سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :5

غزل

 

ترانه

ڇو روح کي ڀٽڪائي ٿو هت هت رولين،

ڀڳوان ٿو هردي کان تون ٻاهر ڳولين،

موتي آ اصل تنهنجي ئي دٻليءَ ۾ بند،

دٻلي جو مگر ڇو نٿو تون پڙ کولين.

منهنجو نه ڪنهن سان ميل يا مطلب آهي،

هر ڌرم لاءِ دل ۾ حب ادب آهي،

انسان کي ڀڳوان سڏيان ٿو منهنجو،

انسانيت ئي ڌرم ۽ مذهب آهي.

هر درد کي ڇاتي ۾ ڇپائي رک تون،

پٿر کي به سيني سان لڳائي رک تون،

دنيا ۾ ترت تپڻي تي ٿي چوٽ لڳي،

احساس جو آئينو بچائي رک تون.

ننگي کي آهي انگ ڍڪائڻ جو ضرور،

مسڪين جي اکين کي سڪائڻ جو ضرور،

شڀ ڪرم کي جي گيان صحيح ساٿ ڏئي،

گيتا تي نه رومال چڙهائڻ جو ضرور.

آب زم زم رواني نه هجي،

ڪا زندهه دل جي نشاني نه هجي،

ساز ساقي هجي ۽ شعر شراب،

جيءُ جلائن جي جواني نه هجي.

مهراڻ  ۾ سا موج رواني نه رهي،

اڀ ۾ به اجالي جي نشاني نه رهي،

گلشن جي لڱن تان پئي لالاڻ ڇڻي،

غم جو ڪرين ”فاني“ جي جواني نه رهي.

مسڪين کي هر دم ٿي رهي گهر جي تلاش،

مورت کي سدائين آهي مندر جي تلاش،

جذبات کي ظاهر نه ڪندو ڪيئن ڪوي!

بيجان ديوارين کي به آ در جي تلاش.

برهمانڊ جو تون انت پڇائين ڇو ٿو،

گهرائين ڏي پير وڌائين ڇو ٿو،

ڌرتيءَ جي سطح جي ڪا توکي سڌ ناهي،

تارن ڏي تڪي ننڊ ڦٽائين ڇو ٿو.

شبنم سان نه ڀنڀٽ ڪو اجهامي ويندو،

پر- هيڻ پکي ڪيئن اڏامي ويندو.

شڪتيءَ جي اڳيان سڀڪو ٿو ڪمزور جهڪي،

سج اڀري ئي مس چنڊ وسامي ويندو.

رسمن ۽ رواجن جون ليڪون آهن،

ڳڻتين جو دٻاءُ دل تي رکي ٿيون ڳاهن،

ليڪن تي هلندي هلندي کڏون اهڙيون ٿيون،

ڊاهي جو لتن سان ٿيون تنهن کي ڊاهن.

ڪوئي نه نيت نياءَ تنهنجي نگري ۾،

دک ڀوڳي ٿو داناءُ تنهنجي نگري ۾،

پتو رت جو آجياپو جنجال،

لوٺي جي لئه لقاءَ تنهنجي نگري ۾.

پيئڻ جو مزو ٻين سان پيڻ ۾ آهي،

ونڊڻ سان سرڪ سڪ جي وڌائي مستي،

اڳ موج وٺڻ ۾ نه ڏيڻ ۾ آهي.

پيئڻ جو مزو ٻئي کي پيارڻ  ۾ آهه،

جيئڻ جو لطف ٻئي کي جيارڻ ۾ آهي،

سڏجي ٿو سدا پاڪ سو ڏاتار جو هٿ آهي،

مشغول جو ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ آهه.

مئه ايتري هجي جو سگهي جيءُ جهلي،

ڇو راهه سنئين تان ڪوئي ٿاٻڙجي هلي،

ساقي کي هن برائي جو ٿو سيڪ اچي،

مئخاني جي عزت به آگ ۾ ٿي جلي.

 

رباعيات

 

 

دنيا ۾ بس رکڻ ڪنهن سان اجائي آشنائي آ،

ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ مون عمر ساري گنوائي آ.

 

ڏنم جنهن کي امانت دل، ڪئي تنهن خوب خيانت آ،

دولابي، دل ڦندن ڦيرن ۾ ڦاسائي ڦٻائي آ.

 

برهه جي باهه ڏئي ڀڙڪا اُلا اُڀرن، مگر دلبر،

نه ڪنهن ڏينهن پرت جو پاڻي وجهي ٻرندي ٻجهائي آ.

 

تلافي لئه سدا تانگهيم ته من ڪا تاس پوري ٿئي،

مگر ساقي نه سرڪي جام مان چپ تي چکائي آ.

 

جگر جو خون مون پيتو هڏا ٿيا هجر ۾ هيڻا،

ٻنهي طرفان وئي طاقت بچي باقي چريائي آ.

 

چيم دلدار کي ”بيمار ٿيس آزار تنهنجي کان“

چيائين ”مون بڻائي درد جي تولئه دوائي آ“.

 

هيس مان بيخبر، دلبر لنگهيو هڪ ڏينهن هيئن چوندو؛

”تو واريءَ تي اميدن جي عمارت ڇو اَڏائي آ.“

 

مون سمجهيو جنهن کي رهبر تنهن نه ليڪن راهه روشن ڪئي،

ملي مون کي نه مقصد جي صنم مان رهنمائي آ.

 

 

لهي ويو، جو هيو منهنجي اکين تي ڌنڌ جو پڙدو،

سڄي قدرت جي صورت منهنجي نينڻ ۾ سمائي آ.

 

لڏي ”فاني“ دنيا مان هل رهڻ ات ڪيئن روا آهي؟

جتي ڪارنهن ڪچائي، غمنمائي بيوفائي آ.

 

 

 

چوڻ کان چپ ڪندا ڪنهن جي چوڻ سان ڇا چوڻ وارا،

ڪرڻ جيڪي به چاهين ٿا ڪري گذرن ڪرڻ وارا.

 

ڪڏهن اٻلا جي آنسن کي سڪائڻ لاءِ ڏڍ ڏيندي،

جلائن لهس کان هٿ ٿا گرم ڳوڙها اگهڻ وارا.

 

جبل ڦاڙي ڦٽي ٻوٽي رهي ڇڪ سونهن کي سڪ جي،

پهاڙن مان به پر گهٽ ٿي پسي پنهنجا پسڻ وارا.

 

منائي موت ٿوماتم اتي پنهنجي اسڦلتا تي،

جتي مشڪل سگهي ماري امر جيوت جئڻ وارا.

 

سهن ٿا صبح جو اميد ۾ آزار اوندهه جا،

وڌن ٿا قافلي جا پير منزل ڏي وڌڻ وارا.

 

نظر جي نقص کان ئي فرق ايندو آ نظارن ۾،

وٺن ٿا واس گل ۽ خار مان گڏجي وٺڻ وارا.

 

بلند پرواز جي برڪت عطا ڪيئن عام کي ٿيندي،

ٿين هرگز نه شاعر سڀ ٿا تارن ڏي تڪڻ وارا.

 

مسافر خانو هوءَ دنيا نه، ”فاني“ آهه هيءَ دنيا،

اسان هتڙان وڃي آهيون وري واپس ورڻ وارا.

 

 

 

 

 

زندگي کان هزارين هارجي ويا،

موت کان اڳ ۾ ڪيئي مارجي ويا.

 

پل به جت هو گذارڻ ڪين واجب،

هيترا ڏينهن اتي ڪيئن گهارجي ويا.

 

دک ڀري دل پيئي جهوري ۾ جهرندي،

آهه ڀريم ته ڏونگر ڏارجي ويا.

 

هڪ به پروانو ويجهو ڪين آيو،

شمع هرجا هزارين ٻارجي ويا.

 

مون رنو ايڏو عيبن تي لڄي ٿي،

داغ دل جا مڙيئي ميسارجي ويا.

 

شعاءُ شهري ڀڳو آ جهنگ جر ڏي،

ديپ درياءَ ۾ ڪيئي ٻارجي ويا.

 

هڪ به ٻيڙو پرَينءَ ڀر کان نه موٽيو،

ڪيئي ”فاني“ هتان هاڪارجي ويا.

 

 

 

مون کي نه آهي ساقي مئه جام جي ضرورت،

تنهنجي نگاهه ۾ بس مون لئه هجي مروت.

 

افسوس هيءَ بهاري گُل ۾ نه رنگ رونق،

ڪيڏانهن پر ڪري ويا گلشن مان زيب زينت.

 

ڳوڙهو ڳڙَو نه هوندي ڳورو آهي ڳڙي کان،

ڪيميا کان ڪم نه ڀائج قطره جو قدر قيمت.

 

توڙي وهي پسينو قسمت ۾ رک يقينو،

تدبير مان ملي ٿي تقدير کي نه طاقت.

 

موتي کڄي تري مان تو وٽ تري اچن ٿا،

”فاني“ ڇو ڇولين جو شڪوه ڪرين شڪايت.

 

 

 

مان محبت ڀري دنيا کي وسائي نه سگهيس،

پيار جي ريت مان ڪنهن ريت نڀائي نه سگهيس.

 

هو اچي مون کي ڏسي غم جو غم نه ڪري،

مان کلندي کلندي مگر لڙڪ لڪائي نه سگهيس.

 

سونهن ۾ ڪيڏي ڪشش آهه اڃان پر ڇا ڪجي؟

پاند ڇرڪن کان زماني جي ڇڏائي نه سگهيس.

 

داغ ڌوئي نه سگهيس ايترو روئي نه سگهيس،

دوش دامن تان هٽائڻ سان هٽائي نه سگهيس.

 

منهنجي همدردي جي حد آهه جو وچ سير ته ڇا،

مان ڪناري تي به ٻڏندي کي بچائي نه سگهيس.

 

آهي حرفت جي محل تي ڪو فضائن جو فضل،

مان خزائن ۾ آشيانو بڻائي نه سگهيس.

 

 

آس بدلجي ٿي نراس،

چوڏس بڻجي پوي اُماس.

 

ٿيءُ نه بسنت ۾ بيپرواهه،

جهڙپ خزان جي ڪري نه ناس.

 

مئخاني ۾ گهر نه وسار،

پي نه وڃائي ويهه حواس.

 

گل سان ڪير پيار ڪندو،

ڀنور مثل جي وٺبو واس؟

 

محلن جي پاڇي پوئتان،

ڀونگين جو ٿيندو نه وڪاس.

 

سڀ کي پنهنجا پنهنجا سور،

ڪير ڪري ڪو ڪنهن تي قياس.

 

ساري گلشن ۾ افسوس!

بلبل جو ڪٿ ناهه نواس.

 

”فاني“ ديد کي عيد ڪٿي،

ملي نه ڌرتيءَ سان آڪاس.

 

 

 

 

دک- درس

ساري سنسار ۾ دلدار نه ڪوئي يار سجهي،

ڀري محفل ۾ اڪيلائي کان گهٻرائي هليس.

 

مون تي ڇا کان رهي مُلان ۽ برهمڻ جو ڏمر؟

ڪعبي ڪاشي کان جڏهن جند مان ڪترائي هليس.

 

توکي ڇو خار سندم تي ٿو چڀي خار لڳي؟

پنهنجون پابنديون پيرن سان جي ٽڪرائي هليس!

 

مون کي هرگز نه ٿا سجدا ۽ مٿي- ٽيڪ وڻن،

تنهنجي پستڪ جا پنا، ڍير مان اٿلائي هليس.

 

منهنجي ايڪانت جي سڌانت جو وتانت اهو،

خون غيرت جو گناهن تي مان ڇٽڪائي هليس.

 

”فاني“ دنيا ۾ بقادار شين جي نه پڇا،

ٻن ڏينهن لئه مان فقط روح کي سرچائي هليس.

 

 

نرگسي نيڻن مان نڪري نير ٿو،

ڪيئن نه پلڪن مان ڇڻي پوندو ڪجل.

 

ٿو رکي هڪٻئي کان ٻن دلين کي دور،

پيار ۾ دنيا جو آ ڪيڏو دخل.

 

سمجهه سک سپنو ۽ دک مهمان ڀانءِ،

خوش رهڻ جو آهه هڪ حيلو ۽ حل.

 

باغ دل جو بڻائج بي خزان،

ختم ٿي ويندو خزان جو ڪل خلل.

 

حسن وارو هٿ تنبوري تي ڏسي،

عشق جيئن مجذوب ٿي ڳائج غزل.

 

 

 

ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،

ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم.

 

1- آ ڏور هندوري جي حسينه جي هٿن ۾،

حبشڻ کي ان ۾ لاڏ مان لڏندو ڏٺو اٿم.

 

2- ڌرتيءَ جا دک پهاڙ ڏسي ٿو ڦسي پوي،

چشمو جبل جي چشم مان وهندو ڏٺواٿم.

 

3- ڪيئن نينهن نماڻو ٿو بڻائي غرور کي،

اڀ کي زمين تي لهي جهڪندو ڏٺو اٿم.

 

4- پروانو شمع تي جلي حيران ڇو ٿيان؟

وڌا کي ٿڌي باهه تي جلندو ڏٺو اٿم.

 

5- ماڻهوءَ کي جانور کان بدتر برو ڏسي،

خالق کي خلق پنهنجي تي رئندو ڏٺو اٿم،

 

6-ناتو جنم جنم جو ”فاني“ جهان سان،

جيئڻ جي سڀ کي آس ۾ مرندو ڏٺو اٿم.

 

 

دور کان ڇلڪي حسن جو جام،

دل روڪي ڪو، هڻندو هام.

 

بوند چڱي سو هوش وڃائي،

پياسو بڻجي، بي آرام.

 

ڪٿ به قرار ٻنهي لئه ڪونهي،

آهه خيال خوشيءَ جو خام.

 

وصل ۾ آهي غم وڇڙڻ جو،

صبح جا ايندي، ويندي شام.

 

سونهن جي آهي خاص خزانو،

عشق به هر هنڌ، ناهي عام.

 

شعر آ جذبو اکرن اندر،

”فاني“ فن، ناهي الهام.

 

 

 

عقلمنديءَ جو ڪهڙو عاشقي سان ڪم،

نه ڪوئي سورمن جو زندگيءَ سان ڪم.

 

قفس کي آشيانو جو سڏي تنهنجو،

صبا شبنم سان ڪهڙو تازگيءَ سان ڪم.

 

اسان تنهنجي خوشيءَ ۾ خوش گذاريون ٿا،

اسان جو ناهه پنهنجو خود خوشيءَ ۾ ڪم.

 

سڙي ٿو شمع تي پروانو اک ٻوٽي،

ڄاڻ وارن جو ڪهڙو روشنيءَ سان ڪم.

 

مان بندو تنهنجو تون مالڪ نه ٿيءُ يا ٿي،

فقط منهنجو آ تنهنجي بندگيءَ سان ڪم.

 

تون سهڻو ناهين سر جو سائين ته به منهنجو،

نه تنهنجي سونهن صورت دلڪشيءَ سان ڪم.

 

 

بي بقا

بي مزي بلبل وهائي بوند ڪا بستان ۾،

موم دل مالهي چيو ”ٿي جوش ڪهڙو جان ۾“.

 

1- بلبلي بيتاب ٿي چيو ”ڦول ويو بي سول ٿي،“

هيءِ! بهاري مان ڦري آئي خزان حفقان ۾.

 

2- مرڪندي مالهي وراڻيو ”تو فنا سمجهي بقا،“

آهه لحظي جو لقا پر ڪين آهي ڌيان ۾.

 

3- ٿيون وڇوڙي جون وڏيون وايون ڪرن ويران دل،

ڇو نه پرجهي پير پاتئه عيش دل ايوان ۾؟

 

4- نرت نيڻن جي اڳيان جو ٿي سهائي جو شغل،

غيب جو پڙدو ڪري ٿي گهٽ- گهٽان گهمسان ۾.

 

5- ڇاڻ ٿو جن مان ڇڻي سي ماڻ موتين جا هئا،

جي اول خوشحال آخر زندگي زندان ۾.

 

6- ڪين ڪنچن ٿو رهي يا ڪاچ قائم دائما،

ناسونتي ٿي نچي هر جان ۽ بي جان ۾.

 

7- کوهه مان لوٽيون ڀريون جي، نيٺ خالي سي ٿين،

ٿو گڙي گاڏو دنيا جو دم ڦري فرمان ۾.

 

8- ساز شادي جي مٿان ٿو ناز بي انداز ٿي،

موت بربادي سبب تبديل ايندي تان ۾.

 

9- بلبلي، معصوم دل ٿي مور البيلي نه رهه،

آهه هي”فاني“ جهان پوءِ ڇو اڙين ارمان ۾.

 

 

دل ۾ مان جو درد دٻائي نٿو سگهان،

پنهنجو ٿي درد توکي ٻڌائي نٿو سگهان.

 

چاهيان گهڻو ئي ٿو مان ته دنيا سان دل لڳي،

منحوس سان پر نينهن نڀائي نٿو سگهان.

 

ممڪن آ تنهنجي ياد کي ويجهو اچڻ نه ڏيان،

پر تنهنجي بي وفائي ڀلائي نٿو سگهان.

 

ڳوڙها ٿو پي وڃان ۽ چپن تي به مرڪ آ،

پر غم جا گهنج منهن تان مٽائي نٿو سگهان.

 

قطره ڪري ٿو اک مان اندر جو ٿي آئينو،

پيالي ۾ غم جو بحر سمائي نٿو سگهان.

 

 

جوش جنبش کي جواني ٿا چون،

حسن جوڀن جي نشاني ٿا چون.

 

سونهن سڪ ۽ ڇوهه ڇڪ سڀ کن پلڪ،

بي بقا هر چيز فاني ٿا چون.

 

سچ به آ افسانو پڻ افسوسناڪ،

جنهن کي ظاهر زندگاني ٿا چون.

 

هر گهڙي ڳوڙهن جي وهندڙ تار کي،

يار پاڻي جي رواني ٿا چون.

 

پيلا پن

 

هوا لڳي ته ڪري پونداسين،

ٻئي هنڌ وري وڃي وسنداسين.

 

ساهه سرءُ جي جهڙپ سڪايو،

ليٽي پيٽي پر اٿنداسين.

 

ساهه سرءُ جي جهڙپ سڪايو،

ليٽي پيٽي پر اٿنداسين.

 

اسان سڪل پن پون پرن تي،

لاڏ منجهان لڏندا ڪڏنداسين.

 

ترڪ ڪنداسين تنگ فضا کي،

ڌرتيءَ تان اُڀ ڏي اڏنداسين.

 

ساوا پن هڪڙي ئي هنڌ تي،

ڏکندا ڏوران ئي ڏسنداسين.

 

ڪئي بهار نه ڪابه وفائي،

پت- جهڙ کان نه پري ڀڄنداسين.

 

هڪ هنڌ هڪ جاءِ هڪ ئي وڻ تي،

رڪي جهڪي نه سڪي سڙنداسين.

 

”فاني“ دنيا درد ڀريءَ ڏي،

وري ورڻ جي ڪين ڪنداسين.

 

 

 

ڪٿ ديس اسان جو اصلي هو، هت ڇا لاءِ آيا آهيون اسين،

انسان آ ڇا هيءَ دنيا ڇا، اهو راز سڄڻ ڪنهن کي نه ڏسين.

 

1- هن جڳ جا نظارا ڪنهن جوڙيا، سڀ رنگ تماشا قدرت جا،

تون پنهنجي اکين سان دنيا جو، ديدار ٿو پنهنجو پاڻ پسين.

 

2- مان سمنڊ تي آهيان، ڦوٽي جيان، اونهائيءَ جو ڪيئن انت لهان،

تون منهنجو عبث ڳجهه ڳولهڻ تي، حيران ٿي هر هر ويٺو هسين.

 

3- ڪٿ ڀرين کي ويٺو ٿو ڀرين، پر خاليءَ ڏي اک ڪانه ڪرين،

ڪٿ پياسا پٽ پياسا ٿو رکين، ڪٿ بحر تي بادل ٿي ٿو وسين.

 

4- ڪن کان جي سڄڻ ٿو منهن ڦيرين، سي چوٽ تي چاڙهي ٿو ڪيرين،

ڪن کي ٿو هڻين ڪنکي ٿو کڻين، ڪنکي ٿو ڏئين ڪنکان ٿو کسين.

 

5- تو رانديڪن جو کيل رچيو، ڪوئي ٺاهه ڊاهه کان ڪونه بچيو،

ڪٿ ڌرتيءَ تي سجدو ٿو ڪرين، اڀمان ڪٿ اڀ سان ٿو گسين.

 

6- ڪٿ سوالي ڪٿ سردار ٿئين، ڪٿ شاهه گدا نادار ٿئين.

ڪنهن کي ٿو غمن جا بار ڏئين، ڪٿ فڪر ۾ ”فاني“ وٽ ٿو رسين.

 

 

اگر جيئڻ جي آ توکي خواهش، ٻين تان تن من نثار ڪر تون،

وڃائي هستي کي تخم وانگيان، جهان کي رشڪ بهار ڪر تون.

 

ملي جو توکان مثالِ درياه، لٽاءِ محتاج بيڪسن ۾،

مگر ملڻ جو نه دل ۾ هرگز، سخا ڪري انتظار ڪر تون.

 

خودي ۾ نقصان آ سراسر مگر، نه خودداري ڇڏ خفي ٿي،

نهار مالڪ ڏي پوءِ پهريائين، پنهنجي ٻيڙي کي پار ڪر تون.

 

وڇايو مايا آ دام پنهنجو، جو ڦاٿو تنهن جي رهائي مشڪل،

مگر ڪوئي جيان ڦاسي به، طلسم جي ڄار کي تار تار ڪر تون.

 

”ڍرو ٿي دنيا مان درد“ چاهين، ته صورتِ درد ٿي سراپا،

ڪنهنجي آڱر ۾ ڇيت اٽڪي، ته پنهنجو سينو فگار ڪر تون.

 

جهان ۾ بلبل جيان رهه نه خورسند، رڳو بهاري جي خوبرو ٿي،

خزان ۾ پڻ خوش گذاري گلشن کي، سربسر لاله زار ڪر تون.

 

سداسين سالڪ لئه رهج سڪندو، جيئن ٿي ساگر ۾ سپ گذاري،

پي بوند بس بندگي جي تن من کي، گوهر آبدار ڪر تون.

 

نه رڱ جياپي جو جامو لاغرض ٿي، ڪچائيءَ جي ڪوڙي رنگ سان،

لباس هستي لڄائي دنيا ۾، ڪين دل داغدار ڪر تون.

 

ستم سهي صبر سان اي ”فاني“! جهان ۾ کلمک گذار هردم،

مگر ٿي بزدل وڃائي هستي، نه ڪرم کان ڪو ڪنار ڪر تون.

 

 

منهنجي غربت کي سدا زردار هر کائي ڏٺو،

پنهنجي هٿ اڳيان ڪڏهن مان هٿ نه ڦهلائي ڏٺو

 

مان سوين همراهه ۽ همدرد هر هنڌ ٿي ڏٺا

پر نه مان ڳوڙهن اگهڻ لئه ڪنهن ڏي واجهائي ڏٺو.

 

محل تنهنجي جا  ڦڪا ٿيا روشني جا چار چنڊ،

مان جڏهن اوندهه کي انڌيري ۾ چمڪائي ڏٺو.

 

بي وفا جڳ کان ڀڳس  ور ڪري وچ سير ۾،

مون کي لهرن سَوَ دفعا ساحل تي اڇلائي ڏٺو.

 

ڪير چوندو ڪنهن کي مئخاني ۾ ويهي گهنگار؟

جام ساقي پهريون زاهد کي پيارائي ڏٺو.

 

پنهنجي صورت کي سڃاڻي ڪيئن چوان ”فاني“ فنا!

مان هتي هر هر اچي آ روپ بدلائي ڏٺو.

 

 

 

 

اوکي گهڙي ۾ پنهنجي پيارن کي ڇڏي ڏنو،

دلدار دوستن ۽ دلارن ڇڏي ڏنو.

 

1- هر جاءِ سچ جي هار ڏسي ڪوڙ ڪامياب،

سچ آ ته سچ چوڻ ئي سچارن ڇڏي ڏنو.

 

2- طوفان جي گهيري کان پرينءَ ڀر ٿي ڀڳين پر،

ڪشتي کي ويجهو ڏسندي ڪنارن ڇڏي ڏنو.

 

3- خمارن جو ڏسي زور گلن چپ ۾ گذاريو.

گلشن ۾ اچڻ کان ئي بهارن ڇڏي ڏنو.

 

4- دلڪش حسين ديد کي دلدار لک هئا،

نظرن ۾ گهڙيو ڌنڌ نظارن ڇڏي ڏنو.

 

5- دکين جا نيڻ روز شب ٽمندا ڏسي ڏسي،

ڌرتيءَ تي وسڻ ميگهه ملهارن ڇڏي ڏنو.

 

6- ”فاني“ ڇڏي ڏي تون به سهارن جو سهارو،

سنسار جي توکي جي سهارن ڇڏي ڏنو.

 

 

رات کانپوءِ رات ڪٿ ايندي نه آهه،

مون مٿان پر غم تي غم ايندو ويو.

 

دور کان ويجهو ڏٺم ويجهو عزيز،

جئن ويس ويجهو پري ٿيندو ويو.

 

قافلو منهنجو لٽيو اهڙي طرح،

جو ڏسي رهزن به روئيندو ويو.

 

آهه اکين کي به ٻولڻ جي زبان،

ڪو نظر سان حال اوريندو ويو.

 

پاڻ بادل صاف ٿيو ڪارنهن ڪڍي،

داغ ڌرتيءَ جا به ڌوئيندو ويو.

 

ڪو وساريل گيت ڳائي سوز مان،

دل کي چوريندو ۽ جهوريندو ويو.

 

ڪنهن ڏٺو مون ڏي نه جهوليءَ ڏي ڏٺو،

جنهن ڏيڻ چاهيو سو ڏيندو ويو.

 

 

 

تن کان زياده من جو بوجو ڳرو ٿئي ٿو،

تن ۽ من جو زور نه ڪٿ هڪ ڪرو ٿئي ٿو.

 

ڳوڙها منهنجا وهڻ ڏيو رومال هٽايو،

من روئيندو تن جو بار به ڍرو ٿئي ٿو.

 

درد اچي ڪو دل سان ناتو گهرو لاتو،

دل روئي ٿي درد جڏهن پرڀرو ٿئي ٿو.

 

هوش حوس وڃائي بڻيو دل جو مالڪ،

جڳ جنهن تي بانور نه ڪري بانورو ٿئي ٿو..

 

درد هزارين هڪ دل ۾ پر هڪ به نه ڄاڻي،

دل درياهه جو شايد ڪوبه نه ترو ٿئي ٿو.

 

پير ارادي جا ڇلجي منزل ڏي وڌندا،

تن هاري پر من جو زيان نه ذرو ٿئي ٿو.

 

من جي اوندهه تن جون جوتيون تڙي ڪڍي ٿي،

من جي وس ۾ هر کوٽو ڪم کرو ٿئي ٿو.

 

 

نرم نفيس نزاڪت واري ململ کي مخمل ڪيئن سڏبو،

اوجل جل نرمل ندين جو پوتر گنگا جل ڪيئن سڏبو.

 

محل مڪان منارا مرقد تنکي تاج محل ڪيئن سڏبو،

دم دلبر سان عمر برابر پريم جو هڪ پل، پل ڪيئن سڏبو.

 

دور سفر تي محب مسافر اکين کان اوجهل ڪيئن سڏبو،

انسانن جي بستيءَ کي حيوانن جو جهنگل ڪيئن سڏبو.

 

جنهن جاتيءَ ۾ ايڪي جو ٻل ان ٻل کي نرٻل ڪيئن سڏبو،

ڪشتي ڳرڪائيندڙ ڪن کي ساحل يا منزل ڪيئن سڏبو.

 

 

 

جڏهن منهنجي هٿ ۾ رباب آيو،

برهه جو تري دل تي باب آيو.

 

جڏهن ناز مان مهه - لقا نهاريو،

وري موٽي مون وٽ شباب آيو.

 

جو ڀل کان نه ڀلجي ڪڏهن به انجي،

نه ڪا ياد آئي نه خواب آيو.

 

گناهن ڏسڻ جو گناهه مون ڪيو،

انهيءَ عيب اوڏو عذاب آيو.

 

ڏسي خوبصورت جي صاف صورت،

چندرما تي لڄ جو نقاب آيو.

 

هنيو بحر ۾ مون جو غيبي غوطو،

فقط هڪ ئي هٿ ۾ حباب آيو.

 

 

تجربو

 

دنيا ۾ مون نه ڏکن ۾ ڪوئي غمخوار ڏٺو،

عجب مون دوستي جو ظاهر اسرار ڏٺو.

 

1- پري ٿي پاڇو مصيب جي اونداهي ۾ الڳ،

جو هو ساٿي سو مون سورن ۾ ڀڄڻ هار ڏٺو.

 

2- ڏسي سرءُ جي مصيبت وڻن کان پن ٿيا جدا،

غمن جي وقت ۾ مون ڪونه غمگسار ڏٺو.

 

3- ڊڄن ٿا دل گهريا پاسي ۾ ويهارڻ کان پرين،

سکن ۾ پيار، دکن ۾ مون اڄ ڌڪار ڏٺو.

 

4- ناهي يارن ۾ ڪا ياري نه عزيزن ۾ اڪير،

دوکيبازي سان ڀريل سارو مون سنسار ڏٺو.

 

5- چپن ۾ مرڪ اندر ۾ ٻٽيهه ڪاتيون رکن،

کنوڻ تي هرکجي مون ڪين ڪارونڀار ڏٺو.

 

6- ويو مرجهائجي گل ۽ ڇڏيو بلبل به چمن،

ٻن ڏينهن جو مون عجب باغ ۾ وهنوار ڏٺو.

 

7- درمند، سور سمجهايل ٿي دنيا کان فارغ،

جگر جي ضعف کان روئندو مون زار زار ڏٺو.

 

8- ڪهڙا آلاپ ٿي دردي ڪڍي سيني مان ستار،

پر نه مون اهڙي ڪو  واڄي جو خردار ڏٺو.

 

9- ٿي خوشي صبح جو بهاري لئه باوفائي ڏسي،

جو مون ڪنڊن کي هنجن جو هٿن ۾ هار ڏٺو.

 

10- ڀريي سنسار ۾ ”فاني“ تون سدا خالي رهئين،

تون جو ننڍڙي کان ئي ڳڻتين جو سر تي بار ڏٺو.

 

 

مون کي پنهنجي دل تي خود وشواس ناهه،

تو ۾ ڪا واعدي وفا جي آس ناهه.

 

ڀل جدائيءَ ۾ رهان جڳ کان جدا،

مان ملڻ جي ڪابه باسي باس ناهه.

 

وڻ مثل آهيان ڪناري تي اڀو،

پر نديءَ تان مان مٽائي پياس ناهه.

 

جي جيارين مون کي عزت سان جيار،

داس ٿي جيئان اها ارداس ناهه.

 

 

هوش رهبر جو ڇا رلي ويو آه،

پنهنجي گهر جوئي در ڀلي ويو آه.

 

سڀ ڪوئي سچ کي ويٺو ڪوڙ سڏي،

ڪوڙ ايڏو هلي هلي ويو آه.

 

ڪنهنجي درياه دل جو بند ڀڳو،

نير  بيوه جو يا ڇلي ويو آه.

 

خون مفلس جي جگر جو پي پي،

شوق ڪيڏو ڦلي ڦلي ويو آه.

 

او گنهگارو عام خاص اچو!!

سرڳ سڀني جي لئه کلي ويو آه.

 

ڪوهنر هن کان ڀلائڻ جوسکي،

جو نه ڀلندي مون کي ڀلي ويو آه.

 

 

 

 

 

تنهنجي رخ تي غم جي ريکا منهنجي چت کي چور ڪري،

ويهه جهريل جيءَ جي سامهون تون منهن مايوس نه مور ڪري.

 

تنهنجي هڪ ڳوڙهي تان وهندو منهنجي ڳوڙهن جو درياهه.

خوشين کان خالي دل کي  هڪ مشڪ سان ڇڏ ڀرپور ڪري.

 

منهنجي هردي کي ڇو مالڪ ناحق نرم بڻايو آهه،

سور ستائي ٻئي جو جي مان دور نه سگهندس سور ڪري.

 

تنهنجي غم جي رات مٿان مان چاهيان تولئه چنڊ ٿيان،

پر پرواز کان پڃري جي سين ماريو مجبور ڪري.

 

مان ٿو مان ۾ موج ڏسان ۽ منهنجو تون سان ڇا مطلب،

هر ڪنهن کي پنهنجو هت پيارو ڇو ٻئي جو دک دور ڪري.

 

راز جيئڻ جو ڪيئن چئجي هي شوق پيئڻ جو ڪيئن چئجي،

پياسو پاسي ۾ نه ڏسي مان پاڻ ڇڏيان مخمور ڪري.

 

 

ڇا لئه پري کان مون کي ٿو آواز پيار ڏي،

فرصت نه فڪر کان ٿو جڏهن روزگار ڏي.

 

هن شام جي ڪا صبح وري ٿئي يا ڪانه ٿئي،

توفيق شال مون کي ايڏي انتظار ڏي.

 

منهنجي پڪار کان اڳي دل جي صدا سڻي،

اهڙو ڪوئي دلدار يار غمگسار ڏي.

 

دنيا جو درد پنهنجي مان سيني ۾ سمايان،

اهڙي وشال دل جي اندر دلفگار ڏي.

 

مندر جي هندورن ۾ لڏي پاپ ٿو پلجي!

مالڪ نه مون کي اهڙو انڌو اعتبار ڏي.

 

 

خالي خزان جي خوف ۽ جهولي جي جهڙپ کان،

اهڙي ڪا بقادار چمن ۾ بهار ڏي.

 

”فاني“ نه بيقرار دل کي ڪر قرار لاءِ،

دنيا نه بيقرار دل کي ٿي قراري ڏي.

 

ڏني جان جن هئي وطن واسطي،

رلي لاش تن جو ڪفن واسطي.

 

تڪن فرش جا عيب سج چنڊ تارا،

نگهبان نه ڪو آ گگن واسطي.

 

مٽائي سگهي ڪير ڪنڊن جي هستي،

غضب آ نماڻن گلن واسطي.

 

خزان ۾ به تن جي نه خوشبو وڃي ٿي،

ٽڙڻ جي ٿا چاهن چمن واسطي.

 

غريبن جون آهون ۽ دُکين جون دانهون،

اميرن جي آهن جشن واسطي.

 

ڪروڙن ۾ ڪو شخص ملندو ڪٿي،

جيئي جو خوشيءَ سان غمن واسطي.

 

 

 

 

 

 

ڇو ڇڏيندي سرءُ ڪنهن گُل کي بچائي،

پنهنجي ڪوشش نا مڪمل ڇو بڻائي.

 

ڪوئي اجڙيل شاخ کي سائي ڪرڻ لئه،

خون جي جان جو ويٺو کپائي.

 

ڪو جبل جي چوٽ تي ان لئه چڙهي ٿو،

ڍنڍ جي پٿرن سان جيئن شانتي ڦٽائي.

 

بادلو وسندا رهو منهنجي ئي وڻ تي،

باغ ڀل ٻيو سرءُ سڀ ساڙي سڪائي.

 

نااميدي ۾ به ڪوئي ٻار وانگر،

ڪاغذي ٻيڙيون ٿو نالي ۾ وهائي.

 

دل گرم ڳوها گرم اکيون گرم،

باهه کي ڪيئن باهه سگهندي آ وسائي،

 

سور اسري آهه اڀري دانهن نڪري،

درد ڪو دل ۾ سگهي ڪيسين دٻائي.

 

 

جيوت مان شل چاهه نه نڪري،

درد جي دل مان آهه نه نڪري.

 

دک جا مک مان ڳڻ پيو ڳايان،

سک جي ڪا ساراهه نه نڪري.

 

شوق عجب منزل ماڻڻ جو،

راهه ڪٿي گمراهه نه نڪري.

 

مرڻ کانپوءِ به محب وطن لئه،

دل مان اڪير اٿاهه نه نڪري.

 

موت اڳيان هر دل قطره جيان،

ڪائي دل درياهه نه نڪري.

عجب ٽجوڙي سيٺين جي مان،

پڃ ئي پڃ گناهه نه نڪري.

 

علم جو باغ بيابان بڻجي،

شال سهائي سياهه نه نڪري.

 

 

 

سڀ کي پنهنجو پنهنجو سوارٿ، ڪوئي ڪنهن جو همدم ناهي،

منهنجي غم سان منهنجو ئي ڪم، تنهنجو تنهن سان ڪو ڪم ناهي.

 

تون چاهين تنهنجي مرضيءَ تي، هلندي سڀ قربان ڪريان،

تو وٽ جهڪندي سرڳ ملي، سو جيئري ڇا جهنم ناهي!

 

ڪا فولادي اک هوندي، جا تڪليفن کان تر نه هجي،

جيوت اڄ  انسان مٿان، ڄڻ  شعلو آهي شبنم ناهي.

 

منهنجي منهن جي مرڪ پٺيان، ڪي لڙڪ لڪل ٿو ڪيئن ڏسين.

ساز جي مڌر سنگيت پٺيان، ڪجهه سوز به آ سرگم ناهي.

 

 

 

منهنجي ڪنهن سان ڪا دوستي ناهي،

پريت جي ريت ڪٿ رهي ناهي.

 

گهور اوندهه کان شعاءُ ٿو ڇرڪي،

شمع روشن آ روشني ناهي.

 

حسن کي داغ لڳي ڀل ته لڳي!

سرفروشي آ عاشقي ناهي.

 

سڀڪوئي کل ٿو ڏيک واري کلي،

دل جي غمخاني ۾ خوشي ناهي.

 

اوکي اکرن ۾ ٿا امنگ لڪن،

شعر سازي آ شاعري ناهي.

 

جو پيئڻ بعد گهر جو در نه لهي،

خودڪشي آهه مئه ڪشي ناهي.

 

هاڻي هڻ- کڻ آ مثل ”فاني“ جهان،

زندگي جي ڪا خاطري ناهي.

 

 

ساز دل جو نه جو سوز ڄاڻي،

ڇو ٿو تارون تنبوري جون تاڻي.

 

آهه مکڙيءَ مٿان ماڪ ڳوڙها،

ڪئن خوشيءَ ۾ خوشي ڪوئي ماڻي،

 

ڪالهه هٿ کي ڏيئي هٿ هليو ٿي،

اڄ نٿو هٿ کي سو هٿ سڃاڻي.

 

حسن بي ترس جي بيرخيءَ تي،

عشق اکين ۾ ٿو اشڪ آڻي.

”فاني“ دنيا ۾ ڪا شي نه قائم،

جيڪي اڄ آ نه هوندو سڀاڻي.

 

 

 

ڏينهن جي روشني ڦڪي آهي،

روشني ڌنڌ کان ڌڪي آهي.

 

آهي جت انڌ ڌنڌ جو واسو،

امن جي جوت ات جهڪي آهي.

 

سڀ جي هٿ ۾ پيو پٿر ڏسجي،

ڪٿ شرافت وڃي لڪي آهي.

 

اصل آ ڪاهين کان مايا ڀڄي،

تنگدلن وٽ، وڃي ٽڪي آهي.

 

اک مان ڳوڙهو ڇو اچانڪ نڪتو،

ڪائي دل دل جي لئه سڪي آهي.

 

فن ٿو وڪڻي جو فقط ڌن خاطر،

ڄڻ انهي آتما وڪي آهي.

 

 

آيا مينهن ۽ آنڌيون ڪيئي،

ڀري نه ڀاڱي جي ڀت پيئي.

 

دم به نه جن کان ڌار ٿيو هو،

ورهين جي وٿ پئجي ويئي.

 

ڀنور ڀڻي آڪاس اجايو،

آهه ڪنول جي پاڙ اتي ئي.

 

ڀل ته ڪلهي ۾ پاءِ ڪينرو،

ڏياچ ڪٿي سگهندو سر ڏيئي.

 

اوچي اڀ جي لاغرضيءَ کان،

ڌرتيءَ کي ٿيا گهاو گهڻيئي.

 

پنهنجي توڙ نڀائي هلجي،

ڇا وٺبو ڏوراپو ڏيئي.

 

 

هر صبح ساڻ سفر ۾ ٿي اچي شام ملي،

هر خوشي کي هلي حصي ۾ ٿو ماتام ملي.

 

سختيون ڪيئي ستم سور سوين صدما سهي،

زندگي توکي اجل جو عجب انعام ملي.

 

نه اچڻ پنهنجي آ واس ۾ نه وڃڻ پنهنجي وس،

پنهنجي مرضيءَ سان اچ وڃ کان ٿو آرام ملي.

 

ڪي ٿا مستيءَ ۾ ٿي مخمور حياتي گهارين،

ڪنهن کي خالي ڇو ٿو ساقيءَ جي هٿان جام ملي.

 

گل چمن مان ٿو وٺي واس وڃي واس ڇڏي،

ڇو خزان کي ٿو اجايو اهو الزام ملي.

 

 

 

 

 

 

زندگي اڄ اداس ٿي ڏسجي،

موت جي آس پاس ٿي ڏسجي.

 

سڀڪوئي تنگ آ حياتي مان،

آس کان دل نراس ٿي ڏسجي.

 

منهن تي چمڪي ٿو چنڊ چوڏس جو،

پر ڇو اندر اماس ٿي ڏسجي.

 

آدمي جانور کان بدتر ٿيو،

ڪانه ڪنهن کي شناس ٿي ڏسجي.

 

زندگي ڪشمڪش جي ڇايا ۾،

بي اجهي بي لباس ٿي ڏسجي.

 

درد ايڏو آ پي ڇڏيو دل کي،

دل ڀڳل بي حواس ٿي ڏسجي.

 

تشنه لب آهه سمنڊ ۾ به سپي،

زندگي پياس پياس ٿي ڏسجي.

 

خار ”فاني“ ٿا چڀن ان دل کي،

جنهن کي ها گل جي آس ٿي ڏسجي.

 

 

زندگي بحر بي ڪنار آهي،

آب تانگهو به جتي تار آهي.

 

ٻاهران منهن ته سڀ جو ٿو ٻهڪي،

ڪنهن جو دامن نه داغدار آهي.

 

ڪهڙي اوندهه پٺيان اجالو ناهه،

هر خزان پوئتان بهار آهي.

 

جي خوشي آهه سج جي پاڇي جيان،

غم به آڪاس تي غبار آهي.

 

فرق ڪيڏو آ مگر هڪ ٻئي ۾،

سک آ مرهم ته دک ترار آهي.

 

آهه جيوت ۾ دک ۽ سک مليل،

مئه ۾ تلخي سان گڏ خمار آهي.

 

”فاني“ جيئين ٿو بي بقا جڳ ۾،

تون فنا جڳ ته بقادار آهي.

 

 

منهنجي جيوت دک ۾ گذري،

سڀ دک نيٺ وڃن ٿا وسري.

 

پر ويسر جي ليڪ لتاڙي،

ڪي دک درد اچن ٿا اُڀري.

 

ٻالڪپڻ جوڀن جا واقعا،

پور-  پرن تي آيا اُڏري.

 

هيڏي دنيا ۾ منهنجي لئه،

ڪانه ٽڪڻ لئه آهي ٽُڪري.

 

هر دم منهنجي غم جي کيتي،

اکين جي آنسن تي اُسري.

 

ڏيئي جي ڏڪندڙ وٽ وانگر،

لاٽ وساڻي وري نه سڌري.

 

هير ڏکڻ جي هاڻ هٽائڻ،

”فاني“ ناهه سڻائي سُٿري.

 

 

محبوب نئين رمز رٿيندو ٿو وڃي،

آئينو ٽوڙي هو ٽڪرن کي ڳنڍيندو ٿو وڃي.

 

خود نمائيءَ کي خودي سمجهي خدا دور ڌڪيو،

محب مغرور مگر حسن تي ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڇو ٿو ظاهر ٿي لڪي ۽ لڪي ظاهر ٿو ٿئي،

هو مثل حور جي پردي مان تڪيندو ٿو وڃي.

 

ناز جي ايڏي نشي ۾ ٿي رهي ساقي ٻڏل!

ڪنهن کي مئه جام تي ڪو پياس تي پيئندو ٿو وڃي.

 

محب گل تان هيا خوشبو صبا شنبم به فدا،

اجھ اهو خار ئي گلشن کي ڏنگيندو ٿو وڃي.

 

شمعٿ مندر جي کڻي شماع ٿو مسجد کي ڏئي،

قومي اتحاد جا ڏس، ڏس ته ڇا ڏيندو ٿو وڃي.

 

داغ ڏسندي ئي پٽل زخم ٿو جھڻ اکلي پوي،

گيت ڳائيندي وطن جا ڪو وڍيندو ٿو وڃي.

 

دل ته هڪ آه مگر غم به ته هڪ هڪ ٿي اچي،

سور سورن پٺيان جھڻ قافلوا يندو ٿو وڃي.

 

جت سجھي رات سڙي رک ٿيا شمع پروانا،

هر صبح رک اها مستڪ تي مکيندو ٿووڃي.

 

 

 

دل کي ڇا ٿي ويو آ ڇا چئجي،

زندگي نبض جي صدا چئجي.

 

رنگ گل کان ڀڄي پري ٿي ويو،

نغمه بلبل کان ڄڻ جدا چئجي.

 

هڪڙي گل جا سوين ئي شيدائي،

ڪنهن سان ڪنهن سان سندس وفا چئجي.

 

مان جفا ۾ ٿو ڏسان تنهنجي وفا،

تنهنجي ڪائي جفا، جفا چئجي!

 

رات جو روڄ صبح سان آهون،

هن حياتيءَ کي بي حيا چئجي.

 

ڪائي کن پل ته آءُ ويجهو ويهه،

هڪ گهڙيءَ لئه گهڻا دفعا چئجي.

 

سچ به سچ ڪونه ملي ڪٿ ”فاني“

ڪوڙ کان ڪوڙي ٿي دنيا چئجي.

 

سڀ جو آهه نصيب نرالو،

هرهڪ ناري ناز نه بڻبي.

 

سڀڪا ناري پريتم پياري،

ماهه لقا ممتاز نه بڻبي.

 

ڪابه نظر مغرور مجازي،

ناز ڇڏي نياز نه بڻبي.

 

تار جي ڪٿ تقدير کلي ٿي،

سڀ ڪا سرندو ساز نه بڻبي.

 

حسن جڏهن آغوش ۾ ايندو،

عشق جي رات دراز نه بڻبي.

 

شوق شغل جنهنجي به شاعري،

غرض جو ڪو آواز نه بڻبي.

 

آهه اڏام ڪلپنا جي سڀ،

جهرڪي پر شهباز نه بڻبي.

 

”فاني“ عقل اندر عاجز دل،

عشق جيان اعجاز نه بڻبي.

 

جدائيءَ ڇڏيو تير اهڙو چڀائي،

نه چوري سگهان سر، نه پاسو ورائي.

 

اکين کي ئي سچ آهه لقمي جي لالچ،

تڏهن ”وات کائي ته اک ٿي لڄائي“!

 

اجايو ٿو پٿر هڻين بانولي کي،

وٺي واٽ پنهنجي ها هو بڙ بڙائي!

 

نه واقف هو هُو حسن کان، عشق کان مان،

پئي جھاڻ جئن، ويو مزو موڪلائي!

 

سندس اصل کان بي نيازيءَ جي عادت،

ڌڻي! منهنجي غيرت کي ٿيو ڇا الائي!

 

اٿن ٿيون وري دل مان ڇو سيسراٽيون،

لنوي اک ڇڏيو ڪجهه آ دل کي ٻڌائي!

 

پتنگ ڇا ڏسي شمع ڀڙڪي نه اُٿندو،

مگر روڄ ڀاري ڪيس پر ڀڄائي!

 

پيئڻ آهه بدڪار، بدڪار سو آ،

پيئڻ بعد پڇتاءُ جو ٿو پرائي!

 

ٿيو خار آ خوار، ”فاني“ جڳت ۾،

مگر گهاءُ گهرو ته گُل ٿو رسائي!

 

 

حفاطت سان سدا ناتو رفاقت جو رکڻ گهرجي،

محبت جو نه اوکو پيچرو ڇرڪي ڇڏڻ گهرجي.

 

اکين جي آب سان سرسبز ڪر گلشن اميدن جو،

مگر مالهي نه باغيچو پريشان ٿي پٽڻ گهرجي.

 

رندو هڻ قلب کي سمجهي ڪندو رهه ڪار ڪاريگر،

محبت جي عمارت لئه نه بي ڊولو ڊکڻ گهرجي.

 

دکي ٿي درد جون دانهون ڪڍين ڇو سرد آهن سان،

برهه جي باهه بزدل ٿي نه ٻي ڪنهن سان بڪڻ گهرجي.

 

ڍلي ٿي نبض تنهنجي سوز ساڙي کان ته ڇا ٿي پيو؟

انهن جذبن ۽ جوشن کان جگر جيرو جلڻ گهرجي.

 

نه وڃ رت ۾ رڱي هٿڙا کلي دلدار هيئن چوندو:

”هٿن تي ڇا! اها ميندي سدا منهن تي ملڻ گهرجي.“

 

جدائيءَ ۾ خدائي راز آ ميلاپ جو مخفي،

صبر سان ڇو نه تنهن لئه سور ۽ سختي سهڻ گهرجي.

 

محبت جو مٿيون تهه آ زهري پر اندر مصري،

ڳهڻ سک، پر نه اهڙي ٽول کان هرگز ٽهڻ گهرجي.

 

ڪڪر ڪاري مثل غم کان ڀلي ٿي شڪل اونداهي،

مگر تنهنجي اکين مان عشق جي بجلي بکڻ گهرجي.

 

 

 

ملڻ دلدار جو ديدار ٿيو دُشوار آهي گر،

تصور يار ۾ تصوير طالب کي تڪڻ گهرجي.

 

رڳن جي تار تي ”فاني“ لڪي چئه راڳ الفت جو،

اندر ۾ ساز سورن جو بنا واڄي وجھڻ گهرجي.

 

 

 

جڏهن پوش کهنبي جو پائي جواني،

اڇي تي ٿي لالاڻ لائي جواني.

 

رهي رند رونشن جا واريءَ تان ڊاهي،

رتل راند آئي ڦٽائي جواني.

 

وڃائي فرشتن جي وهه واهه آئي،

ڪرڻ آهه ۽ هائي هائي جواني.

 

جڏهن تير ترڪش مان جذبن جو نڪتو،

سگهي ڪين واپس ورائي جواني.

 

محبت تمنا کان دل بيخبر هئي،

ڇڏيو ڀوت ليڪن بڇائي جواني.

 

رهي دور ۾ زر زمين زن جي طالب،

زماني کي ٿي آزمائي جواني.

 

زمانو تيئن پنهنجو رخ ٿو مٽائي،

جيئن پنهنجو رخ ٿي مٽائي جواني.

 

اچي چڻنگ چيٽڪ جي چولي سان چنبڙي،

ڇڏي باهه ڀنڀٽ بڻائي جواني.

 

جگر سوز سودا ۾ ڳاري پگهاري،

ڇڏي خون پنهنجو کپائي جواني.

 

 

 

 

سڄو جام ئي ڇلڪُين ۾ وهي ويو،

نه ٿي بوند باقي بچائي جواني.

 

بنا قيد زنجير دلبرجي در تي،

عجب پابندي سر سهائي جواني.

 

پروڙي ٿي اکين منجهان راز مخفي،

سڌيون اڻ سڻيون ٿي سڻائي جواني.

 

رهي ڪين دولت جي لٽجڻ جو خطرو،

جي هڪوار دل کي لٽائي جواني.

 

ڪٿي پاڻ اکين منجهان اشڪ اوتي،

ڪٿي گهوٽ گهرن سان گهائي جواني.

 

کپائي جتي نيڻ نرگس نشيلا،

ڇڏي سا جڳهه ٿي جلائي جواني.

 

پهاڙن جي چوٽين تي چڙهندي نه ڇرڪي،

مصيبت ۾ ٿي مسڪرائي جواني.

 

اُکيلي ڇڏي ظلم جي بيخ اک سان،

شرافت اڳيان سر جهڪائي جواني.

 

شروع کان شروع ٿي دوائن جي حاجت،

ٿي ڪُشتن تي طاقت لڳائي جواني.

 

جواني ٿي جوڀن کي ڳولي ڀتين تي،

جواني ڇڏي ٿي وڃائي جواني.

 

ڀلي آهه پيريءَ جي پورهئي پگهر ٿي،

ڇڏي سي ڀلايون ڀلائي جواني.

ڀلي ناز هستي سان هلجي جڳت ۾،

جي ڪنهن ساڻ ناتو نڀائي جواني.

 

هي سورج جو اڀريو لهڻ لاءِ لاشڪ،

نصيحت جي دل سان هنڊائي جواني.

 

هي درياهه وهندو روڪڻ سان رڪبو،

ڀلي موج سان وهه وڃائي جواني.

 

جواني ۾ ”فاني“ نه پيري پڇي ها،

مگر ٿڪ ٿڪن جو ٿڪائي جواني.

 

 

 

هئه هميشه لئه اڪيلو، ٿو ڪري، ڪيڏانهن وڃي؟

درد جي قهري ته دڄا دل تي ڌري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

1- تون هئين سنسار جي چشمي مٿان ڪومل ڪنول،

گپت مکڙي کي گنوائي گم ڪري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

2- ڇا قيامت کان اڳي پلٽو نه قسمت کائيندي!

لهس کان اي لال لنو لنو ڳري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

3- ڪين ڄاتم تان مسافر ٿي رهين خاني اندر،

باهه دل ۾ درد جي توريءَ ٻري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

4- تون هئين تان مون اڳيان ساري دنيا روشن رهي،

هاڻ ٿو اوندهه ڪري مون کان پري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

5- واءِ قسمت! ڪير قهري، آنڊ جي اوڏو ٿيو؟

روڄ راڙي ۾ اندر ڇاتي ڏري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

6- گهر ڏسان يا بر ڏسان تو لئه وسوڙا ٿيا وڳا،

تو بنا منهنجا ملائڪ نا سري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

7- گود جا گوهر مڻيا اي هنج جا تون گنج دل،

هاڻ منهنجي حسرتن سان دل ڀري، ڪيڏانهن وڃي؟

 

8- ٿيو مٺا منهنجي مٿان ڪو واءُ ڪوسي جو اثر،

سوز ۾ سرتاج ٿو سينو سڙي، ڪيڏانهن وڃي؟

 

9- نيٺ توسان مان ملان ۽ هي ڇڏيان ”فاني“ جهان،

پل نه ٿيندس پوءِ پرين توکان پري، ڪيڏانهن وڃي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org