هستيءَ جو راز
اوچو هڪ پن جڏهن ٽاريءَ جي ٽاريءَ مان ڪريو،
ڦٿڪندو ڌرتي تي ڏسندي چوٽ هڪ دل ۾ لڳي.
1- هاءِ جت رنگين جهوليءَ ۾ ٿي ساٿين سان لڏيو،
اڄ عدم جي چپ چپاتي آهه محفل ۾ لڳي.
2- زندگي جنهنجي بسر ٿي برڇ جي آغوش ۾،
ٻن گهڙين گهارڻ لئه سا جيوت ئي مشڪل ۾ لڳي.
3- دربدر دل ڪين نه ڳوليو گهر ٿي دائم منتظر!
ليڪ دل دوري لئه ليلائڻ ٿي منزل ۾ لڳي.
4- هئي خبر ڪهڙي ته هستيءَ کي نه آ جڳ ۾ جٽا،
پٺتي موٽڻ لئه ٿي شايد لهر ساحل ۾ لڳي.
5- ويو سڪي نازڪ رڳن مان خون لاغرضيءَ سندو،
ڪيئن جواني ٿي اڀامي شوق باطل ۾ لڳي
6- هي ڇا! هڪ وڻ تان ڪري ٻئي جي ويو چاڙهي چڙهي،
ڪيئن لڏي ٿو لاڏ مان تازي تنرل ۾ لڳي.
7- اڄ ٿي بلبل سرءُ کي گلشن مان ڪاوڙجي ڪڍي،
بي بقا شيءِ لئه خوشي جي خار غافل ۾ لڳي.
8- آهه هڪڙن جي خزان ٻين جي بهاريءَ جو ثبوت،
بي خبر ”فاني“ مگر گُل ٿو رهي گل ۾ لڳي.
شڪايت
ٻڌ نه ٻڌ ليڪن ٻڌائڻ کان ٻڌائڻ جو حواس،
هچڪندو هرگز نه جيسين ساهه جو سر ۾ نواس.
هي ڇا اکين سان ڏسي ذلت تباهي گندگي!
تنهنجي بندي کي ويئي ڀلجي آ تنهنجي بندگي.
لفظ آزادي جي آڻن ديس پريمي وات تي،
بي خطا تن جو ٿئي سرگهات قهري ڪات تي.
جت غفريبي ٿي جهلي دولت جي در تي ٺوڪرون،
ڪن کي بندوقون ڪلهن تي ڪن کي آهن ڪوڏرون.
جت ڳڙن معصوم جي اکين مان لڙڪن جون لڙون،
جت پون زخمي ٿي ڪنڊن کان گلن جون پنکڙيون.
پورهيت جي جت جلي دل مان گرم آهون اچن،
فئڪٽري جي چمنين مان ٿا جيئن دونهان وڃن.
جت نڀن ٿا ڏينهن ڪل ڪنگال جا جنجال جا،
جت بکايل ڳل چمي ٿي زال بيواه ٻال جا.
جت ملي مشڪل ٿو هاريءَ کي فقط اٽي جو پاءُ،
پر زميندارن جي ڪتن کي ملي ٻوڙ ۽ پلاءُ.
قوميت جي دهل تي جت ڍونگ جو ڏنڪو هڻي،
ٿا اچن اجلاس ۾ اڳواڻ خود غرضي کڻي.
جت اٻوجهن کي ڦري ڪن ڦوڪ ٿا مذهب فروش،
ڀورڙن جا ٿا ڀرن نفاق ۽ نفرت سان گوش.
ڌرم جي نالي کان ناواقف چوائن ڌرم وير،
ڪرم ڪانئر ٿا سڏائين ڪرمچاري ڪرم وير.
جت جوانن جو نٿو جاري ٿئي جبرو جهاد،
تن سان جن سرمائيدارن کي آ ميڙيءَ جو سواد.
سود خورن جي طمع جو تس ڀريو ڀرجي نٿو،
قهر غربت تي ڏسي آڪاس جت گرجي نٿو.
هرطرف کان غم نصيبن جو اهو آواز آهه:
”ڇا اها آ تنهنجي دنيا جنهن تي توکي ناز آهه.“
تنهنجي ”فاني“ بندي کي خاوند ڪي.ن ايندو يقين!
تنهنجي دنيا هيءَ! جنهنجو تون ٿئين مالڪ مڪين!
پرڀات
ڳلي لڳي آڪاس ۾ وڇڙيا ٿسي ڏينهن رات،
ٻن پريمين جي ڪنٺ ۾ هئي برهه جي بات.
پسيل پنبڙيون رات جون ڏينهن به ٿي ڏلڪيو،
ڳوري ڳاڙهي نيڻ مان نير ڇڻي ڇلڪيو.
ڏلڪي رات ڏهاڳ ۾ ڏيل وجهي ڏاريو،
چيري چاڪ جگر جو ڏينهن به ڏيکاريو.
ٻاڏائيندي راتڙي ٻوٽيا نيڻ نراش،
کڙيو خوشي خومار مان پريت تي پرڪاش.
ٽٽو نشو ننڊ جو جاڳيو سڀ سنسار،
گل ڦل باغن ۾ کڙي ڪيو سڄر سينگار.
ڪوئل ”ڪوڪو“ برڇ تي ڪئي عجب آواز،
بلبل ٿي گل سان ڪيو نئون نرالو ناز.
نڪري نور نقاب مان پکڙيو پورب ديش،
اوندهه ۾ آڪاس مان آيو سهنج سنديش.
آيو ڌرتيءَ- ديوتا هٿ ۾ اگني ٻاڻ،
سورج سان ساٿي هيا سوين سپاهي ساڻ.
چيلهه ۾ ڊپٽو تيج جو سر تي سندر تاج،
جرڪيا موتي مٽڪ تي نيلم ۽ پکراج،
ڪرڻا ڪڏ ڪيا موج مان کڻي هٿن ۾ هار،
سرشٽي ديوي ٿي ڏنو هرش ڀريو ديدار.
”فاني“ روشن ٿي ويا ٻئي پڙ فرش اڪاس،
ٻن پريمين جي فراق تي ڪيو نه قدرت قياس.
رات
سج سنياسي رٽن ڪري ٿو ڪري ورڻ جي وائي،
شام سنياسڻ ويس شفق جو پائي اڀ مان آئي.
1- جوڳي جوڳڻ پل جو ميلو وڇڙڻ ويلو وري اڪيلو،
ديپن جي مالها جوڙي ٿي هڪ ٻئي کي پهرائي.
2- لنبا پاڇا ڀڄندا ڀڄندا پردن وانگر کڄندا
کڄندا،
گهڙي غفائن جي اونداهي ۾ ٿي رات نڀائي.
3- دريا ٻيئي ٻانهون کوليون سمهي پيون ساڻيون ٿي
ڇوليون،
بن اپون ۾ پون پنن ۾ سڀ ۾ سانت سمائي.
4- نيڻ نکنڊن پل به ته ٻوٽيا جهٽ ڏئي اٻاسون
جهوٽيا،
عرش فرش کي ڪاري چادر پرڪرتي پهرائي.
5- رات سفر جي ڪاري ڪاري ڀٽڪي ڀٽڪي رات گذاري،
ساٿي صبح سهائي لئه ٿي پل پل آس وڇائي.
6- مکڙيون مشڪڻ جي لئه آتيون پکين اُڀ ۾ پاتيون
جهاتيون،
رات مٿان پرڀات کڻي سوغات صبح جي ڇائي.
حضرت انسان
عجب آ منش جي حالت عجب آهي سندس چرتر،
سندس دل ۾ ڀريل آ نيڪ بد جو هڪ عجب دفتر.
1- نه ڀلجو يا ڀنڀلجو تنهن جي ڀولي ڀالي صورت تي،
حقيقت ۾ نه آ ابليس کان ڪنهن ڪار ۾ ڪمتر.
2- فرشتن جهڙي لياقت آ ڪڏهن هنجي طبيعت ۾،
شرات ۾ هي شر آهي ڪڏهن شيطان کان بدتر.
3- ڪڏهن بيمار جي شيوا ۾ ويهي رات ڏينهن ڪاٽي،
ڪڏهن سمهيلن جي، ڪاسائي وهائي، حلق تي خنجر.
4- ڪڏهن همدرد بڻجي ٿو ڏئي جند جان ڌارين تي،
ڪڏهن سنٻنڌين جي سيني ۾ نردئي هڻي نشتر.
5- ڪڏهن دوستن جو ٿي دلبر، صفا تن جا ڪري پادر،
ڪڏهن سڏنديئي تن کي ٿو سندس کامي جلي اندر.
6- ڏري ڇرڪي ڪڏهن ڪانئر ٿي ڀت کي ڀوت ٿو سمجهي،
ڪڏهن هٿ سان ٿو پالي شير، ناهر، آفتون اجگر.
7- ڪڏهن باتيون فلسفي جون ڪري ٿو آتمائن سان،
ڪڏهن پوڄي پپل، قبرون، ٽه واٽا، ڌوڙ ۽ پٿر.
8- ڪڏهن قارون جي ڌن مان نه ڍاپي لالچي جو من،
ڪڏهن خود موهه مايا جو ڇڏي راضي رهي بي زر.
9- ڪڏهن دنيا جي فتني فريب کان گهاري ٿو غارن ۾،
ڪڏهن خود فريب ۾ ڦاسائي موڳن کي ڪري مضطر.
10- مليل انسان کي آ نيڪ بد بخشيش ڏاتر جي،
تڏهن ”فاني“ سڌارين ڇو نه تون پنهنجي اول آخر؟
سورداس
عمرمنهنجي سدا اهنجي ڪريان ڪنهن جاءِ اوراڻو،
بدن بي وس وڃي ڀرندو جگر ۾جوش جهوراڻو.
نه ڪو جس آهه جيوت ۾ حياتي ۾هلاکي آ،
مچائي ڌنڌ واويلا وهاريو وئل ويڳاڻو.
شڪل جهٽڻيون ڪٿان پٽڻيون هڻان هرجا هٿوراڙيون،
ڏسان لاهيون نه ڪي چاڙهيو لهان ٿم ٿم ڪري ٿاڻو.
ڌڄا در ڀاڳ جي مٺ ۾ جهلي سر هيٺتي لاهيان،
اها لٺ ڀروسو ڀايان ملي جا ڏاج ڏاڏاڻو.
بدن گهر جا بنديل در ٿا وجهن جهڳمڳ اندر جهل پل،
بنديخاني اندر بلڪل وڌي ڳڻ ڳوت ڳاراڻو.
چون ”کوٽي ڪنين ٻڌجي کري چئجي اکين ڏسجي“،
خبر نابين منهنجي تي اچي ويس اڌوراڻو.
سفر سنسار جي ۾ ٿا ڌڪا ڌوما وڌائن غم،
دک جي کاڻ ۾ دم دم بدن بيحال ٿي کاڻو.
جيئن خوش ٿي کلن ماڻهو تيئن منهنجو وڌي ڌنڌ ٿو،
چڙهي پردي مٿان پڙدو مچي من ۾ ٿو مانڌاڻو.
نه ڪا گردش سيارن جي نه ڪارن جي نظارن جي،
نه مون لئه لاٽ تارن جي نڪو چمڪاٽ چانڊاڻو.
ترڻ سنسار ساگر پنهنجي ٻانهن ساڻ مشڪل ٿيو،
مصيبت ساڻ شامل ٿيو گذر منهنجو غريباڻو.
نه ماري ڏوجهرو، دل ۾ اگر ٿي سوجهرو ساکي،
شڪر آهي ذڪر مون لئه ڇڏي هومر ۽ ملٽن ويا،
”وڏا در جي کڻي بند ٿيا، ننڍن ۾ سهنج ساماڻو.“
عذاب جو عڪس مون تي فقط ”فاني“ دنيا اڇليو،
لکيو جو نيٺ پاِڙڻ پيو مڃان ڀڳوان جو ڀاڻو.
زندگي جي شام!
اُوندهه نگريءَ مان ٿو سورج ڪري وڃڻ جون وايون،
تارا بڻجي نڀ- منڊل جون اکڙيون ڀرجي آيون.
سرڪي ڍرڪي وئي شفق مان جوڀن جي لالائي،
انڌيري کي شام هٿن کان هوريان وٺندي آئي.
ساگر ۾ سورج جا ڪرڻا تڙڳن تپت ٻجهائي،
ويندا وڃن پرندن کي ٿا گهرجي واٽ وٺائي.
ڇايا ديوي وار کنڊيڙي ڄاڻ اچي اولاهون،
ٻاٻيهي پڻ اکيون ٻوٽيون کڙڪو ٺاهه کجيءَ ۾،
سمنڊ سطح هن سانت سمي کان ڪونهي گوڙ گجيءَ ۾.
(2)
ڪشتيبان! اجها جيوت جي شام جي شامت آئي،
پار پڄي شل سک سان جا هت ناو سلامت آئي.
واءُ وڻائو، وقت اڻائو ويتر منزل دوري،
”اچ وڃ“ جي پر وهڪ تکي ۾ وڃڻو آهه ضروري.
هي ڇا؟ ٻيڙي ڀري ڇڏيندين غم جا لڙڪ وهائي،
ڀوساگر مان ڪئن تون سگهندين جيون. ناو بڇچائي؟
تون سڄڻن سان بيشڪ ڪاٽيو سک جو وقت سکاني!
سي دک ياد ڪري ڇو لائين هردي کي حيراني.
جيون- نئيا هن دنيا جون چوٽ تي چوٽون کائي،
ساگر جي لهري لوڏن ۾ ڇو همت هارائي؟
دک جي جلڌارا ۾ تنهنجي ڌيرج نئيا تاري،
لڏندي ڪڏندي مور نه ٻڏندي پڄندي پرئين ڪناري.
ساحل جي خاموشي تنهنجي آٿت لاءِ اچي ٿي،
موج بحر ۾ ميربحر جي سواگت لاءِ مڃي ٿي.
ساگر جي لهرن جون تارون تنهنجو ونجهه وڄائي،
نچندي ٽپندي ٻيڙيءَجي ٿو سر سان تال ملائي.
ڪو لاهل کان نڪري هل هن شانت- نگر هاڪاري،
جت سڀ کان اڌڪار جيئڻ جو، جيئري موت نه ماري.
جت جيوت جي صبح شام جا پڙدا کڄي وڃن ٿا،
موت مداهيءَ ۾ جت ”فاني“ ابدي-لات لنون ٿا.
آيو، ويو هليو
1- آڪاس تان آيو هو ستارن جو ستارو،
سورج جو ترورو بڻيو ڌرتيءَ جو دلارو،
هو چنڊ جي ريکا ۾ نظارن جو نظارو،
جنهن زندگي جو هوش سان هر هڪ ٿي پل پليو،
سو روح هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!
2- شنبم ٿي لٿي اڀبر جي باريڪ تهن مان،
گل چونڊجي، فردوس جي آيو، هو چمن مان،
موتي هو صدف جي هليو آيو هو دهن مان،
پنهنجي خوشي نه آيو نه پنهنجي خوشي چليو،
سو روح هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!
3- ان غنچه کي گلزار ۾ هرگل سان وفا هئي،
پر هاءِ فنا کي ڪا وفا سان به جفا هئي!
مکڙيءَ جي قضا هئي يا هي مالهي کي سزا هئي،
هن واءُ سان ڇو جسم اجايو هو روح رليو،
سو روح هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!
4- خود راز لڪل آهه اچڻ ۾ ئي وڃڻ جو،
خطرو ٿو گهڙي کي رهي گهڙجڻ ۾ ڀڄڻ جو،
امڪان لڪل سج ۾ آ اڀرڻ ۽ لهڻ جو،
آيو ۽ ويو ڪنهن به نه دنيا جي جهل جهليو،
سو روح هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!
5- اي زندگيءَ جا سوز ڀريل ساز سراپا!
هستي ٿي هرگهڙي توکان ڪري هي تقاضا،
هيءَ آهه فنا ڇا ۽ فنا، گهر ۾ بقا ڇا؟
”فاني“ جڳت جو ڪنهن به سياڻي نه ڳجهه سليو،
سو روح هن جهان ۾ آيو، ويو هليو!
ڳوڙهو
مان آهيان وڌا جو ڳوڙهو،
سڏڪن کان سينو ٿيو سوڙهو،
گهٽ ٻوسٽ مان ٻاهر نڪران،
ڪيئن لتاڙيان لڄ جو لوڙهو
اٻلا جي اک هردم آلي،
هڪ وارث ويو سو ٿيا والي،
جيوت آءٌ اڪيلو گهاريان،
ڀرجي خال به هوندو خالي.
مننهنجو گل ڪئن سائو ٿيندو،
ڀنور ڀلي ڪئن مون وٽ آيو،
چئني طرف چمن ۾ چاري،
ڪيئن اچي ڪو حال ونڊيندو.
شبنم جهڙو شعاع نه منهنجو
ڀرجي ڀريو گهاءٌ نه منهنجو،
گل ڦل بلبل کي به وڻي ٿو،
ڏک وارو ڏيکاءُ نه منهنجو.
آءٌ پليس پيڙائن سان گڏ،
دک جي دردي دانهن سان گڏ،
مان ئي بيوه جو دک ڀائي،
رهان نراس نگاهن سان گڏ
دل جا بادل اک تي ڇانيل،
بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،
دل ۾ آلو دود دکي ٿو
”فاني“ ٻاهر آگ اجهايل.
او منهنجي دل
او منهنجي دل ڪنهن ڪنهن اُداس دل،
توکي سوز سڪ مان سنڀاريو هوندو،
اڪيلي ڪنهن تنهنجي آئيني ۾
نظر نمائي نهاريو هوندو- او منهنجي دل......
1- او منهنجي مٺڙي! تري اچي ٿو،
اهو ئي اکين اڳيان زمانو
بڻيو اسان جو ڇا نينهن ناتو،
هزار نظرن جو هو نشانو،
ملڻ ۽ وڇڙڻ اسان جي شاهد،
اڃا نه هن وڻ وساريو هوندو- او منهنجي دل......
2- وڻي وندر واٽ وڻ جي هيٺان،
مگر ڪي صدما به سامهون آيا،
زماني وارن ذمن ۽ زارين،
ٿي پاند ڇرڪن سان پئي ڇڏيا،
ائين ئي پيارن لکن هزارن،
اسان جيان هيانءُ هاريو هوندو- او منهنجي دل......
3- انهي کان پڻ اشڪبار آهيان،
جو تنهنجو هوندي به تنهنجو ناهيان،
اونداهي جيوت جي راتين ۾،
اڃان ٿو چانڊوڪي تنهنجي چاهيان،
اسان جي هن ساٿ سڪ کي شايد،
دلين ڪن پڪاريو هوندو- او منهنجي دل.....
4- او دل جي ديوي! حياتي ۾ بس،
سڪڻ ۽ وسڪڻ ئي پيار ناهي،
هلون ٿا اڄ غمزدن ڏي جنجو،
جڳت ۾ ڪو غمگسار ناهي،
انهي لئه پيدا ٿيو پيار دنيا ۾،
جن کي دنيا ڌڪاريو هوندو- او منهنجي دل......
5- اچين جي ان پريم- وڻ ۾ جوڙيون،
اسان به اڏرڻ لئه آشيانو،
اڏامي تارن جو اڀ تان لاهيون،
غريبخانن جي لئه خزانو،
ڪٺور قدرت ڇا دور موتين،
جو ميڙ اپ تي اڀاريو هوندو- او منهنجي دل....
6- سڄي جهان جي دين دکين جون،
شل اسان ٻيئي پئون ٿي اکيون،
اهي اکيون جن پرايون پيڙائون،
پنهنجون سمجهي جگر ۾ رکيون،
عجب اهي نيڻ جي ٽمڻ سان،
ٻين جي نيڻن کي ٺاريو هوندو- او منهنجي دل......
7- اکيون نه جي آبشار بڻجن،
جڳت جي وسرام! لئه رات بڻجون،
يا اڀ جا بادل يا وڻ جي ٿاڌل،
يا ”فاني“ ڪوئل جي لات بڻجون،
جيئڻ جڳت ۾ آ تن جو سڦلو،
ٻين جو جن جيءَ جياريو هوندو- او منهنجي دل......
احساس
پٿر جي ديوتا ۾هڪ ڏينهن جان آئي،
ورهين جي ويدنا جنهن ٻاڦي نه ٿي ٻڌائي،
لنءَ لنءَ ۾ لوڇ لاشڪ لوڪن کان پئي لڪائي،
آواز ڏيئي آخر پٿر جي ڇاپ ٻوليو،
پيڙا کان پاپ ٻوليو:
ڪنهن سنگتراش سنگدل منهنجو هي جسم جوڙيو،
ڀڳوان مون کي ڀانئين سڀڪوئي مون ڏي ڊوڙيو،
ڀولن ۽ ڀورڙن کي ڪوتهه- نظر نهوڙيو،
بي سمجهه صدق آيو ويجهو نه سمجهه آئي،
وشواس لنو لڳائي.
ڪمري ۾ بند منهنجو قائم آ قيد خانو،
هيرن جا هار مون وٽ خاصو رهي خزانو،
ڀڳتيءَ جي اوٽ ۾ آ عشرت جو آشيانو،
پيرن ۾ منهنجي امرت اسٿان ۾ گنگاجل،
ڀيٽا ۾ پشپ گل ڦل.
گهٻرائجي ويئي آ حالت گلن ڦلن کان،
من مونجهه ۾ مري پيو ويسن ۾ وسترن کان،
بيزار ٿي پيئي جھڻ بلبل جي دل چمن کان،
هن روز جي رسم کان دل ٿي اداس آهي،
چوڏس اماس آهي.
هن واس ڌوپ دونهين گهنڊن کان من ٿو گهٽجي،
دوکي ۽ دنڀ کان ٿو ڀڳتيءَ جو ڀاءُ لٽجي،
هن دل جي بيقراري ڇن- پٽ کان ڪيئن ڇٽجي،
اَجلو ڏسي افق ۾ منهنجو ڇو من لڏي ٿو،
اوندهه ۾ سج ٻڏي ٿو.
مرجهائجي وڃن ٿا پشپن جا ڍير مون وٽ،
پوتر ٿيڻ اچن ٿا پاپن جا پير مون وٽ،
افسوس ڇا ٿين ٿا ايڏا انڌير مون وٽ،
هن ڏيک کان ڏکي ٿي منهنجي نگاهه روئي،
منهنجو گناهه ڌوئي.
پٿر جي مورتيءَ ۾ احساس ڊوڙي آيو،
سالن جي سنانن جو اکين مان جل وهايو،
پنهنجوئي پاڻ تي سر ڀيٽا ڏيئي چڙهايو،
مورت جي دل ٺٽي پئي پٿر ڀري ٿيو واري،
وسمئه ۾ پيا پڄاري.
احسان
منهنجو ڇاهي جنهن کي مان پنهنجو چوان،
منهنجي ڪوتا تي ڪرم ڪنهنجو چوان.
شبد- رس لوئيءَ جي لفظن مان ملي،
گيان رس ماهر معلمن مان ملي،
جوت ڪجهه جيوت جي جذبن مان ملي،
شاعري نغمن جي نظمن مان ملي،
منهنجي ليکڻ تي لکين احسان ٿيا،
واهرو منهنجا سوين ودوان ٿيا.
ڪنهن اٿاريو آهه اندر ۾ امنگ،
ڪيئن امنگن تي چڙهيو رچنا جو رنگ،
ڪنهن چڙهي چوريو چپن تي آهه چنگ،
جنهن جي لرزش کان لڄي ٿو انگ انگ،
ساز تون آواز انجو راز تون،
ناز منهنجو ناهه منهنجو ناز تون.
تجربو
مون کي وڏڙن کان پڇائن مان هي پرٻوڌ مليو:
جيڪي دل ۾ هجي، چپ ڪر سندءِ چپ نه چري،
مون کي سنتن کان هي سنتوش جو سنيوڳ مليو:
جيڪي چپ ٿي هجي، دل ڏي نه رڙهي سُرت سري،
يعني دنيا ۾ سمجهدار رياڪار ٿيان،
نيڪ نامي تمنا ۾ گهنگار ٿيان.
در کلي اميد جو جيئن گهر ڇڏي بي گهر ٿئي،
دل تڏهن خوشخال ٿئي، مشڪل ۾ جيئن ششدر ٿئي،
سچ ته هي پنڪيون چڙهي ڪن ٿيون سجاڳيءَ کي سجاڳ،
آدمي انسان بڻجڻ لاءِ گهڻو لاغر ٿئي.
نه ٿو سمجهي سگهان هي زندگي جو راز آ ڪهڙو؟
سندس انجام ٿيو ڪهڙو سندس آغاز آ ڪهڙو؟
پڇو جن کان اٿم سي خود پڇن منهنجي پڇائن کان،
تڏهن هن روز واري راز جو همراز آ ڪهڙو؟
”فاني“ ٿا چون جنهن کي سا دنيا مون ڇڏي آهه،
ڪامل ٿا چون ڪامنا ڪتڙي جي هڏي آهه،
گمراهه نه ڪر مون کي ٿي همراهه هٿي ڏي،
دنيا ٿا چون جنهن کي سا دوزخ کان وڏي آهه.
شڪوه
توکي تنما ڪانه هئي، جي پنهنجي پاڻ پسائڻ جي،
تنهنجي واندي من کي هئي، ڪا گهرج نه من وندرائڻ
جي،
تو ۾ خاوند بڻجڻ جي، جي خالق خواهش ڪانه هئي،
ڪهڙي هئي ضرور توکي، جڳ جي راند رچائڻ جي.
مون کي ٺاهي منهنجي گهر ۾ تو پنهنجو گهر ٺاهيو
آهه،
تو مون کي چاهيو يا پنهنجو پاڻ کي تو چاهيو آهه،
ڪجهه به نه چاهي سڀ ڪجهه چاهين تنهنجي راند رنگيلي،
ٻالڪ وانگر ٺاهين ڊاهين ڊاهڻ لئه جڳ ٺاهيو آهه.
”فاني“ هوندي آءٌ بڻايو توکي آ لافاني:
پر- لئه ۾ هت جي ڪا رهندي ڪنهن جي ڪانه نشاني،
تنهنجي آهه حڪومت جيسين آدم ۾ دم آهي،
آدم بعد عدم- آباد رڙهي ٿيندي نه رواني.
جوانيءَ جي آرزو
سکاني! تنهنجي آ ڌرتي مون نئيا نير ۾ لاٿي،
مگر افسوس! ڪيئن بي سڌ اچي وچ سير ۾ ڦاٿي!
نه ڪنهن اميد آشائن جي ساحل تي وٺي آئين،
ٻڌائج مون کي رهبر! ڪهڙي منزل تي وٺي آئين؟
هتي تجويز ۽ ترڪيب مان ٿيندي جفا حاصل،
رٿن ۾ ڪا رٿا ڪانهي رٿن مان ارٿ ڇا حاصل؟
جتي تهذيب جي پڙدي ۾ آ زوراوري پنهان،
جي تڪرار جي تيزي نمايان آ تمدن مان،
اهو مڪتب سبق ٿو بزدلي جو ڏئي جوانن کي،
گهٽي ٿو گهيرٽن سان ڪيئن وطن جي پاسبانن کي!
غلاميءَ لئه ڪري تيار جوڌن جي جوانيءَ کي،
مٽائي ٿو ڇڏي عزت ۽ عظمت جي نشانيءَ کي.
غنيمت ٿا چون عهدو غلاميءَ جو عجب ناهي؟
جهڪي انسان ٿو انسان جي در تي غضب ناهي؟
هتي زر سان ضميرن جي ٿئي سستي خريداري،
نظر هت هر طرف کان ٿا اچن سڀ پيٽ پوڄاري.
اٻوجهن ڀورڙن کي چيچ تي نگرا نچائن ٿا،
خدائي ۾ خدا جي ناو تي نگرا نچائن ٿا،
خدائي ۾ خُدا جي ناوَ تي مرڻا مچائن ٿا.
نفاقن امن ۽ آرام جو ڍينگو وڌو ڊاهي،
جوانيءَ لاءِ آخر رهنما! هتڙي رکيو ڇاهي؟
زياده ڪين رهبر! منهنجي قسمت آزمائي ڪر،
تون منهنجي بيوسي تي رحم کائي رهنمائي
ڪر،
اها منزل، هجي جنهن جاءِ
تي جلوو جواني جو،
نه نڙگهٽ جت زبردستي کان گهٽجي زندگاني جو،
جتي مظلوم جي آهن تي دل ۾ آگ ڀڙڪي ٿي،
اها ڪاوڙ جي بجلي ظلم جي گردن تي ڪڙڪي ٿي،
جتي هردم منش جي آهه منشا حق شعاري جي،
جتي همت هڻي ٿي هام حق لئه جان نثاري جي،
جتي ٿو ننگ ۽ ناموس لئه سينو سپر بڻجي،
جتي غيرتمندي جي نيڻ ۾ نشتر نظر بڻجي،
اتي هل جت فقط ٻانهن جي ٻل جي آزمائش آهه،
جتي زوراخ زوراور اجل جي آزمائش آهه،
جتي احساس غم جي بيوقوفي ٿا چون عاشق،
جتي تلوار جا سڀ وار گدگد ٿي سهن عاشق،
جتي مٽجي وڃي ٿو تيغ سان تقدير جو چڪر،
جتي هڪ ڏينهن جي حسرت آ ذلت عمر کان بهتر،
جتي سٻند رکندي آهه آزاديءَ سان سرباري،
جتي جوڌن کي قرباني بڻائي شير شهبازي،
جتي مان سرڏيئي ٿيان سرخرو اهڙي ڪا محفل ڏس!
جتي مشڪل نه ”فاني“ حل ٿئي اهڙي ڪا مشڪل ڏس.
تون ۽ مان
1- اچ سڄڻ ساٿي اچي ڪر قرب مون سان قربدار!
منهنجو ٻانهون تنهنجي ڀاڪر لئه رهن ٿيون بيقرار.
اصل کان آهيون هتي هندو مسلمان هم شريڪ،
ڇو تڏهن اڻ ڄاڻ ٿي هڪ ٻئي سان اٽڪن ٿا عزيز؟
خود مطلبي هي خيانت پنهنجي خاطر ٿي ڪري،
پر برادر کير- مادر جو نرادر ٿي ڪري.
بلبليون لڙندي لتاڙن گل ڪيو ڪهڙو گناهه؟
باغبان بڻجي ڪريون ڇو باغ پنهنجي کي تباهه؟
2- سوچ ڪر، تنهنجو ۽ منهنجو عمر ڀر ٿيو گڏ گذر،
آهه سيلانين مثل هڪڙي ئي ساگر تي سفر،
ڏس جدائي جهل کان پٿرن سان ڪشتي کي ڀريون،
پنهنجي ٻيڙي ٿا هٿن سان بحر جي ڀيٽا ڌريون.
عقل کي هردم اچي ٿو سود ۽ تاون سجهي،
پر فقط اکرن جي الجهن ۾ پيو مقصد منجهي.
تون چوين الله اڪبر، آءٌ اچاريان رام رام،
ساڳئي سائينءَ کي پڪاريندي نه ٿيون ٿا هم ڪلام!
3- منهنجي چوٽيءَ مان نه ڪو اسلام کي جوکو رسيو،
تنهنجي ڏاڙهيءَ مان نه ڪوئي ڌرم کي دوکو رسيو،
مون کڻي لوٽو اگر منهن هڪڙي هٿ سان صاف ڪيو
تنهنجي ڪئنري ٻن هٿن سان ڪهڙو بي انصاف ٿيو؟
منهنجي کيسي مان ڀلا ڌرم کسڪي ٿو وڃي،
تون اگر وهنجي کڻي ڪپڙا ڍڪيا آلي لڱين؟
هي ته جسماني صفائي جو اچي جاڳيو غرور،
آهه ڇا الله جي در جي اهڙي زيبت جو ضرور؟
4- تنهنجي سجدي ۾ سمايل آهه منهنجي ساڌنا،
منهنجي ٻاريل واس مان توکي به ملندي واسنا،
ٻانگ تنهنجي کي ٻڌي، ڏس، آءٌ به بني خود ٿي چوان؛
”خير جا والي ڪندين تون خير پنهنجي مهر سان.“
تنهنجي مسجد ۾ اگر آءٌ پريم مان آيس گهڙي،
ڪل فرشتا عرش تان منهنجي مٿان آيا مڙي.
منهنجي مندر ۾ اگر تنهنجو مبارڪ پير پيو.
سچ ته پوءِ انسانيت جو شان ۽ رتبو وڌيو.
5- پر عبادتگاهه جي تنهنجو رهيو مون کان جدا،
فرض منهنجو آهه، ٿيان قربان تنهنجي تان فدا.
غرض ساڳيو آهه هڪڙي پاڪ پريسر طرف،
تون ڪرين اولهه ڏي منهن آءٌ ٿو ڪريان اوڀر طرف.
حرف هڪڙوئي پيل آهه اوم ۽ الله ۾،
ساڳي مالڪ جو سمايل ساهه آهي ساهه .
قربداري جي نصيحت ٿو ڪري توکي قرآن،
پريم، ايڪي جي سکيا مون کي به ڏي پنهنجو پران.
6- ڏس ته جنهن انسان جو خاوند ڪيو عضوو خراب،
اڻ لکو آڱر ۾ پيدا ٿي پوي هلڪو حساب،
پير ڌرتيءَ تي فقط گهمڻي ۾ جو پٿري الڳ،
عام جي نظرن ۾ سو انسان ٿو نظري الڳ.
عيب اهڙي جو جراحن کي به ٿيو سمجهڻ محال،
آهه قدرت جي بگاڙيل چيز جو بڻجڻ محال.
ڏس ته قدرت کي اگر ويڇو هجي ويچار ۾،
توکي اک کاڏيءَ تي ڏي ها، مون کي اک ڪاپارو ۾.
7- شڪل هڪ، هڪ ئي مصور جا بڻيا آهيون ڪمال،
جوت هڪڙي جو بڻياسون نور ۽ جلوو جمال،
مختلف تصوير جو ٿي رنگ ۽ رونق جدا،
پر هلي هڪ رنگ ٿي ساري سرشتي جي سٽا.
نقش هڪ جهڙو بڻايو آهه ڪاريگر عجيب؟
قلب ساڳيو، ناهه ڪو قالب ۾ ذري جو فرق،
ٿي تڏهن ڪهڙي ڪٽر کان ناهه ڪا غيرت غرق؟
8-هاءِ حسرت! هڪڙي آدم جا ٻچا ناساز ٿي،
هڪڙي گهر جا گڏ گذارنيدڙ رهن ناراض ٿي!
بدنصيبي! تو جڳايو ڀائپيءَ ۾ بدگمان،
ساري دنيا ۾ بڻايو تو ٺٺوليءَ جو نشان.
قرب وندن کي اڃا ڪيتر نپوڙيندين نفاق؟
خون الفت جو اڃا ڪيترن پوڙيندين نفاق؟
مفلسن وٽ مفلسي در تي جهليو آهي پلاند،
هاڻ ناسازي نه ڪر ميلاپ سان ڪا هٿ چراند.
9- پتري پتري کي ملائي ڪنهن وڏو دفتر ڪيو؟
قطره قطره سان رلائي ڪنهن مها ساگر ڪيو؟
ڪيئن ملي ريتيءَ جي ڪڻ ڪڻ بيابان ٿي ٿيو،
قسمين قسمين گُل کڙيا، گڏجي گلستان ٿي پيو.
داڻي داڻي مان لنگهي زنار جو ڌاڳو ويو،
فرق پو ڪهڙو ڀلا تسبيح جي داڻن ۾ رهيو؟
ڏس ته قدرت جي ملي ٿو ذري ذري مان سبق،
روشني کان منهن مٽي ڳوليون ڇو انداهو طبق؟
10- اچ ته ٽڪرن کي ٽڪيون اتحاد جي آلاپ سان،
اچ ته ڏاريون ڏيل جبلن جو ملي ميلاپ سان.
ڏس ته هٿڙن ڏي نهاري تٿي ٽٽل اجڙيل ستار،
ساز واري ساز هن غمگين جا ٿيون غمگسار،
پوءِ سندس اکليل رڳون الفت سان ٿينديون بيقرار،
هن ڊٿل تارن کي اڄ اتفاق جو آ انتظار.
سوز لهريون هليون جيئن ساز جي آواز ڏي،
ايڪتا هاري هنجون ايندي هلي همراز ڏي.
11- هيڪڙائي! اڄ اچي هندو- مسلماني مٽاءِ،
ابر- رحمت مان اچي هيءَ چڻنگ ويڇي جي وساءِ،
ڏس عداوت کان نه جيئن دامن محبت جو جلي،
ڀل تريون افسوس جون پاڻيهي پشيماني ملي،
ايڪتا! تعصب مٽائي تو سچو انسان ڪيو،
۽ فقط انسانيت ئي عام جو ايمان ڪيو،
فرق ”فاني“ ”تون ۽ مان“ ۾ ڪونه ڪو وهندو قيام،
ساز بدلائي ڇڏي ساري سرشٽي جو نظام.
تون ۽ مان
1- سندءِ سرمايداريءَ سان نه منهنجي ڪا عداوت آهه
مگر انسانيت جي تنهنجي در تي هي شڪايت آهه.
ڌرم تون ٿو سدا سمجهين ستايلن کي ستائڻ ۾،
مگر منهنجو ڌرم ايمان انسانن جي خدمت آهه.
جي دنيا جو پڄاري ٿي تون پيسو پير ٿو سمجهين،
ته مون کي اهڙي ٺڪريءَ لاءِ نفرت ۽ قناعت آهه.
تون حرفت سان ۽ حرڪت سان ڀلي پر پيٽ کي، ليڪن،
پرائي نان کان فاقه ڪشي مون لاءِ برڪت آهه.
شرابي شوق ۾ ليٽاءِ ڀل تون دنگ دارون جا،
مگر مون وٽ وطن جي سڪ سندي مستي مسرت آهه.
تڪبر ڪر ڀلي تون تير تلوارن تفنگن تي،
منهنجي فخر جو باعث نياري، ناز نئڙت آهه.
سندءِ محلات ڀل روشن هجن قنديل بجليءَ سان،
ڪکائين جهوپڙي ۾ منهنجي لاءِ ڏيئو ئي راحت آهه.
2- مگر انسان آهيان، هڪڙي آدم جا ڄڻيا آهيون،
ڪيو قسمت اسان جي ۾ تفاوت ڪونه قدرت آهه.
گهڻا ڏينهن ڀوڳ ڀوڳي ڀاڳ کي درڀاڳ ڀائيندس؟
ڏسان ٿو، تنهنجي عشرت ۾ سمايل منهنجي حسرت آهه،
وڌيا آهيون گڏوگڏ تون تونگر، مان مفلسي ۾،
ڳران ڳڻتيءَ ۾ مان، تو وٽ ڌراوت جي طراوت آهه.
سندءِ محلات جي سر سر ۾ منهنجي خون جو گچ آهه،
جو تنهنجي لاءِ شربت سو پسينو منهنجي محنت آهه.
جفائون تو وٽان نڪرن، بلائون دور ته به تنهنجون،
هتي هڪڙي ته ٻي منهنجي شرافت تي مصيبت آهه.
حڪومت جي طمع توکي مگر آهه آرزو منهنجي،
اکلجي جڙ غلاميءَ جي، ايامن کان جا عادت آهه.
غلامن، حاڪمن ۾ فرق آ ”فاني“ فقط هڪڙو،
ته توکي مون سان رغبت آ مون کي تو لاءِ نفرت آهه. |