سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :11

 (35)

کنئي جا هٿن ۾ سنياسي ستار،

اچي شٻد جي پلٽ پلٽي اپار،

ٻڌي تار ٿيا دل جگر تار تار،

رهي سرت ڪنهن کي نه سرجي سنڀار.

لنگهي شٻد- وايون وئي پن پن منجهان،

پڳا مرگهه بي سرت ٿي بن منجهان.

(36)

سڀا ۾ گهڙيا بن پرستي اندر،

ڏسي مرگهه ماڻهن جي بستي اندر،

ٽيئي سست مدهوش مستي اندر،

ويئي وسمئه گهڙي هر گرهستي اندر.

ڪنبيو روح ٻيجل جو آڪاس ۾،

رهي سرت ساڃهه نه ڪنهن سواس ۾.

 

(37)

ڏسي مرگهه جي خود ڀڄن- رنگ رتا،

لاهي هار پنهنجي بجو ڪنٺ جا،

ٽنهي کي ٽي گجرا گلن جا وڌا،

گلن، واس کان هرڻ سرجيت ٿيا.

ڏسي خلق جا کوڙ ڇرڪي ڀڳا،

وري جام ”جئه جئه“ جا نعرا وڳا.

(38)

رکي ساز ساڌو سنڀاريو سرير،

اجهل استتي تي هو گياني گنڀير،

ٿيا حيران اڪبر امير ۽ وزير،

ڏڪيو تانسن جو ٿي ظالم ضمير.

(39)

ٻڌي تانسن ٿيو تپي لعل لعل،

کڻي ساز، ڪئي بات بيشڪ بحال،

هيو هت مرڻ ۽ جيئڻ جو سوال،

هيو بن مان مرگهن جو موٽڻ محال.

ڏڪي ڌرن اڪبر جي، ٿيو منتظر،

ڏسي دوست کي آزمائش اندر.

 

 

(40)

گوئيئي ڪا اهڙي ڪماليت ڪئي!

جتن عمر جا ڪيائين ثابت سڀيئي،

سڄي ساز تي پلٽ پلتي ڇڏي،

ٿي بيخود ويو ساز سان ساز ٿي.

حياتي ۾ اهڙونه ٿيو ڪو مثال،

جو اڄ تائين تان سان ڪيو ڪمال.

(41)

ڪنبيو ٿي سندس جوش کان انگ انگ،

جفا کان پگهر ۾ ڀڄي ويا ڀڄنگ،

ٿيو آخر ڍرو اندرين جو امنگ،

مگر هرڻ هڪڙي نه ماري ڇلنگ،

ڳلي ۾ فقط خون باقي بچيو،

سندس ڪال نيڻڻ اڳيان ٿي نچيو.

(42)

بجو ات وري ساز هٿ ۾کڻي،

ڇڏيو شبد- پيڪان اهڙو هڻي!

ٻڌي نير نيڻن منجهان پيو ڇڻي،

هي بگڙي بنائڻ سان بيشڪ بڻي.

اچي هرڻ ساڳيائي حاضر ٿيا،

وري سرت ۾ ترت واپس ويا..

 

(43)

سماپت پريکيا جڏهن ٿي رهي،

ته اڪبر سنگهاسن تان آيو لهي،

سڀا ۾ وئي پريم - گنگا وهي،

ڪيوسلطان ساڌو کي ثابت سهي.

چي ”ساڌو آ سنگيت ساگر اٿاهه“

تڪبر تڏهن تان جو ٿيو تباهه.

(44)

ڏسي دوست دلبر جي جوکي ۾ جان،

ڏڪيو ڏيل اڪبر جو ڪرڙي سمان،

منگيو منٿ زاري ڪري جيئدان،

مگر ڪين ٿيو موم- دل مهربان.

بجو چيو: ”مان پاڙيان اوس پرتگيا،

نه لوڏي سگهي اپشجي التجا“

(45)

ٻڌي نااميدي جو  جوکو جواب،

جلي جان اڪبر سندي ٿي ڪباب،

هلي ڪيئن هت حاڪماڻو حساب؟

رڳو رنج وارو رڳن ۾ رباب.

خزان ٿي بهاري کي طعنا هنيان،

ته اڀمان خانن جا خانا هنيان.

 

 

 

(46)

هٿن سان تڏهن تانسن ڏيئي ترار،

جهڪايو ڪپائڻلئه ڪونڌر ڪپار،

سڄي خلق هئي بي خبر بي قرارِ

ته ساڌو ڪندو  ڪيئن سر ڌڙ کان ڌار؟

سدا سنت آحن ديالو ديال،

مگر ڪروڌ مارڻ به آهي محال.

(47)

بجو ڪين ڪاسائڪو ڪيو ڪرم،

هو رکڻو رشي آ شرم جو ڀرم،

تڏهن تانسن جي شڪي ٿيو شرم،

لڄا جا وڙها لڙڪ گونگا گرم.

ديا، دويش دل مان ڌڪي دور ڪيو،

وچن وير کي موڙي مجبور ڪيو.

(48)

سڀا ۾ سراسر وري واهه واهه،

مڃيا شڪر شهه - راڳ جا شهنشاهه،

چيائين ”گوئيئي جا بخشيو گناهه،

اوهان سنت آهيو ديا جا درياهه.

گنهگار آهيان مان پڻ خونخوار،

کميا ڪيو، وساريو انجا وڪار“!

 

 

(49)

ٻڌي هٿ ادب جا شهنشاهه چيو:

”ويهي تخت تي پنهنجي سر حڪم ڪيو،

ته سنگيت سڀ ڪنهن سندو ٿوڪ ٿيو،

اها عام ۽ خاص کي ڏات ڏيو.“

سنگهاسن تي ساڌو چڙهي ڪيئن چنگار:

”رهي راڳ تي عام جو ا ختيار.“

(50)

وتي وير پوءِ واٽ وڻڪار جي،

لڳي لار ڪرتار جي پار جي،

رهي سرت ساڃهه نه سنسار جي،

هئي يڪتار ۾ تار يڪتار جي.

جهليو ڪين ڪامل کي ”فاني“ جهان،

چڙهيو عرش تي سواس روپي و مان.

 

 

 

چاندني

(1)

جوڀن اراولي جو ٿي ڦاٽو بهار ۾،

گُل کان به سوائي هئي فلڪ خار خار ۾،

قدرت جو ذره ذره هو خوش تر خمار ۾،

مستي ۽ محويت هئي سڄي مرغزار ۾.

سا بر متي جي نير سندس چرن ٿي ڌوتا،

پٿر سفيد سر تي ها ياقوت يمن جا.

(2)

لهرين ۾ لڪل بادِ صبا جو هو ترانو،

گلزار ۾ ڪوئل جي صدا جو هو ترانو،

آڪاس ۾ آزاد هوا جو هو ترانو،

وادي ۾ به قدرت جي ڪلا جو هو ترانو.

شاعر جي طبيعت ۾ هئي دريا جي رواني،

ڪنهن جستجو لئه جسم ۾ تڙڦي ٿي جواني.

(3)

ماٿر جي ڪلهي تي هيون جهانگين جون جهوپڙيون،

ڪڏڪيون ڪيئي ڪرڻن سان ڪکن تي ٿي ڪونجڙيون،

ڇاڇا هون لٽائڻ لئه سرشٽيءَ جون سوکڙيون!

ڀرپور هيون مال سان ڀاڳين جون ڀونگڙيون،

ڇپري هئي مير خان جي مشهور مڙين ۾،

سک سرس هيو محل کان ڪنڊن ۽ ڊڀن ۾.

 

 

(4)

گهر ۾ هو مير خان نڌڻڪو نويڪلو،

گويا سڪل درخت هو برپٽ ۾ هيڪلو،

مشڪل هيو اڻ تڻ سان اڪيلو مقابلو،

سانڍڻ ٿيو ڪٺن ساهه ۾ سورن جو سلسلو.

لاچار وندر لئه ٻه ٽي ٻڪريون وٺي آيو،

ڪيئن ماس پرائي کي ناز سان ٿي نپايو!

(5)

ٻڪرين سان نرالي ٿي پئي رونق سڄي گهر  جي،

ڳڻتي نه رهي ڪابه سندن قوت گذر جي،

ماٿر تي هئي مهر جا قدرت جي ڪڪر جي،

سرسبز چراگاهه اجهل پوک پڌر جي.

حيوان جي صحبت ڇڏيا انسان ڀلائي،

ويو صبح جو ڪاهي، اچي سانجهيءَ جو ورائي.

(6)

مسجد کان وڌڪ واڙ هئي ٻڪرين جي ٻڌڻ جي،

جريب نه هئي ذري کي به لانڍي کان لنگهڻ جي،

ڪنهن پر نه هئي واٽ ڪا ڀونگيءَ مان ڀڄڻ جي،

ليڪن هئي عادت منجهن آزاد رهڻ جي،

چارڻ ته گهڻو چاهه مان تن کي چرايو،

افسوس! مگر ڪين ڪو لايو ٿيو سجايو.

 

 

 

(7)

هڪ ڏينهن ويو ٽڪريءَ جي وراڪن ۾ سج لهي،

ڪارنهن جو ڀوت عرش تي ٺهه پهه ۾ ويو ٺهي،

هي وجهه وٺي ٻڪريون پيون ٽڪريءَ جي ڀر رهي،

هونءَ رات انڌيري کان سي وينديون هون نت ٽهي.

ٽپڪيون هڻي پن پن ۾ مير خان ٿي ڳوليو،

ناچار نماڻي گهڻو ٻچڪار سان ٻوليو.

(8)

گهر موٽندي هر هر ٿي سندن واٽ نهاري،

ڀونگي ۾ هي چوطرف مساڻن جي انڌاري،

دم دم ٿي پيس ياد سي، وائي نه وساري،

وهمن ۽ وچارن ۾ سڄي رات گذاري.

ڇاکون رٺيون ماڻي مٺيون بدبخت جي گهر کان!

موٽيون نه وري ماڳ تي هاءِ! ڪهڙي ڏمر کان؟

(9)

ٻڪرين ٿي ٻڌو هر گهڙي آواز اچڻ جو،

پر پهه پڪو هو پرن تان پٺتي نه هٽڻ جو،

سانگو نه ڳڻيائون ڪو بلائن کان بچڻ جو،

ٽڪريءَ ۾ ٺڪاڻو هيو ناهر جي رهڻ جو.

چارڻ کي انهي قهر جي اڳ ۾ ئي خبر هئي،

هر روز ڀٽارين تي سندس تيز نظر هئي.

 

 

(10)

ڪاشيءِ نه رهي ڪال جي احوال کان واقف،

ناهه ساهه، هن سرير ۾ خود حال کان واقف،

ٻڪريون به هيون ڪينڪي برحال کان واقف،

جوکي وهيڻي جان جي جنجال کان واقف.

آفت کي ڏسي اوچتو واهر لئه رت رڙيون،

بي سرت بي خطا وڃي ناهر جو بک بڻيون.

(11)

جيئن باک ڦٽيءَ جو وڃي هيءُ حال ڏٺائين،

پٿرن تي ڪريل خون جي قطرن کي رنائين،

گويا غضب جي آگ تي پاڻي ٿي وڌائين،

تنهن ڏينهن کان وٺي دل سان اهو عهد ڪيائين.

هڪڙين ئي وڌو آهه ڏلاون ۽ ڏکن ۾،

بس هاڻ ڇٽل جان کي ڏيندس نه ڏجهن ۾.

(12)

ڪجهه ڏينهن انهي قول جي ليڪي ۾ لنگهي ويا،

ارمان جو رڳ رڳ ۾ مگر روڳ بڇي ويا،

دک درد هيڪلائي جو، ليڪي کي لٽي ويا،

آخر انهيءَ انجام جا سڀ خيال ڇڏي ويا.

گوشي ۾ گذارڻ به ڪٺن آهه دنيا ۾،

سنگت کان سوا ڀينگ، ڀون آهه دنيا ۾.

 

 

 

(13)

آخر ٿي پيو تنگ تنهائيءَ جي گذر کان،

واقف هو مگر ٽاڪرو ٻڪرين جي اثر کان،

ڇيلي وٺي ايندس، جي ڪنهن نزديڪ شهر کان،

ڏٻري به ڀلي آهه، سٻر مال، نٺر کان.

ڇيلي به هئي سٺي، آيو وٺي، ملهه به سٺو هو،

جنهن جو نه اڃا کير ڀي واڇن کان سڪو هو.

(14)

جيئن ”چاندني“ چارڻ هو کيس چوڄ مان نالو،

تحقيق سڀر تئين هئي اوندهه جو اجالو،

چارڻ سان هيس ناز ۽ رس راض نرالو،

ليليءَ سان ڪيائين گهڻو ڪوشش ۽ ڪشالو.

ڄڻ پيٽ ڄڻيءَ ساڻ محبت ٿي ڪيائين،

ڏينهن رات سندس ٽهل ۽ خدمت ٿي ڪيائين.

(15)

وهه! چاندني لئي خان عجب باغ بڻايو،

پنهنجي هٿن سان رس ڀريي ٻوٽن کي لڳايو،

ڦل ڦول ڏسي دل ۾ نه ڦوليو ٿي سمايو،

لوڙهو به گهمڻ ڦرڻ لئه ويڪر ۾ وڌايو.

توڙي به اڳي کان هئي قابو ۽ ڪشادي،

جيئن ڪنهن به قسم جي نه ٿي هرڻيءَ کي هلاکي.

 

 

 

(16)

هن کاڌ ۽ خوراڪ کان وهنديئي وڌي وئي،

اسرڻ سان کلي دل ۾ شناخت جي دري وئي،

جذبات جي ڪا جسم اندر لهر لنگهي وئي،

هڪ ڏينهن انهيءَ موج کان ماٿر ۾ پڄي وئي.

نوڙيءَ جي جهل جهڪور اجهل دل کي ڇا ڪندي؟

زنجير زبر دل اڳيان ڪهڙو جٽا ڪندي؟

(17)

”هي حال ڏسي چاند جو چارڻ ويو وسامي،

ارمان کان روشن ويو اميدن جو اجهامي،

ڇا کون وئي چاندئي ائين اکين مان اڏامي،

ڪمبخت جي ڪيڏي نه ڪڍيم غرض غلامي.

منٿن سان مڙي ڪين مڃي ڪين مڃيائين،

ڪنڌ لوڏ سان آخر صفا انڪار ڪيائين.“

(18)

چارڻ چيو: ”چاندني! مون کي ويٺينءَ ڇو وساري؟“

”مين مين“ ۾چيائين مون کي پن پن ٿو پڪاري،

قدرت جي ڪکن ڏي ٿي نظر روز نهاري،

آءٌ ڇا ڪريان! دل ٿي سدا ساٿين کي سنڀاري.

چارڻ چيو بي خبر! توکي ناهر جي خبر ناهه؟

جي ”ڀل مران“ مونکي نه مرڻ جو ڪو ڪر ناهه.

 

 

 

(19)

ڪوشش مان ڪندس سر جي بچائڻ جي سڱن سان،

لوهو کي مکيندس مان مثل تيل لڱن سان،

چيري ڀلي بي قياس سندم ماس چنبن سان،

هيڪر مان هچاري سان ڪندس ويڙهه هڏن سان.

آخر جي بچيس ڪين ڪو غم ناهه مرڻ جو،

جيئن آ، مرڻ کان برو، ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ جو.

(20)

اي خان ڀڳل دل کي ملائڻ محال آهه،

آزادگي جي آس مٽائڻ محال آهه،

هن باهه اندر جي کي وسائڻ محال آحي،

گردن رستيءَ اڳيان به جهڪائڻ محال آهه.

نا اميد ٿي گهن گهور انڌيريءَ ۾ گهر ويو،

ڀونگيءَ ۾ ڏسي ڀينگ موم دل جو من ڀريو.

(21)

ٽپڪي ٿي چاندني اُتي آنند ڀون ۾،

هيڏي ڦري، هوڏي ڪري گد گد ئي گلن ۾،

گذري ويو گهڙيءَ ۾ ئي سڄوڏينهن سکن ۾،

”چٽ چٽ“ ٿي ڪئي چاهه مان پن پن ۾ چمن ۾.

هڪوار هيٺ عارضي نظرن سان نهاريو،

چارڻ جي جهوپڙي نه مگر دل کي کي ڌتاريو.

 

 

 

(22)

سورج ڇپي پيو ڇرڪ کان ڪارنهن جي ڪوٽ ۾،

هئي چاندني افسوس اڄ اوندهه جي اوٽ ۾!

چيخون نه ڪيون دل جهلي ناهر جي ڇوٽ ۾،

ماريو گهڻو منحوس جي مستيءَ کي موٽ ۾.

”فاني“ نه مرڻ سان مئي هيءَ سوڀ امر هئي،

هن موت جي افسوس پکين ۾ به پچر هئي.

 

 

ضميمو

 

دنيا سان جي دل ناهه لڳائڻ جي ضرورت،

ڇا لئه هئي دل کي بڻائڻ جي ضرورت،

نظرن کي نظارن سان لڀائڻ جي ضرورت،

هي دنيا ڇڏي ٻي آ وسائڻ جي ضرورت.

منهنجي ته تصور جو پتنگ جت پڄي سگهي،

ايڏو ڇا مٿي آهي اڏائڻ جي ضرورت.

بد زيبو ته ناهين جو تون لڪندو ٿو رهين نه ته،

سهڻي کي ڇو ٿئي سونهن لڪائڻ جي ضرورت.

شوقين انڌيري ۾ ننگا ٿي پيا نچن ٿا،

ڇو توکي ٿي آ شمع جلائڻ جي ضرورت.

مندر ۾ آ بارود بمن جو ئي شور  روز،

ڪهڙي آهي گهنڊن جي وڄائڻ جي ضرورت.

انساني فن جي ”فاني“ ڪو جوڙي جهان نئون.

ڏسندي خدا کي خود ٿئي لڄائڻ جي ضرورت.

انساني فن جي ”فاني“ ڪو جوڙي جهان نئون،

ڏسندي خدا کي خود ٿئي لڄائڻ جي ضرورت.

 

گهر هوندي گهر کي گهر نه سمجهندو ٿو رهان،

ڌاريو ٿي گهر کان دور مان ڀڄندو ٿو رهان.

تنهائي جي تڪئي تي اڃا ڪنڌ رکان مس،

ڳوڙهن جي ڍنڍ ۾ مان تڙڳندو ٿو رهان.

مون کي نه ڪنهن جي ياد ستائي ٿي سگهي،

پنهنجو ئي پاڻ کان مان وسرندو ٿو رهان.

ڳولڻ سان لڀي ڪانه ٿي ڳوٺن جي ڳلي،

ششدر ٿي شهر شهر کان ڀڄندو ٿو رهان.

دنيا ۾اچڻ جو مون کان مقصد نه پڇو،

پن جيئن مان جل جي وهڪ ۾ وهندو ٿو رهان.

دوستن جي بي وفائي مون کي ڪجهه نه ڪيو،

دشمن جي وفاداري تي روئندو ٿو رهان.

”فاني“ ٿي اک اداس اجالي کان پنهنجي،

اوندهه جي لاءِ افسوس تڙپندو ٿو رهان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org