
اَچي مُون سان ڀَلا پنهنجو ڪندو ڀال.
غلام آهيان محمّد مصطفيٰ جو،
مُريد آهيان سچائي سان اوهان جو.
”گدا“ مشتاقِ ديدار تو باشد،
بصدقِ دل وفادارِ تو باشد.

 

****

 

مثنوي

قديما، لطف فرما، فيض بخشا!
کريما، قادر و قيوّم، يکتا!
زتو خواهم ترا اين ذاتِ سرمد،
محمّد را دهم آلِ محمّد.
پِنان توکان ٿو اَي خلاّق عالم!
سلامت دوست منهنجا هوئن دائم.
عطا ڪر طبع منهنجي کي رواني،
ٿيان مشهور در جادو بياني.
اُهي مضمون موزونٌ ڪر عنايت،
رسائن دوستن جي دل کي راحت.

رَسائيءَ سا ترسي ٖ فڪرِ رسا کي،
ڪري مجموع هن نظمِ جدا کي.
طبع جي باغ کي سي گل عطا ڪر،
جا بلبل ڀي نه جنهن کان هوئي مخبر.
اُهي گل ڏي جو بس جنهن کان برابر،
مشامِ جان معطّر ٿئي سَراسر.
فصاحت سا رسي نظم نِڪو کي،
قبولي سڀڪو منهنجي گفتگو کي.
بلاغت سا جا بلغائن کي منظور،
فصاحت سا جا فصحائن کي منظور.
سيادت منزلت و الا همم شاه،
غلامِ مرتضيٰ سيّد وڏي جاه.
شريفِ لٽوي سيّد سخدان،
قدردان نامور منهنجو مهربان.
ڪري تنهن مهرباني لا نهايت،
مُڪو هڪ نامہءِ رنگين بغايت.
۽ تنهن سان گڏ هو نظمي سير نامو،
پڙهي خوش ٿيس سو سارو خير نامو.
اِلٰهي! لطف سان ان کي رکج شاد،
ڪيو جنهن مهربان مون کي آهي ياد.
عجائب سير اُن جا ۽ تماشا،
مٺي مضمون سان موزون چرچا.
۽ باغن جي تماشن جا فسانا،
سُڻي بلبل ٿئي حيران سي ترانا.
شڪارن جا شغل عمدا سڻياسون،
ڪُتن سورن جا پڻ چرچا ٻڌاسون.
مهارن جو مفصّل سارو اَحوال،
سُڻي صيّاد سڀ تنهن کي ٿيا خوشحال.
عجائب ڪا هئي لشڪر جي سواري،
رفاقت مير صاحب جي ۾ ساري.
۽ سيرِ بحر ڪشتي جي رواني،
ملاحن جي مڇي تي جانفشاني.
شڪارِ ماهيِ پلوه بدريا،
ڏٺا سڀ مير صاحب سان تماشا.
سو مير آهي الله بخشي حياتي،
سو شهواڻي آهي فيّاض ذاتي.
وري گهوڙي اوهان جي جي خرامي،
سُڻي شادان ٿي هي خاطر تمامي.
عجب رفتار ڪئي اَسپِ فلڪ گام
'،
ڪيو جنهن محو، بلڪل رخش جو نام.
بحمد الله وري با عزّ و عظمت،
رسي ٺٽي ۾ حاصل ڪيائون راحت.
اسين پڻ خير سان هن هنڌ آهيون،
اوهان جي ياد ۾ خورسند آهيون.
گهڻو دل ٿي گهري ٺٽي اچڻ لاءِ،
مِٺن يارن سڳورن کي ڏسڻ لاءِ.
مگر قسمت جي هِت آهي طياري،
تڏهن پوءِ ڇا ڪري دلڙي ويچاري.
ڪڏهن حج ۾ ڪڏهن ملڪِ عدن ۾،
”گدا“ آهي هينئر پنهنجي وطن ۾.

 

****

 

قصيدو *

ٿين موتي هي مضمونن جا پيارا،
ڪنن ۾ سامعينٌ جي گوشوارا.
ٿين مضمون جا گل ڦل شگفته،
معطّر جنهن کان ٿئي هي بزمِ زيبا.
هي مجلس اَنريبل مير الله بخش،
ڪئي آهي عجائب رونق اَفزا.
رفاقت تنهن سان ڪئي مير الهداد،
ٻنهي گڏجي ڪئي هي بزم برپا.
آهي مجلس هي ڄڻ جشنِ فريدون،
عجائب جنهن ۾ ٿيا آهن تماشا.
بنامِ خاص اِسٽيل اِسڪوائر،
هي رهندا يادگار عالم ۾ چرچا.
رعيّت پروري ۾ مسٽر اِسٽيل،
آهي مشهور ۽ معروف يڪتا.
آها آباد ٿئي ويران ولايت،
جتي هن سعدِ اڪبر پير پاتا.
گهڻا ڏينهن سنڌ ۾ هن صاحبِ بخت.
مروّت ۽ لياقت سان گذاريا.
هي صاحب خاندانن جو قدردان،
سدائين لطف هن جا ياد رهندا.
هجي آباد دائم حيدرآباد،
ڪليڪٽر تنهن کي ڏئي اَلله اهڙا.
هينئر پنشن تي هي صاحب وڃي ٿو،
آهي هي مجلس رخصت دل آرا.
بعمه اولاد هُئي دلشاد دائم،
مَٿس راضي سدا هُئي شل مسيحا.
اُهو والا همم صحب بهادر،
آهي هن بزم ۾ ٿيو رونق افزا.
خدا حافظ خدا حافظ سندو هوئي،
ڏسي تنهن کي چون اعليٰ ۽ ادنيٰ.
”گدا“ با حڪمِ ميرِ اَنريبل،
ٿِيو هن گفتگو ۾ آهِه گويا.

 

 

****

 

تاريخ بر ديوان سانگي

مير عبدالحسين خانٌ صاحب،
جنهن جو حامي سدائي اَسد الله.
اَخترِ برج عزّتِ تمڪين،
گوهرِ درج جود بي اِشباه.
مهرِ اوجِ عطا حقائق ڪيش،
شاه درويش دوست حق آگاه.
تا دمِ صبح روز رُستا خيز،
شاهِ مردان هجيس پشت و پناه.
لطف اُن تي لطيف جو دائم،
اُن سان همّت حبيب جي همراه.
ٽن زبانن ۾ ختم ڪيئين ديوان،
جن ڏٺو جن پرهيو چيائون واه!
حبّذآ! آهِه سو ڪلامِ ملوڪ،
بل ملوڪ الڪلام نت دلخواه.
سالِ تاريخ بي سرء ”اِنڪار“،
لک ”گدا“ تون ته ”خوب خاصو آهِ“.
                هجري 1310 = 1-131-1

 

****

 

 

متفرقات

 

مخمس در شان رسول- برتضمين قدسي

ختم هلآ تجهه په نوّت الآ شهِ مطّلبي!
تيرلآ محتاج هين شاه و گدا شيخ و نبي،
هلآ مجهلآ تيري ثنا سلآ هي صفائلآ قلبي،
مرحبا! سيد مکيّ مدلي العربي!
دل و جان باد فدايت که عجب خوش لقبي.
سيّدا! مجهه کو تِري ذاتِ مقدس کي قسم،
واسطلآ تيرلآ بنلآ ارض و سما لوح و قلم،
نور تيرلآ سلآ منوّر هوئلآ دونون عالم،
من بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم،
الله الله چه جمالست بدين بوالعجبي.
واه! کيا تيرلآ مراتب هين شهِ صلِّ عليٰ،
شان مين تيري کها حق نلآ هلآ ”لولاکَ لما“،
مجهه مين طاقت نهين تيري جو کرون مدح و ثنا،
نسبتِ نيست بذاتِ تو بَني آدم را،
بر تر از عالمِ آدم تو چه عالي نسبي.
اَلآ دُرِ بحرِ رسالت شهِ محمود و مقام،
حورو غلمان و ملک تيرلآ هين خدّام و غلام،
ابرِ رحمت هلآ برستا تِرا هر صبح چه شام،
نخلِ بستانِ مدينه زِ تو سرسبز مدام،
زان شده شهرهءِ آفاق بشيرين رطبي.
نامِ نامي تها تِرا نامِ خدا سلآ مستور،
دستِ قدرت سلآ وه تها عرش بربن پر مسطور،
جب هوا خالقِ کونين کو يون هي منظور،
ذاتِ پاکِ تو درين ملک عرب کرد ظهور،
ز آن سبب آمده قرآن بزبانِ عربي.
پس ازين شان شها! شوکتِ جمشيد شکست،
آگلآ رتبه کلآ تِرلآ سب کا هوا رُتبه پست،
واسطلآ تيرلآ هوئين پيدا يهي هشت بهشت،
شبِ معراج عروجِ توزِ اَفلاک گذشت،
بمقاميکه رسيدي نرسد هيچ نبي.
اَلآ شهِ کون و مکان صاحبِ صدگو نه کرم،
شافع روزِ جزا مهر عرب ماهِ عجم،
عفو کردلآ مِرلآ عصيان کوز الطاف و کرم،
نسبت خود بسگت ک کردم بس منفعلم،
زانکه نسبت بسگِ کوئلآ تو شد بلآ ادبي.
شافعِ شاه و گدا نامِ خدا تيري ذات،
هلآ کهان مجهه مين وه طاقت جو کرون تيري صفات،
جب کهين تجهه سلآ نبي اور ولي مِلکلآ يه بات،
”ماهم تشنه لبانيم توئي آبِ حيات“،
لطف فرماکه ز حد ميگذرد تشنه لبي.
هلآ تيرا نام مِرا وِرد شها شام و سحر،
دورِ دوران سلآ هوا حال هلآ ميرا اَبتر،
آلِ اطهر کلآ تصدّق مِرا احوال نگر،
چشم رحمت بکشا سوئلآ من انداز نظر،
الآ قريشي لقبي هاشمي و مطّلبي.
ذاتِ اطهر سلآ شفا خواه هم پير و نبي،
هلآ شفاعت کي قبا جسمِ مطهّر په پهَبي،
مثل قدسي کلآ هلآ کهتا يه ”گدا“ تسنه لبي،
سيّدي اَنت حبيب و طبيبي قلبي،
آمده سوئلآ تو قدسي پئلآ درمان طلبي.

 

***

 

منقبت در شان علي

علي هلآ آب و رنگ و بوئلآ گلزارِ اِلاهي کا،
علي هلآ لولوؤ لالائلآ عمّانِ خدائي کا،
علي هلآ مصدر الانوار نورِ کبريائي کا،
علي هلآ مظهر الاسرار سرِّ مصطفائي کا،
علي کا نام هلآ رهبر رهِ صدق و صفائي کا.
علي هر دل مين صد غنچلآ برنگ گل کهلاتا هلآ،
مُحبّون کو مقاصد هردو عالم مين دِلاتا هلآ،
بَاِذن الله مُردلآ لاکهه برسون کلآ جلاتا هلآ،
وه پياسون اور بهوکون کو پلاتا اور کهِلاتا هلآ،
اُسي پر آسرا هم سب کو هلآ مشکل کشائي کا.
هوئي هلآ تاب، پر تو اُسکي سلآ مهتاب تابان مين،
اُسي کان نام هلآ وردِ ملک گودونِ گردان مين،
وهي حامي خليل الله کا تها نارِ سوزان مين،
بچايا تها اَسد سلآ اُس نلآ سَلمان کو بيابان مين،
اُسي نلآ لمحه مين سائل کو بخشا تاج شاهي کا.
علي کو بهيد اُس الله نلآ اَپنا بتايا هلآ،
علي نلآ کافرون کو راسته حق کا دِکهايا هلآ،
علي نلآ قلعهء گردونِ گردان کو هلايا هلآ،
علي نلآ سينکڙون خيبر، نه اِک خيبر گِرايا هلآ،
سوا اُسکلآ مِلا کسکو لقب شيرِ خدائي کا.
لڙکپن مين شها تونلآ دهن چيرا تها اَڙدر کا،
تجهلآ بخشا مِرلآ موليٰ! خدا نلآ حوض کوثر کا،
کيا تجهه شاه کي جراءت نلآ زهره آبِ عنتر کا،
”گدا“ هو مدح گو گلشن غلط اِک آپ کي در کا،
کرم اُس پر کرو صدقه شهيدِ کربلائي کا.

 

****


 


'                 ”بخالِ هندويش بخشم سمر قند و بخارا را“: اُن جي ڪاري تِر تان سمرقند ۽ بخارا بخشي ڇڏيان. ”چنان بردند صبر از دل که ترکان خوان يغمارا“: بهادر جنگ ڪندڙ ترڪن وانگر منهنجي دل نيائون. آرائش: سينگار. مستغني: بيپرواهه. ”به آن و رنگ و خال و خط چه حاجت روي زيبا را“: رنگ، خال ۽ خط جي آبرو هوندي سهڻي مُنهن واري محبوب کي ٻي ڪهڙي ضرورت آهي. ”کنار آب و رکاباد گلگشت مصلّٰيٰ را“: رڪناباد، گلگشت ۽ مصلّٰيٰ جي پاڻيءَ جي ڪناري. مغني: گويو- راڳيندڙ. ”که کس نکشود نکشادست بحکمت اِين معمّار را“: جو نه ڪو انهيءَ ڳُجهه کي کوليندو ۽ نه کولي سگهيو آهي. ”که عشق از پردهءِ عصمت برون آرد زليخا را“: جنهن عشق عصمت جي پرده کان زليخا کي ٻاهر ڪڍي آندو.

'                 دُشنام: گاريون. ”جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعلِ شکر خارا“: مصريءَ جهڙي مِٺي ۽ ڳاڙهن چپن واري محبوب کي ڪَڙو يا کهرو جواب وڻي ٿو. جوانانِ سعادتمند پندِ پيرِ دانا را“: سعادت مند جوان داناءُ بزرگ جي نصيحت کي. ”گدا“ تعريفِ رويء عرق آلودهءِ جانان: اي گدا محبوب جي پگهر سان آلي ٿيل مُنهن جي. ”که بر نظمِ تو اَفشاند فلک عقدِ ثُريّا را“: جو تنهنجي نظم تي آسمان ثريا تاري جو عقد قربان ڪري ٿو.

             صنعت تلميع- يعني اُها صنعت جنهن ۾ هڪ مصرع هڪڙي ٻوليءَ ۾ هجي ۽ ٻي مصرع ٻيءَ ٻوليءَ ۾. هن غزل ۾ پارسي ۽ سنڌي ٻوليون ڪم آندل آهن.

'                 ”آلآ صبا! از من بگو، پيغام با آن سيم بر“: صبح جي ٿڌڙي هير منهنجي طرفان اُن چانديءَ کان وڌيڪ سهڻي محبوب کي پيغام وڃي چئو. ”از براي اِشتياقِ ديدنِ ديدار تو“: تنهنجي ديدار ڪرڻ جي شوق ۾. بيخورو بيخواب: کاڌي پيتي کان سواءِ ۽ بي آرام. ”بر سرت قربان کنم جان و دل و دنيا ؤ دين“: تو تاب جان، دل، دين ۽ دنيا قربان ڪريان. غارت: لُٽي وئين. ”قصّہءِ دردِ فراقت را اگر سازم بيان“: جيڪڏهين جدائيءَ جي درد جو قصو بيان ڪريان. از بس: بس فقط- مطلب ڳالهه جو ته. ”آتشِ عشقت دل و جان و تنم يک لخت سوخت: تنهنجي عشق هڪڙيئي جهڙپ سان دل جان ۽ جسم پنهنجي باهه سان جلايو.

'                 تادم صبح قامت باتو اِقرارِ من است: قيامت جي صبح واري وقت تائين منهنجو توسان وعدو آهي. اَلآ شِه خوبان بياؤ حال زارِ من به بين: اي سُهڻن جا بادشاهه اَچ ۽ منهنجو پريشان حال ڏس. در غم عشق بتان از بسکه هستم بلآ خبر: مطلب ته سهڻن جي عشق جي غم ۾ بي خبر آهيان. تا جدا گرديد از من اَن مَهِ بُرجِ جمال: جنهن وقت مون کان هو سونهن جي بُرج جو چنڊ جدا ٿي ويو. نيّر اعظم آسمانِ حسن را رويش بود: اُن جو منهن حسن جي آسمان جو سڄ آهي. يکَسرِ مو نيست در گفتارِ من کذب و دروغ: منهنجي ڳالهه ۾ تر جيترو به ڪوڙ ۽ وڌاءُ ڪونهي. در نظر گاهلآ نيامد: ڏسڻ ۾ ڪڏهن به نه آيو. يار جو مُوي ڪمر: محبوب جي چيلهه جو وار. راست گويم نيست کس در عاشقي همتائلآ من: مان سچ ٿو چوان ته عاشقي ۾ مون جهڙو همت وارو ڪوبه ڪونهي.

'                 در فراقش آنقدر زارو حزين گرديده ام: جدائيءَ ۾ ايتري قدر روئندڙ ۽ غم پرائيندڙ ٿي چڪو آهيان. از دل و جان چون ”گدا“ مدّاحِ شاه انبيا ست: گدا جئن ته دل ۽ جان سان نبين جي بادشاهه جي تعريف ڪندڙ آهي. مير عبدالله خان صاحب بهادر حمزوي: حضرت امير حمزه جو اولاد. اَلآ ماهِ اوجِ دلبري: اي دوستي جي اوج جا چنڊ. اَلآ سروِ باغِ برتري: اي بهتري جي باغ جا سرو. اَلآ روئلآ تو رشکِ چمن ولآ زلفِ تو مُشکِ ختن: تنهنجو منهن باغ کي شرمائيندڙ ۽ تنهنجا زلف ختن جي مُشڪ آهن. دندانِ تو درِّ عدن: تنهنجا ڏند عدن جا موتي آهن. الآ نازنين ناز آفرين دارم دلِ اَندو هگين: اي ناز وارا ناز پيدا ڪندڙ مان دل ۾ غم ۽ درد رکان ٿو. با درد و حرمان همقرين: درد ۽ رنج جي هڪ ٻئي سان گڏيل حالت ۾.

'                 الآ عارضت رشکِ قمر سنگين دلت مثلِ حجر: تنهنجا ڳل چنڊ کي شرمائيندڙ ۽ تنهنجي دل پٿر وانگر سخت آهي. شيرين لَبت چون نيشکر: تنهنجا مٺا چپ ڪمند وانگر آهن. اِمروز ميداري اگر بر من تو اِين جورو جفا: جيڪڏهن اڄ تون مون تي ظلم و ستم جاري رکندين. فردا چه گوئي باخدا: سڀاڻي خدا جي اڳيان ڇا چوندين. اَلآ دلربا گلگون قبا! تاکلآ کني برمن جفا: اي دلبر گلن جو ڊگهو ڪوٽ پائيندڙ تون اِهو ظلم ڪيستائين ڪندين. بر اِين ”گدائلآ“ مبتلا: هن گدا پريشان تي.

'                 غش: بيهوش. گرد: چوڌاري. هالو: پِڙي. خمار آلوده: نشي ۾ آلو.

*               محبي آخوند حاجي غلام محمد جي استدعا تي، حرمين شريفين مان واپس موٽڻ وقت منهوڙه جي ويجهو لکيو ويو.

'                 وليِّ ذوالڪرم والا مناقب: برزرگ-سخا جو مالڪ، فضيلت جو ڌڻي. فخر الفواضل: قاضلن جو فخر. فهيم و فاق و بحر الفضائل: فهم وارو- فوقيت رکندڙ، فضيلتن جو درياءُ. زهلآ فرخ لقا خوش خلق خوش خو: واه واه کلندڙ مُنهن، خوش خلق ۽ سهڻين عادتن وارو. بَاَفضالِ خداوندِ زمانه: زماني جي خدا جي مهربانين سان. اِقامت: ترسڻ- ٽِڪڻ.

'                 راڪب: سوار. ولي و الا همم فخرِ اَب وجد: خدا جو پيارو همت ڀريو، پيءَ ۽ ڏاڏي جو فخر. خيلي: گهڻو. حمدِ دادار: خدا جو حمد.

'                 چو نوشيديم آبِ چاهِ زمزم: جڏهن اسان زمزم جي کوهه جو پاڻي پيتو. باعزازِ شفيعِ روزِ محشر: قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندڙ جي عزت لاءِ. شفيع المذننبين: گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ. اِمام المرسلين: رسولن جو اِمام.

'                 محمّد از تو مي خواهم خدارا: اي محمد تو وٽان خدا گهُران ٿو. اِلٰهي از تو عشقِ مصطفيٰ را: يا الله تو وٽان مصطفيٰ جو عشق. با بشاشت: خوشي سان. ”گدا“ مشتاقِ ديدار تو باشد، بصدقِ دل وفادارِ تو باشد: ”گدا“ تنهنجي ديدار جو مشتاق آهي ۽ سچي دل سان تنهنجو وفادار آهي.

'                 فلڪ گام: آسمان تي قدم رکندڙ. رخش: رستم پهلوان جي گهوڙي جو نالو.

*           اسٽيل صاحب جي آمد تي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org