ڪافيون
پکي وڻ ڇڏي ڇو اچانڪ اڏاڻا،
ڇڏي ماڳ پنهنجو وڃي ٿيا ويڳاڻا.
ڀڳا ڏار وڻ جا ڏنو وڻ به ڏلڪي،
ڇڏي سنگ مان ٿي ويا داڻا داڻا.
رکي چاهه چت ۾ چڳيا جن چڻا ٿي،
مزو تن کي ڏيندا مکڻ جا نه چاڻا.
هيا هنج سنڌو جي سرور تي سهڻا،
دٻن تي نه ويهندا مڇين لئه مهاڻا.
محل ۾ به ماندي اڃا آهه مومل،
رهن ڪاڪ جا گل ڪوماڻا ڪوماڻا.
پکن ڏي کڻي پک وري نيٺ ويندا،
اباڻن جا ”فاني“ وسائڻ وٿاڻا.
آيو ڪونه وطن کان ڪوئي،
پور پيو دل ويٺي روئي.
مون جهڙيون لک ويٺيون وسڪن،
شال ملن سنگهار سگهوئي.
ڪير خوشيءَ سان قيد قبولي،
ڏيهه کان اڳ هو ڏينهن ڏنگوئي.
آهن دانهن مان نه وري ڪجهه،
اکيون روز رئن جهڙ جهوئي.
”فاني“ سڪڻ سکڻ تي ناهي،
سڪ جنهن کي آ سڪندو سوئي.
شيخ اياز جي جواب ۾
پرين جون اچن ٿيون پري کان پڪارون،
لڳل جن جون تن ۾ آهن تنوارون.
1- جدا ٿي وطن کان هتي جالڻو پيو،
نه ڪو ڏوهه ڪنهن جو نه ڪنهن تي ميارون.
2- ورهه ۽ وڇوڙو پلئه جن کي پيو آهه،
اهي روز روئن ڏيئي اوڇنگارون.
3- اڃا ساز مان سوز جو سر ڪڍان مس،
ڇڄي ڇو پون ٿيون تنبوري جون تارون.
4- هتي ڪيئن ويهي هُتي جا وساريان،
ملير آهه منهنجو مٺا منهنجا مارو.
5- پرين دور ”فاني“ به ويجهو وسن ٿا،
ڀڄان ٿو پَرينءَ ڀر توڙي ناهيان تارون.
پريتم اچ تون اوري اوري،
جيءُ جدائي جهوري جهوري.
1- پل پل ويٺي واجهه وجهان ٿي،
سڪندي سورن منجهه سجهان ٿي،
راڻا مومل وانگر منهنجي،
رات ڪٽي وٽ سوري سوري.
2- گهر تڙ گهوري نڪتي آهيان،
آس اميد نه هرگز لاهيان،
پنهل پرينءَ جي پوئتان پيئي،
سسئي ڏونگر ڏوري ڏوري.
3- ليلاب جئن لکئي سان لڙندس،
چاهه چنيسر جي ۾ سڙندس،
سڪ جي ڪڍندس ڪيئن چپر مان،
چهٽيل چت سان چوري چوري.
4- توڙي تار نه ڄاڻان ترندس،
”فاني“ محب مٺي لاءِ مرندس،
سهڻيءَ جيئن مڇ ڪڇ مرکائن.
ماس ڪلهن تان ڪوري ڪوري.
پريتم اچ تون اوري اوري.......
هوت نه ڇڏ هيڻي هيڪل، ڏونگر ڏيل ڏڪائي ٿو،
ڏينهن ڏنگو ته پهاڙ ڏنگا، پير پير اٽڪائي ٿو.
1- تنهنجا مائٽ مٽ گهڻا، تن کي آءٌ وڻان وڻان،
هڪڙي سر لئه منهنجو سر، سور سوين سهسائي.
2- باهه برهه جي ڏئي ڀڙڪو، سڪ جو سيني ۾ سڙڪو،
درد وڇوڙي جو دم دم، دل ۾ دود دکائي ٿو.
3- وندر ۾ ورلاپ ڪريان، ڪونه اچي پرلاءُ پريان،
اٺ نه ڪو هڪڙو اوٺي، مون ڏي واڳ ورائي ٿو.
4- ڏينهن لهي ويو رات لٿي، اکين جي برسات لٿي،
اوندهه تي اوندهه آئي، ڇرڪ نه ڪوبه ڇڏائي ٿو.
5- ڄمندي قسمت ۾ هو ڄام، نحس ندرون ڪيو ناڪام،
”فاني“ ڪنهن کي ڏوهه ڏيان، ڀاڳ ڀٽون ڀٽڪائي ٿو.
ماروئڙا سانگيئڙا، سانگيئڙا جهانگيئڙا،
پرين منهنجا پري، دل دانهون ڪري، ماروئڙا
سانگيئڙا....
1- دم هڪڙو جي ڌار نٿي ٿيا، تن کي ڏسندي سال لنگهي
ويا،
ٿڪي آهون ڀري، دل دانهون ڪري، ماروئڙا
سانگهيئڙا....
2- سانگين جي سڪ ساهه سڪايو، ڪونه پرين جو قاصد
آيو،
من ماندو مري، دل دانهون ڪري، ماروئڙا
سانگيئڙا.....
3- مارو ڪيئن وساري ويهندا، جيئري مون کي ماري
ويهندا،
ڳڻين ۾ ڳري، دل دانهون ڪري، ماروئڙا سانگيئڙا.....
4- ”فاني“ قيد ۾ قابو آهيان، ويڳاڻي ويٺي
واجهايان،
لکيو ڪيئن ٽري، دل دانهون ڪري، ماروئڙا
سانگيئڙا......
--
ڇڏ تون پرينءَ پسڻ جا پور،
هر هنڌ حاضر آهه حضور، ، ڇڏ تون پرينءَ
.............
1- تو ۾ ڪٿ توفيق تڪڻ جي،
سج جي تجلي تاب جهلڻ جي،
وڃ نه پڻ جي لئه وهلور، ، ڇڏ تون پرينءَ
.............
2-لوڪ لکين، بوندون جهرڻڻ ۾،
جئن جرڪي ٿو سج ڪرڻن ۾،
هت هت ظاهر آهه ظهور، ڇڏ تون پرينءَ .............
3- پورا ڪنهن جا پور ٿين ٿا،
سڪ جا سونهان سور ٿين ٿا،
چت چنتا ۾ چڪنا چور، ، ڇڏ تون پرينءَ
.............
4- پرين پسڻ وڃ پاڻ ۾ پيهي،
ات ويهه جت ٻيو سگهي نه ويهي،
دلبر دل کان ناهي دور، ، ڇڏ تون پرينءَ
.............
قطعات
مدهوشي
ڪنهن ڏٺو توکي بهارن ۾ ڏٺو،
ڪنهن ٿي چپ چاپ ستارن ۾ ڏٺو،
منهنجا محبوب مگر مون توکي آ،
پنهنجي ڳوڙهن جي قطارن ۾ ڏٺو.
---
سڀ شرابي سڀئي مئه نوش آهن،
سچ سلڻ کان سڀيئي خاموش آهن،
مست زاهد ٻيئي مخمور اهڙا،
هوش هوندي به جھڻ بي هوش آهن.
سخاوت
ڏٺي جا تو ۾ عادت مون ڏيڻ جي،
ٿي پيدا مون ۾ عادت پڻ منگڻ جي،
ڏيڻ کان هٿ جهلي سگهندين؟ ڀلي جهل،
نه ويندي هير پر مون مان وٺڻ جي.
--
جهلي بيهين سدائين هٿ مٿان ٿو،
جهلي جهولي تڏهن هيٺان بيهان ٿو،
گدائي منهنجي کان سڏجين سخي تون،
سخاوت تنهنجي زندهه مان رکان ٿو.
--
مان جڏهن توکان منگيو تو تڏهن مون کي ڏٺو،
منهنجي حالت تي مگر تنهنجو هردو نه ڀنو،
تون سخي بڻجڻ لئه مون کي سوالي نه بڻاءِ،
اڻ گهريو ڏين ته ڏيار پر ڏنو ڪونه ڪِنِو.
--
عيب ۽ آئينو
حسن اُڀو ٿي هر هر آئيني کي پاڻ پسائي،
آئينو جھڻ سونهن سندس جو شايد سونهون ناهي،
هن حرڪت تي آئينو ٿو خار ڪڏهن به نه کائي،
حسن کي هڪ ڀيرو به سگهي ٿو بدزيبو نه بڻائي.
--
سچ ٻولڻ جي سچ پچ عادت آئيني کي آهي،
پاڻ سڃاڻڻ جو نر ڀئه ٿي سڀ کي راز سڻائي،
آئينه! تون ستجڳ کان ئي سچ ٻوليندو آئين،
سچ جا سورهه سياڻا پر ويا جيئري جان گنوائي.
--
ڪوڙي ڪلجڳ ۾ سچ ٻولي تون به نه جان گنوائين،
هڪ ڏينهن حق جي هٿ مان شايد پرزا ٿي پڇتائين،
پر تون ترون ترون ٿي پنهنجو رخ نه ڪڏهن بدلائين،
ننڍڙي مُک مان وات وڏي سان ساڳيو سچ ڳالهائين.
--
عيب کان ڪنهن جو پلئه آجو آهه،
آدمي اصل گهر خطا جو آهه،
چنڊ جي صاف سوجهري پوئتان،
ڏس ته اوندهه انڌارو ڇا جو آهه.
---
صاف آئينا منهنجي گهر ۾ گهڻان،
ڪهڙي آئيني اڳيان ڪنڌ کڻان،
سهڻي صورت ۾ دل جا داغ لڪل،
مان نٿو پاڻ کي خود پاڻ وڻان.
سچ ڪوڙ
جو ڪوڙو ڪين لڳندو سچ نه هوندو،
جو ڦينگن سان وسامي مچ نه هوندو.
حياتي آهه شيشي ٽاڪئين جيان،
جو پرزا ٿي به ڳنڍيو ڪچ نه هوندو.
--
ڪوڙ کي سڀڪو ٿو بدنام ڪري،
ڪوڙ کان دم نه ٿو دنيا جو سري،
سڀڪو ”فاني“ ٿوسڏي ڪوڙو جهان،
ته به ٿو هن ڪوڙ لئه ڳري ۽ مري.
--
ڪيڏي هن ڪوڙ کي سچائي آهه،
جنهن کان سچ ويو شڪست کائي آهه،
ڪوڙ کان جنهن کي لڳي داغ فقط،
تنهن ڪئي ڪوڙ جي ڪچائي آهه.
--
سچ عام آهه مگر ڪوڙ عمل،
علم جنهن ۾ نه عمل آهه خلل،
ڏس ته سچ جي آ ڀڳل ڀونگي پر،
ڪوڙ جو ڀر ۾ بيٺو آهه محل.
سک – آس
تنهنجي آس مثل آڪاس،
منهنجي ڌرتيءَ جهڙي پياس،
تون چوڏهينءَ جو چنڊ ٿئين،
ته به من مان مٽندي ته اُماس.
--
تون ڪرين سک جي ٿو جئن چئن ڪامنا،
دم بدم تئن دل جو دک وڌندو وڃي،
توکي پاڇي جئن تپائي ترشنا،
جيئن ڀڄين ٿو توکان سک ڀجھندو وڃي،
--
خوشيءَ جي کوج ۾ مون وٽ ڇو آئين،
مان توکي خوش تون مون کي خوش ٿو ڀائين،
حقيقت ۾ نه تون خوش آن نه مان خوش،
خوشي هڪ لئه سوين دک ٿو پرائين.
--
دکي ڪو تهه - نظر، کان ٿئين ٿواڪثر،
نديءَ جي ٻن ڪنارن تي نظر ڌر،
خوشيءَ جو ٻُڪ تون پاڻيءَ مان ڀري پيءُ،
نهارين ڇو ٿو هن ڀر يا پرَينءَ ڀر؟
خودداري
جي ڪم جا ڪوڏيا سي دانهن ڇو ڪن،
رهن مشغول ڪَنَ ٻئي ڏانهن ڇو ڪن،
اهي خود دار تابعدار بڻجي،
ٻين جي ڪنڌ هيٺان ٻانهن ڇو ڪن.
--
ڇڏي ڌرتي نه اُڀ ڏي ڪا نظر ڌر،
نه ڪڪرن جي ڪرم تي ڀاڙ اڪثر،
جي سنجم سان رهڻ چاهين ٿو جڳ ۾،
فقط شبنم جي قطري مان گذر ڪر.
رات- سپنا
چاريئي پهر رات جا مون لئه چئن مندن جئن گذرن،
پاسا بدلائيندي ڄڻ ٿو سارو سال نڀايان،
آس نراشاءِ چنتا، چاه جا من ۾ اڌما اُڀرن،
سک قسمت ۾ ناهي مان ٿو دک سان روح ريجهايان.
--
جن سپنن جي ناهه ضرورت، اهي اچي ٿا ننڊ ڦٽائن،
ڪيئن ڪجي مهمان ڪڏهن ٿا، ڪوٺ بنا کڙڪي کڙڪائن،
پر کڙڪي شل کڙڪي کڙڪي، پريم ڀري دل ڌڙڪي ڌڙڪي،
انهي بهاني شايد ڪنهن ڏينهن، منهنجاپريتم پير
گهمائن.
بوندون
باغ ۾ منهنجو آشيان ڪونهي،
ڪيئن چوان منهنجو گلستان ڪونهي،
ٿي بهاري به هت خزان ڏسجي،
پر نگهبان باغبان ڪونهي.
--
سونهن سوڀيا جا گلن جي ڏسجي ٿي،
ٿي چمڪ جيڪا چمن جي ڏسجي،
آهه سڀ منهنجي پرينءَ جو پاڇو،
ٿي سندس ساک حسن جي ڏسجي.
--
پاڻ موٽائي ٿي مٽي ڏئي ڦل محنت جو،
هي ڪرشمو ڪوئي ڪمال نه آهه قدرت جو،
جي گلن تي پيون خوشبوءِ جون بوندون چمڪن،
اها شبنم نه پگهر ۾ آ اثر برڪت جو.
--
زردار ۽ نادار ۾ ڪيڏو نه فرق آهه،
هڪ موج ۾ ٻيومفليءَ جي غم ۾ غرق آهه،
چهري تي چمڪ رنگ ۽ رونق آ اڌاري،
مئه جام ۾ مسڪين جي هڏين جو عرق آهه.
--
دوست دوکو دل اندر رکندا رهن ٿا،
ڇانو ۾ ڏس پير ڇا جلندا رهن ٿا،
سج ۽ ڌرتيءَ جو الڳ آهي سڀاءُ،
روشني ۾ ڌنڌ پڻ پلندا رهن ٿا.
--
ڪنهن جي ڪنهن سان جفا جي ڳالهه ڪجي،
ڇو نه ڪنهن جي وفا جي ڳالهه ڪجي،
ڇو نه خارن جي دل ۾ خار رکين،
ڇو گلن جي گلا جي ڳالهه ڪجي.
--
زندگي آ امانت تون سنڀاري رکجانءِ،
هر طرح سک ڀري سرهي ۽ سينگاري رکجانءِ،
موت توکان جي اچي پنهنجي امانت گهرندو،
خوش ٿي واپس ڪري ڪڇ تڇ به نه واري رکجانءَ،
--
جي طوفاني هوائون شمع کي اينديون وسائڻ لئه،
لکين پروانا پنهنجا پر جهلي بيهندا بچائڻ لئه،
جي پنهنجا پر هڻي پر بي وفا شعلو وسائيندا،
انهي اوندهه تي ايندي رات خود ماتم مچائڻ لئه،
--
هٿن جون ليڪون سمهيون رهن ٿيون،
سڄاڻ اک کي اٿي چون ٿيون،
اجهو ٿو غربت جو ڀاڳ جاڳي،
مگر اميريءَ کي اک ڀڃن ٿيون.
دلاور دل جواني جو قسم کڻ،
نئون نت انهيءَ لئه ڪو قدم کڻ،
حياتي خشڪ کيتيءَ جيان گذارج،
ڪلهن تي پر نه ڪڪرن جو ڪرم کڻ.
جو ظالم آهي سو مظلوم بڻبو،
نه ڪنهن جو رنج سر تي يا ستم کڻ،
ڏيڻ ۾ ئي سچو سک آهه وٺڻ لئه،
خوشي دنيا کي ڏيئي پاڻ غم کڻ.
تون وسين هر هنڌ پر تنهنجو نه ڪٿ آهي مڪان،
تون وسين هر رنگ ۾ پر تنهنجو بيرنگ آهه بيان،
تنهنجي قدرت کي ڪوئي سمجهي سگهي سياڻو سجان،
تنهنجا جهرڻا تنهنجي ڪرڻا تنهنجي ٻولين ٿا زبان.
ڄيٺ جيئن ڄرندي رهان ٿي،
برف جئن ڳرندي رهان ٿي،
تات تنهنجي آهه ترهو،
روز مان ترندي رهان ٿي.
حسن گونگو بي زبان،
عشق کي آواز ڏئي،
عشق جنبش ۾ جوان،
جهٽ اچي ٿو ساز ٿئي.
سنگ مرمر جي سهڻي صورت،
ماهر جوڙي موهڻي مورت،
ماهر بک جا ڀوڳ لڳائي،
مورت ميوا ماوا کائي،
هيءَ فنڪار جي هيڻي حالت،
فن جي زينت ناهه، ذلالت،
درياهه ۾ ڪنهن وقت نه جي جوش هجي،
تنهنجي ئي خبرداري کان خاموش هجي،
طوفان جي هر وقت آ ڪشتيءَ تي نظر،
لازم آ ڪشتيبان کي سدا هوش هجي.
تن ملي نه من ملي دل نه ملي،
مئه ملي ساقي يا محفل نه ملي،
جنهن ۾ ٿڪجي ٿئي مسافر ماندو،
سو سفر ڪهڙو جي منزل نه ملي.
--
تير غمن جا کلندي کائي،
سيني ۾ سوراخ بڻائي،
اهڙي دل ڪا مشڪل ملندي،
هر دک ڇاتيءَ منجهه ڇپائي.
--
شري ”بيوس“ جي ياد ۾
هاءِ حسرتناڪ قهري ڪال جو ڪل ڪاربار،
ڪنٺ گهٽجي ٿو وڃي نيڻن ۾ ڇلڪي نير ڌار.
ڪالهه وارو حال هڪدم ڇو ڦري ماضي ٿيو،
ناهه هن تبديلي کان ظالم زمانو بي ميار.
ويل ناهي؟ جن لکيڻن جي وڃڻ جي ويل ناهه،
ڪيئن اجل ان تي روا سمجهي ٿو بي ويچار وار.
هاءِ بيوس! تون به ان بي ترس جو ٿي وئين نشان،
جو ڪري شهباز، ڪيهر شير چاهن جو شڪار.
هاءِ سنڌي شعر جي ديويءَ جو کسجي ويو سهاڳ،
وار ڇوڙي ويوڳ تنهنجي ۾ ٿي اوتي آبشار.
تون وئين تنهنجي وڃڻ جو مون کي ويسهه ڪيئن اچي،
تنهنجي لفظن جي ٻڌان ٿو گونج مٺڙي دل منجهار.
تو ٽٻيون ڏيئي جي ساگر مان سپون سوڌي ڪڍيون،
تن سپن ۾ خوب آهن گيان گوهر آبدار.
تنهنجي شيرين شعر سازيءَ جو نرالو نوع هو،
تنهنجي ڪوتا جو جهڪو ٿيندو نه چهرو چمتڪار.
شاهه شاعر ٿي به تو وٽ هو حليميءَ جو هلڻ،
تون نماڻو تنهنجي نردوشي طبيعت نروڪار.
تو گهڻا غم سان ٽڪرکائي ڪيا ٿي غم غلط،
پر سندءِ غالب پيل دل تان گهٽيو غم جو نه بار.
سنڌ زنده آهه جيسين تنهنجو زنده نام آهه،
تنهنجي ڪوتائن کان رهندو تنهنجو نالو پائدار.
تنهنجي جسماني جدائيءَ کان سڀن کي شوڪ آهه،
تننجي ڪوتائن کان ليڪن ٿيندو عالم آشڪار.
تنهنجي محفل ۾ وهڻ جو شوق مون کي آ گهڻو،
پر ويل شيءِ جو ڪٿي ملندو نه هرگز آرپار.
نيٺ ملنداسون جڏهن ٿيندو فنا گهر مان گذر،
آهه ”فاني“ کي سدائين ان گهڙيءَ جو انتظار. |