خدا جي درگاهه ۾ التجا
قديما، لطف فرما، فيض بخشا،
ڪريما، قادر و قيوم، يڪتا!
نه تو خواهم ترا اين ذات سرمد،
محمّد را دهم، آلِ محمّد:
پِنان توکان ٿو، اي خلاّق ٖ عالم،
سلامت دوست منهنجا هوئن دائم!
عطا ڪر طبع منهنجهي کي رواني،
ٿيان مشهور در جادوبياني؛
اُهي مضمون ٖ موزون ڪر عنايت،
رسائين دوستن جي دل کي راحت:
رسائِي سان، رَسي فڪر ٖ رَسا کي،
ڪري مجموع هن نظم ٖ جُدا کي!
طبع جي باغ کي سي گل عطا ڪر،
جو بلبل ڀي نه جن کان هوئي مخبر؛
اُهي گل ڏي، جو بس، جنهن کا ن برابر،
مَشام ٖ جان، معطرّ ٿئي سَراسر!
فصاحت سا، رسي نظم ٖ نِڪو کي،
قبولي سڀڪو منهنجي گفتگو کي؛
بالغت سا، جا بلغائن کي منظور،
فصاحت سا، جا فصاحائن کي منظور!
سنڌي غزل
رديف ”الف“
(1)
اُهي عاشق سچا، جي نينهن جو ناتو نڀائيندا،
برهه جي باهه ۾ جند جان قُقنُس'
جئن جلائيندا.
در ٖ دلدار تي سي درد جا دونهان دُکائيندا،
وڏا جي وِير ويراڳي، خوديءَ کي اُو ته کائيندا.
اسان جي درد جا دونهان اسان جا يادگار آهن،
اسان جا هي غزل، سهڻا، سرائيندا سُڻائيندا.
اسان ساعت کي ڀانيون سال ٿا، جن جي جُدائي ۾،
اُميد آهي، اسان کي شال سي سهڻا سڏائيندا.
اسان کي سو مِلي محبوب، جو محبوب مولا جو،
گهرون ٿا خير اُن جو، جن کي نوخيزه نچائيندا.
نظر ۾ ناٿ جي آهن مهيسي، مهوسي. مطلق،
برهه جي باهه تي جي پاڻ کي پُختا پچائيندا.
ثمر سِڪ جو نه جن کي آهِه، تن کي آهِه ڇا حاصل؟
اَدا! بيدرد عاشق، پاڻ تان خلقون کِلائيندا.
سچا ڪوڙا سُڃاڻن ڪين، سي صرّاف ڪئن سڏجن؟
ڪبو ڇا تن کي، گهوگهيتن'
تي جي ماڻڪ مَٽائيندا؟
اٿم هيءَ آرزو هردم، ڪرم پنهنجو ڪري ڪامل،
”در ٖ دولتسرا جي، شل وري چانئٺ چمائيندا“.
وڃي پَؤ پيش تن جي، جيڪي آهن آل ٖ پيغمبر،
اُهي فياض فائق توکي مولا سان مِلائيندا.
“گدا” مداح آ حسنين جو آهيان قيامت ۾،
پياري ٻئي پيمبر جا، سي مون کي اُو ڇڏائيندا.
(2)
اسان سان بي سبب اڄ ڏس ته ياران ٖ ڪُهن بگڙيا،
ڪڙا جي ڪين ٿا ڪڏهين، اُهي شيرين سخن بگڙيا!
تڏهن آ ڇا ڪندس سرو و گل و لالا و سنبل کي،
جڏهن مُون سان مِٺا منهنجا پرين رشڪ ٖ چمن بگڙيا!
گل و سنبل کي مون سمجهيو، صبا ڪيو برهم ود رهم،
رُخ ٖ دلدار تي جنهن وقت زلف ٖ پُرشڪن بگڙيا.
محبت، مثل عنقا جي، زماني ۾ نٿي ڏسجي،
ڏسان هرجا ٿو سڀڪنهن کان ته آهن مردوزن بگڙيا.
اِهو باعث اَدا آهي، ته هيءَ چوڏهين صدي آهي،
پَروان کي ڏجي ڇو ڏوهه، اڄ پنهنجا وتن بگڙيا.
جڏهن پِيري اچي پهتي، تڏهن ڄاڻج يقين سچ پچ،
نظر بگڙي، اکيون بگڙيون. زبان بگڙي، دهن بگڙيا.
ڏسي منهنجا اَڇا، مون کي چيو هڪ دلبر ٖ هندي،
”اگر سچ پوچهئلآ، تيرا تو هلآ سارا چمن بگڙا!“
هڏي تي هوڏ ڏس آهي، دنيادارن جي در هرجا،
غريبن جي ٻُڌي ڪنهن ڪين، ۽ اهل ٖ وطن بگڙيا!
ڏسي احوال عالم جو چيو سچ حضرت ٖ ’سانگي‘،
”مسلمان و ڪرستان يهود و برهمن بگڙيا.“
(3)
دلبرن جي عين بيدادي، ادا!
شائقن جي واسطي شادي، ادا!
ڇو نه اُن مجنون کي عاقل چون،
جنهن وَسائي ورهه جي وادي، ادا!
درد بيشڪ درد جو درمان آهِه،
دربدر ٿئي ڪين فريادي، ادا!
ساقيا صهباي'
گلگون جو اياغ،
ڏي ڀري تا خطّ ٖ بغدادي، ادا!
آ آهيان بنت العنب جو آشنا،
ڪانه گهرجي مون کي ٻي شادي، ادا!
منهنجي دل در دام ٖ زلف ٖ يارباد،
ٻي نه گهرجي اُن کي آزادي، ادا!
تيغ، ابرو جي اِشاري سان ڪُهي،
ڏس سندم دلبر جي جلاّدي، ادا!
ناقصن جو آهه گردون'
تي دماغ،
ڪاملن جي آهِه ڪسادي، ادا!
هئي سدا برباد مثل ٖ گرد ٖ باد،
جو گهري ٿو ٻي جي بربادي، ادا!
مون ”گدا“ بيڪس جو آهي دستگير،
غوث ٖ اعظم شاه ٖ بغدادي، ادا!
دين ۽ دنيا ۾ منهنجو شال ٿئي،
واسطي حسنين جي هادي، ادا!
آهِه ”ماتم“ منهنجو مونس باليقين،
هردو آهيون حيدرآبادي، ادا!
واه وا اُن جو غزل، هو بي بدل،
هِن زمين جي اُن ڪئي آبادي، ادا!
(4)
عارض ٖ دلبر جي زيبائي، ادا!
ٿيو گل ٖ خورشيد هرجائي، ادا!
قامت ٖ دلجوي جانان جي طفيل،
سرو کي حاصل ٿئي سودائي، ادا!
زلف ۽ رخسار دلبر جا ڏسي،
سنبل ۽ گل ٻئي ٿيا هر جائي، ادا!
ٻيو تماشو مون کي گهرجي ڪين ڪي،
يار جو آهيان تماشائي، ادا!
يار جي چشمن کي آهو ڪئن چوان،
آ ته آهيان ڪين صحرائي، ادا!
سو ملي محبوب مون کي من موهن،
جنهن جي سڪ ۾ آهيان سودائي، ادا!
مون ”گدا“ جو آهه مَولا مرتضيٰ،
آ ازل کان آهيان مولائي، ادا!
(5)
لب ٖ جانان تي ٿيو خال ٖ معنبر'
پيدا،
حوض ٖ ڪوثر تي ٿيو، حضرت ٖ قمبر پيدا!
واه زلفن ۾ ڪيو يار جي رخسار ظهور،
شب ٖ ديجور ۾ جئن ماه ٖ منوّر پيدا!
لب و دندان مٺي يار جا ڏسندي سان چيم،
’درج ٖ ياقوت ۾ ٿي سِلڪ ٖ جواهر پيدا!‘
يار جي زلف ۽ عارض جو تماشو هي عجيب،
آهه سنبل سان بهم لالهء احمر پيدا!
مون کي درڪار ڀلا ڪهڙي، ڪريان ڪئن گلگشت'،
جسين منهنجو نه چمن ۾ ٿئي سمن بر پيدا.
حضرت ٖ عشق جي سرڪار مان دولت هي مليم،
سر ۾ سودا ٿيو ۽ پيرن ۾ ٿيو چڪرّ پيدا.
دل ۾ عاشق جي ائين عشق نمايان ٿو ٿئي،
جنهن طرح سان ٿئي آتش کان سمندر پيدا.
خاڪساري ته آهي باعث ٖ آرام ٖ زمين،
سر بلندي ۾ ڪيو چرخ ۾ چڪرّ پيدا.
مرتبو اهڙو مليو، ڪين ڪنهين کي هرگز،
ڪعبة الله ۾ ٿيو حيدر ٖ صفدر پيدا.
اي ”گدا“ حضرت ٖ ’سانگي‘ جو عجب آهه ڪلام،
نه خيالات ۾ جهڙس ڪو سخنور پيدا.
(6)
سيّدن جي گدڙ ڪري جو گِلا،
شيرُ حق جو، هڻيس سر ۾ ڪِلا.
دفتر ٖ عشق ۾ عجيبن جي،
نينهن وارن جا آهن نام نِلا.
شيخ جي! شوخ و شنگ ڇوٿو ٿئين،
سڻ ته توکي سڻايان تنهنجا بِلا.
يار عنقا- صفت'
نه هٿ ايندس،
ڪو ڪڍي ڪوهه قاف ۾ جي چِلا.
صاف صهبا مان اڄ ته اي ساقي!
ڏي ڀري مون کي تون دِليون ۽ دِلا.
سر تي سونهيم ٿي ڪلاه ٖ تمد،
ڪين گهرجي ٿو مون کي تاج ٖ طِلا.
قلب مان تون ڪڍج ڪدورت کي،
دل جي هِن آرسيءَ کي ڏي تون جِلا.
عرض هندي زبان ۾ آ ٿو ڪريان،
”ساقيا، ساغر ٖ شراب پلا!“
ماهرو مهربان اڄ اِيندو،
منهنجي دل کي ته آهِه ٿي تسّلا.
هڪڙي پائي پلؤ ۾ ڪين اٿم،
يار سيمين بدن، بدن گهري ٿو طِلا.
ٻاجهريءَ لاءِ جي هئا حيران،
چاشنيءَ وارا، سي چکن ٿا چِلا.
اهڙا ’سنجر‘ نه ’انوري‘ کي دنٌا،
جهڙا ’سانگي‘ ڏئي ٿو مون کي صِلا.
مرد مومن تي اي ”گدا“ بيشڪ،
شاه ٖ مرادان جي واجب آهِه وِ لا.
(7)
سڏي محفل ۾ مون کي يار ويهن ٿا، وِهارن ٿا،
ڪري لطف و ڪرم بسيار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
رقيبن جي جلائڻ لاءِ مون کي قرب مان ڪوٺي،
قمر طلعت'
پري رخسار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ستارو بخت منهنجي جو جڏهن اڄ اوج تي آهي،
تڏهن گڏ دلربا دلدار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
سمن رخسار گلشن ۾ جڏهن تشريف ٿا آڻن،
تڏهن سي غيرت ٖ گلزار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ڀلائي بخت پنهنجي جي بيان ڪهڙي ڪريان يارو،
نه هڪدم ڌار جاني يار، ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
پڙهيو منتر ۽ جنتر، برهمن جنهن منهنجي گردن ۾،
وِجهو سي زلف جا زنّار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
دلين کي بيدلن جي، پيچ پنهنجي پرت جا پائي،
مٺا محبوب، مہ رخسار ويهن ٿا. وِهارن ٿا.
ڏسيو زار و زبون و عاجز و اندو هگين مون کي،
ڪرم بخشي ڪري غمخوار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
بحمدالله! اڱڻ منهنجي ۾ پِرتان پيرڙا پائي،
بغل ۾ دلگهريا دلدار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
ٿيان قربان ڪلالن'
تان، مَيء شيراز مان مون کي،
پياري ساغر ٖ سرشار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
اُهي صاحب ڪمال آهن، اُهي الله جا طالب،
ڌڻيءَ جي دوست جي دربار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
اُهي تارڪ، اُهي طالب، اُهي صاحب تو ڪّل جا،
لٽائي جيڪي سڀ گهر ٻار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
خيالات ٖ دو عالم يڪ قلم جن کي ويا وسري،
اُهي ئي واقف ٖ اسرار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
سڏي پنهنجي ”گدا“ کي سونهن جا سُلطان لاثاني،
عجب جهڙا ڪريو جنسار ويهن ٿا، وِهارن ٿا.
(8)
جتي گلزار ۾ ٿي بلبلين طرحين ترانا ڪيا،
اُتي زاغ و زغن ڏس اڄ ته آهن آشيانا ڪيا.
خدنگ ٖ ناز پَي در پَي ڀري هڻ اي ڪامن ابرو،
اسان آهن جڏهن جان و جگر پنهنجا نشانا ڪيا.
مُڪئِي محبوب مونهان ڪونه هڪڙي جو جواب آخر،
هزارين شوقيا مون شوق مان توڏي روانا ڪيا.
قدم رنجان ڪري منهنجي اڱڻ منهنجو عجيب آيو،
گهڻا ٿورا اسان سان اڄ ته آهن جان ٖ جانا ڪيا.
عجائب تقويت حاصل ٿئي ٿي عشقبازيءَ ۾،
محبت جي مدد ڏس، ناتوانا سچ توانا ڪيا.
وهڻ جي جاءِ جن کي ڪانه هئي، هئا دربدر حيران،
خدا صاحب جي قدرت تن جا آهن ڪارخانا ڪيا.
اُهي فرعون ۽ قارون کان گهٽ ڪينڪي آهن،
هٿين پنهنجي ادا جن ڌوڙ ۾ داخل خزانا ڪيا.
ڪراڙن'
مان ۽ ڪوڙن مان زماني هڪڙي گردش سان،
سوين ڪيا راءِ صاحب ۽ هزارين خانخانا ڪيا.
عجب هي حضرت ٖ ’سانگي‘ جي مصرع دلفريب آهي،
”اسان سان پيار پيريءَ ۾ آهن شوخن شهانا ڪيا“.
امير المومنين هڪڙي نگاه ٖ فيض سان پنهنجي،
سوين ڀينگيا بکيا مفلس، سکيا سنهنجا سمانا ڪيا.
جڏهن تائيد روح القدس جي ساڻن معاون ٿي،
تڏهن پنهنجا غزل بيشڪ ”گدا“ آهن شهانا ڪيا.
رديف ”ب“
(9)
مُنهن تان محبوب منهنجا لاهِه نقاب،
شمس کي ڇو ڪرين ٿو زير ٖ سحاب'.
وصل دلبر جو، زندگاني ڄاڻ،
فرقت ٖ يار آهه عين عذاب.
بيخودي ساڻ منهنجي اُلفت آهه،
ساقيا، پيار جلد جام ٖ شراب.
آ عاشق اَلست کان آهيان،
سِڪّ سهڻن جي آهِه مون کي ثواب.
اي ”گدا“ گودڙيءَ جي مٽ نه ڪريان،
اطلس و تاس، بخمل و ڪمخواب.
××××××××
رديف ”ت“
(10)
سڀڪو ٿو چوي آ آهيان شايان ٖ محبت،
پر سڀ ۾ ٿيس آ نمڪخوان ٖ محبت.
تسخير ۾' منهنجي ٿيا پريزاد هزارين،
هن وقت ۾ آ آهيان سليمان ٖ محبت.
يا رب نه ڪڏهن اُن ۾ ٿئي دخل خزان جو،
دل منهنجي سدا آهه گلستان ٖ محبت.
مون ساڻ محبت جي محبت ته ڪمال آهِه،
آ آهيان دل و جان سان قربان ٖ محبت.
برداشت ڪري ڪين سگهيو ارض و سماوات،
آدم سَٺو سر پنهنجي تي باران ٖ محبت.
وسعت ۾ سماوات کان واڌو آه بلاشڪ،
ڏس چشم ٖ حقيقت سان تون ميدان ٖ محبت.
اُلفت ۾ عجيبن جي سندم شان ٿيو اعليٰ،
مولا ڪري، منهنجي ٿئي نگهبان ٖ محبت.
سهڻن سان سروڪار اٿم روز ٖ ازل کان،
طِفلي ۾ مون ازبر ڪيو ديوان ٖ محبت.
اُن غيرت ٖ ليليٰ جي پٺيان مُون ته شب و روز،
مجنون جي طرح گشت ڪيو ميدان ٖ محبت.
درگاهه ۾ الله جي هي سوال سندم آهه،
آباد سدائين هئي. صفا مان ٖ محبت.
غربال صفت اُن جو سڄو تن ٿو تڇيل ٿئي،
جنهن کي ته ڪري پيڇو ٿي نيشان ٖ محبت.
سر منهنجي تي هئي سايه فگن مثل هما جي،
هٿ منهنجي ۾ محڪم هجي دامان ٖ محبت.
افواج ۾ عشاق جي آفسر نه سڏايان،
محبوب ڪيو مون کي ڪميدان ٖ'
محبت.
قابل ٿئي تحسين جي لائق ئي بلاشڪ،
جي ڪو اَچي مون وٽ ٿئي سبق خوان ٖ محبت.
اقليم ٖ محبت ۾ ”گدا“ منهنجي ٿي شاهي،
وه واه وڏو مون تي ٿيو اِحسان ٖ محبت!
(11)
هي سوال سندم آهه، ته يا قاضيء حاجات،
محبوب اچي منهنجو ڪري مُون سان ملاقات.
دلدار دلا رام جي تن من ۾ اٿم تات،
اُن تات سوا مون کي اچي ڪينڪي ٻي بات.
آگم ڪيو اندوهه اچن منهنجي ٿا دل تي،
سر منهنجي تي هردم ٿي وسي برهه جي برسات.
بيخواب آهيان سرس ستارن کان سدائين،
اُو ماه لقا شال ڏسان خواب ۾ اڄ رات.
يڪبارگي جنهن يار ڪيو مون کي فراموش،
صدبار ڪريان اُن جي وڇوڙي ۾ ٿو هيهات.
سو ذائقه گر'
آهه محبت جي مزي جو،
سر تي ٿي پوي جنهن جي ادا عشق جي آفات.
ڄاڻي ٿو چڱو پاڻ کي ڀانئي ٿو بهشتي،
زاهد جي اها آهه سڀئي خام خيالات.
خرزهري مان خوشبو ته ڪڏهن گل جي سنگهي ڪو،
اشراف جو همسر نه ڪڏهن آهه ٿيو ڪمذات.
هي عرصهء دنيا ته آهي صورت ٖ شطرنج،
ڏس فيل اَجل جي ته ڪيا ڪيترا شهه مات.
مقبول ڪندو عرض هي الله تعاليٰ،
هن سال وري شال ڏسان آ وڃي عرفات.
يا حيدر ٖ ڪرّار آهيان بسڪ ٖ گنهگار،
هي سوال ”گدا“ جو آهي، تنهن جي ٿئي سڪرات.
(12)
فنا ڪيو مون کي جنهن جي آهه فرقٿ،
سوا اُن جي ٿو ڀانيان سال، ساعت.
مِلي جي مون سان منهنجو ماه ٖ طلعت،
ڏيان ڇو ڪين ڪي داد ٖ محبت.
ازل کان نينهن نيو مون کي نهوڙي،
عجيبن ساڻ آهي، منهنجي اُلفت.
چوان سچ ٿو، چوان سچ ٿو، چوان سچ-
محبت ۾ مرڻ آهي شهادت.
سچا عاشق ٿين سُرن ۾ سَنرا'،
فراق ٖ يار ۾ ٿيو رنج راحت.
نه دل وس ۾، نه وس ۾ منهنجي دل آهه،
ڏسي اُن ناز پرور جي نزاڪت.
ادا مون لاءِ آهي هِن جهان ۾،
مِٺي محبوب جي قامت قيامت.
مسلسل زلف سنبل وار سُرها،
خجل خوشبو کان جنهن جي مُشڪ ٖ تِبّت.
عجيبن جون اکيون ڪاريون ۽ ڪجليون،
وِڌو آهوءَ کي جن در دشت ٖ عبرت.
چوان قند ٖ مڪرّر کان به دَه چند،
لب ٖ جان بخش جانان جي حلاوت.
سندس رفتار تي ٿئي ڪبڪ قربان،
سُڻي گفتار، طوطي کي به حيرت.
ادا قاصد ٻَڌي ٻئي هٿ ادب سان،
وڃي منهنجي سُڻائج هيءَ حقيقت.
سوا تنهنجي سڻايان ڪنهن کي هي حال،
ڪري غمزي سان وئين دل منهنجي غارت.
’شهيد ٖ تيغ ٖ ابروي تو با شم‘،
اها حاصل ٿئي مون کي شهادت.
وندر جا ور اُهي ئي وينديون ور ڏي،
پنهل جي جن جي دل ۾ آهه اُلفت.
اُنهن جهڙو نه ڪنهن جو بخت بازي،
حسنين ساڻ آهي جن جي صحبت.
ڪندو مشڪل مِڙئي آسان منهنجا،
اميرالمؤمنين شاهه ولايت'.
امير ٖ ذوالڪرم ’عبدالحسين خان‘،
هجي فرزند پنهنجي سان سلامت.
سخن سنج و سخن فهم و سخن دان،
فقيدالمثل سو صاحب فصاحت.
محمد مصطفيٰ اُن جو مددگار،
علي جي اُن کي هُئي هردم حمايت.
”گدا“ اُن جو دعاگو آهيان دل سان،
ڪي ٿو شاهه منهنجو مُون تي شفقت.
”گدا“ جو هيءُ غزل چوندا قصيدو،
سخن سنجان سڀ اهل ٖ بلاغت.
****
رديف ”ٿ“
(13)
خورشيد- صفت يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
هو مطلع ٖ انوار'،
ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هو يار به گلزار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
چون مهر ٖ پُر انوار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
اَهوي صفت يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ،
با شوخيءَ رفتار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
منصب ڏئي دلدار، مون کي دربدري جو،
ڏيکاري ٿو ديدار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
گردش ۾ شب و روز آهيان گردون کان زياده،
اي دلبر ٖ دلدار! ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هي حال وڃي، تنهنجي سوا، ڪنهن کي سڻايان،
گذري ٿي شب تار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
هر ملڪ ۾، هر شهر ۾، مون کي ٿو گهمائي،
هي چرخ ٖ ستمگار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
گلزار ۾، محفل ۾، مَي ٖ لال جو، ساقيءَ،
ساغر ڏنو سرشار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
دُنيا ۾ ادا آ ٿو اِنهيءَ طرح گذاريان،
جيئن ڪو هجي ميخوار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
”گاهي بسوي ڪوه روم، گاه بصحرا“،
اندر طلب ٖ يار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
فرهاد کي ڪهسر ڏنئِي، قيس کي جهنگل،
ڏس عشق جا اسرار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
ويرانه ۾، يا شهر ۾، يا بحر ۾، منهنجو
مرسل'
ٿيو نگهدار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
”گمنام ’گدا‘ گوشه نشين بود“ مگر هاڻ،
ڪيو نينهن سو نروار، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
*****
رديف ”ٽ“
(14)
اهڙي جانيءَ جو، ڪونه ڪو ٻيو مَٽ،
جنهن جو غمزو ٿو مون کي ماري اُڦٽ.
مار مولا جي شال سِر تي پويس!
مون سان اغيار آهه ڪيو ترکٽ.
مون کي ڏسندي، رقيب ڪيون ريهون،
آگ گاڏيءَ جو، ڄڻ ڪ هو گهوگهٽ.
زلف دلبر جا، ماروار'
مدام،
ور ڏيو، ور ڏيو، وجهن ٿا وٽ.
گوهر ٖ شاهوار ڇا آهي-
دانهء اشڪ سان، ڪريان ڪئن مَٽ؟
منهنجي دل، يار، اِئن اُمالڪ نِي،
باز، درّاج کي وجهي جئن جهٽ.
سُر منڊل جو سرود، ڇا سمجهي،
جونه سمجهي ٿو نار جو رينگٽ؟
لعنت الله، برسر ڪاذب،
ڪينڪي ڪوڙ، ڪين هڻ تون زٽ.
ڪونه اُن جهڙو آهه ٻيو مغرور،
جيڪو هيڻو ڏِسيو چوي ٿو ”هٽ!“
اي ”گدا“، بادشاهه ٖ محي الدّين،
سڀ وَليّن جي آهه سِر جو ڇَٽ.
(15)
ساقيا، پيار مون کي مَي جو مَٽ،
محتسب'
ٿو اچي، ڪري وٺ جهٽ.
اڄ اڱڻ منهنجي، منهنجو يار آيو،
گهر ۾ اغيار جي پيو ڪُوڪٽ.
آهه پُرسوز، آه سا منهنجي،
آهه صرصر کان وڌ، منجهس سُوسٽ.
’ماءِ ڊيئر‘، آهه ’فس ڪلاس‘ اُهو،
دلبرائي جو جنهن کي ياد ’گزٽ‘.
ڪئن نه پُيچ مار وار سَٿيان،
يار زلفن کي جي وجهي ٿو وَٽ.
مون کي آهي يقين، ايندو يارُ،
سچُّ سمجهان ٿو، جي هڻي ڪو زٽ.
تنهنجي فرقت ۾، جان بلب آهيان،،
آوَري، آوَري، مَران ٿو اُڦٽ!
سَرو سان، قد کي ٿا ڏين تشبيهه،
شاعرن جو اِهو ته آهي زٽ.
سچ چوان، سچ چوان، چوان ٿو سچ،
خاڪسارن ۾ ڪونه منهنجو مَٽ.
مينڌري لاءِ منهنجي دل ماندي،
ڍول ڍاٽيءَ جي لءِ ڏٺم سڀ ڍٽ.
اُو اَچي منهنجي دام ۾، دلدار،
آ وٺيو ويٺو آهيان جنهن جو گهٽ.
مون سان منهنجو رقيب، ريزالو،
نهرواني'،
ڪري ٿو ناڪس، نٽ.
عشقبازن جو شاهه آ آهيان،
عشقبازي جو منهنجي سر تي ڇٽ.
ميڪدو تنهنجو هُئي سدا آباد!
ساقيا! مون کي ڪو پيارج، پٽ.
نيڪ ۽ بَد جي جو ڪري نه تميز،
توڻي شهزادو ٿئي، ته آهي ڄَٽ.
خر نه تقليد سان ٿئي آدم،
ڪڻڪ کي کائي، توڙي پَهري پٽ.
گهور سان مون کي ٿو ڏسي اَغيارُ،
اهڙي رهزن جي هئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ.
جو شريفن سان ٿو خسيس وڙهي،
آل اولاد اُن جو ٿيندو چٽ.
خارجي، جو ڪري ”گدا“ جي گلا،
شاه ٖ مردان، وجهيس سر تي وَٽ.
هِن غزل جو جواب، ’مخلص ٖ من!‘
دير ڪر ڪين، ڏي سِگهو، جهَٽ.
****
رديف ”د“
(16)
حضرت ٖ عشق کان ٿيم اِرشاد:
عشقبازن جو آهين تون اُستاد.
آهِه دارين' ۾ اهو آزاد،
جنهن جو گهوتڙ، ٿيو برهه ۾ برباد.
جي هجي هير، وامق و فرهاد،
مون کي ٻئي چون ها اَڄ ”استاد“.
مون نماڻي ڏي مهر مان مُرڪي،
ڪا نظر ڪر، اي ستم ايجاد!
مون کي ماڻن سان يار ٿو ماري،
ڪنهن جي ڪورٽ ۾ آ ڪريان فرياد؟
صبح رُخ، زلف شام، يار جا ٻئي،
ڪين ٿيا باهم، هي پاڻ ۾ آضداد.
ڪونه جهڙس ته نازنين هوندو،
منهنجي جانيءَ جو، ناز ٿيو همزاد.
مون کي اِن طرح، عشق قابو ڪيو،
جنهن طرح صيد کي، وٺي صيّاد.
درد فرقت جو، دشمن آهِه وڏو،
هجر جهڙو، نه ڪو ٻِيو جلاّد.
جيڪي عاشق، ادا! سچا آهن،
ڏک ۾ سي شاد، سک ۾ سي ناشاد.
آيو اَڄ غيرتِ چمن، مُون وٽ،
منهنجو سرسبز، اڄ ٿيو صبحِ مراد'.
ڪونه اُن جهڙو، آهِه ٻيو اَظلم،
بيگناهن تي، جيڪي ڪن بيداد.
”اُن جو ميوو ڪڏهن نه ٿيندو مِٺو“،
”جن ڪميڻن جو آهِه بد بنياد.“
ذات ۾ گم ٿيو جو صفات ڇڏي،
هردو عالم ۾، آهِه سو آزاد.
جيڪي ٿا ياد، پنهنجي يار کي ڪن،
يار کي، سي سدائين آهن ياد.
غوث الاعظم، جناب جيلاني،
آهي مرشد سندم، شہِ بغداد.
واه وا! سچ چيو ”حضرتِ سانگي“،
”ديس آهي اَسان جو حُسن آباد.“
اي ”گدا“ اڄ ته آ غني آهيان،
مون کي اَلله عشق ڪيو اِمداد!
****
رديف ”ڏ“
(17)
اي عمر! پنهنجي ڇوهه کي تون ڇڏ،
مون کي مارن سان هاڻ نيئي گڏ.
لال لويون، ٿيون مون کي ياد پون،
ساڙ سالور'،
وجهه تون کهنبا کڏ.
چاشني دار، ڪين ڪي چکنديس،
نه وڻن مون کي، تنهنجا حلوا هڏ.
ڪين لاهج الله مان اميد،
پنهنجي صاحب کي تون سدائين سڏ.
توکي موڪل ملي، ملير وڃِي،
هاڻ پنهنجا پکا اُتي تُون اَڏ.
اي ”گدا“ جي گهرين مِلان مارُن،
توکي لازم آهي ته اوڏهن اڏ.
****
رديف ”ر“
(18)
دلبري منهنجي، يار جاني! ڪر،
ايتري مون تي مهرباني ڪر.
چاهه مان چاشني چپن جي چکاءِ،
ڪانه ٻي منهنجي ميهماني ڪر.
آهه زحمت، سندءِ صفت مـژگان'،
غمزهء عشق کي ڪماني ڪر.
شاهه تون، تنهنجا سڀ حَسين، سپاهه،
حُسن وارن تي حڪمراني ڪر.
مون ڏي منهنجا عجيب، هوت، حبيب!
ڪا نشاني ته تون رواني ڪر!
منهنجو سر، منهنجو ساهه توتي فدا،
مهرباني ته جاوداني ڪر.
آئي موسم بسنت جي در باغ،
يار ڪپڙا تون زعفراني ڪر.
ساقيا! ساغرِ بلورين را،
پُر ز صهباي ارغواني ڪر.
آئي پِيري، ته تو مان ڇا ٿيندو؟
عشق ۾ تون بَسر، جواني ڪر.
ڪر مطالع، ته درد جو ديوان،
ڪانه ڪا ٻي تون قصّه خواني'،
ڪر.
جي تون اَڙٻنگ آهين، شير افگن،
نفس سرڪش سان پهلواني ڪر.
جي تون ڀانئين ته سُود مند هجان،
ڪين ڪنهن ٻئي جي تون زِياني ڪر-
جي تون تحقيق ”طالب الموليٰ“،
ملڪ معنيٰ ۾ ڪامراني ڪر.
جي گهرين ”درجہء بقا بالله“،
فڪر ۾ پاڻ کي تون فاني ڪر.
هي غزل بي بدل ”گدا“ جي پڙهي،
مير صاحب! تون قدر داني ڪر.
(19)
خورشيد رُخا، مهر فزا، يار! ڪرم ڪر،
بيتاب آهيان، دلبرِ دلدار! ڪرم ڪر.
آزرده تن و خسته دل و جان بلب آهيان،
اي راحتِ جان! بر سرِ بيمار ڪرم ڪر.
بلبل جي صفت، باغ ۾ آ آهيان فغاني،
فرياد سڻي، اي گلِ پُرخار! ڪرم ڪر.
جيتوڻي نهارين به ٿو ناز منجهان تون،
پر آ بِنهه آهيان طالب ديدار، ڪرم ڪر.
غمزي سان ڪرشمي سان، لُٽي منهنجي وئين دلڙي،
آ منهنجي اڱڻ، منهنجا مٺا يار! ڪرم ڪر.
شڪر دهنا'!
”بوسہء شيرين زلبِ خويش“،
يڪبار گهران تو کان، تون صدبار ڪرم ڪر.
آباد سدائين هجي هي ميڪدو تنهنجو،
ساقي! بڪفم ساغرِ سرشار، ڪرم ڪر.
تون اهڙو ڪريم آهين، ڪمي ڪانه ڪا جنهن وٽ،
آ توکي ڀلا ڪئن چوان ”بسيار ڪرم ڪر“؟
”گر سَر رودازتن، نه رود مهرِ تو از دل“،
منهنجو اهو توسان آهي اقرار، ڪرم ڪر.
جيتوڻيڪ غفلت جي آهيان بحر ۾ مغروق،
هادي! تون آهين ديدهء بيدار، ڪرم ڪر.
سچ آهه ته سچ جهڙي نه ڪا نعمتِ عظميٰ،
ڪاذب نه ٿيان، صدق جي گفتار، ڪرم ڪر.
مُون جهڙو ڪٿي ڪونه ڪو عاصي ٻيو آهي،
آ آهيان گنهگار گِرانبار، ڪرم ڪر.
آ تنهنجي غلامن جو غلام آهيان ازل کان،
يا شاهِه رسل، احمدِ مُختار! ڪرم ڪر.
حسنين ڪريمين'
جي صدقي، مون ”گدا“ تي،
يا شاهِه نجف حيدرِ ڪرّار! ڪرم ڪر.
آ ’مير الله بخش‘ جو هر وقت دعاگو،
پوءِ ڇونه چوان جبہ و دستار، ڪرم ڪر.
(20)
دم بدم سو شاهِ خوبان يار ڪر،
زلف اُن جا عنبر افشان ياد ڪر.
نت لبِ جانبخشِ جانان ياد ڪر،
ڪينڪي تون آبِ حيوان ياد ڪر.
ڇا ڪنديس تون سرو کي، شمشاد کي؟
قامتِ دلجوي جانان ياد ڪر.
درد دل جا دُور هڪدم ۾ ٿين،
يار جا لبهاي خندان ياد ڪر.
آهه تنهنجو ڪهڙو ڪم رضوان سان؟
يار جي در جو تون دربان ياد ڪر.
يار جي سيبِ زنخدان'
جي اڳيان،
ڪين تون سيب صفاهان ياد ڪر.
خضر ڄاڻج، جي پَوَئي خط تي نظر،
جي ڏسين لب، آبِ حيوان ياد ڪر.
جي گهرين ٿو، دل کي جمعيّت ٿئي،
يار جو زلفِ پريشان ياد ڪر.
آهه سا شمشيرِ برّان بيدرنگ،
ڪنهن چيُئي ابروي جانان ياد ڪر.
جنهن جي صورت کان خجل خورشيد ٿيو،
هر گهڙي سو جانجانان ياد ڪر.
مُون سان پيماني جو تو اقرار ڪيو،
ساقيا! سو پنهنجو پيمان ياد ڪر.
جي نظر توکي اچي ڪو غمزدو،
پنهنجي تون سُورن جو سامان ياد ڪر.
ٻيا سڀئي دل تان وِساري ڇڏ ڪتاب،
حق تعاليٰ جو تون قرآن ياد ڪر.
يثرب و بطحيٰ اٿئي خلدِ برين،
ڪونه ٻيو تون باغ و بُستان ياد ڪر.
شاهِ مردان جو ”گدا جي آهين تون،
قضيه شاهِ شهيدان ياد ڪر.
(21)
کڻ اکيون کِل يار جاني! مُون نماڻي ڏي نهار،
پرچ پيارل، ڇڏ ڏمر، ماڻن سان مون کي ڪين مار.
جان جند، سر ساهه صدقي، تنهنجي قدمن تان ڪريان،
مہ لقا محبوب منهنجا! پنهنجي اقرارن کي پار.
ناز پرور! نيڻ تنهنجا مست متوالا مدام،
عاشقن جي قتل ڌاران ٻي سکيا هرگز نه ڪار.
سر نوايو سروَ، تنهنجي قَدِّ رعنا جي اڳيون،
تنهنجي زلفن کي ڏسي، سنبل جو گل ٿيو تار تار.
تنهنجي سڪ ۾ دمبدم منهنجون اکيون رت ٿيون روئن،
تو سوا، سيماب'
کان وڌ، منهنجي دلڙي بيقرار.
مون ”غلام محمد گل“ جي ڪر صدا مقبول تون،
منهنجا دلبر! جلد تون پنهنجي وطن تي واڳ وار.
(22)
دلگهُريا دلدار، خوش ڪردار، جانان جيءُ جيار!
سَو لَڱا، سهڻا سڄڻ! توتي ڪريان سر کي نثار.
تنهنجي سُهڻي قدّ تي، آ سَروَ کي گهوري ڇڏيان،
تنهنجي عارض تي سڄڻ! صدقي ڪريان آ گل انار.
تنهنجي اکڙين جي اڳيان، نرگس ڪري ٿي صد نياز،
تنهنجي رُخ جي رَشڪ کان، لاله جي دلڙي داغدار.
شل سدائين گڏ گذاريون، خوشتر و خندان رهون،
رشڪ کان اغيار جي دل کي ڪريون ساڙي اَڱار!
ڪئن نه آ اُن کي چوان، آهي عدوي عاشقان،
زاهدِ رهزن، ڪري هروقت ٿو حيلا هزار!
عشق وارن ئي سدائين سر ڏيڻ، ڏونگها سهڻ،
عشق جي سرڪار جو، هن طرح آهي اشتهار.
شيرِ حق، شاهِ ولايت، سر گروهِ اهلِ حق،
عاجزن جو آسرو، سو ’هَل اتيٰ‘'
جو تاجدار.
هر گهڙي، هر لحظه دل سان آ ڪريان ٿو هيءَ دُعا،
حضرتِ ”سانگي“ جا يار شل هجن هشت و چهار.
هِن ”گدا“ جي، تنهنجي در آهي سدائين هيءَ صدا،
ساقيء ڪوثر جو صدقو، ساقيا! ساغر ڏيار.
(23)
قامتِ يار، سروِ خوش رفتار،
عارضِ يار، رشڪِ باغ و بهار!
زلف تي يار جي ڇڏيان گهوري،
چِين، ماچين، تبت و تاتار.
مون کي ”ڪَميَر“ چوي ٿو ڪين ڪڏهن،
’ماءِ ڊيئَر‘ آهه، منهنجو سو دلدار.
برهه جي باب جو سبق پڙهه تون،
جي گهرين نينهن ۾ ٿيان نروار.
اهڙو ماجسٽريٽ آهه ڪٿي،
جو سُڻي منهنجي عشق جو اظهار؟
حيف، صد حيف تنهن مُلي کي هجي،
عشقبازيءَ کان جو ٿئي بيزار!
عشق ڪيو مون کي ان طرح قابو،
چور کي جئن وٺي ٿو چوڪيدار.
ائن وڻي مون کي يار سيمين تن،
اهلِ دولت کي جئن وڻي دينار'.
جي گهرين ٿو خدا، خودي کي ڇڏ،
”بندگي کن، ترا بحکم چہ کار؟“
حشر ۾ جي گهرين ته ناجي ٿيان،
تون ضعيفن کي ڪين ڏي آزار.
اي ”گدا“ منهنجو بادشاهه آهي،
سيّد الانبياء، سچو سردار.
(24)
جلوه گر بام تي ٿيو منهنجو يار،
صبحدم مُون ڏٺو عجب اسرار.
هر شب و روز آرزو دارم،
آ ڏسان پنهنجو دلربا دلدار!
تنهنجي سڪ ۾ سدا روئان ۽ رڙان،
برهه ۾ تنهنجي آهيان زارو نزار.
توکي ساريان، هنجون ٿو نت هاريان،
مون کي پنهنجو اچي تون مُنهن ڏيکار.
هي ٻئي نعمتون عجيب و غريب،
هڪڙو دلبر، ٻيو اسپِ خوش رفتار!
ٻئي ڪنهين جي مجال ڇا آهي،
آهه سڀڪي الله جي اختيار.
(25)
عجائب آهه عجيب جي عشق جو تاثير،
غمِ فراق ۾ جنهن جي ٿيو آهيان آ پير.
نهوڙي مون کي نيو آهه نينهن جي نيڻن،
وڪوڙي مون کي ويو آهه زلف جو زنجير.
هزار دل جي هجي، آ مٿس ڪريان قربان،
ڪري جي نيم نگهه ساڻ مون کي سو نخچير'.
شعاع اهڙو ڏٺو ڪنهن نه شمس ۾ هوندو،
جو آهه يار جي عارض ۾، جلوہء تنوير.
برنگِ گل آ شگفته ٿيس بوقتِ سحر،
چمن ۾ رشڪِ چمن منهنجو، ٿيو گريبان گير.
مهوّس آهين، ته ٻي ڳالهه کي نه وسهج تون،
غبارِ ڪوچہء جانان اٿئي، بہ از اڪسير.
عمر! آ تنهنجون ڪڏهن ڪين چاشنيون چکنديس،
پيان آ شال پنهوارن سان گڏجي پاڪ پنير!
وطن وڃي آ ڏسان پنهنجي ڍول ڍاٽيءَ کي،
سِڪي ٿو جنهن کي سدائين سندم هي ساهه سرير!
اُهوئي مرد مسلمان، جو ٻئي جو خير گهري،
اُهوئي مرد مسلمان، جو تابعِ تقدير.
دور بار حضرتِ دهلي جو سير ٿيو حاصل؛
ڪريان ٿو هاڻ وڃي سيرِ گلشنِ ڪشمير.
”گدا“ هي ”حضرتِ سنگيءَ“ جي ياد ڪر مصرع،
”جو اصل خاڪ نشين، تنهن کي ڪهڙو صدر سرير'!“
ڪريم! منهنجو اهو سوال آهه، شال هجي،
”گدا“ جو دست بدامان هجي حضرت شبير!
|