ڪوئيٽا جو قهري زلزلو
(1)
ڪريان ڪهڙو ارمان جو داستان؟
ڪنبي جنهن کان ٿر ٿر ٿو سارو جهان،
انهيءَ درد کان تنگ ٿيا منجهه زبان،
ڊهي ڪين نيشن جو دل تان نشان.
ٻڌي دردين جي حسرت سندو،
رهي ٿوڪليجو سدا ٿڙڪندو.
(2)
غضب هاءِ ڪهڙو ٿيو ڪوئيٽا اندر!
گهڙي کن ۾ شمشان ٿي ويو شهر،
ڪيو هاءِ قدرت تو ڪهڙو قهر؟
سٺو سور جن ناگها سربسر.
او بي رحم! تو ڪونه ڪو قياس ڪيو،
تو لحظّي ۾ شاهي نگر ناس ڪيو!
(3)
جڏهن هاءِ بنگلا ڪريا بي خبر!
ٿيوآهُن ۽ دانهن جو برپا حشر،
انڌيري ۾ آيو نه ٿي ڪو نظر،
ڀتين جي ٺهي ڪيئن ڪفن ري قبر!
چچرجي ۽ چيڀاٽجي ٻال ويا،
ڇڏي گود ٻي گود ۾ لال ويا.
(4)
اجڙ ٿي ويا هاءِ غريبن جا گهر،
رلن راهه ۾ دادلا دربدر،
گهٽين ۾ نماڻا ٿا نماڻا نڌر،
روئن ڳوڙها رت جا سي شام و سحر.
رهن روڄ راڙي ۽ ورلاپ ۾،
گذارن ٿا سُورن ۽ سنتاپ ۾.
(5)
وڃائي ويچارا آيا جان مال،
بکن ۽ ڏکن کان ٿيا بڇڙا بيحال،
عزيزن جو اکئين ڏسي انت ڪال،
بچڻ پڻ انهن جو ٿيو آهي محال.
وڇوڙي ۾ تن جو اندر ويو ڳري،
هو جيئري ئي مڙدن مثل ويا مري.
(6)
ڏڪي توتي ڀوڪمپ! ٿو آسمان،
ستارا به توتي ٿيا ڪمپائمان
لکين تو ڪهايا ڪيئي بي زبان،
سرشٽي! تون سڏجين ٿي ماتا سمان.
مگر تون ٻچن سان ڪيو ڪهڙو انڌير!
ڳجهن کان پٽايو تو ڍونڍن جو ڍير!
(7)
دلاسو ڏيندو دردمندن کي ڪير؟
ڏيندو پيار ابهم يتيمن کي ڪير؟
لڳائيندو سيني اڌينن کي ڪير،
ڏيندو ڏڍ ڏکين ۽ غريبن کي ڪير؟
ڏيندو ڪير دلڌير دلگير کي،
روئي ٿو جو هيءِ هيءِ ڪيو تقدير کي!
(8)
اجها هت ٻجهي ٿي هي وڌوا جي آه!
نماڻين اکين مان ڪڍيو جنهن درياه،
نهاري پتي جي جا شب روز راهه،
ٿيون افسوس! جنهن جون اميدون تباهه.
اڀاڳڻ ٿي سختيون ۽ صدما سهي،
جڳت ۾ هو ڪنهن جي سهاري رهي؟
(9)
توکي دل ۾ پر لئه جي وائي وڻي،
ولهن جي مگر تو نه قادر ڳڻي،
بچايئه نه جن جو ڪو وارث ڌڻي،
اجهو خون اکڙين منجهان پين ڇڻي!
هو سنسار ۾ ڪنهن جي تاري تڳن؟
رڳو رات ڏينهن جي رئن ۽ رڙن!
(10)
او ڀونچال! رت رنگ لائي ڇڏيئه،
وجهي ڪرٽ ڪونڌر ڪسائي ڇڏيئه،
ڇو آباد بستي ڦٽائي ڇڏيئه،
تونگر به دردر پنائي ڇڏيئه،
ٿي مالهي پٽيئه گل ڇو گلزار مان؟
وٽيو ڇا تو قدرت! ڪڌيءَ ڪار مان؟
(11)
لڳي اڄ نه ڪوئيٽا ۾ ٿڌڙي هوا،
جو ٽهڪن گرم خون جا اُت تلاءءَ،
جڏهن پرٿوي پاند رت سان ڀريا،
وسيو سوز کان مينهن رت جا ڳڙا.
اُنهيءَ خون ٽڪرن ۾ ڪيو ٿرٿلو،
وڌو زلزلي چوطرف ولولو.
(12)
حياتي تي ڪهڙو ڪجي اعتبار؟
مگراوچتو هيئن نه ڪڙڪي قهار،
صدين جون اميدون ٿيون شر جو شڪار،
اجل اوچتي کان ٿيو غم جو غبار.
حقيقت ۾ انسان مهمان آهه،
اي ”فاني“! ٻيو تنهنجو غلط ڌيان آهه.
ناري
قدرت ٿي سگهي ڪين ڪٿي پاڻ لڪائي،
صورت ۾ سگهي ڪين امنگن کي سمائي،
پنهنجو ئي فقط پاڻ کي ڪيئن پاڻ پسائي،
ناريءَ جو ڍڪي ويس لٿي بيک بڻائي.
پرلئه ٿي ڦريو پرش به اوندهه ۾ اڪيلو،
شرڌا سان ٿيس شانت ۽ ايڪانت ۾ ميلو.
جرڪڻ لڳي جذبن جي ڪرامت کان ڪائنات،
ناري ۽ پرش جي ملي سنسار کي سوغات،
گلشن ۾اچي گل جي ٿي بلبل سان ملاقات،
هٻڪار ڀري پرهه جي پراڻن ۾ ٿي پرڀات.
پر زور پرش شڪتي سان ناريءَ جو مليو نينهن،
بادل سان ملي بجلي محبت جو وسيو مينهن.
ڪا گهرج گلستان کي هئي باد صبا جي،
ڪا حسن کي حاجت هئي هٻڪار حيا جي،
هئي پيار جي سنسار کي درڪار وفا جي،
جاڳي ڪا ڪشش موهه ۾ ممتا ۽ ميا جي.
نيرس حياتي نار بڻائي آ رس ڀري،
جوڙي ڇڏي جهان جي جيوت آ جس ڀري.
ناري آ ڪٿي لڪشمي يا سرشتيءَ جو روپ،
ڪٿ ڌرم ۽ ڌيرج جو ڪٿي ڌرتيءَ جو روپ،
ڪٿ دروپتي سيتا ستي در گاوتيءَ جو روپ.
چمڪن ٿا هن جي گود ۾ هيرا ۽ جواهر،
فنڪار فيلسوف علم عقل جا ماهر..
مشڪي ته هن جي مشڪ تي مشڪي ٿو گلستان،
روئي ته ڀڄي ٿو پوي بوندن کان بيابان،
هن جي قرب تان ٿيا قربان ٻئي جهان،
هر مند کي بهار بڻائي ٿي بيخزان.
صفتن ۾ هو سرشٽي جو سرتاج ٿي سڏجي،
افسوس مگر مڙد جي محتاج ٿي سڏجي.
چاهي جهان ۾ هو جيڻ ٿي نه جيڻ لاءِ،
صدما ٿي سهي مرد سان همدرد ٿيڻ لاءِ،
امرت تجي ٿي زهر زماني جي پيڻ لاءِ،
ڄاڻي نه وٺڻ ڏيندي ئي رهندي آ ڏيڻ لاءِ.
خدمت کان هو محتاج نه ممتاز بڻي آهه،
ڪومل آ مگر هردي ۾ هيري جي ڪڻي آهه.
ٻالڪ
چنڊ منجهان چانڊاڻ کڻي،
شفق منجهان لالاڻ کڻي،
شبنم مان آلاڻ کڻي،
مکڙي مان سرهاڻ کڻي.
قدرت جوڙيو ادڀت روپ،
سهڻو سوڀيان سروپ.
پرڪرتي خود ٻار بڻي،
پنهنجي اک کي پاڻ وڻي،
سرڳ جو آئي خواب کڻي،
تارن جو پيو نور ڇڻي.
موهه ۽ ممتا جهول جهلي،
عرش تان ابهم آيو هلي.
ٻالڪ جون ٻئي مٺيون بند،
مٺين اندر سونهن سڳند،
فرض کڻي آيو فرزند،
آس رکن ٿا آسروند.
ساک سپيءَ جي موتي ٿيو،
جڳ جي جيون جوتي ٿيو.
جهيل تي اڀريو ڪنول کڙي،
اوگڻ پيا چوطرف چڙي،
معصوميت تي آيا مڙي،
جيوت سان پئي جنگ ڇڙي.
شور مچايو شوق شباب،
سامهون آيا عيب ثواب.
مکڙي پوش پٽي ٿي گل،
واس وٺڻ لئه ٿي ويا ڪل،
بلبل جي لئه شوق شغل،
پيو چمن ۾ هر هنڌ هُل.
معصوميت جي مهڪ مناس،
هڙپ ڪري ويا حرص حواس.
بئجو بانورو
(1)
هماليه جبل جي بغل جي اندر،
هير چئن ساڌن جو ايڪانت گهر،
نه سنسار جو سک نه ساٿي سمر،
هر گوشي ۾ تن جو پون تي گذر.
ٻچن کي نه ڀوڄ سدي سار هئي،
سدا ڪرت ڪرتار جي ڪار هئي.
(2)
رشين چيو ته ڪنهن ڏينهن ڪجي ڪو رٽن،
ونڊيون عام ۾ نام روپي رتن،
رڳو موکش پد ناهه ڀڳتي ڀڄن،
ڪجي صاف بندن سندو ڀرشٽ من.
سفر لئه سنياسي ٿيا ترت تيار،
هيو تن سان چوٿون شيواڌار ٻار.
(3)
گدي- دار اڪبر شهنشاهه هو،
دنيا جي ته ڌنڌن ۾ داناه هو،
منجهس راڳ جو پڻ اتي چاهه هو،
جو ڏيندو سريلن مٿان ساهه هو.
ڪيو گهر سندس تن اندر تانسين،
گوئيو ٿيو اڪبر جي نينن جي چين.
(4)
ڪلاونت کي راڳ تي ناز هو،
عجب هن عطائيءَ جو آواز هو،
سندس سرس سلطان سان ساز هو،
کٻي هٿ ڪندو شاهه سان نياز هو.
چوي سو ٿئي ۽ منگي سو ملي،
حڪم سان هماليه جو پريت هلي.
(5)
گوئيئي سلطنت ۾ اعلان ڪيو،
ڳلي تي ڳهيلي ٿي اڀمان ڪيو،
دخل دات عرشي تي انسان ڪيو،
پنهنجي فوقيت مان هي فرمان ڪيو!
”ته ”جو سُر ڪڍي تنهنجو سرگهات ڪيو،
جو مٽ منهنجي ناهي دنيا ۾ ڪو ٻيو.“
(6)
سيلاني اچي آگره ۾ رسيا،
هري ڪيرتن ۾ ٿي هردم هسيا،
سندن ڪيس گوڏن مٿان ٿي گسيا،
سرشٽي جا تن ٿي نظارا پسيا.
ويا واٽ تان شٻد ورکا ڪندا،
مڙيا ميڙ چوگرد ماڻهن سندا.
(7)
هئي سالڪن کي نه ڪا سڌ خبر،
ته هت راڳ وارن کي رسندو ضرور،
گوئيئي کي ڏاڍو ٻڌي ٿيو ڏمر،
اچي ڪر منڊلين تي ڪڙڪيو قهر.
حڪم ٿيو ته ساڌو نظر- بند ڪيو،
غريبن جو غم ۾ سڪي ساهه ويو.
(8)
ڏسي ڏهن سالن جو معصوم ٻار،
ٿي اڪبر جي دل درد ۾ گرفتار،
چيائين ته سهندو تڦون ڪيئن ترار!
گوئيي کي جاڳي ديا دل منجهار.
ڇڏي ٻار، ٻيا ٽي ڪهايا ويا،
نه نردوش نانگن تي ٿي ڪا ديا.
(9)
بچيو هاڻ باقي بجو بانورو،
سندس سرخ نيڻن منجهان رت وڙهو،
گورن لئه پڪاري روئندو رهيو،
نڌر کي نه هو ٻيو اجهو آسرو.
سندس دل اندر شوڪ شعلا ڪڍيا،
انهي سوز سياپي ٿي آندا وڍيا.
(10)
ڀري سوز سڏڪا ٿي ٻالڪ سڏيو،
پتاجي! ڇپر ۾ نه ڇورو ڇڏيو،
گورو! پاڻ سان پنهنجو گولو گڏيو،
اجڙ دل، ڏيئي درس منهنجي اڏيو.
وسوڙو وڻن جي وٺي واٽ ويو،
رڙي روئي ڪٽئيا ۾ ڪونڌر ڪريو.
(11)
سندس روڄ تي چنڊ ٿي هئين پڙي،
اڪيلي ڏسي جهنگ ۾ جهوپڙي،
سندس داغ دل جو پيو ويتر کڙي،
پريشان نيڻن ۾ اوندهه گهڙي.
ڏهوڻي ٿي ڌوڻي کان تابش تکي،
لڳي زندگي کيس کاري ککي.
(12)
اچي ڪيئن قسمت کريي کي قرار!
ٿي آڪاس، پاتال جي پڪار:
گورو جي! ڪيو سورن سجهيل جي سنڀار،
ڪندو ڪير سنسار ساگر مان پار؟
ڏيندو ڏڍ نڌڻڪي نماڻي کي ڪير؟
پڇي ٻيو اوهان- در وڪاڻي کي ڪير؟
(13)
هيو درس لئه داس دائم اداس،
وڻيو ڪين سنسار يا ٿي سنياس،
اڳيان ۽ پٺيان هئي انڌيري اماس،
ٿيوغمناڪ دل چاڪ نرٻل نراس.
ٻڌي ڪوڪ ڪا شنڪرا نند رشي،
اچي دين ٻالڪ جي حالت ڏٺي.
(14)
رشي کيس هن حال تي ڏڍ ڏنو:
سدا ديو- ڀاڻي تي رهجي ڀنو،
ڪري ڪين ڪرتار ڪنهنجو ڪنو،
دنيا ۾ نه آهي ڪو ڇورو ڇنو.
هو سڀ جو سهائي آ سڀ جو پتا،
رکي دويش ڪنهن سان نه ٿو ديوتا.
(15)
اچي هيانءُ ويترڀڳل جو ڀريو،
وڌڪ ٻار جي دل ۾ ٻارڻ ٻريو،
مگر ڪين واڍوڙ جو ٺپ ٺريو،
پوءِ ساڻو ٿي سامت ۾ ڌيرج ڌريو.
رشي نام- اوکڌ ڏيئي کيس چيو:.
”ٻچا! هل منهنجي گهر نه ڪر خيال ٻيو.“
(16)
ڏسيان توکي اهڙي ٿو پرٻل وديا،
جو دشمن جو ٿي ڌڙ سسي کان جدا،
هي شستر آ شترو لئه گهاتڪ صفا،
انهيءِ پر گهرجي جبري جفا.
تپسيا هلي ڏهه ورهيه گهور، گهور!
مگر آهه توکان ڪٺن زور، زور!
(17)
گروجي! ڏسيو راهه ٿيو بي فڪر،
اچي ٿو نه انڌي کي ٻيو ڪجهه نظر،
پٿر آهه دل، آهه سينو سپر،
سجھي جان ٿئي ڀل ٻليدان پر.
فقط دشٽ جو ڌوڙ ۾ ڌڙ رلي،
تڏهن منهنجي دل جو ڪنول گل کلي.
(18)
ڏسي جوش مشڪي چيو مهرشي:
”ملي پتر توکي رڌي ۽ سڌي!
رشين جنهن سبب موت جي نڪ سٺي،
اهائي تون سهجي وديا وٺ سکي.
اٿيئي آس آسيس منهنجي اها،
ٿئي سوڀ شل توکي حاصل ٻچا!“
(19)
ستايو نه خفتي کي ٻئي ڪنهن خيال،
رڳو رات ڏينهن راڳ ۾ نونهال،
هو هر دم بي آرام عنقا مثال،
”ڪڏهن آءٌ ڪندس هن ڪلام ۾ ڪمال!
ستت شال پوري ٿي من جي مراد،
جنهن لئه ٿو جهاڳيان جهد ۽ جهاٿ.“
(20)
ويو وقت وهندو وٺي پنهنجي ڍار،
زماني ڏٺا ڏهه خزان ۽ بهار،
ڪي آيا ويا، ڪي گهٽيا منجهه ڄمار،
گهٽيو ڪن جو سک ۽ گهٽيو ڪن جو بار.
مگر تانسين جو نه گيرب گهٽيو،
هٺيلو نه هرگز هچا کان هٽيو.
(21)
سکي هاڻ ٻالڪ ٿيو هاتڪ هوشيار،
ٿيو گوندر مان گائن وديا جو ڀنڊار،
هو هڪ سوز سر ۾ ٻيو لنءَ ۾ لغار،
ملي درد دل سان سريلي ستار.
ڪيو راڳ ۾ اهڙو ڪامل ڪمال!
رشي جي ٿيو نظرن ۾ بيشڪ نهال
(22)
رشي جي اڳيان ڪئي بجو وينتي:
ڪيو مهر مون تي اناٿن پتي!
اُتي آ اوهان جو ڀنل برڪتي،
رهي منهنجي دل ۾ نه چنتا رتي.
وڃان آگره هاڻ آگيا ڪريو،
ديالو! ديا- درشٽ مون تي ڌريو.
(23)
رشي چيو. ٻچا ڀل وڃي راڳ ڪر،
ستارن تائين ڀل بلند ڀاڳ ڪر،
مگر وير ۽ وروڌ جو تياڳ ڪر،
نه بدنام، شڀ نام، ”ويراڳ“ ڪر.
وسائين ڇڏ بغض جي باهه کي،
نه ڪٿ جوش کي جيءَ ۾ جاءِ ڏي.
(24)
ٻڌي گيان گور جو وسامي ويو،
سندس هوش هيڪر اڏامي ويو،
اميدن جو روشن اجهامي ويو،
وسو ٿي اٽل انتقامي ويو.
هو دل ۾ رشي، استدعا جو ادب،
مگر سر اندر هو غضب جو غضب.
(25)
فڪر مند دم دم ٿي فرياد ڪئي،
اها شڀ گهڙي ٿي سدا ياد ڪئي،
مگر گور، وچن آس برباد ڪئي.
ڌني جو چيو وير چشمن ڌري،
هليو آگره ڪاهه ڪامل ڪري.
(26)
رکيو ساز تي هٿ اڃان بانوري،
سگهيو سوز دل جو نه قابو ڪري،
ويا ورلاپ جا تير پکڙي پري،
پهاڙن جو خود پيو ڪليجو ڏري.
ٿي نيڻن منجهان تيز- ڌارا وڙهي،
ٻڌي چت مٿان ويو ٿي چيٽڪ چڙهي،
(27)
رڳن رقت انگيز آواز ڪيا،
پکين پنهنجا پرواز ۾ پر جهليا،
مڇيون مور مانگر مرون سست ٿيا،
ٿي جمنا جي جل سوز سڏڪا ڀريا.
پٿر ٿيا پٿلجي ٿيو بن بي آرام،
ڀڄن ۾ ڀڄي لين ٿي لام لام.
(28)
منش آگره جا متعجب ٿيا،
سري مست ساڌوءَ جي ويجهو ويا،
لڳا کيس پڪڙڻ، نه پڪڙي سگهيا،
مگر پريم، وس خود پڪڙجي پيا.
مڙيا ميڙ ماڻهن سندا عام جام،
ويو بگڙي سڄي شهر جو انتظام.
(29)
ٻڌي تانسن ويو تپي ڄڻ تنور،
ڪڪرمي سندي دل سڙي ٿي ڪلور،
مجازي جي سر تي هو غالب غرور،
نه ٿي خود پرستي سان شامل شهور.
حڪم ٿيو ته ساڌو ستت قيد ڪيو
مگر ڪوبه ماڻهو نه سرڪي سگهيو.
(30)
کليا خود خماريي سندا ات ڪپات،
لڳي شٻد جي کيس اهڙي لپاٽ،
هٺيلي جي ويئي اڏامي اُچاٽ،
بکيو سنت جو ٿي لکيڻو للاٽ.
گوئيئي، گوئيئي سان ڪئي گفتگو،
”ڪهڙي تنهنجي دل اندر آرزو؟“
(31)
چيائين: ”نه ڪو مثال مايا کپي،
نه ڪا شهنشاهت جي ڇايا کپي،
نه ڪو راڄ يا ڪا رعايا کپي،
نه ڪا ڪامنا آ، نه ڪايا کپي.
فقط تنهنجي سر کي سزا وار ڪيان،
دکي دل کي آزار کان ڌار ڪيان.“
(32)
حقيقت ٻڌي ڦهلجي ويو هراس،
اندر ۾ گهڻو ئي ٿيو اڪبر اداس،
مگر تانسن ٿيو نه دل ۾ نراس،
نمرتا اگر ڪيو ردي ۾ نواس.
ته ڀي چيائين ”جيتڻ آ مون کي محال،
نه مون کي آجو هڻ جي ڪنهن کي مجال.“
(33)
اها رات ڳڻين ۾ گذري وئي،
صبح سان ساڌو تياري ڪئي،
ٿي ماڻهن جي درٻار ۾ پيهه پئي،
ٺهي ويٺا هڪ ٻئي جي سامهون ٻئي.
اميرن وزيرن نوابن سميت،
سنگهاسن تي اڪبر ٿي ويٺو سچيت.
(34)
وڳي گهنٽي ٻئي دوبدو وير ٿيا،
ٻنهي سوال گائن وديا جا پڇيا،
بجو سڀ اتر بي فلڪ ٿي ڏسيا،
سڄي جنتا جئه جئه جا آواز ڪيا.
چيائون ته ساڌو آ بيشڪ بحر،
هئا هاڻ آلاپ لئه منتظر. |