سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات گدا

صفحو :2

هڪڙي ”مخلص“، ٻيو ”مجتبائي“ شاهه-
اي ”گدا“ منهنجا دوستدار ٻئي.

 

        هڪ ڀيري ”سانگي“، گدا شاهه کي ”شمع لگن“ جي قافيي نڀائڻ لاءِ للڪاري چوي ٿو:

اندازِ سخن سارو ”گدا“ تي آهي روشن،
آڻيندو ڏسون قافيو ڪئن ’شمع لگن‘ جو!

 

        گدا شاهه، جنهن جي موزونيء طبع هڪ بحرِ بيڪران وانگر ڇوليون هڻي رهي هئي، سا هڪ منٽ جيتري دير به نٿي سگهي سگهِي، ۽ سانگيءَ کي ’غزل جي ڪنهن شعر‘ ۾ نه، مگر هڪدم مطلعي ۾ ئي ”شمع لکن“ جي قافيي کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان برمحل استعمال ڪرڻ جو جواب ملي وڃي ٿو- فرمائي ٿو:

پيراهن دلبر مسان ڏٺم رنگ بدن جو،
آندو مون عجب قافيو ڏس ’شمع لگن‘ جو!

        مطلب ته ”سانگي“ ۽ ”گدا“، ميدان سخن جي ٻنهي شهسوارن، پنهنجي اَشهب تخيل کي خوب جوش ۽ جولان ڏياري، سخن جي سر زمين تي پنهنجي قادرالڪلاميءَ ۽ سحر بيانيءَ جو علم بلند ڪري بيهاريو آهي: پر تنهن هوندي به ايترو چوڻ انصاف تي مبني آهي ته “گدا شاهه” ڪيترن هنڌن “سانگيءَ” کان سرس نظر اچي ٿو- جنهن جو ذڪر هن هيٺ ڪجي ٿو.

(1)

پرت مان پاڻ سان پيارا مهرباني ڪري مون کي،
سڄڻ سانگي ڪري سينگار، ويهن ٿا، وهارن ٿا. –”سانگي“

 

        سانگيءَ جي مٿئين شعر تي فني لحاظ سان نظرثاني ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ”پرت“ جي ’ر‘ ۽ ”مهرباني“ جي ’هه‘ ساڪن آهي. هڪ ته ’مهرباني‘ جو لفظ ”غرائب لفظي“ ۾ داخل آهي، منجهس اها ڪشش ۽ جاذبيت ڏسڻ ۾ نٿي اچي؛ ’مهرباني‘ جو لفظ خود ٻئي هڪڙي سبب جو محتاج آهي ته آخر عاشق تي اها مهرباني ڇو ٿي ڪئي وڃي؛ ۽ مهربانيء جي اظهار کان پوءِ، ”رعايت لفظي“ موجب، سينگار جو به مٿئين مضمون سان ڪو تعلق نٿو رهي.

ڏسيو زارو زبون عاجز و آندو هگين مون کي،
ڪرم بخشي ڪري، غمخوارو پهن ٿا وهارن ٿا. –”گدا“

 

”زار و زبون و عاجز و اندوهگين“ لفظن جي ڪري ”صنعت مراعات النظير“ پيدا ٿي پيئي، ۽ عاشق تي رحم ڪرڻ جو سبب به واضع ٿي پيو؛ ۽ اهڙيءَ ريت ’فصاحت‘ ۽ ’رعايت لفظي‘ جي ڪري، ’مهرباني‘ ۽ ’سينگار‘ جي بدران ”ڪرم بخشي“ ۽ ”غمخوار“ جا لفظ آندا ويا، جنهن جي ڪري شعر فصيح بنجي پيو.

(2)

ابروي يار تي ٿيو خال معنبي پيدا،
سڀڪنهين ڄاتو ته ٿيو تيغ جو جوهر پيدا. –”سانگي“

 

        ’ابرو‘ کي ”ريغ“ سان، ۽ ’خال‘ کي ”عنبر“ سان تشبيه ڏيڻ جو رنگ بلڪل پراڻو ٿي چڪو آهي؛ تنهنڪري شعر هڪ معمولي رنگ جو معلوم ٿئي ٿو، ۽ منجهس ڪا خاص جدت ڪانهي.

لب جانان تي ٿيو خال معنبر پيدا،
حوض ڪوثر تي ٿيو، حضرت قمبر پيدا.–”گدا“

 

        ’لب جانان‘ کي ”حوضِ ڪوثر“ سان، ۽ ’خالِ معنبر‘ کي حضرت ”قمبر“ سان تشبيهه ڏيڻ، نازڪ خياليءَ جي انتها آهي. اها روايت ته هرڪو ڪندو آهي ته حضرت علي المرتضيٰ جو غلام حضرت قمبر ڪاري رنگ جو هو؛ پر ان جي مناسب سان شاعريءَ ۾ اهڙو رنگ پيدا ڪرڻ، فقط گدا شاهه جو ئي ڪم آهي.

(3)

دربدر آهه چڱن کي ڪندو هي پير فلڪ،
مہ و خورشيد کي ٿيو حسن کان چڪّر پيدا. –”سانگي“

 

        پير فلڪ چڱن چڱن کي دربدر ڪندو آهي- اها سڀڪنهن کي خبر آهي؛ اهو به هر هڪ ڄاڻي ٿو ته ماه ۽ خورشيد هميشہ چڪر ۾ آهن؛ پر ”سانگي“ چوي ٿو ته سندن اهو چڪر ”حُسن“ جي ڪري آهي. هاڻي ’حُسن‘ جو لفظ صحيح طريقي سان ادا نه ڪيو ويو آهي، ۽ سندس غير محل هئڻ ڪري، ”حسن تعليل“ پيدا ٿي نٿي سگهي؛ ڇاڪاڻ ته اها خبر پئجي نٿي سگهي ته مہ و خورشيد کي ڪنهن جي حسن کان چڪر آهي- سندن پنهنجي حسن کان، پير فلڪ جي حسن کان، محبوب جي حسن کان، يا ڪنهن ٻيءَ شي کان؟ فقط انهيءَ هڪڙي لفظ جي غير محل استعمال ٿيڻ ڪري، سڄو شعر وضاحت طلب ٿي پيو آهي، ۽ مٿينءَ مصرع جو هيٺينءَ مصرع سان ربط نه رهڻ سبب، شعر ۾ ”دولخت“ پيدا ٿي پيو آهي.

حضرتِ عشق جي سرڪار مان دولت هي مليَم،
سر ۾ سودا ٿيو ۽ پيرن ۾ ٿيو چڪرّ پيدا.–”گدا“

 

        گدا شاهه پنهنجي شعر ۾ واضح ڪري ڏيکاريو آهي ته سندس پريشاني ۽ دشت پيمائي ”عشق“ جي ڪري آهي، ۽ ان کي عشق جي سرڪار جي دولت ڪري ٿو ليکي. ’عشق‘ کي ”سرڪار“ سان تشبيه ڏيئي، دولت مان پريشانين ۽ دشت پيمائي جو ڪنايو وٺڻ، ۽ دولت جي نشي ڪري سر ۾ سودا ۽ پيرن ۾ چڪر هئڻ جي خصوصيت پيدا ڪرڻ، ’حسن تعليل‘ جي مڪمل ثابتي آهي، ۽ شعر بلڪل بلند نظر اچي ٿو.

(4)

اسان جي عشق جون ڳالهيون اَدا ڳوٺن ۾ ڳائيندا،
اسان جي نطم کي مطرب ته سازن سان سُرائيندا.  –”سانگي“

 

        شعر جي پهرينءَ مصرع ۾ ، ”ڳالهيون ڳوٺن ۾ ڳائڻ“ جي نج سنڌي محاوري ڪم آڻڻ ڪري، زبان جي چاشني پيدا ٿي پيئي آهي، مگر مضمون جي لحاظ سان اُها بندش قائم نٿي رهي، جا هڪ قادر الڪلام شاعر جي شعر ۾ هئڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته اعتراض ٿو پيدا ٿئي ته ڇا عشق جون ڳالهيون ۽ نظم فقط مطرب ئي ڳائيندا وتندا-۽ سو به ڳوٺن ۾، شهرن ۾ نه؛ فقط سازن تي، ۽ نه زباني. عشق جو ڪمال ته اهو آهي، جو پنهنجي ترجماني پاڻ ڪري؛ پنهنجو راڳ پاڻ ڳائي؛ هر جڳهه ڳائي ۽ هر هڪ جي اڳيان ڳائي؛ دنيا جي اسباب ۽ زمان و مڪان جي قيد کان آزاد رهي: جيڪڏهن ائين ٿيو، ته پوءِ سندس افسانو دنيا ۾ هميشہ لاءِ يادگار رهندو.

        گدا شاهه جي هيٺئين شعر ۾ اهي سڀ پهلو غائب نه آهن، ۽ ان ۾ وڌيڪ جوش ۽ جاذبيت نظر اچي ٿي:

اسان جي درد جا دونهان، اسان جا يادگار آهن،
اسان جا هي غزل سهڻا سرائيندا، سڻائيندا.

 

        ’سهڻا‘ جو لفظ اهڙي هنڌ ”صنعتِ ايهام“ جي نموپني استعمال ڪيو ويو آهي، جو ان منجهان ٻه معنائون نڪرن ٿيون؛ پهرين معنيٰ ’عمدا غزل‘، ۽ ٻي معنيٰ ’حسن وارا‘.

(5)

هن وقت ۾ ڪو پاڻ کي جي ديو سَڏائي،
تسخير ۾ آڻيس سليمانِ محبت. –”سانگي“

 

        شعر جي مضمون ۾ تخصيص ڪانهي –يعني ’سليمانِ محبت‘ جي دعوا عام آهي. ان سان گڏ ’محبت‘ جي رديف آڻڻ ڪري، ’ديو سڏائڻ‘ جو ڪانيو سنئون سِڌو محبوب ڏانهن وڃي ”ابتذال“ پيدا ڪري ٿو-يعني يقيناً اهو گمان پيدا ٿئي ٿو ته محبوب ديو جهڙو ڪارو ۽ ٿلهو متارو آهي، جنهن کي تسخير ڪرڻ لاءِ عاشق ’سليمانِ محبت‘ بنجي ٿو پوي!

        گدا شاهه پنهنجي شعر ۾ هيٺيون مضمون پيدا ڪري ٿو:

تسخير ۾ منهنجي ٿيا پريزاد هزارين،
هن وقت ۾ آءُ آهيان سليمانِ محبت.

 

        ڏسو ته ’ديو‘ جي بجاءِ ”پريزاد“، ۽ ’ڪو‘ ضمير مبهم جي بجاِ ”منهن“ ضمير متڪلم اچڻ ڪري، شعر جي فصاحت ۾ ڪيڏو نه انقلاب اچي ويو آهي!

(6)

هر معرڪي ۾ نام و نشان تنهن ڪيو منهنجو،
”سانگي” سو اسان تي آهي احسانِ محبت. –”سانگي“

 

        ’هر معرڪي ۾ نام و نشان‘ جو مطلب اهو ٿيو ته نيڪيءَ توڙي بَديءَ ۾ نام و نشان پيدا ٿيو آهي. ائين چوڻ سان، شعر ۾ ’ابتذال‘ پيدا ٿئي ٿو، ۽ شاعر جي شرافت منجهان هڪ ٻيو پَهلو به پيدا ٿئي ٿو: يعني اهو محبت جو احسان نه ٿيو، پر هڪ قسم جي دُشمني ٿي.

        انهيءَ عيب جي تلافي گدا شاهه هيٺينءَ ريت ٿو ڪري:

اقليم محبت ۾ ”گدا“ منهنجي ٿي شاهي،
وه واه، وڏو مون تي ٿيو احسانِ محبت!

 

(7)

عالم الغيب کان مليو ارشاد-
واديء قيس ٿو ڪريان آباد. –”سانگي“

 

        ’واديءَ قيس‘ سان ”عالم الغيب“ جي نسبت تمام دور جي آهي. تنهنڪري، هيٺينءَ مصرع سان ربط نه هئڻ ڪري، شعر دولخت ٿيو ٿو پوي.

        گدا مرحوم وري پنهنجي شعر ۾ ’عالم الغيب‘ جي بجاءِ ”عشق“ کان ارشاد حاصل ڪري ٿو:

حضرت عشق کان ٿيم ارشاد:
عشقبازن جو آهين تون اُستاد.

 

(8)

يا خدا مون تي مهرباني ڪر،
مهربان مون تي منهنجو جاني ڪر! –”سانگي“

 

        ’يا خدا‘ لفظ آڻڻ ڪري، شعر غزل جي زمين منجهان نڪري حمد جو مطلعو بنجي پيو آهي، ۽ عاشقاڻي مضمون جو اُهو جوش قائم نه رهيو آهي، جنهن کي گدا شاهه هيٺينءَ ريت ٿو نڀائي:

دلبري منهنجي يار جاني ڪر،
ايتري مون تي مهرباني ڪر!

 

        ڏسو ته فقط ’دلبري‘ جي لفظ ۾ ئي ڪيڏي نه ڪشش ۽ جاذبيت موجود آهي!

(9)

يار اکڙين ٺار، گلرخسار، جاني دل جا يار،
ساهه سر سردار سائين آءُ ڪريان تو تي نثار! –”سانگي“

 

        شعر ۾ هڪ ته ’دل جا يار‘ چوڻ غلط محاورو آهي- ”دل جا ’دلدار‘“ چئبو آهي؛ ۽ ٻيو ته مصرع ثانيءَ کي اڃا به وڌيڪ برجستي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

        گدا شاهه اهو مضمون هيٺينءَ يت ٿو بنائي:

دلگهُريا دلدار، خوش ڪردار، جانان جيءَ جيار،
سَو لڱا سهڻا سڄڻ توتي ڪريان سر کي نثار!

 

        ڏسو، ”سانگي“ پنهنجي محبوب تان فقط هڪڙو ڀيرو قربان ٿئي ٿو، پر گدا شاهه سو لڱا نثار ٿي ٿو ڏيکاري: شاهه ۽ گدا جي طبيعت جو فرق ملاحظه فرمايو!

(10)

حال دل جو آهي چوڻ کان وڌيڪ،
سوز آهن سچي سهڻ کان وڌيڪ. –”سانگي“

 

        مصرع ثانيءَ ۾ ’سوز‘ جي لفظ ۾ وضاحت نه آهي ته ڇا جو سوز. گدا شاهه انهيءَ مضمون ۾ هيٺين وضاحت پيدا ڪري ٿو:

دفترِ دردِ دل لِکڻ کان وڌيڪ،
سوز سِيني جو ٿيو سَلڻ کان وڌيڪ.

 

(11)

قسمتِ بد کان ٿي پيا آهن،
بي مروّت سڄڻ، ڏڄڻ کان وڌيڪ. –”سانگي“

 

        ’سڄڻ‘ ۽ سندس ضد ’ڏڄڻ‘ جي تڪرار، شعر کي زمين تان کڻي آسمان تي آندو آهي.

        گدا جي شعر ۾ وري محبوب جي بدران رقيب سان لڙائي آهي. اهڙي لچي کي ’ابليس‘ سان تشبيهه ڏيڻ مناسب هئي، پر تخيل هڪدم رهبري ڪئي ۽ چيائين ته ’نه، اهڙو بدمعاش، بدمعاشيءَ ۾ ابليس کان به هزار درجا وڌيڪ آهي!‘ بس، خيال ۽ الفاظ ملي ويا؛ هڪدم انهن کي موزونيت جي سانچي ۾ وجهي، شعر جي صورت ۾ هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيو ويو:

آهه ضرب المثل لُچائيءَ ۾،
پر نه اِبليس ٿيو، ڏڄڻ کان وڌيڪ.

 

(12)

زيست کان اهڙو ٿيو آهيان بيزار،
نه هجڻ ٿيو آهي هجڻ کان وڌيڪ. –”سانگي“

 

        مصرع ثانيءَ ۾ ’نه هجڻ‘ جو لفظ زيست جي بيزاريءَ کي اهڙو چٽيءَ طرح واضح نٿو ڪري؛ ڇاڪاڻ ته اها خبر نٿي پئجي سگهي ته ڪنهن جو نه هجڻ، هجڻ کان وڌيڪ آهي- زيست جو، يا زيست واري جو، يا ٻيءَ ڪنهن شَي جو؟ اهڙيءَ ريت، زيست جي ڪا تشبيهه استعمال نه ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري شعر اهڙو ٿو معلوم ٿئي، جهڙو زيورن کان سواءِ ڪا ڪنوار. گدا شاهه انهيءَ ڪمي کي هيٺينءَ ريت پورو ٿو ڪري:

زهر ڄاڻان ٿو زيست فرقت جي،
موت صد بار ٿيو جئڻ کان وڌيڪ.

 

(13)

تنهن پرينءَ سان تو پرت ڪئي “سانگي“،
سخت دل جنهن جي ٿي پَهڻ کان وڌيڪ. –”سانگي“

 

        شعر ۾ ڪو نئون خيال ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته اهو نه فقط شاعر، پر عامي ماڻهو به چوندا آهن ته محبوب جي دل پٿر کان به وڌيڪ سخت آهي. اهڙي پٿر کي اها ڪهڙي شَي آهي، جا هڪدم موم ڪري ڇڏي- سا آهي شاعر جي جادو بياني، جنهن سان سنگدل محبوب به موم دل بنجي ٿو پوي. گدا شاهه انهن سڀني ڳالهين کي پنهنجي هيٺئين مقطعي ۾ آڻي ڏيکاريو آهي:

هي غزل مون ”گدا“ جو، موم ڪندو،
دل دلدار، جا پهڻ کان وڌيڪ.

 

(14)

مدرّس عشق جي چيو مون کي شاباش،  
جڏهن آءُ پاس آيس امتحان ۾. -”سانگي“

 

        شعر ۾ اها ڳالهه واضع ڪانهي ته ڇا جو امتحان پاس ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ، امتحان ۾ فقط معمولي نموني سان- يعني سفارش سان يا ڪاپي ڪرڻ سان- ڪاميابي حاصل ڪئي ويئي آهي. اهڙي شاگرد جو حق به فقط ايترو آهي، جو مدرس ان کي شاباش چوي. جيڪڏهن فرسٽ ڊويزن ۾ فرسٽ نمبر پاس ٿئي ها، ته هر جڳهه سندس نالو پکڙجي وڃي ها، ۽ هرڪو سندس تعريف جا ڍڪ ڀري ها. گدا شاهه انهيءَ ڪميءَ کي هيٺينءَ ريت پورو ڪيو آهي:

جڏهن ٿي عاشقن جو امتحان ٿيو،
تڏهن فُل پاس ٿيس آءُ امتحان ۾.

 

        ڏسو ته مٿين ٻنهي شعرن جي نازڪ خياليءَ ۾ ڪيڏو نه زمين آسمان جو فرق آهي!

(15)

اثر ظاهر ٿيو آه و فغان ۾،
لِڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾. -”گدا


 

        آه فغان جي اثر ڪري زبان ۾ لڦون پيدا ٿيڻ- ڪيڏي نه نازڪ خيالي آهي! سانگيءَ جڏهن اهو شعر ٻڌو، تڏهن هڪدم چئي ڏنائين ته

آهي جو سخندان شيرين زبان،
غزل جي چوي تان چوي مر ”گدا“.

 

        گدا جي انهيءَ پوئينءَ مصرع ۾ ڪو اهڙو اعجاز بيان هو، جو ان جي مقابلي ۾ ڪنهن کان به ڪا مصرع تيار ٿي نه سگهي؛ ڇاڪاڻ ته گدا جي طبيعت جو اُهو ئي وقت هو، جنهن ۾ اِها مصرع موزون ٿي ويئي، وري اُها مهل ڪٿان اچي. خود سانگيءَ به اِنهيءَ مصرح کي تضمين ڪيو ۽ ائين چوڻ کان سواءِ رهي  نه سگهيو ته

”گدا“ جي آهه هيءَ دلچسپ مصرع-
”لِڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾!“

 

        گدا کي اِنهيءَ تي ايتري خوشي حاصل ٿي، جو هڪدم پنهنجي اِنهيءَ غزل جي مقطعي ۾ فخريه انداز ۾ چئي ڏنائين ته

فقيريءَ ۾ ڪري ٿو بادشاهي،
”گدا“ شاهن کان وڌ پنهنجي مڪان ۾.

 

(17)

طبع رکجي، ته رکجي اهڙي روان،
جي نه دريا ٿجي، ته واهه ٿجي. -”سانگي“

 

        خيال آهي ته شاعريءَ ۾ شاعر جي طبيعت جو روان هئڻ نهايت ضروري آهي: جيڪڏهن سندس طبيعت دريا وانگر موجزون نه آهي، ته واهه وانگر وهندڙ ته گهرجي. گدا شاهه اهو مضمون اهڙيءَ تشبيهه ۾ ادا ڪيو آهي جو اُن ۾ واهه ۽ درياءَ ٻنهي جو مفهوم اچي وڃي ٿو، ۽ اُن ۾ ”سانگيءَ“ جي سخا ڏانهن به ڪنايو آهي:

عام بَخشش ڪجي برنگِ سحاب،
ڪين دريا ٿجي، نه واهه ٿجي.

 

(18)

لنو لڳڻ ساڻ لا اُبالي ٿي،
پرت ۾ پهرين پاتشاهه ٿجي. -”سانگي“

 

        شعر ۾ لفظي ترڪيب ڪجهه اهڙي نموني سان استعمال ڪئي ويئي آهي، جو سادگي نه هئڻ سبب اُن جو مفهوم مشڪل ٿي پيو آهي، ۽ شعر بي معنيٰ نظر اچي ٿو. گدا شاهه انهيءَ مفهوم کي هيٺينءَ ريت ٿو نباهي:

بادشاهي ملي، فقير ٿجي؛
جي فقيري ملي ته شاهه ٿجي.

 

(19)

جي نه هئي طاقت، ڪُله داري،
”انگي” ڇو صاحبِ ڪلاه ٿجي. -”سانگي“

 

        يعني، جيڪڏهن بادشاهي هلائڻ جي طاقت نه هجي ته بادشاهه ئي نه ٿجي. گدا شاهه انهيءَ خيال ۾ وڌيڪ رنگيني پيدا ڪري، اهو نڪتو هن ريت واضح ڪري ڏيکاريو آهي ته جهڙو تهڙو فقير به نه ٿجي، ۽ جهڙو تهڙو بادشاهه به نه ٿجي-مطلب ته جو به ڪم ڪجي، اُن ۾ ڪلام حاصل ڪجي:

جي فقيري، ته سر برهنه ڀلو،
جي ٿجي شاهه، ڪج ڪلاه ٿجي.

 

(20)

واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آئون روز و شب،
آهيان ڪڏهن زمين تي، ڪڏهن آسمان تي. -”سانگي“

 

        شاعر پنهنجي آوارگيءَ کي واچوري سان تشبيهه ڏيئي، رات ڏينهن پنهنجو زمين ۽ آسمان تي گهمندو وتڻ واضح ڪري ٿو ڏيکاري؛ مگر واچوڙو هڪ اهڙي شَي آهي، جو ٻنهي مڪانن تي پهچي سگهي ٿو، تنهنڪري تشبيهه ۾ ڪابه جدت پيدا نه ڪئي ويئي آهي. گدا شاهه پنهنجي شعر ۾ هيٺين جدت پيدا ڪري، اُن کي صحيح معنيٰ ۾ زمين تان آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي. نازڪ خياليءَ سان گڏ زبان جي صفائي ۽ مضمون جي بندش ۾ ملاحظه فرمايو:

فرقت ۾ يار جي، ٿو رُئان زار زار زار،
دريا وهايان ڪيئن ڀلا آسمان تي!

 

        ڏيو ته فرقت کي ستم جو نعم البدل بنائي، ڪئن نه آسمان جي ستمگريءَ سان سندس تعلق پيدا ڪيو ويو آهي!

(21)

فيضِ قدومِ حضرتِ عشق آهه بي گمان،
پيريءَ ۾ مون کي يار اچي ٿو جوان ڪري! -”سانگي“

 

        ’فيضِ قدومِ حضرتِ عشق‘ جو طويل اضافت ۽ مغلق الفاظ آڻڻ ڪري سڄي شعر جو مفهوم به تمام مشڪل ٿي پيو؛ سادگي ختم ٿي چڪي ۽ فصاحت جو خون ٿي ويو. گدا شاهه انهيءَ ڪميءَ کي پنهنجي هڪ مطالعي ۾ هيٺينءَ ريت ٿو پورو ڪري:

وعدو جي مُون سان وصل جو اُ دلستان ڪري،
مون پير مرد کي ته وري نوجوان ڪري!

 

(22)

بي ادب ساڻ بي ادب ٿيان ٿو،
آئون مؤدب آهيان اديبن سان. -”سانگي“

 

        سانگيءَ جو خيال آهي ته جيڪو بي ادب هجي، ان سان بي ادب ٿجي، ۽ فقط ادب وارن جو ادب ڪجي؛ يعني جيڪڏهن ڪو بدتهذيبي ڏيکاري، ته ان سان بدتهذيبي اختيار ڪرڻ گهرجي. مگر گدا شاهه انهيءَ خيال کي پسند نه ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ هلڪڙن ۽ سڌڙين ماڻهن جو ڪم آهي؛ شريف ۽ بردبار ماڻهو، برن سان به ڀَلا ٿي هلندا آهن، ۽ پنهنجي اصول ۽ اطوار کان ڪڏهن به نه هٽندا آهن. انهيءَ ڪري، گدا شاهه فرمائي ٿو:

ڪين ڪنهن ساڻ بي ادب ٿيندس،
مون کي اُلفت آهي ادبن سان.

 

        اهو آهي ”سانگيءَ“ ۽ ”گدا“ جي ڪلام جو مختصر جائزو: جنهن مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته جيڪڏهن سنڌيءَ غزل گوئي جي آسمان جو ”سانگي“ ماهتاب آهي ته ”گدا“ آفتاب آهي؛ ۽ ٻيئي استاد ۽ شاگرد، اسان جي آئيندي نسلن لاءِ مشعل راه ثابت ٿي، سندن مستقبل کي هميشہ روشن رکڻ جو ذمو کڻي چڪا آهن.

ڪلام گدا

        جيئن جيئن زماني جي رفتار سان گڏ انساني تهذيب ۽ تمدن ۾ ڦيرو ايندو وڃي ٿو، پراڻين ريتين رسمن ۽ قاعدن قانونن تي نوان خيال ۽ نواب طريقا حاوي ٿيندا وڃن ٿا، تهڙيءَ ريت علم ادب به، زندگيءَ جي ڪشمڪش سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور ۽ ماحول مطابق پنهنجو رنگ روپ، اسلوب بيان ۽ شستگي ۽ جاذبيت مٽائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. جهڙيءَ ريت زندگيءَ جي ڪنهن به جديد دور کي ڇڏي، قديم دور جو پوئلڳ ۽ مقلد بنجي نٿو سگهجي، تهڙيءَ ريت اها ڳالهه به انساني ارتقا جي اصولن جي برخلاف آهي ته جديد ادب جي عام فهم ۽ عالمگير صلاحيتن کي ترڪ ڪري، هروڀرو قديم ادب جي پٺيان ڪاهي ڪڍ پئجي. جهڙيءَ ريت زنجير جي ڪڙين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي، تهريءَ ريت قديم ادب جي مختلف دورن جون ڪڙيون به جديد ادب جي ارتقائي زنجير کان جدا ٿي نٿيون سگهن. زندگيءَ ۽ ادب جو هڪ ٻئي سان چولي دامن وارو ساٿ آهي: تنهنڪري اسين ادب جي انقلاب کي به انساني زندگيءَ جو هڪ عظيم انقلاب ۽ قومن جي بگڙڻ ۽ بنجڻ جو وسيلو سمجهون، ته بهتر ٿيندو.

        سنڌي ادب جي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان اها ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي، ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ فارسي ٻوليءَ کي حڪومت جي حمايت ۽ خواص جي مقبوليت حاصل هئي، تنهنڪري ان جو اثر نه فقط ان دور تائين قائم رهيو، بلڪ موجوده غزل گوئي جو زمانو به انهيءَ ادبي ماحول جو خوشي چين آهي. سنڌي ادب جي انهيءَ عظيم انقلاب، قديم ڇند و ديا واري شاعراڻيءَ طرز کي گهڻي ڀاڱي مٽائي، هر هنڌ عروضي عطر جي خوشبو پکيڙي، سڄيءَ ادبي دنيا کي معطر ڪري ڇڏيو. ڪيترا وڏا وڏا شاعر پنهنجي اسلوب بيان کي فارسي شاعريءَ جي رنگ ۾ رنڱي، پنهنجي ڪلام جي رنگينيءَ ۽ جاذبيت جو سڪو ڄمائڻ لڳا، ۽ فارسي محاورن، تشبيهن، استعارن ۽ نازڪ ۽ نادر نڪتن سان سنڌي ٻوليءَ جي سهڻيءَ ۽ سندر ڪنوار کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لڳا.

        اها ڳالهه تسليم شده آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي محاورن ۽ اصطلاحن کي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ صحيح طريقي سان منتقل ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي. جيتريقدر ڪنهن زبان ۾ وسعت ۽ جاذبيت جي زيادتي هوندي، اوتريقدر هوءَ ٻين ٻولين جي محاورن ۽ اصطلاحن کي پاڻ ۾ سمائڻ ۽ کين هميشہ لاءِ پنهنجو بنائي ڇڏڻ ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندي. انگريزن جو مثال دنيا جي آڏو موجود آهي، جن فقط پنهنجيءَ زبان جي وسيلي سڄيءَ دنيا کي پنهنجو هم زبان بنائي ڇڏيو آهي. جئَن ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اها صلاحيت ۽ جاذبيت تمام گهڻي قدر موجود آهي، جو هوءَ ٻين ٻولين وارن کي نه فقط پنهنجو هم زبان، بلڪ همخيال به بنائي سگهي ٿي، تنهنڪري اهو بلڪل غير ممڪن هو ته مرحوم گدا شاهه واري زماني ۾ سنڌي شاعري، فارسي شاعريءَ کان متاثر نه ٿئي، ۽ پاڻ ۾ ان ٻوليءَ جي لفظن ۽ محاورن کي پوريءَ طرح جذب نه ڪري.

        سنڌي شاعرن منجهان جن به فارسي تتبعي تي شاعري ڪئي آهي، تن مان سيد غلام محمد شاهه “گدا” حيدرآباديءَ جو نالو هڪ روشن سج جهڙي حيثيت رکي ٿو.

        هن قادرالڪلام شاعر فقط پنهنجي دل وندرائڻ يا داد ۽ تحسين حاصل ڪرڻ لاءِ شعر ڪونه چيا آهن، بلڪ پنهنجي موزون طبيعت جي روانيءَ سان، سنڌي ادب ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا دريا وهائي ڇڏيا آهن.

        گدا شاهه جو ڪلام انيڪ خوبين ۽ رنگينين سان ڀريل آهي. تشبيهه، استعارو، تخيل، زبان جي صفائي، محاوري بندي ۽ صنايع بدايع ته سندس خاص خاصو آهن. جيئَن اسين مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته گدا شاهه پنهنجي دور جي شاعرن جو شاهه هو، تنهن ۾ تِر جيترو مبالغو نه آهي- ڇاڪاڻ ته هن اعليٰ پايي شاعر جي شخصيت ڪا معمولي حيثيت نٿي رکي، بلڪ سندس قادر الڪلاميءَ ۾ بختگي، خيالن جي بلندي ۽ طبيعت جي عالي فڪري موجود آهي. پاڻ جيتوڻيڪ اعليٰ عالم ۽ فڪر جو صاحب هو، پر تنهن هوندي به ٻين شاعرن وانگر مغلق گوئيءَ کان ڪم ڪونه ورتو اٿس، ۽ شروع کان آخر تائين سادگيءَ ۽ سلاست کي برقرار رکي، پنهنجي برجستگيءَ ۽ روانيءَ جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو اٿس. سندس طبيعت ’آورد‘ کان خالي ۽ ’آمد‘ سن ڀرپور هئي، ۽ خاص طور سان شعر به ان وقت چوندو هو، جڏهن سندس طبيعت شعر چوڻ لاءِ آمادي هوندي هئي، ۽ بي محل ۽ بي موقعي پنهجو وقت ڪڏهن به ضايع نه ڪندو هو. ايڏي سادگيءَ ۽ سلاست جي باوجود، سندس ڪلام معنوي حيثيت سان هر طرح بلند آهي، ۽ تشبيهن ۽ استعارن جي بندش اهڙيءَ ريت برقرار رکي اٿس، جنهن کي ڪوبه شاعر فنِ شاعريءَ جي ڪافي مشق ۽ مهارت کان سواءِ ڪڏهن به نڀائي نٿو سگهي: اها خوبي ڄڻ ته قدرت فقط سندس ئي ورثو بنائي ڇڏي هئي، ۽ اهڙيءَ سعادت تي جيترو به ڪو ناز ڪري اوترو ٿورو.

        گدا شاهه جو ڪلام، سادگيءَ جي اعتبار سان، فقط قافيي پيمائي ۽ معمولي خيالن جو مجموعو نه سمجهڻ گهرجي، بلڪ سندس شعر جذبات جي ڀڙڪندڙ شعلن تي پچي، عالم وجود ۾ آيا آهن، ۽ سندن سوز و گداز جي تاثير کي سوز ڀريون دليون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن. ان سان گڏ، اهي خوبيون جيڪي موجوده دور ۾ تغزل جو خاص سرمايو ڪري ليکيون وڃن ٿيون، انهن منجهان ڪابه اهڙي ڪانه هوندي، جيڪا  گدا شاهه جي ڪلام ۾ موجود نه هجي.

        فن شاعريءَ جا ماهر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن، ته اگرچ تشبيهه ۽ استعارو شعر جو سينگار ۽ زيب زينت آهن، پر انهن جي زيادتي ڪلما کي ڦٽائي، ڳرو ۽ منجهيل بنائي ٿي ڇڏي، ۽ ٻڌندڙن جي طبيعت تي بار ٿيڻ سبب، اهو ڪلام عوام ۾ مقبول ۽ زنده جاويد هئڻ جي حيثيت ڪڏهن به حاصل ڪري نٿو سگهي. ماکي هڪ نهايت مٺي شَي آهي، پر زياده استعمال ڪرڻ سبب نقصانڪار ثابت ٿيو پوي؛ اهو ساڳيو حال آهي شعر ۾ حد کان زياده تشبيهن ۽ استعارن استعمال ڪرڻ جو- تنهنڪري اهي شيون ايترو استعمال ڪجن، جيترو اٽي ۾ لوڻ.

        اها خوبي، گدا شاهه جي ڪلام ۾ خاص طور سمايل آهي: ڪٿي تشبيهه ۽ استعاري جا موتي پوئي ٿو، ته ڪٿي صنعت مراعات النظير جون منزلون طي ڪري ٿو؛ ڪٿي رعايت لفظيءَ جي دامن کي برقرار رکي ٿو، ته ڪٿي ڪلام جي موز و نيت ۽ دلچسپيءَ کي سج وانگر نمايان ڪري ٿو ڏيکاري: جنهن منجهان چڱيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته گدا شاهه ڪو اهڙو معمولي دسترس وارو شاعر نه هو، جو فقط تشبيهن ۽ استعارن جي تلاش ۾ پنهنجي تخيل ۽ بلند پروازيءَ جو خون ڪري، موزونيت جي حد کان به ٻاهر نڪري وڃي؛ بلڪ کيس طبيعت جي موزونيت ۽ رواني، بلاغت ۽ قوت بياني، فصاحت ۽ تخيل جي فراوانيءَ تي هر طرح ضابطو حاصل هو. فرمائي ٿو:

دانهء خال و دامِ زلفِ دراز،
طائرِ دل جي لي تيار ٻئي.

 

        هن شعر ۾ استعارو بالتصريح استعمال ڪيو ويو آهي ۽ خال کي ’دانه‘ سان ۽ زلف دراز کي ’دام‘ سان تشبيه ڏني ويئي آهي ۽ اهڙيءَ ريت ساڳئي شعر ۾ صنعت مراعات النظير کي به برقرار رکيو اٿس- يعني ’دانه‘، ’دام‘ ۽ ’طائر‘ جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ ’خال‘، ’زلف‘ ۽ ’دل‘ جو هڪ ٻئي سان ربط ظاهر ڪيو ويو آهي.

(2)    مسلسل زلف سنبل، وار سُرها،
                خجل خوشبو کان جنهن جي مشڪ تبت.

 

        هن شعر ۾ جيڪا تشبيهه استعمال ڪئي ويئي آهي، سا مفرد نه آهي، بلڪ مرڪب آهي- يعني پهريائين زلف کي سنبل سان تشبيهه ڏيئي، پوءِ ان جي خوشبوءِ کي تبت جي مشڪ سان تشبيهه ڏيئي شعر جي حسن کي دوبالا ڪيو ويو آهي.

(3)    شيرين سخن تان قند مڪرر نثار ڪن،
                آڻيان مِٺي جو نام ٿو، جنهن دم زبان تي.

 

        هن شعر ۾ شيرين سخن کي قند مڪرر سان تشبيهه ڏني ويئي آهي.

(4)    عارض جي نزاڪت آهي نسرين کان ده چند،
                گلبرگ زناب ان ۾ آهي، غنچه دهن جي.

 

        عارض کي نسرين سان، زبان کي گلبرگ سان ۽ دهن کي غنچي سان تشبيهه ڏيئي، شعر ۾ هڪ قسم جي رنگيني پيدا ڪئي ويئي آهي.

(5)     عالم سڄو سياهه تڏهن ٿو نظر اچي،
                زلفن ۾ رُخ کي يار جڏهن ٿو نهان ڪري.

 

        سڀڪنهن کي خبر آهي ته دنيا ۾ اوندهه سج لهڻ کان سواءِ نه ٿي سگهندي آهي؛ مگر شاعر پنهنجي تخيل جي زور سان دنيا ۾ اوندهه ٿيڻ جو سبب هڪ ٻيو ٿو بيا ڪري- يعني محبوب جي رخ کي استعاري خور سج ثابت ڪري، اهو بيان ڪيو ويو آهي ته يار پنهنجي رخ کي جڏهن زلفن ۾ نهان ڪري ٿو، تڏهن سڄو عالم سياهه نظر اچي ٿو. ڏسو ته ڪئن نه هڪ غير ممڪن شَي کي ممڪن بنائي، حقيقي سبب جي صورت ۾ آندو ويو آهي. هن استعاري کي ’استعاره بالڪنايه‘ ڪري چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته فقط ’سياهه‘ ۽ ’نهان‘ جي قريني منجهان سبب معلوم ٿئي ٿو، ۽ هونئن استعارو صاف نه آهي. اهڙيءَ ريت ٻيا مثال ملاحظه فرمايو:

يار ناوڪ فگن، ڪمان ابرو،
قصد مان ڏس، ڪشي ڪمان آيو.
                *              *              *

آءُ يار جي زلفن جو ۽ رخسار جو مداح،
هي خوب وظيفو ٿيو سندم شام و سحر جو.
                *              *              *

اعليٰ کي ته ادنيٰ جي ڪڏهن ڪاڻ نه آهي،
شهباز کي پروا نه آهي زاغ و زغن جي.
                *              *              *

عجيبن جون اکيون ڪاريون ۽ ڪجليون،
وڏو آهوءَ کي جن در دشتِ عبرت.

 

        قديم دور جي شاعرن وٽ رعايت لفظي کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل هئي ۽ ان کي سڀ کان وڏو هنر ڪري ليکيندا هئا؛ مگر موجوده دور ۾ انهيءَ هنر جي ايتري وقعت نه رهي آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي، جو ان وقت جي شاعرن رعايت لفظيءَ جو جيڪو معيار مقرر ڪيو هو، سو ايتريقدر مشڪل هو، جو ان ۾ وڏا وڏا استاد ڌوڪو کائي ويندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه تمام ٿورڙن شاعرن جي مذاق ۾ موجود هوندي هئي، جو هن صنعت جي ادائگي به تمام اعليٰ پيماني ۾ ٿئي ۽ ٻڌندڙن جي دل ۽ دماغ تي به ان جو اجايو بوجو نه پوي، بلڪ هو ان ۾ هڪ قسم جي لذت ۽ سرور حاصل ڪن.

        گدا شاهه به هن صنعت کي تمام گهڻي قدر استعمال ڪيو؛ ڪن ڪن هنڌن تي نهايت برجستا ۽ معنيٰ خيز شعر چئي ويو، مگر ڪٿي ڪٿي آمد جي بدران فقط آورد جي ڀرمار لڳل آهي. تنهن هوندي به، سندس ڪلام جو اڪثر حصو انهيءَ خوبيءَ سان سنواريل ۽ سينگاريل آهي، ۽ سندس حظ دل کي هڪ قسم جي عجيب ڪيفيت عطا ڪري ٿو- جئن هيٺين مثالن مان ظاهر آهي:

آهي بيت الشرف ٿيو منهنجو گهر،
مہ لقا ان ۾ مهر مان آيو.

 

        ’بيت‘ جي رعايت جي ڪري ’گهَر‘ ۽ ’مہ لقا‘ جي رعايت سان ’مهر‘ آندو ويو آهي.

منهنجي گردش ۾ عمر ساري وئي،
مهر تي ڪين آسمان آيو.

 

        ’گردش‘ جي رعايت سان ’آسمان‘، ۽ ’آسمان‘ جي رعايت سان ’مهر‘ آندو ويو آهي.

دل صاف سندم نقرة خالص نه ٿئي ڇو،
الفت آهي مون کي ته سدا سيم تنن جي.

 

        ’دل صاف‘ جي رعايت جي ڪري ’نقره خالص‘، ۽ وري ان جي رعايت جي ڪري سيم تنن’ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.

خطا صادر ٿئي، مشڪِ خطا سان جي ڏيان نسبت،
نثار آءُ آهيان دلبر جي زلفِ عنبر افشان تي.

 

        ’خطا‘ جي رعايت جي ڪري ’مشڪِ خطا‘، ۽ ’مشڪِ خطا‘ جي رعايت جي ڪري ’زلفِ عنبر افشان‘ جو لفظ آندو ويو.

        اهڙيءَ ريت، هيٺين شعرن منجهان رعايت لفظيءَ جا ٻيا مثال ملاحظه فرمايو:

آئي موسم بسنت جي در باغ،
يار ڪپڙا تون زعفراني ڪر.
وڌم گردن ۾ طوقِ بندگي قمري صفت هاڻي،
ڪندس آءُ سرو کي صدقو؛ قدِ دلجوي جانان تي.
                *              *              *

سو منڊل جو سرود ڇا سمجهي،
جو نه سمجهي ٿو نار جو رينگٽ!
                *              *              *

جيتوڻيڪ حاڪم ٿيو، سڄي مصر جو ليڪن،
هو حضرتِ يوسف کي مگر چاهه وطن جو.

 

        هن شعر ۾ رعايت لفظيءَ جو سڀ کان اعليٰ مثال قائم ڪيو ويو آهي. مصر جي حاڪم جي رعايت سان ’حضرت يوسف‘ جو لفظ آندو ويو، ۽ وري ان جي رعايت سان ’چاهه وطن جو‘ ذو معنيٰ لفظ آڻي، شعر کي زمين تان کڻي آسمان تي آندو ويو- يعني ”چاهه“ جي هڪڙي معنيٰ آهي ’محبت‘ ۽ ٻي معنيٰ آهي ’کوهه‘- حضرت يوسف کي به سندس ڀائرن جنهن کوهه ۾ ڦٽو ڪيو هو، سو خود سندس وطن ۾ ’چاهِ ڪنعان‘ (ڪنعان جو کوهه) ڪري سڏيو هو.

        تخيل جي بلند پروازي. شاعريءَ جي اصطلاح ۾، انهيءَ قوت يا صلاحيت کي “تخيّل” چئبو آهي، جنهن جي وسيلي ڪا نئين ڳالهه يا نئون خيال پيدا ڪيو وڃي، ۽ منجهس حسن و جمال جي عنصر کي تمام گهڻو غلبو حاصل هجي. هن جي ڪري اهي باريڪ نُڪتا ۽ نازڪ خيال عالمِ وجود ۾ اچن ٿا، جن جو عام جي نظرن اڳيان پردو پيل هوندو آهي. اهوئي شاعر نازڪ خياليءَ جا نادر نمونا، زبان جو لطف، خيال جي ندرت ۽ فڪر جي بلند پروازي پيش ڪري ڏيکاريندو آهي، جنهن جو تخيل تمام گهڻو بلند ٿئي ٿو.

        گدا شاهه جي ڪلام ۾ به تخيل تمام گهڻو سمايل آهي، مگر اهو تشبيهه ۽ استعاري جي قيد کان ڪڏهن به آزاد ڪونهي. گدا جي تخيل جو پکي تشبيهه جي دام ۾ ڦاسي به پنهنجي بلند پروازيءَ ۾ ڪوتاهي اچڻ نٿو ڏئي. عشق جي جذبن ۽ محبت جي وارداتن ۽ حسن و جمال جي دلفريبين کي گدا جيتوڻرڪ بيان ڪري ٿو، پر ان جي پٺيان هروڀرو لاهي پاهي به نٿو بيهي- بلڪ تمام معمولي ذوق ۽ سادگيءَ سان بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي نظريي کي بازاري حسن ۽ عشق جي مبتذل مضمون کان بلڪل پاڪ ۽ صاف رکي ٿو، ۽ تشبيهه جي رنگ ۾ حقيقي حسن جي تعريف ڪندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو، ۽ اهوئي جديد دور کان سواءِ اڳين سڀني سنڌي شاعرن جو شيوو رهيو آهي- مثال ملاحظه فرمايو:

يار جو حسن با ڪمال آهي،
سج کي هر روز ڏس زوال آهي.
                *              *              *

واه، زلفن ۾ ڪيو يار جي رخسار ظهور،
شبِ ديجور ۾ جئَن ماهِ منوّر پيدا!
                *              *              *

نافه نثار، يار جي نت خال تي ڪجي،
مشڪِ ختن کي زلفِ معنبر تي وارجي.
                *              *              *

مريضِ عشق جي ڏس زرد رُوئي،
نه جهڙس رنگ آهي زعفران ۾.

 

        زبان جي صفائي. گدا شاهه جيتوڻيڪ پنهنجي ڪلام ۾ فارسيءَ جو تمام گهڻو تتبعو ڪيو آهي ۽ فارسي محاورا ۽ اصطلاح تمام گهڻي قدر استعمال ڪيا اٿس، پر ان سان گڏ سنڌي محاورن ۽ اصطلاحن کي به نهايت برجستگي ۽ خوش اسلوبيءَ سان نڀايو اٿس، ۽ ان ۾ زبان جي پاڪيزگيءَ کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. مثال ملاحظه فرمايو:

تون نه ڀانئين نه ڀانءِ، تنهنجي خوشي،
آءُ ته ڀانيان ٿو، مون کي ٿو ڀانئين.

 

        ڏسو ته ’ڀانئڻ‘ مصدر مان جدا جدا لفظن جو تڪرار پيدا ڪري، شعر کي ڪهڙو نه دل وڻندڙ ۽ دلفريب بنائي ڇڏيو اٿس!

سچا ڪوڙا سڃاڻن ڪين، سي صراف ڪئَن سڏجن،
ڪبو ڇا تن کي جي گهوگهي تي ماڻڪ کي مٽائيندا!
                *              *              *

ڀالو لڳي اُن ڀاءُ کي جو ڀاءُ جو دشمن،
صد حيف هئي ان پُٽ کي جو بدخواهه پدر جو!
                *              *              *

تون اهڙو ڪريم آهين ڪمي ڪانه ڪا جنهن وٽ،
آءُ توکي ڀلا ڪيئَن چوان بسيار ڪرم ڪر؟

 

        قافيي بنديءَ جو ڪمال. غزل گوئيءَ جي قديم دور منجهان مرحوم خليفو گل محمد هالائي پنهنجي ڪلام ۾ نج ۽ صحيح سنڌي محاورا استعمال ڪندي، ڪن خاص لفظن کي بامعنيٰ ۽ واضح طريقي سان قافيي طور استعمال ڪري ٿو- يعني سڄي غزل ۾ رديف قافيي جي پوئين اکر کي شمار ڪيو وڃي ٿو. اها طرز ان زماني ۾ تمام گهڻو مقبول هئي، پر موجوده دور ۾ متروڪ ڪري ليکي وڃي ٿي- هاڻي رديف پنهنجي جاءِ تي هڪ مستقل حيثيت رکي ٿو. حقيقت ۾ اُها پراڻي طرز ئي آهي، جنهن جي وسيلي زبان ۾ وسعت ۽ جاذبيت جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي ٿي ان کي متروڪ قرار ڏيڻ مناسب نظر نٿو اچي.

        گدا شاهه مرحوم به پنهنجي ڪلام ۾ اڪثر هنڌن تي خليفي گل محمد صاحب وارو قافيي بنديءَ جو رنگ اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ روزه مره، محاوري ۽ اصطلاح جي ندرت کي نهايت احسن ۽ افضل طريقي سان نمايان ڪري ڏيکاريو ويو آهي. محاورن، روزمره، زبان جي صفائيءَ ۽ رعايت لفظيءَ کان سواءِ، گدا شاهه پنهنجي زبان جي دسترس ۽ قوت طبع سان انهيءَ قافيي بنديءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا اهي نادر نُڪتا پيدا ڪري ڏيکاريا آهن، جتي معمولي مذاق وارن شاعرن جو ذهن ڪنهن به حالت ۾ پهچي نٿو سگهي. مثال ملاحظه فرمايو:

گوهرِ شاهوار ڇا آهي-
دانهء اشڪ سان ڪريان ڪئن مَٽ!
منهنجي دل يار ائين اُمالڪ ني،
باز دراج کي هڻي جئن جهَٽ.
                *              *              *

مون کي سهڻن جي سرس هئي نت سِڪَ،
شل ڀڄي ڪين هي هينيين جي هِڪَ!
نار نيڻن جا ٿا وهن هر وقت،
اشڪ منهنجي جي چو طرف ڏِس ڇِڪَ!
                *              *              *

جنهن کي ساقيءَ جام صهبا جو ڏنو پنهنجي هٿان،
مست سي مدهوش چئو، ڪهڙي ڪندا پرهيز رک!
حق جي رحمت جا وسن شل مينهن ساري مُلڪ تي،
ملڪ ٿئي سربسز سارو، اڻ مُلهاتا ٿين ڪک!

 

        رواني ۽ اسلوب بيان: جيڪو شعر زياده عام فهم، صاف ۽ سادو هوندو ۽ منجهس اعليٰ درجي جي رواني موجود هوندي، اهوئي عوام ۾ زياده مقبول ۽ مؤثر ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ترڪيب جي سادگي ۽ الفاظ جي آساني هميشہ شعر جو معيار بلند ڪري ٿي؛ ۽ جيڪي شعر اسلوب بيان جي لحاظ سان منجهيل ۽ دقيق ٿين ٿا، سي ڪڏهن به مقبول عام بنجي نٿا سگهن، بلڪ ٿوري وقت کان پوءِ سندس وجود ئي دنيا منجهان ختم ٿيو وڃي ۽ ڪنهن کي ياد نٿا رهن.

        گدا شاهه جي ڪلام جي مطالعي منجهان معلوم ٿو ٿئي ته کيس گهرو زبان استعمال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دسترس حاصل هئي- ڄڻ ته ٻولي سندس در جي گولي هئي، بيان سندس خاص دربان هو، ۽ سادگي ۽ بي تڪلفي سندس سهڻيءَ سيرت جو هڪ جزو هئا.

        شعر جي اثر اندازيءَ جو سڄو دارو مدار اسلوب بيان تي آهي. مفهوم ڪيڏو کڻي بلند هجي، پر جيڪڏهن اسلوب بيان عاميانه ۽ الفاظ نامناسب ۽ ناموزون هوندا، ته شعر پنهنجي قدرو منزلت کان ڪِري، سڄو اثر وڃائي ويهندو. اهڙيءَ ريت، جيڪڏهن هڪ معموليءَ کان معمولي ڳالهه کي اعليٰ اسلوب ۽ مؤثر طريقي سان بيان ڪيو وڃي، ته ان ۾ هڪ خاص قسم جي ڪيفيت ۽ اثر پيدا ٿي سگهي ٿو.

        گدا شاهه جي ڪلام ۾ رواني ۽ اسلوب بيان کي خاص اهميت حاصل آهي، جنهن مان سندس طبيعت جي روانيءَ ۽ قدرتي ڏات جي پوري پوري ثابتي ملي ٿي. علم عروض تي کيس ايتري دسترس حاصل آهي، جو تمام مشڪل کان مشڪل بحر ۾ به ڪلام موزون ڪري وڃي ٿو. مٿين مثالن ۾ جيڪي شعر ڏنا ويا آهن، تن کي جيڪڏهن دوباره غور سان جاچيندا، ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته کيس روانيءَ ۽ اسلوب بيان ۾ ڪيڏو ڪمال حاصل آهي. انهيءَ هوندي به ڪي شعر وڌيڪ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ اسلوب بيان سان گڏ تشبيهه ۽ استعاري جي خوبي به سمايل آهي:

هوءَ فراري، هن کي آهي بيقراريءَ ۾ قرار،
ڪيئن چوان سيماب آ پنهنجي دل بيتاب کي!

 

        ظاهري طرح ته هن شعر ۾ ڪا خاص خوبي نظر نٿي اچي، پر جيڪڏهن ’فراري‘، ’سيماب‘، ’بيتاب’، ’بيقراري‘ ۽ ’قرار‘ جي ٽڪرن تي غور ڪبو. ته حسنِ معنيٰ جو اسلوب بيان بلڪل چٽو ڏسڻ ۾ ايندو. انهيءَ کان وڌيڪ گدا شاهه جي رواني ۽ استعاري جي حسن اسلوبي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اهوئي سندس قادرالڪلاميءَ جو اعليٰ ۾ اعليٰ ثبوب آهي.

پرتوِ حسنِ رُخ دلدار سان ڪيئن مَٽ ڪريان،
شمع کي يا ماه کي يا مهرِ عالمتاب کي؟

 

        فرمائي ٿو ته مان پنهنجي دلدار جي رُخ جي حسن واري پرتو سان شمع، ماه، يا مهر عالمتاب کي ڪيئن مٽ ڪري ٿو سگهان: يعني دلدار جي رُخ جو پرتو به انهن کان وڌيڪ روشن آهي! ڏسو ته انهيءَ شعر ۾ ڪيڌو نه اسلوبِ بيان سمايل آهي:

حسنِ عالمگير جنهن جي مهرتابان ڪيو منير،
اُن جي عارض سان ڀلا ڪيئن مٽ ڪريان مهتاب کي؟

 

        حضرت شيخ سعدي شيرازيءَ جو شعر آهي ته:

تواضح زيادت کند جاه را،
که از مہر پرتو بود ماه را.

 

        مصرع ثاني ۾ آهي ته چنڊ، سج کان روشني حاصل ڪري ٿو: مگر گدا شاهه پنهنجي اسلوب بيان کي ان کان وڌيڪ وڻندڙ پيرايي ۾ بيان ڪري ٿو. فرمائي ٿو ته ”منهنجو محبوب اهڙو حسين آهي، جو خود سج به اُن جي حُسن مان فيض حاصل ڪري ٿو- چنڊ ته بلڪل انڌو ۽ بي نور آهي. اُن کي پنهنجي ڪابه روشني ڪانهي. بلڪ سج کان روشني حاصل ڪري ٿو، تنهنڪري کيس محبوب جي حسن عالمگير سان تشبيهه ڏيڻ بلڪل نامناسب ۽ ناموزون آهي!“

عاجزن کي اهل رفعت جا ڏين ٿا دل ۾ جاءِ،
جذب ڏِس خورشيد جو تون شبنم شاداب کي.

 

        اهي ماڻهو جن کي خداوند ڪريم اعليٰ عزت ۽ بلند حوصلي جو مالڪ بنايو آهي، سي غرور ۽ تڪبر کي بالاي طاق رکي، هيڻن ۽ ضعيفن کي دل ۾ جايون ڏين ٿا- ڏيو ته گدا مرحوم سندن حوصلي مندي ۽ وسيع القبليءَ کي ڪهڙي نه مؤثر نموني سان پيش ڪيو آهي! اهڙيءَ طرح اها به سڀڪنهن کي خبر آهي ته سج جي گرميءَ جي ڪري ماڪ جا ڦڙا سڪي وڃن ٿا- ڏسو ته گدا مرحوم پنهنجي طبيعت جي روانيءَ سان انهيءَ مان ڪهڙو نه عجيب نڪتو پيدا ڪيو آهي!

يک سر مو يراز حق جي کان نه سي آگاهه ٿيا،
توڻي يونانين ڪيو ايجاد اصطرلاب کي.

 

        ’اصطرلاب‘ هڪڙي اوزار جو نالو آهي، جو يونانين سج، چنڊ ۽ تارن جي گردش معلوم ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيو هو. انهن جيتوڻيڪ پنهنجي فلسفي، جي وسيلي ايڏو وڏو ڪمال ظاهر ڪري ڏيکاريو، پر گدا مرحوم اُنهن جي انهيءَ ڪمال کي بلڪل بيڪار ثابت ڪري ٿو ڏيکاري- ڇاڪاڻ ته هو خدائي راز معلوم ڪرڻ کان بيخبر رهيا. گدا جي خيال مطابق دنيا ۾ اهو علم سڀ کان زياده مفيد آهي، جنهن منجهان انسان کي روحاني ڪمال حاصل ٿئي، ۽ اُن کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه جهالت ۽ گمراهيءَ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

        عشقيه شاعري. شاعر جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي خصوصيت اها آهي جو هو ٻين ماڻهن کان فطرتاً زياده حساس ۽ نرم طبيعت ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته جنهن ماڻهوءَ جي دل درد سان ڀرپور نه آهي، سو پنهنجي ڪلام ۾ شعريت جي بلند پروازي ڪڏهن به پيدا ڪري نٿو سگهي. اهو درد ئي آهي جو انسان جي رڳ رڳ کي ساز جي تارن وانگر ڇيڙي، عشق و محبت جو نغمو پيدا ڪري ٿو- جنهن جي باري ۾ سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀڪهم،
لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جباب.
سوئي سنڌينديم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي!

 

        اهوئي درد ابرِنيسان آهي، جو شعر جي اجهاڳ سمنڊ ۾ تخيل جي سُندر سپن منجهان نازڪ خياليءَ جا نازڪ ۽ نادر موتي پيدا ڪري ٿو. مطلب ته شعر جي سڄي وجود جو لاڳاپو درد سان آهي، ۽ کيس ان کان ڪڏهن به جدا ڪري نٿو سگهجي.

        گدا شاهه پنهنجي ڪلام ۾ جذبات جي تصوير، واردات دل ۽ احساسِ قلب جو بيان اهريءَ خوش اسلوبيءَ ۽ خوش بيانيءَ سان ڪيو آهي، جو ان جو هرهڪ لفظ درد ۽ اثر، ڪيف ۽ تاثر کان ڪڏهن به خالي ۽ بيروح نه آهي، بلڪ پنهنجن لفظن جي وسيلي، وارداتِ دل، احساس قلب جي صحيح تصوير ۽ نازڪ خياليءَ جو جيئَرو جاڳندو پُتلو پيش ڪري ٿو ڏيکاري، ۽ سندس هرهڪ شعر سوز ۽ جادو بيانيءَ سان ايتريقدر ڀريل ٿئي ٿو جو ٻڌندڙ جي دل بي اختيار تڙپي اٿي ٿي- فرمائي ٿو:

اسان جي درد جا دونهان اسان جا يادگار آهن،
اسان جي هي غزل سهڻا سَرائيندا، سُڻائيندا.
                *              *              *

ان سرو گل اندام کي ان طرح ٿو ساريان،
گلزار کي جنهن طرح سِڪي مُرغ چمن جو.
                *              *              *

نگار منهنجو چمن ۾ جي جي بي نقاب ٿئي،
ته ڇو نه رشڪ جي آتش سبب گل آب ٿئي.
                *              *              *

نيازمند اسين جنهن جا سو سراپا ناز،
سندس عنايت سمجهون ٿا جي عتاب ٿئي.
                *              *              *

سڙي، کامي، پچي ٿِي، آتشِ فرقت ۾ جانان جي،
دلِ پُر داغ سبقت ٿي رکي، سروِ چراعان تي.

 

        گدا شاهه جي ڪلام ۾ حزن و ملال، دنيا جي بي ثباتي، زماني جي ناسازي ۽ فلڪ جي مهريءَ وغيره جا جيڪي به عنوان نظر اچن ٿا، تن جو سنڌي ماحول سان ايترو گهڻو واسطو ڪونهي، بلڪ اهي فارسي شاعريءَ جي تتبعي جو نتيجو آهن. اسين اها ڳالهه مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون ته ڪا سنڌي شاعرن جي تخليقي قوت ڪمزور آهي، تنهنڪري هو ڌارين شاعرن جي خيالن جي ترجماني ڪن ٿا: بلڪ اهو سڀڪجهه ان وقت جي سياسي ماحول ۽ معاشرتي تعلقات جو اثر آهي، ۽ نه ڪنهن بيجا تقليد جو.

        گدا مرحوم جي زماني ۽ ميرن جي صاحبيءَ جي وچ ۾ ڪا ايتري وڇوٽي ڪانهي. انگريزن، سن 1843ع ۾ ميرن کان سنڌ فتح ڪئي، ۽ گدا مرحوم جي تاريخ ولادت 1826ع آهي- يعني سندس زندگيءَ جا اُڻويهه بهار ميرن جي ادبي گلشن ۾ گذريا. اُن کان سواءِ، جيتوڻيڪ ميرن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، ۽ انگريزن جو فرمان هر هنڌ جاري هو، پر ويندي خلافت تحريڪ جي خاتمي تائين، سنڌي عوام مغربي تهذيب کان هرگز متاثر نه ٿي سگهيا. ان سان گڏ، مرحوم ۽ سندس همعصر شاعرن ۽ اديبن کي، مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ جهڙي سرپرست سخنور جي قدر داني حاصل هئڻ سبب؛ اهو ڪڏهن به محسوس ٿي نه سگهيو ته ڪو هو ميرن جي صاحبيءَ بدران، انگريزن جي رعيت ٿي گذاري رهيا هئا. بلڪ سانگي مرحوم جو زمانو، سنڌي شاعريءَ لاءِ، فارسي شاعريءَ جي اثر کان آراسته ٿيڻ لاءِ، بهادر شاهه ”ظفر“ جي زماني وانگر صحيح معنيٰ ۾ فتح و ظفر جو زمانو هو.

        سنڌ جا ٽالپر حڪمران بلوچ قوم جا فرزند هئا، ۽ بلوچ قوم هن وقت به، لباس، زبان ۽ تهذيب جي لحاظ سان هڪ طرح جو تعلق رکي ٿي، تنهنڪري اهو بلڪل غير ممڪن هو ته بلوچ قوم جي حڪومت جي دور ۾ سنڌي شاعري، فارسي شاعريءَ جي تتبعي کان غير محفوظ رهي سگهي. اهوئي سبب هو جو مرحوم گدا شاهه به ميراڻي  ماحول جي اثر کان متاثر ٿي، پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ فارسي شاعريءَ جو تتبعو ڪيو- چند مثال پيش ڪجن ٿا.

        حزن و ملال:

غم و درد و الم اندوه کان واندو نه ٿيس هرگز،
حياتيءَ جا ڏکيا سڀ ڏينهن گوندر ۾ گذاريا مون.
فرقت جانان ۾ چشمن کان سندم دريا روان،
طوق گردن جو ٿو سمجهان، خلقهء گرداب کي.

 

        دنيا جي بي ثباتي:

ڀروسو ڪين ڪر تون دنيا تي،
خواب هي آهه يا خيال آهي.
                *              *              *

جن کي قصر و ڪاخ ڌاران ڪونه ڪو آرام هو،
خاڪ جو تودو به ان جي آ نه برسر ٿو ڏسان.
آهه هي دنيا ته مانجهاندي جو ماڳ،
سڀڪو ٿيندو رهروِ مُلڪِ عدم،
                *              *              *

        فلڪ جي بي مهري:

منهنجي گردش ۾عمر ساري وئي،
مهر تي ڪين آسمان آيو.

 

        ڪئي ڪٿي نه فقط عام واردات جو نقشو ڪڍي ٿو، پر پنهنجي ذاتي معاملات ۽ تاثرات کي به، انهيءَ بي مهريءَ جي مجسم تصوير جي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو ڏيکاري- جيئَن فرمائي ٿو ته

نهوڙي نيو نينهن ننڍپڻ ۾ مون کي،
سَٺم سر تي هي بار باري عزيزو.
                *              *              *

دُشمن کان وڌ ته مون سان عداوت ٿا دوست ڪن،
افسوس مون کي ڪيئن نه ٿئي اهل جهان تي!
                *              *              *

سو “گدا” آهه تارڪِ دُنيا،
جنهن جي گهر ۾ نه بوريا آهي.

 

        “گدا” جي ڪلام ۾ نه رڳو پختگي، ڪهنه مشقي، فلسفيانه طرز ۽ طبيعت جي شوخي موجود آهي، پر اُن سان گڏ پنهنجي هر شاعراڻي مذاق کي به اهڙيءَ بر جستگيءَ، بيساختگيءَ، بيباڪيءَ ۽ بي تڪلفيءَ سان پيش ڪري ٿو، جو ٻڌندڙن جي دل منجهان سندس اهڙي مظاهري تي بيساخته ’واهه واهه‘ جا آواز نڪرڻ شروع ٿين ٿا. مثال ملاحظه فرمايو:

زاهد جي ريش جي ڪجي جا روب، واه واه!
پير مغان جي عتبهء عالي ٻُهار جي.
                *              *              *

تن بيجان ۾ اُن دم روح ٿو پئي،
سُڻان جنهن دم ٿو آ مينا جو قلقل.

 

        گدا شاهه جي هلت چلت فقيراڻي هوندي هئي، ۽ پنهنجي انهيءَ فقيريءَ کي بادشاهيءَ کان به وڌيڪ ڪري ليکيندو هو. اهو اثر نه فقط سندس ڪلام منجهان پنهنجي جهلڪ ڏيکاري رهيو آهي، پر سندس تخلص توڙي قولي ۽ فعلي تعليم به انهيءَ پاڪ جذبي تي دلالت ڪري، سندس هستيءَ کي وڌيڪ نمايان ثابت ڪن ٿا- جهڙيءَ ريت پاڻ فرمائي ٿو:

گداي گوشه نشين کي نه ڪنهن جي ڪا پروا،
ملِي فقير کي شهرت کان آهه گمنامي.
                *              *              *

ڪيميا ڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍون،
خاڪ مون وٽ ته ڪيميا آهي.
                *              *              *

لاطمع جيڪڏهن گدا آهي،
في الحقيقت سو بادشاهه آهي.
بادشاهي ملِي، فقير ٿجي،
جي فقيري مِلي ته شاهه ٿجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org