ناشر پاران
سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي موضوعن تي ڪتاب
لکرائڻ، مرتب ڪرائڻ ۽ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻ،
سنڌي ادبي بورڊ جو اهم ۽ بنيادي ذمو آهي. ان سلسلي
۾ بورڊ هن وقت تائين مٿي ذڪر ڪيل ڪيل موضوعن تي
ڪيترائي مستند ۽ معياري ڪتاب مختلف ٻولين جهڙوڪ
سنڌي، فارسي، اردو، عربي ۽ انگريزي ۾ شايع ڪري چڪو
آهي ۽ آئينده به شايع ڪندو رهندو.
هيءُ ڪتاب”سمنڊ سمايو بوند ۾“ به ان سلسلي جو هڪ
اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي هڪ اهڙي نامياري شاعر
جي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي
مخلتف صنفن ۾ سنڌ جي ديهي زندگيءَ جي سونهن جي
اڪيچار عڪسن کي ۽ پنهنجي زماني جي نئين فڪر کي
پنهنجي سادي ۽ سٻاجهي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرايو آهي.
کيئلداس”فاني“ جو هيءُ سمورو ڪلام محترم انور فگار
هڪڙو جي ڪوششن ۽ محنت جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو”سمنڊ
سمايو بوند ۾“ عنوان هيٺ شايع ٿي رهيو آهي. هن
مجموعي جو مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽
دانشور محترم شيخ اياز لکيو آهي، جيڪو هڪ شاگرد ۽
هڪ استاد جي ادبي ۽ علمي وابستگيءَ جي موضوع تي هڪ
اهم ادبي دستاويز آهي.
ڄام شورو
مراد علي مرزا
9 آڪٽوبر 1995ع
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ارپنا
شيخ اياز
۽
ڊاڪٽر قيوم”طراز“
جن جي نالي
-انور فگار هڪڙو
ڪجهه ڪتاب بابت
نصيحت گوش کن جانان ڪ از جان دوست تر داراند.
جو انسان، سعادت مند، پندِ پير دانا را. (حافظ)
منهنجي لاءِ اها ڳالهه انتهائي فخر جي لائق آهي،
ته آءٌ نامياري ڪوي سائين کيئلداس”فاني“ جون وکريل
ڪويتائون ڪٺيون ڪري”سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي نالي
سان پيش ڪري رهيو آهيان. لاکيڻو شاعر”فاني“ عظيم
شاعر شيخ اياز جو استاد آهي. مون کي سندس لکيل خطن
مان اهو معلوم ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو ته وٽس ورهاڱي کان
اڳ جو ڇپيل ڪلام موجود نه هو. هيڏو وڏو شاعر جنهن
لاءِ محترم شيخ اياز چيو آهي ته”هو سنڌي ادب ۾ امر
ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد
رقت ۽ گداز سان پڙهندا“، تنهن جو املهه ڪلام اسين
ائين وڃائي ويهي رهون ته آئينده نسلن آڏو اسين
وڏا ڏوهي بڻباسون. اها ڳڻ ڳوت ڪري آئون سندس
ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جو ڪلام گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هوس،ته
22 اپريل 1992ع جي ملاقات ۾ جڳ مشهور شاعر شيخ
اياز صاحب جن منهنجي همت افزائي ڪندي، ان کي ڇپائڻ
۽ مٿس مهاڳ لکڻ جي ذميواري کنئي. اهو سندس مون
مٿان ايڏو وڏو احسان آهي، جو زندگيءَ ڀر نه لاهي
سگهندس، پر ڇڙو ڳائي سگهندس. جيڪڏهن پاڻ اهڙو
احسان نه ڪن ها، ته جيڪر هي املهه ڪلام هيءَ صورت
وٺي نه سگهي ها.
هي ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ مون جيڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽
وستيون - واهڻ ووڙيا آهن، تن جو احساس ٻين کي
ڏيارڻ نه ٿو گهران.
جن دوستن ۽ عزيزن هن ڪتاب کي پايئه تڪميل
تي پهچائڻ ۾ ساٿ ڏنو، تن جا ٿورا ڪڏهن به وساري
نٿو سگهان. اهڙن مهربانن ۾ استاد محترم” نقش“
ناياب منگي صاحب، شعبان”بخت“غلام اصغر سومرو،
شڪيل”فائق“ هڪڙو، جميل احمد ابڙو، غلام سرور
جتوئي، قاضي منظر حيات، پروفيسر لجپت گانڌي ۽ سندس
فرزند رويندر ايل. جهاجن جا نالا قابل ذڪر آهن. جن
وک وک تي ڀال ڀلايا آهن. انهن سان گڏ محترم ڊاڪٽر
قيوم”طراز“ جن جا وڏا وڙ، جن پنهنجي گوناگون
مصروفين مان وقت ڪڍي مون سان ڪن هنڌن تي مدد لاءِ
گڏ هليا ۽ مسودو نظر مان ڪڍيائون.
آءٌ پروفيسر محمد قاسم سومرو، محترم غلام حيدر
لاکو ۽ ميان الله بچايو يوسف زئي صاحب جن جو به
شڪر گذار آهيان، جن منهنجي پرپٺ ڪتاب جي ڇپائيءَ
دوران پنهنجا ڀال ڀلايا.
آخر ۾ وري هڪ ڀيرو مهان ڪوي شيخ اياز جا ٿورا
مڃيندي، شاهه لطيف جو امر بيت”ٿورا نه ٿورا مون تي
ماروئڙن جا، ڀلايون ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا“، دل تي
تري اچي ٿو.
شڪارپور سنڌ انور ”فگار“
هَڪڙو
1-12-1992ع
مهاڳ
کيئلداس”فاني“ منهنجو نيو ايرا اسڪول شڪارپور ۾
پهرئين درجي انگريزيءَ جو استاد هو. انهن ڏينهن ۾
کيئلداس ”فاني“ ۽ لطف الله بدوي، جو انهن ڏينهن ۾
”جوڳي“ تخلص استعمال ڪندو هو، ڪشنچند”بيوس“ کان
پوءِ سنڌ جا سڀني کان سٺا شاعر سمجهيا ويندا هئا.
نوجوان اديب ۽ شاعر جمعيت الشعراءِ سنڌ کي
دقيانوسي قسم جا شاعر سمجهندا هئا. انهن ۾ ڏنهن ۾
مون جماڻي هال لئبرريءَ مان سوامي رام تيرٿ جي
سوانح حيات جا ٻه جلد پڙهيا، جن ۾ نظير اڪبر
آباديءَ جا ڪجهه اردو نظم ۽ ٻين ڪجهه اردو شاعرن
جا غزل ڏنل هئا. اردو زبان مون کي پنهنجي پيءُ
ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ پڙهائي هئي ۽ منهنجي مطالعي
لاءِ مون کي اردوءَ ۾ سراغ رسانيءَ جا ڪتاب وٺي
ڏيندو هو. ان ڪري مون کي سوامي رام تيرٿ جي
ڊائريءَ ۾ ڏنل هڪ غزل آسانيءَ سان سمجهه ۾ آيو، ۽
مون ان غزل جي طرز تي هڪ سنڌيءَ ۾ غزل لکيو، جيڪو
پوءِ ”سدرشن“ رسالي ۾ ڇپيو. اهو رسالو مون ۽
منهنجي دوستن، هوند راج داس ۽ بهاري ڇاٻڙا، گڏجي
ڪڍيو. اهو غزل مان کيئلداس ”فاني“ ڏانهن درست
ڪرائڻ لاءِ کڻي ويم. ان وقت بحر وزن جي مون کي ڪا
به خبر نه هئي، رڳو اردو غزل جي ترنم کي نظر ۾
رکي، سنڌيءَ ۾ غزل لکيو هوم، جنهن ۾ ڪجهه اردوءَ
جا به لفظ شامل هئا. ”فاني“ صاحب اهو غزل ڏسي
حيران ٿي ويو ۽ مون کي چيائين ته”تون ڪو اڳئين جنم
۾ شاعر هئين!“ هن همٿائيندي وڌيڪ چيو ته”پٽ! شاعري
سکڻ لاءِ توکي حاجي محمود خادم جو ڪتاب”رهنماءِ
شاعري“ لاڙڪاڻي مان گهرائي پڙهڻ گهرجي.“ بعد ۾ مون
کي هن محمود خادم جي ائڊريس ڏني. اهو ڪتاب مون
گهرائي مولوي عبدالغفور جي مدد سان پڙهيو، جو مون
کي فارسي پڙهائيندو هو. ان ڏينهن کان پوءِ
مون”فاني“ کي پنهنجو شاعريءَ ۾ استاد ڪري ورتو ۽
ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ نئون غزل يا نظم لکي هن وٽ هن
جي سُڪ پل واري ڪلب ۾، ويندو هوس، جتي هو ۽ ٻيا
چار پنج ماستر رهندا هئا. اها مسلسل رهنمائي ٽئين
۽ چوٿين درجي انگريزيءَ تائين هلي. مون کي ياد آهي
ته کيئل داس”فاني“ ميان جي ڳوٺ جو هو، جتي بولچند
راجپال رهندو هو ۽ سنڌو رسالو ڪڍندو هو. هن منهنجو
هڪ نظم بولچند کي ڏنو، جو هن ڇاپيو. تنهن وقت مان
پنهنجو نالو مبارڪ علي ۽ تخلص”مبارڪ“ لکندو هوس.
ڏهن پندرنهن ڏينهن کان پوءِ بولچند راجپال منهنجي
گهر آيو ۽ در جو ڪڙو کڙڪائين ته مان پهرينءَ منزل
تان ڏاڪڻ تي هيٺ لهي آيس؛ چيائين ته”مان مبارڪ
عليءَ سان ملڻ آيو آهيان؛ کيس ٻڌاءِ ته سنڌوءَ جو
ايڊيٽر بيٺو اٿئي.“ جڏهن مان کيس ٻڌايو ته مان
مبارڪ علي آهيان، تڏهن هن کي منهنجو قد بت ڏسي
اعتبار نه آيو ۽ چيائين ته”توکي پوءِ ٻيو ڪو لکي
ڏيندو هوندو، هي نظم تنهنجو ٿي نه ٿو سگهي.“ پوءِ
هن ڪجهه سال منهنجو ڪجهه به شعر نه ڇاپيو. انهيءَ
وچ ۾”فانيءَ“ ڏي هر روز ڪو نظم يا غزل، مسدس يا
مخمس وغيره درستيءَ لاءِ کڻي ويندو هوس ته هو مون
کي خوشيءَ سان ٺيڪ ڪري ڏيندو هو. مون تي ڪا به
پابندي ڪانه هئي ته ڪهڙي وقت در کڙڪايان، ڇو ته هن
سان هڪ ٻيو ماستر مسٽر هاسانند به گڏ رهندو هو، جو
مون کي ٽئين درجي ۾ پڙهائيندو هو. هو مون کي ۽ ٻين
ذهين ڇوڪرن کي اسڪول بعد به تعليم ڏيندو هو ۽
ڪلڪتي مان
Indian Review
گهرائي اسان کي ان ۾ شايع ٿيل مضمون سمجهائيندو هو
۽ حب الوطنيءَ جي تاريخ ۽ برصغير جي انگريز دشمن
اڳواڻن تي ليڪچر ڏيندو هو. مان هن جو سڀني کان
وڌيڪ ويجهو شاگرد هوندو هوس. مون کي ياد آهي ته هن
مون کي ڪلڪتي مان شيڪسپيئر جا قول ۽ دنيا جي چونڊ
پهاڪن تي ڪتاب به گهرائي ڏنا هئا ۽ دلچسپيءَ سان
سمجهائيندو هو، ۽ انگريزي چوڻين ۽ اصطلاحن تي به
ڪيترا ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ياد ڪرائيندو هو.
نيو اِيرا اسڪول جو تعليمي ماحول تمام چڱو هو ۽
اسان تي استاد بيحد توجهه ڏيندا هئا. شڪارپور جي
مشهور هانڊي ۾ نيو اِيرا اسڪول جا شاگرد ڊراما
اسٽيج ڪندا هئا ۽ اسان ۾ هفتي ڏهين ڏينهن ڪنهن
موضوع تي انگريزيءَ ۾ تقريري مباحثو پڻ ٿيندو هو.
جڏهن مان چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس تڏهن
Mock Parliament
۾ به بهرو وٺندا هئاسين، جنهن ۾
Prime Minster
جو ڪردار منهنجو دوست رام
ڄيٺملاڻي ادا ڪندو هو، جو ورهاڱي کان پوءِ آل
انڊيا بار ڪائونسل جو پريزيڊنٽ هو ۽ اندرا گانڌيءَ
سان تڪرار سبب آمريڪا هليو ويو. هوءَ پوءِ وي پي
سنگهه جي پارٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هو، جو ڪجهه
وقت پوءِ انڊيا جو وزيراعظم ٿيو. ڪجهه سال اڳ جڏهن
شاهه، سچل ۽ سامي ڪانفرنس ٿي آءٌ انڊيا ويو هوس
تڏهن پهرئين ڏينهن مون صدارت ڪئي هئي. ان تقريب
۾”فاني“ ڀوپال مان آيو هو. ٻئي ڏينهن تي جڏهن
مشاعرو ٿيو ته مون ان تقريب گهرائيندڙ کي چيو ته
مشاعري جي صدارت”فاني“ صاحب کان ڪرايو، ڇو ته هو
منهنجو استاد ٿي رهيو آهي.”فاني“ اتي مون سان
ڏاڍيءَ سڪ مان ڀاڪر پائي مليو ۽ اکين مان ڳوڙها
ڳڙي آيس. هن جي عمر 80 کان مٿي ٿي چڪي هئي، پر عمر
جي لحاظ کان ڪافي کڙوتڙو پئي لڳو. هن مون کي
ڏاڍيون دعائون ڪيون ۽ ڀوپال هلڻ جي آڇ ڪيائين.
منهنجي زندگيءَ ۾ ”فاني“ ۽ هاسانند جهڙا بي غرض ۽
همدرد انسان ورلي آيا آهن. اتي هندستان ۾
جڏهن”فانيءَ“ پنهنجا شعر پڙهيا ته مون کي محسوس
ٿيو ته سندس شاعري اڳي وانگر جوان هئي. پڙهندڙ خود
هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهندا ته 60 سال اڳي هن
جي شاعري ڪيئن هوندي؟ مون سان هن کان اڳ ۾ سندن
ادبي رسم و راهه سال 1946ع ۾ ٿي هئي، جڏهن مون هن
جا نظم پنهنجي رسالي”اڳتي قدم“ ۾ ڏنا.”فاني“
منهنجي زندگيءَ ۾ ۽ منهنجي شاعريء جي اوسر ۾ هڪ
اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مان هن جا ٿورا نه ٿو
لاهي سگهان. جي”فاني“ منهنجي رهنمائي نه ڪري ها،
ته منهنجي شاعري اتي نه پهچي ها، جنهن جاءِ تي اڄ
آهي.
”فاني“ صاحب جي ڪلام سهيڙڻ ۾ انور فگار هڪڙي جيڪا
جاکوڙ ڪئي آهي سا نهايت قابل تحسين آهي، اهو ٿورو
ڄڻ مون تي ڪيو اٿائون، ڇو ته اصل ۾ فرض مون تي
عائد پئي ٿيو ته پنهنجي استاد جو ڪلام ڪٺو ڪري
ڇپرايان ها.
ڪراچي -
شيخ اياز
27 جنوري 1995ع |