ماتري پريم
آڪاس جي بغل ۾ انڌيري رات آئي،
سر تي حجاب کان جنهن چادر ڇُري وڇائي،
تارن سندي قطارن جهرمر عجيب لائي،
وڇڙيل دليون سدائين ڪن ياد هيءَ سهائي.
ڀونگي ڀڳل ۾ آيو تنهن ويل تنهن ويل پريمي جوڙو،
مٺين سان جنهن اڏايو وهلور ٿي وڇوڙو.
ڀاڪر ۾ جهلي پرکي چيو پريم پوڄاري:
جڳ ۾ نه ٻي ڪا ڀايان مٽ تنهنجي مشڪباري،
اکڙين سان گل اناري منهنجي تو دل ڏتاري،
توريءَ نه ڪائي ساعت راحت ۾ مون گذاري.
من منهنجي جي تون ڪايا آهين ڪرم جي تون ڇايا،
پنهنجي پرين کي ڇو تون هٿڙن ۾ ڳل لڪايا؟
جوڀن جي، روپونتي، هئي مست مئي خماري،
چيو ناز جي نپايل: ”ڏج پريم پرک ڀاري“
مون کي جي پنهنجي ساجن! سمجهين ٿو ”پران پياري،
دل ماءُ جي ڪڍي اچ بي غم ڪڍي ڪٽاري.
تون پنهنجي دل نه مون کي ارپي ڇڏي سخي دل!
پر سرس ڀيٽ ڀايان هيءَ، ”تنهنجي دل مقابل.“
ٻڌنديئي ٻول گهر ڏي سڌ ٻڌ وڃائي ڊوڙيو،
ماتا جي، انڌي عاشق، سيني ۾ ڪان کوڙيو،
تاڪين مان ڪڍي جيئن ڊوڙڻ لئه هو پتوڙيو،
دل - هول کيس ڪيريو، انڌ جي نشي کي ٽوڙيو.
ڏسنديئي تڙپي ”فاني“ ماتا جي دل ڳالهايو!
”ٻڇڙا! ٻڌاءِ ته توکي ڏاڍو ته ڌڪ نه آيو؟“
دکي دنيا
ڪوئي روزيءَ جي فڪر ۾ ٿي دربدر ٿو رلي،
ڪنهين نصيب جي ماريي جو سدا نيڻ ڇلي،
ڪنهين جي انگ اگهاڙي تي تتو جهولو گهلي،
ڪنهين جي دانهن تي تقدير جو نه درڙو کلي.
هر جڳهه هرطرف سورن جو مون سامان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(2)
توڙي زر مال ۾ ٽمٽار دنيادار رهي،
ته ڀي قارون جي خزاني لئه بيقرار رهي،
ڪافي ڪلدار سان گڏ هرس جو آزار رهي،
ڀريي ساگر کي ٿو قطره جو انتظار رهي!
تون اڀرندي الهندي کي آ يڪسان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(3)
اوچتي موت کان دک درد جي نوبت آئي،
زال وڌوا ٿي ۽ ٻچڙن تي مصيبت آئي،
ڪنهن کي اولاد ملي، زال تي آفت آئي،
هوريان هوريان چڙهي راحت مٿان مسرت آئي.
چاڪ جيجل جو مون ڪٿ غم ۾ گريبان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو
(4)
ڪو چوي ٿو مون کي اولاد ملي ڇا ٿي پيو!
ڄايو نينگر آ ٽه- کڙو، جنهن کان گهر صفا ٿي پيو،
ڀاڳ ڀانيم ٿي ڀلو جنهن کي، سو سزا ٿي پيو،
ڪهڙو آرام تي رنج ۽ الم روا ٿي پيو!
بي شڪر جي مون ڦٽن لئه نه ڪو درمان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(5)
ڪيئن نه پريمي ٿو ڪري پريم ۾ خانوئي خراب،
خانداني کي ڏياري ٿو خرابيءَ جو خطاب،
عيش سمجهي ٿو سهي سر تي سرهائي سان عذاب،
عمر ڀر ڪين مگر آيو اميدن جو جواب،
هر تمنا ۾ لڪل مون رڳو ارمان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(6)
آهي سنسار ۾ سياڻا ڪو ٻڌاءِ منش سکي!
انهيءَ دنيا ڪيا دنيادار ۽ پينار دکي،
ڀريو ڀرجينه ٿي انبار ۾ دل آهه بکي،
حسن ڀٽڪائي ٿو بي چين ڪري چنڊ مکي،
عقل، صورت کي لتاڙيندو مون ويران ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(7)
اهڙو پهتو آهي جگري ڪوئي سنسار کي رنج،
جنهن کان خود رنج کي آزار آ، آزار کي رنج،
آ گلستان ۾ شمشان جو گل خار کي رنج،
محفلين ۾ وڄي تبلي ۾ رنج ستار کي رنج.
رنج غم ۾ مون آ هر چيز کي غلطان ڏٺو،
دکي دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
(8)
آدمي ذات کي خالق ٿي جڏهن پيدا ڪيو،
هر نعمت جو پيالو مٿان پيٽيندو ويو،
عقل، اقبال، صحت جو ڌڻي انسان ٿيو،
پر نه قطره ڪو مٿس سک جي پيالي مان پيو.
سڄي آنند کان محروم مون انسان ڏٺو،
”فاني“ دنيا ۾ هر هڪ شخص پريشان ڏٺو.
جيوت جو دم
(1)
عدم کان ٿيو آدم جو هت آستان،
ڇڏي آيو فاني لئه باقي جهان،
۽ ڌرتي لئه آيو ڇڏي آسمان،
ڌٻڻ مان نه، نڪرڻ جو ڪيائين ڌيان.
سکين پيچرن مان ويو پنڌ نبرندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(2)
جڏهن هن دنيا ۾ ٿيو ٻالڪ جنم،
ڄميل آهه ناڙين اندر رت گرم،
رهي گم نه گوندر سندي عرض غم،
رهي صاف دل ۽ آ هردو نرم.
سدا سج خوشيءَ جو رهي اڀرندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(3)
جڏهن آيو جوڀن جو مخمور پُور،
ٿين هڪ سلي مان ٿا پيدا انگور،
نه آ قلب قابو نه شامل شهُور،
تپي ٿو محبت جو تن ۾ تنور.
رهي پريم ۾ تن سدا تڙڦندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(4)
سپاهي ٿي سُوره سٽون کائيندو،
لڱن کي لهُو تيل جيان لائيندو،
غشي ۾ به هيٺ ڪين هارائيندو،
اجل بوند پاڻي کي ترسائيندو.
رهي هار يا جيت ۾ مرڪندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(5)
جواني ۾ انسان جو ٿيو سجان،
وڌي تنهنجي طاقت وڌي شان مان،
سندس رهندو دنيا ۾ نالو نشان،
مگر ناهه نيڪي کي دائم مڪان
ٻه ٽي ڏينهن هيءُ چندرما چمڪندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(6)
زمانو ڪندو جوان کي پيرسن،
نه سا سرت رهندي نه سالم ذهن،
۽ کوهيل رتن جو آ موٽڻ ڪٺن،
رهي ڪال کان ٿڙڪندو تن بدن،
هن آفت کان ڇاتي ۾ من ڇرڪندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(7)
ٻڍاپڻ جي سر تي ڏسي آپدا،
لڳي جيئن سفر تي هلڻ جي هوا،
وٺي دور خوراڪ پوشاڪ جا،
اجهو موت جي ڪڙڪي ڪاري بلا.
ڍلائي کان ويندو ڍڍر ڍرڪندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
(8)
لڙائي ۾ جيوت کي جيتيو قضا،
تڏهن زندگي جا ڪلا ٿيا ڍلا،
دوا ۽ دعا مان ملي ڪيئن شفا؟
اڳيان ڪال جي ڇانئي ڪاري گهٽا.
روئيندي ولر کان پکي وڇڙندو،
ائين ئي ويو جيوت جو دم گذرندو.
جيوت ۽ موت
(1)
دنيا کي عذابن جو آستان ڇو چون ٿا؟
وستي کي بيابان ۽ ويران ڇو چون ٿا؟
هلڪي هواکي هيسجي طوفان ڇو چون ٿا؟
جيوت گران موت کي ارزان ڇو چون ٿا؟
ليڪن جهان ۾ خوب آ خوشين جو خزانو.
فڪرات رنج غم آ بهانو ۽ فسانو.
(2)
آئي ڀلا جي وار سان گلزار منجهه خزان،
چئجي ڇو: ”جيئن پن ڏڪن، ڇڻن ٿا ڏار مان،
ساوا سڪي ڪريا ۽ جدا ٿيا شجار کان،
دنيا ۾ تيئن آهه هي انسان لامڪان“؟
يڪسان هجي گرچ هي دنيا جو ڪاروبار،
مشڪل ٿي هلڻ آ مزو هر شي ۾ ڌار ڌار.
(3)
انڊلٺ جي آسمان ۾ ٿي جنهن وقت جهڪائي،
نچندي ڪسي يا وهڪ تکي سان نظر آئي،
گهنڊڻي عجب! گهڙيال وقت سر جي وڄائي،
ڇو چئون: ”عمر هن ريت وڃي وهندي اجائي؟“
اونده جي گهڙي لئه ڇو سهائي وساريون؟
ناحق ڇو وندر گاهه ۾ گوندر ۾ گذاريون؟
(4)
زاهد ٿو جڏهن جهد جفائون ۽ جپ ڪري،
سورهيه جي اندر جنگ جو ٻارڻ به پيو پري،
ڇو کين اچي خيال موت جو ذري ذري؟
مقصد ٿو ڀڄي وهم انهيءَ کان پري پري.
ڄاڻون ٿا ڇڏي وينداسون ڪنهن وقت هي جهان،
پر اڳ مرڻ ڇو رهون غمگين ۽ پريشان.
(5)
بيٺو جو ڪلب برڇ آ درياهه ڪناري،
هيٺان جنهنينجي نانگ اگر ڇال پيو ماري،
هاري همت فقط ڏسون نيڻن سان نهاري!
ڊڄندي بلاکان ڇو ڇڏيون ميوي کي وساري؟
هي زندگي آ امر ٿي درخت مثل، مگر،
مورک جي نظر زهر ۾ کپي ٿي سراسر.
(6)
گهر ۾ جا بتي کاڄ هوا جي تي ٻري ٿي،
نت سوجهري سان جاءِ سموري کي ڀري ٿي،
ڪنهن کان به گهڙي موت جي ڪنهن پر نه ٽري ٿي.
هٿ سان هوا جي خوف کان ٻرندي ڇو وسايون؟
جيوت جي جوت موت کان ڇا لئه ٿا ٻجهايون؟
(7)
توکي نه ڪمي آهي ويسن ۽ وڳن جي،
چولي ٿي مگر ياد اچي توکي ڪفن جي!
خلعت تو ڍڪي آهه ڇو وهمن ۽ خفن جي؟
ڳڻتي ڇو ڪجي پينگهه ۾ لوڏن ۽ لمن جي؟
ڪڪرن ۾ لڪل شمس کي ڏس تون نظر ڪري،
اوندهه جو تڏهن پردو ٿي ”فاني“ پري پري.
توکي ڇا چوان؟
(1)
ڏسان توکي نٿو ساري جڳت ۾،
چون هستي تنهنجي ساري امت ۾،
سڄو سنسار آ سکڻي صفت ۾.
نه تو ۾ خود پسائڻ جي ڪا هستي!
رکيو ڇا باقي آ تو بي همت ۾؟
توکي ڪانئر چوان يا بهادر چوان؟
(2)
جڏهن پاپن جو بدلو پاپ ڏئين ٿو،
نه ڪنهن سان ڪا، رياداري رکين ٿو،
ڪئي جو ڦل اڳيان سڀ جي ڌرين ٿو.
تڏهن توکي چئون ڇا لئه ديالو؟
جو اپرادي ڏي تون مائل نه ٿئين ٿو،
توکي عدلي چوان يا مان فضلي چوان؟
(3)
وڻي توکي به پنهنجي ساک استت،
رهي استت ڪندڙ تي تنهنجي رحمت،
نه سمري توکي، تنهن سان تنهنجي ڪلفت،
جڏهن تنهنجي خوشامد بند ٿيندي.
تڏهن رهندي تنهنجي ڪهڙي طبيعت؟
توکي ڀيدي چوان يا اڀيدي چوان؟
(4)
نڌر آڪاس ڏي اکڙيون کڻي ٿو،
ٽڪر روٽيءَ جي لئه هٿڙا هڻي ٿو،
توکي شايد سندس رودن وڻي ٿو.
جي تون گنج بخش آهين روزي رزاق!
ته ڇو تنهنجي نه ڳڻتين جي ڳڻي ٿو؟
توکي تنگدل چوان يا سخي دل چوان؟
(5)
اجهو وڌوا ٿي دل ڏاري پڪاري!
هنجون هيءِ هيءِ ڪيو بيوه ڪيئن نه هاري؟
کسيو تنهن کان کسم ڪهڙي هچاري؟
اها سچ پچ جي تنهنجي آهي حرڪت.
ڇڏيندي توکي آهُن سان اڏاري!
توکي ظالم چوان يا مان راحم چوان؟
(6)
جي هرڪو پاڻ ٿو قسمت کي ٺاهي،
خود ئي تقدير کي ٺاهي ۽ ڊاهي،
مرڻ جيئڻ دمن ڪرمن تي آهي.
ته باقي تنهنجو ڪهڙو آهي ڪرتب؟
تنهنجو پيرو هتي آهي يا ناهي؟
توکي حاضر چوان، غير حاضر چوان؟
(7)
اسان تي تون اگر آهين نگهبان،
ته پاپن کان بچائين ڇو نه نادان؟
نه ڪاسائي، نه ٻڪريءَتي مهربان،
بتائين ڇو نه راهه ٿا ٻي کان اڳ ۾؟
جو پوءِ پڻ ڪين ٿئي پاپي پشيمان!
توکي سياڻو چوان يا اياڻو چوان؟
(8)
بڻايو آهه تو ڪنهن شيءِ کي ڪامل؟
ڪيو تو نقص آ هر شيءِ سان شامل،
جو پورن شيءِ نه جوڙي ڪيئن سو ڪامل؟
مرگهه ۽ چنڊ جي سوڀيا بي آرام،
سکي جاهل، پني عالم ۽ عامل!
توکي پورن چوان يا اپورن چوان؟
(9)
بهاريءَ جا ٻه ٽي ڏينهن عيش وارا،
پون پيا ڏينهن مڙيئي گرميون ۽ پارا،
پتا آهين ته ڪر تون لال پيارا.
سکن جي هڪ گهڙي، دک ڇو وڌائين؟
جي تنهنجي ڏور ۾ سورج ستارا،
توکي درويشي چوان يا هتيشي چوان؟
(10)
چون: ”سنسار سارو آهي ”فاني“،
نه رهندي ڪنهنجي پر لئه ۾ نشاني،
ته باقي تون ڪندين ڪٿ حڪمراني؟
اسان وياسين ته تنهنجي صاحبي پڻ،
عدم جي راهه ڏي ٿيندي رواني،
توکي ”فاني“ چوان ، غير فاني چوان؟
تنهنجي ڳولا!
ڏسان ٿو سرشٽي جو ساز سارو،
پسان ٿو جڳ جو سڄو پسارو،
جپي تنهنجو نالو جيءَ جيارو،
ٻڌان ٿو سڀ جو آهين سهارو.
مگر ڏٺم توکي ڪين دلبر!
ديوانو تولئه ڦران دربدر.
(2)
ڪٿي مان تنهنجو نشان ڳوليان؟
ڪٿي تنهنجو آسٿان ڳوليان؟
اجلن ٿي ٻئي جهان ڳويان،
ٻيو ڪهڙو مخفي مڪان ڳوليان؟
مليو نه ڏس تنهنجو بستي بر ۾،.
لڪو تون ڪٿ آهين ڪهڙي گهر ۾؟
(3)
ڏٺم هزارين ئي گل چمن ۾،
اڻگت تارا ڏٺم گگن ۾،
لنگهي مان ساڌن جي ويس صحن ۾،
مون توکي ڳوليو رشي ڀون ۾.
مگر اڪارٿ ويو سڀ ڪشالو،
نه ڪوئي اوندهه ۾ ٿيو اجالو.
(4)
مون ڳوليا محلات شاهوڪاري،
جو سيٺ سمجهيم ٿي توکي ڀاري،
وڃائي وئرٿ مون کوج ساري،
ڍري ٿي اکين تان انڌڪاري.
مون ڳوليو ناحق ٿي ڪنجه بن ۾،
ملئين تون دينن جي جهوپڙين ۾!
مون مفت مندر ۾ ڍونڍيو ڍوليا!
ڀڄن ۽ سنگيت گهر ٿي ڦوليا،
ٽڪاڻا، ديول ۽ ٿان ڳوليا،
تولئه مقدس ڪتاب کوليا.
مگر تون درديءَ جي آهه بڻجي،
سڏيو نماڻي نگاهه بڻجي!
(6)
مون سور بيرن جون ڳوليون جايون،
ڀڄايون مون ڀيم جون چتايون،
مون ڳوليو سهراب جون سرايون،
پڇائون بجرنگ جون ٿيون اجايون.
مگر تون چمڪئين سڪن هڏن ۾!
تون گانڌي جي هئين نٻل بدن ۾!
(7)
مون توکي شهزور سمجهيو سائين!
جو شاهه شاهن جو تون سڏائين،
تون حاڪمن تي حڪم هلائين،
دنيا جو چرخو عجب چلائين،
مگر تون محتاج بڻجي گهر گهر،
تون سيٺ سڀ جو، پنين ڇو دردر؟
(8)
ڏٺيون مون سهسين سهاڳ واريو،
سڄاڻ ناريون سڀاڳ واريون،
گهڻيئي ميندي مساڳ واريون،
ڪي چتر چت چور، چاڳ واريون.
مگر تون وڌوا جا لڙڪ بڻجي،
ڇو تنهنجي ڇپر مان نڪتين ڇڻجي؟
(9)
رکيم گهڻي عارفن سان الفت،
وڻي ٿي سياڻن جي مون کي صحبت،
مگر اياڻن تي تنهنجي رحمت!
نه جن ۾ طاقت، نه جن ۾ لياقت.
وسين تون موڳن جي مجلسن ۾!
هسين تون موڙهن جي محفلن ۾!
(10)
تو لاءِ شيرن جي غار ڳويم،
ٻيا نهر هاٿي هزار ڳوليم،
گهڻي ئي چرندن جا چار ڳوليم،
پڇي، پرندن جا پار ڳوليم.
پرين! تون ليڪن ٿي پير واهي،
ڪيئه ٿي ڪولي سان سر براهي!
(11)
گهمايا تيرٿ ٿي تات تنهنجي،
اصل کان وائي هئي وات تنهنجي،
لڳي ٿي لونءَ لونءَ ۾ لات تنهنجي،
سڄڻ سڃاتم نه ذات تنهنجي.
مون پاڙ کي ڪين ٿي پسايو،
پنن تي پاڻي وڌم اجايو.
(12)
مون کي ڪيو دنيا جي شور ششدر،
مگر تون محرم! ٿئين منهنجو رهبر،
ٿيو دل ۾ پرڪاش تنهنجو دلبر،
اندر ۾ ظاهر ٿيو نور انور.
کلي جڏهن منهنجي گيان جي اک،
ٿي بند ”فاني“ گمان جي اک.
سورج
[خيال جي اڏند کٽوليءَ تي آسمان جو سير]
(1)
منهنجي دنيا جو نرالو آهه نالو ڪاروبار،
عرش تي منهنجو منارو آ اڪيلي سر اپار،
منهنجي جلوي جو سڄي جنسار ۾ آ چمتڪار،
مون کي ڪنهنجو فڪر ڪونهي ۽ نه ڪنهنجو انتظار.
منهنجي بستي منهنجي هستي منهنجي مستي بي مثال
منهنجي رتبي مان ئي روشن آهه قدرت جو ڪمال.
(2)
ڪونه ٿو ڄاڻي ڪو منهنجي ابتدا يا انتها،
آءٌ اول آخر جي آهيان بند کان آجو سدا،
منهنجي غنچي ۾ لڳي ٿي هير هر دم بابقا،
منهنجي هستي غير فاني حسن منهنجو لافنا.
منهنجي دم سان سرسبز ٿيو خود آهه گلشن فرش جو،
دور ديسي، گرچ، رهواسي مان آهيان عرش جو.
(3)
منهنجي بيهڪ ۽ بلندي جو نه آ ڪاٿو شمار،
آءٌ مگر آرام جو هرگز نه آهيان طلبگار،
ڪار پنهنجي کان ڪڏهن مون کي نه ٿيو آهي ڪو عار،
پر دنيا وارا هٿن جي هاج کان ڪن ڇو ڪنار.
هاج پنهنجي ۾ محو هر چيز قدرت جي رهي،
زير بالا ڇو نه مقصد خودبخود لوچي لهي.
(4)
پنهنجي ديهي کي جلائيندي ڪريان روشن جهان،
پر ڀلي لئه پاڻ کي جهوري ڪريان قربان جان،
باهه ۾ پڄران مگر ڄر جو نه ٿي ڪارو نشان،
جيئن تپت ساڙي رهان تيئن لال رخ کلمک خندان.
آگ ۾ سوني مثل منهنجو بکي نرمل سرير،
ساي عالم سان رهي لاڳو هي ناميارو نظير.
(5)
آءٌ آهيان نشچنت منهنجون ٿيون سڀئي خواهشون تمام،
منهنجي من ۾ آهه ليڪن محب جي منشا مدام،
صبح کان ڍونڍيان مٿان ٿي شام جو ڪاري قيام،
پر پرينءَ جو ڏس نه ڏي ساري سرشتي جو هگام.
بره کان ڪاوڙ ڀري لاچار ٿي منهنجي مڌيان،
پر چوان ”عاشق ته آزي“ پوءِ ڏمر جهٽ ٿي روان.
(6)
منهنجي ڏوريءَ ۾ ڏسائون ۽ مندون منهنجون غلام،
ٿيو وراست سان رتين چئني جو پورو انتظام،
پاڻ سان هرڪا کڻي آئي خوشي غم جا پيام،
جيئن نه ڪا مند بيفلڪ ڄاڻي هي گهر پنهنجو مدام.
هڪ ڪرو يڪسان دنيا جو وهايان جي درياه،
بي مزي بي لطف ڀاسي ها سرشٽي جو سٽاه.
(7)
گنج منهنجي مان پلي فرزند منهنجو ماهتاب،
پر اٿم ارمان جو مون سان نه آهي همرڪاب،
هن جي مادر شب انڌيري سان محبت لاجواب،
منهنجي ڪاوڙ منهنجي جهل پل کان کڻي شڪجي شتاب،
گرچ ڇينڀڻ کان سندس ٿي زرد روءِ وسواس ۾،
هوريان هوريان پر وٽس ويندو رهي هر ماس ۾.
(8)
شور سان وايو ڪري ٻوٽن وڻڻ سان جي وڻاس،
ٽهڪندين ٽارين جو ٿي سنڪوچ کان چهرو اداس،
منهنجي آڌر سان مگر تن جو ٿئي هردو هلاس،
ڪوپ منهنجي کان هوا ۾ ٿي نمرتا جو نواس.
پوءِ مٿن پڇتاو جا ڳوڙها ڪڍي رودن ڪري،
ماڪ جي موتين سان تن جو پاند پالهو ٿي ڀري.
(9)
قدرتي جاسوس آهيان ۽ ڏسان ڪل ڪائنات،
منهنجي پردي تي نچڻ جي پاپ کي ناهي جرات،
تاب منهنجي کان نه خود ٿي چنڊ تارن جي صفات،
مون کي قدرت جي رکيل ڪم جي رهي چنتا نهايت.
رات ارڌانگي تڏهن، جا دائما مون لئه مري،
هجر کان هاري هنجون ٿي هيانو کي هلڪو ڪري.
(10)
منهنجي ساکيا بعد ٿو مڙدو جلي يا ٿي دفن،
مون کي پهريائين پسائن تنهنجو مک کولي ڪفن،
جيئن ڪريان تنهنجو ڪو بداعمال جو سڻ جوتين،
آءٌ ڇڪي، اوگڻ ڍڪي تنجي ڪريان نيڪي نگن.
”ڪک نه موئا سهن“ آهي هي عالم آشڪار،
خصلتون خوبيون تڏهن انسان جون ٿيون پائدار.
(11)
منهنجي جاڳڻ سان سرشٽي ٿئي ٿي ساعت ۾ سجاڳ،
جنهن کي گهيرٽ پوءِ گهٽي، آننڊ بس تنهن لئه نڀاڳ،
هر پرندي ۽ پکي کي جاڳي چوڳي لاءِ چاڳ،
صبح صادق جو هلي قدرت ۾ راحت بخش راڳ.
آءٌ اکيون مخلوق جون سرمي سراين سان ڀريان،
روشني سان سڀ دنيا ”فاني“ جا روشن گل ڪريان. |