سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :2

 

فاني آ غير فاني

 

سائين کيئلداس”فاني“ وليرام بيگواڻي، تاريخ چوٿين اپريل 1914ع ۾ سنڌ ڌرتي جي لاثاني ڳوٺ”مياڻ جي ڳوٺ“ تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو. ”ميان جو ڳوٺ“ شڪارپور جي اوڀر اتر طرف(همايون کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي) آهي. سنڌ جو مشهور ادبي رسالو”سنڌو“ 1932ع ۾ پهريان شڪارپور مان جاري ٿيو، ۽ پوءِ آڪٽوبر 1935ع کان جون 1939ع تائين ۽ 1943ع کان ڊسمبر 1946ع تائين ميان جي ڳوٺ مان پڌرو ٿيو.”سنڌو“ رسالي جو ايڊيٽر مسٽر بولچند وسومل راجپال به اصل ”ميان جي ڳوٺ“ جو رهاڪو هو. ميان جي ڳوٺ جو ماحول به شڪارپور جي علمي ماحول وانگر هو. گويا ائين کڻي چئجي ته”ميان جو ڳوٺ“ ڄڻ شڪارپور جو ورش (ڌرتي ۽ ٽڪر) آهي. ميان جو ڳوٺ جا ٻيا عالم - اديب ۽ شاعر هئا، سائين ڪريم بخش ٽانوري، لڇمڻ راجپال، پرڀداس، وسومل راجپال ۽ محمد عظيم سميجو. اهڙي  علمي- ادبي ڳوٺ جي ماحول ۾ سائين کيئلداس”فاني“ ڄائو – نپنيو. ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سائين ڪريم بخش ٽانوريءَ کان حاصل ڪيائين. جنهن لاءِ پاڻ هڪ خط ۾ لکيو اٿائين ته:”استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جهڙو معلم ۽ منتظم، بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون سان ٻيو ڪونه مليو.“ ”فاني“ صاحب ننڍپڻ کان ئي اهڙن قابل استادن جي صحبت ۾ رهيو، جن جي اثر ۽ رنگ ۾ رنڱجي ويو.

ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مزيد تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ لڳو. تعليم دوران سن 1929ع ڌاري  آغا غلام نبي”صوفي“ جي صحبت ۾ شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. ان وقت هو شڪارپور ۾ ٿيندڙ طرحي يا غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو ڪلام پيش ڪندو هو. ان وقت شڪارپور ۾ تمام گهڻا مشاعرا ٿيندا هئا. ڪيترن مشاعرن جي صدارت ته ڪوي ڪشنچند ”بيوس“ ڪئي هئي. بيوس جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي نه سگهندو ته پنهنجو شعر ڏياري  موڪليندو هو. ان دور ۾ مشاعرن ۾ شڪارپور مان آغا غلام نبي”صوفي“ فقير غلام علي”مسرور“، لطيف الله ”جوڳي“، ساز علي”ساز“، کيئلداس ”فاني“ ۽ هولا رام”پورن“ ۽  ٻاهران غلام علي”جعفري“، نواز علي”نياز“، محمود ”خادم“، ماستر قادر بخش ”بشير“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا. سائين”فاني“ صاحب جي ان وقت جي هڪ مشاعري ۾ پيش ڪيل غزل مان چند سٽون هت ڏجن ٿيون:

 

ٻاهر ڪڍون نه ٻاڦ سراپا ڳنڀير هون،

رکندا سدائين دوست لئه دل ۾ اڪير هون،

دولت کي لت هڻي اسان الفت کي چميوسي،

هئاسون امير هاڻي گداگر فقير هون.

ڪي سال بري حال محبت ۾ ٿيا گذشت،

آهيون ڪبير راهه - عشق ۾ صغير هون.

دعويٰ جي ڪئي دوست ته ڌاريا ڇو وچ پون،

پاڻهي جوابدار ۽ پاڻهي مشير هون.

 

سائين کيئلداس”فاني“ صاحب پنهنجي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين شڪارپور شهر جي”نيو ايريا هاءِ اسڪول“ ۾ مقرر ٿيو، جتي نامور ڪوي شيخ اياز، نور الدين سرڪي، غلام نبي”مير“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد وٽائنس پڙهي – ڪڙهي نڪتا.

مينگهراج منشاراماڻيءَ جي نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ته 1947ع ۾ هتان جي مشهور”چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج“ ۾ سنڌي استاد جي جڳهه خالي ٿي. ”فاني“ صاحب ان وقت تائين بي – اي پاس ڪري چڪو هو. تنهن ڪري ان جاءِ تي مقرر ٿيڻ لاءِ انتطاميا سان رابطو قائم ڪيو، ته ڪوي ڪشنچند”بيوس“ ڪاليج انتظاميا ڏانهن هڪ سفارشي چٺي هن طرح لکي:ۡ مسٽر کيئلداس بيگواڻي”فاني“ بي اي شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسري لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگري سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي، سا منهنجي نظر ۾ اهڙي آهي، جهڙي سوني منڊي ۾ هيري جي ڪڻي.

ههڙي اعليٰ شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دُبالا ٿيندو.

ڪشنچند”بيوس“

17 مئي 1947ع

محترم ڪشچند”بيوس“ جي ان راءِ کي اهميت ڏيندي، ان وقت جي ڪاليج انتظاميا کيس سنڌي پروفيسر مقرر ڪيو. انهيءَ مقرري کان اڳ ”ڪاليج مسيلني“ جي اشاعت ۽ ڪاليج جي اسٽيج تان ٿيندڙ ڊرامن ۽ ادبي پروگرام وقت ڪاليج انتظاميا”فاني“ صاحب جون خدمتون حاصل ڪندي هئي.

        ٿوري ئي وقت کان پوءِ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ هي ڪوي پيدا ڪندڙ ۽ ڪويتائون سرجيندڙ ڪوي ڏيهه ڇڏي پرڏيهي ٿيو.

ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،

آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي،

پرايا پيهي، وڪوڙي ويا سنڌ کي.

(شيخ اياز)

کيئلداس”فاني“ صاحب شڪارپور ڇڏي وڃي ڀوپال ۾ رهڻ لڳو، جتي پڻ ڪاليج ۾  پروفيسر مقرر ٿيو. سال 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ 1 ڊسمبر 1985ع تي موڪليل هڪ خط ۾ مون کي لکيائين ته:

مون کي رٽائر ڪئي 12 سال ٿيا آهن، پر مان “Retired” نه  پر “Re-tyerd” پاڻ کي چورائيندو آهيان:

“Another tyre has been applied to my machine and it keeps on rolling.”

منهنجون منزلون:

صوبائي حڪومت جي ادبي اڪادمي جو وائيس پريزيڊنٽ آهيان ۽ پريزڊنٽ وزير مالي آهي.

مرڪزي ادبي اڪادمي جو ميمبر آهيان.

ڪنوينر سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽي.

آل انڊيا ريڊيو جو گائڪ ۽ گيت ڪار.

انٽر ڪاليج جو اڄ تائين پرنسپال رهندو آيو آهيان.

سائين کيئلداس”فاني“ صاحب سامي صاحب جيان سنڌي شاعريءَ جي طويل دور جو ساکي آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي دور ۾ رنگ  ۽ روپ مٽيندي ۽ ترقيءَ جي منزل ڏانهن ويندي چڱي طرح ۽ چٽيءَ نظر سان ڏٺو  آهي. پاڻ به ”بيوس“ جي دور جو ڪوي آهي۽ سنڌي شاعريءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾  ڀرپور ڪوششون ڪيل اٿس. ورهاڱي کان اڳ سنڌي شاعريءَ کي فارسي تشبيهن، ٻوليءَ ۽ محاورن واري ڍير مان ڪڍي، ان کي سنڌي ٻوليءَ جي روح ۽ رنگ سان رڱڻ ۾ سندس وڏو ڀاڱو آهي. جنهن جي مڃتا جي ساک خود ”بيوس“ به ڀري ويو آهي.

سياسي لحاظ کان سائين کيئلداس”فاني“ جو دور غلاميءَ وارو ۽ نهايت ئي ڪٺن ۽ ڪٺورتا وارو دور هيو. هن دور ۾ ڌرم ۽ مذهب جي نالن تي ٻولين، ثقافتن، ساهتن، تاريخن، ريتن، رواجن ۽ رسمن جا پرزا ٿيا. زبانون ٽڪر ۽ ڌرتيون پرزا ڪري انسانيت سان جيڪي ظلم ۽ جبر ٿيا، سي دنيا جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيا. هڪ  ئي ٻولي ڳالهائيندڙ انسانن جي وچ ۾ ويڇا وڌائي  انهن کي هڪ ٻئي خلاف ڀڙڪائي رتوڇاڻ ڪرايو ويو. سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان منصور، سرمد، ڪبير، ميران، شاهه لطيف، روحل ۽ سامي جي تصوف ۽ ويدانيت جي صاف ۽ شفاف فضا سان ٽمٽار  رهي ۽ هتان جا رهواسي ان فضا مان ايڪتا جا ساهه کڻندا رهيا، سي هڪ ٻئي خلاف نفرتون پوکڻ لڳا. مسجد منزل گاهه جي فسادن ۽ ٻين ڪٽرپڻي جي هلچلن ان ايڪتا جي فضا کي نفرت جي آلودگيءَ ۾ تبديل ٿيندي ڏسي،”فاني“ جهڙو پيار جو پرچارڪر ڪوي تڙپي ٿو ۽ چويِ ٿو:

 

اچ برادر! ”تون ۽ مان“ اصل کان آهي وفا،

اچ ته سيني مان ڪڍي ڪينو ڪريون سينو صفا.

فڪر ناهي جيڪڏهن جهڳڙن رسڻ جي ريت آهه،

نيٺ پنهنجي ڀائپيءَ جي پريت تي پرتيت آهه.

هڪ ٿيون هڪوار جي هندو مسلماني ڇڏي،

خود بخود”فاني“ شرارت شور شيطاني ڇڏي.

ڌرتيءَ جي پوتر سيني تي ڌارين جي لت کي للڪاريندي، جنتا کي حوصلي وڌائڻ ۽  جدوجهد ڪرڻ جو سبق ڏيئي سوراج قائم ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو:

گرداب مان ڪشتيءَ کي لنگائڻ جو سمو آهه،

تلوار تلي سر نه جهڪائڻ جو سمو آهه،

تدبير سان   بگڙيءَ کي بڻائڻ جو سمو آهه،

هي آگ ايامن جي اجهائڻ جو سمو آهه،

سمجهاءِ سندءِ صبر جي دنيا کي پرولي،

دنيا ٿي ڪري تنهنجي قناعت تي ٺٺولي.

 

جنهن ڌرتيءَ جي ٽڪري تي کيئلداس”فاني“ رهي ڪويتائون سرجي ٿو، ان ڌرتيءَ جي سپوت الله بخش سومري جو جڏهن بيدردي سان ناحق خون ٿئي ٿو، تڏهن هي ان تاريخ جي وڏي ۾ وڏي الميي تي پار ڪڍي چوي ٿو:

 

افسوس! ويو سنڌ جو سرتاج گذاري

دنيا کي رُئاري.

حاسد تون ڏئي ڦوڪ ڏيئو گل نه ڪرين ها،

هن ملڪ مٿان قهر مصيبت نه ڌرين ها.

ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري،

دنيا کي رئاري.

بي انصافيءَ لاءِ چوي ٿو:

بي ڏوهي ڏوهاري بڻجي پاپي قهر ڪمائي!

اشرافن جو پيٽ پٺيءَ ڪٻٽي ڀوڄن کائي!

اهڙو اتياچار! مالڪ هي تنهنجو سنسار!؟

جتي بي ڏوهيءَ کي قرار ڏنو وڃي، ۽ ڏوهي کي بي ڏوهي ڪري بري ڪيو وڃي، مظلوم مٿان ظلم ۽ زبردستي قائم ڪئي وڃي، اتي ڏاهو ۽  حساس ڪوي ڀونگين ۾ گهاريندڙ بيوس ۽ مجبور مارن کي آپدا مان آزادي ڏيارڻ جو پرٻوڌ ٿو ڏئي:

انقلاب ڳلو ڦاڙي ٿو ڪٺا ڪري سر باز،

ڀڳل ڀونگين ڇنل ڇنن مان اٿي هليا آواز:

بنگلن جا بنياد هلايو، ڀتيون ڀتين سان ملايو،

ويريءَ تي ڪر وار، نه ڇڏ ڪو زوراور زردار

 

ديس تي ڇانيل غلاميءَ جي اماس ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ کان نجات پائڻ لاءِ هو سورهين کي  سورهيائيءَ جو سبق ڏئي ٿو ۽ انهن کي اتساهيندي چوي ٿو:

 

جڏهن غلامي ساهه گهٽيندي،

غيرت تن مان اڀري ايندي

ڪهڙي دل قربان نه ٿيندي،

ويڻ وڄڻ جي وير،

دل تان غم ڪر دور دلير.

سوراج جا سپنا  ڏسندڙ ۽ سرجڻهار ڪوي کي جڏهن ديس جي ڌرتي ڇڏڻ جا دڙڪا ملن ٿا ۽ کيس ڌرتي ماتا جي گود مان  گهلي جلاوطن ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڳلن تي ڳوڙها ڳاڙيندو، سڏڪا ڀريندو، اوڇنگارون ڏيندو، اڻ ڏٺل ڏيهه ڏي ڪاهي ڪوهين دور وڃي ويهي ٿو. اهي درسگاهه جتي هو ملڪ جي مستقبل کي ٺاهيندو هو، سي ويڳاڻا ۽ ويران ٿي ٿا وڃن. اهي پستڪ ۽ پستڪاليائون، جن سان هن جو”تو من شدم من تن شدي“ وارو ناتو هو، سي سڀ ڇڏي فقط انهن جون يادون کڻي انهن کي اداس ڪري وڃي ٿو، ان ڏيهه جي ڏهاڳ تي سندس ڏيل ڏرندو نه هوندو ڀلا خاموش هوندو!  سندس جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪنهن اهو به نه ڏٺو ته هن وٽ ڪهڙو اڌمو آهي. ڀلا هو ڇو نه چوي:

ڏني جان جن هئي وطن واسطي

رلي لاش تن جو ڪفن واسطي.

 

جيئن جيئن وڇوڙي جو ڏينهن گذري ٿو، تيئن  تيئن سندس ساهه وڌيڪ سڪي ٿو:

 

آيو ڪونه وطن کان ڪوئي،

پور پيو دل ويٺي روئي.

* * *

ڀڄي  جن آ ڀڄايو مون کي وطن!

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن!

لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن!

جن روهه رلايو مون کي وطن!

”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي.،

سالن ۾ ٿين ساعت نه سکي.

 

”فاني“ صاحب وطن جي وڇوڙي ۾ روئي ٿو ۽ رڙي ٿو. اسان سندس اهي پار پري کان ٻڌون ٿا ته ڳچ ڳري ٿا پون.

کيئلداس”فاني“ صاحب جي شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هو نازڪ خيال شاعر آهي. ڪنهن به ڳالهه کي لفظن جي هيرن جي لڙيءَ ۾ پوئڻ لاءِ وٽس ڍولائتو ڍنگ آهي، هو اکر اکر کي اتساهي لفظ لفظ کي زبان ڏيئي ڪلام کي ڪمال تي ٿو رسائي. اهو ئي سبب آهي، جو مهان ڪوي شيخ اياز چيو آهي ته: ”فاني لفظن جو سنگتراش آهي. هو انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم  ڪندو رهيو آهي. فانيءَ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن، جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو.“ سو سچ آهي. واقعي”فاني“ لفظن جي باطن جو ڄاڻو ۽ خالق آهي. هو لفظن جي نفسياتي اثر کان وڏو واقف آهي ۽ انهن جي استعمال تي جيڪا کيس قدرت حاصل آهي، اها هن کي وڏي عظمت ٿي بخشي. اهڙو اعتراف ڪندي منهنجي استاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي املهه تصنيف”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ص 282) ۾ ”فاني“ کي مفڪر شاعر سڏيو آهي ۽ لکيو آهي ته:” هن کي جيڪي نظريا آهن، تن جو ڳنڀيرتا سان بيان ڪري ٿو. ”فاني“ جو شعر فڪر، لفظن جي استعمال ۽ موسيقيت ڪري جديد شاعريءَ ۾ نهايت پيارو ڪلام آهي.“

کيئلداس”فاني“ جتي پنهنجي ڪلاسيڪل صنفن بيت، گيت ۽ ڪافيءَ ۾ پنهنجي خيالن ۽ جذبن کي سموهڻ  تي قدرت رکي ٿو، اتي هو عروضي صنفن غزل، نظم ۽ مسدس، مربع، چوسٽي ۽ رباعي جو به بادشاهه شاعر آهي. هن کي هر هڪ صنف لاءِ پنهنجو  الڳ اسلوب آهي ۽ نرالو انداز آهي، جيڪو هن جي انفراديت جو حامل آهي. سندس هر هڪ سٽ ساهت جو سينگار آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي سفر کي ”اره بره ڪن ڪره“ کان وٺي ”الا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي“ تائين خصوصي طور پڙهيو ۽ پرجهيو آهي. ان جي فن ۽ فڪر جي انڊلٺ ريکا مان ضرور ڪي رنگ هن پنهنجي پسند موجب چونڊيا آهن، جن کان هو متاثر ٿيو آهي، پر انهن اثرن جي عڪسن کي هن پنهنجي جوت ڏيئي جيڪا جلا بخشي آهي، سا سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو سهڻو سنگم آهي. ڪٿي ڪٿي ته هو پنهنجي فني مهارت ۽ خيال جي پرواز ۾ گهڻن کان گوءِ کڻي وڃي ٿو. ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻو هجي ته ان دور(فاني جي شروعاتي دور خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۾) جي رسالن نمايان طور ماهوار ”سنڌو“ جو جائزو وٺجي ته نتيجي تي پهچنداسين.

سال  1955ع ڌاري جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز  جي نظر مان سنڌو جو پرچو گذريو، جنهن ۾ ”فاني“ صاحب جو نظم او منهنجا وطن شايع ٿيو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ مٿس  جيڪا ڪيفيت طاري ٿي، تنهن جو اظهار هن طرح ٿو ڪري:

”اڄ سنڌو رسالو نظر آيو، ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم او منهنجا وطن پڙهيم، ڇا ٻڌايان ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا. ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌڌنڌ حلمن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تائين بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر، کيئلداس”فاني“ ، جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ ”باقي“ آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا.“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ص 142-143) مٿي ان نظم”او منهنجا وطن“ جو آخري بند ڏيئي آيو آهيان، هت پڙهندڙن آڏو ان مان چند سٽون ڏيڻ مقصد کان خالي نه ٿو ڀانئيان.

او منهنجا وطن دلدار وطن،

ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،

لڳي لنءُ لنءُ ۾ آهي اهڙي لگن،

ڀل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀون،

ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سان وئي،

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.

--

مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ،

مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ.

چاهي ٿو  هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،

سمجهي ٿو سٺو اڄ رڃ ۾ مرڻ،

سنسار جو تنگ خيال سڏي،

دل قرب جو تنهن کي ڪمال سڏي.

 

منهنجو خيال آهي ته هيل تائين”فاني“ جو جيڪو به ڪلام مثال طور ڪتب آندو اٿم، ان مان اوهان پڙهندڙ منهنجي مٿينءَ راءِ سان ضرور  سهمت ٿيا هوندا ته”فاني“ صاحب جي ڪلام ۾ خيال جي پختگي، انداز بيان ۽ لفظن جي رمزن جي رواني ڪيتري قدر آهي، جي اڃان به ڪا تشنگي باقي رهي  ته ٻه مثال ٻيا ضرور ڏبا.

 

”فاني“ شاهه سان مخاطب: (اقتباس)

کڻي نيڻ موننن مان مون ڏي نهاري،

هڻي تير طعنن جا ڇڏ ڏيل ڏاري،

وطن کان سگهيا جي سگهو ساهه واري،

جڏهن جيءُ جياري آيا ملڪ ماري،

پچارن ۾ بس شاهه! هئا مڙس ماهر،

ٿي طالب ۽ سڌڙيا پيا صاف ظاهر.

گواهي تواريخ ڏيندي اسان جي،

پشيمان اولاد ٿيندي اسان جي،

جڏهن شاهه! هيءَ ياد ايندي اسان جي

لڄا سيسراٽيون ڀريندي اسان جي،

جڏهن ريت گهر ٻاهر ڊاهڻ نه ڏيندا،

تڏهن شرم کان نيڻ نالا نه ٿيندا.

ذري پنهنجي حب الوطن مان عطا ڪر،

اسان جي زماني ۾ ظاهر خطا ڪر،

مگر منهنجي مجبورين کان پڇا ڪر،

سزا وار آهيان نه قائم سزا ڪر،

ڇڏيم تنهنجو در پر نه دامن ڇڏيو مان،

لڏي  تنهنجو گهر پاڻ سان هت اڏيو مان.

شڪوه:

توکي تمنا ڪانه هئي جي پنهنجي  پاڻ پسائڻ جي،

تنهجي واندي من کي هئي ڪا گهرج نه من وندرائڻ جي،

تو ۾ خاوند بڻجڻ جِي جي خالق خواهش ڪانه هئي،

ڪهڙي ضرورت هئي توکي جڳ جي راند رچائڻ جي.

 

اسان ڏٺو ته ”فاني“ وٽ لفظن جي موتين مالها پوئڻ جي قدرت، ۽  خيال ۽ سوچ جي وسعت واه جي آهي.

هن کان اڳ مون”فاني“ جي شاعريءَ ۽ فڪر کي ”الا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي“ تائين جڙيل آرسيءَ آڏو رکيو، پر هاڻي اسان ان اسي سالن جي مرد جي کنيل وک کي ڏسنداسون ته ڪٿي آهي؟ جڏهن ته سنڌي شاعريءَ جو سفر اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها! آزاد فضا ڇا ٿيندي آ؟ کان به اڳي آهي.

”فاني“ سنڌي شاعرن جي ساٿ جو اڳواڻ آهي. هي بي سرو سامان ماڻهو سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ جيڪي به سڏڪي ساهه کڻي ٿو، تن مان وطن جي وڇوڙي جي وير وري ٿي. سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فرواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي. ان کان علاوه هو شاعريءَ جي ڏيهه ۾ سخن جي صنفن  بيت، گيت، ڪافي، چوسٽو، رباعي، غزل ۽ نظم ته لکندو رهيو، پر پنجڪڙن ۽ ترائيل تي به طبع آزمائي ڪري پيو.

”فاني“ صاحب جو غزل به نهايت ئي خوبصورت آهي. سندس غزل ۾ غزل کان علاوه هر هڪ بند ۾ فلسفو ۽ فڪر سمايل آهي. اڪثر سندس غزل جو هر بند”بيت الغزل“ ۽ ”شاهه بيت“ آهي.

 

ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،

ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،

آ ڏور هندوري جي حسينه جي هٿن ۾،

حبشڻ کي ان ۾ لاڏ مان لڏندو ڏٺو اٿم.

--

منهنجي غربت کي سدا زردار هرکائي ڏٺو،

پنهنجي هٿ اڳيان ڪڏهن مان هٿ نه ڦهلائي ڏٺو.

مان سوين همراهه ۽ همدرد هر هنڌ  ٿي ڏٺا،

پر نه مان ڳوڙهن اگهڻ لئه ڪنهن ڏي واجهائي ڏٺو.

 

غزل کان علاوه رباعي جي صنف ۾ به هن جا تجربا ڪامياب رهيا آهن.

 

منهنجو نه ڪنهن سان ميل يا مطلب آهي،

هر ڌرم لاءِ دل ۾ حب- ادب آهي،

انسان کي ڀڳوان سڏيان ٿو، منهنجو،

انسانيت ئي ڌرم ۽ مذهب آهي.

 

”فاني“ صاحب جا پنجڪڙا پڙهبا ته هر پنجن سٽن جي فريم ۾ سمنڊ سمايل نظر ايندو.

ڪين کي ناهي ڪئن نه وجود،

ڪين دنيا ۾ ڪئن آئي،

جڳت تي عرش جيان ڇائي،

اچي ويو حد ۾ لامحدود،

ڪين کي ناهي ڪئن نه وجود.

مطلب ته کيئلداس ”فاني“ صاحب جي شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جو غير فاني سرمايو آهي، جنهن کي فراموش ڪرڻ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ يا سنڌي ادبي تاريخ جو ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.

دل جا بادل دل اک تي ڇانيل،

بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،

دل ۾ آلو دود دکي ٿو،

”فاني ٻاهر آگ اجهايل.

 

 

 

 

 

 

بيت

 

 

دلي ڪيو ديدار، پنهنجي دل درپن ۾،

چٽ ڏسي ٿيو چت ۾، بيحد باغ بهار ۾،

آيو اهنڪار، گهڙي مورک  ماڻ ۾.

__

دلي پنهنجو پاڻ، پڏائي پورو ڪيو،

سندس مٽي ماءُ، وڻي ڪيئن واکاڻ،

پاڻ مٿان ڪيو ماڻ، مٽي خود مدمست ٿي،

__

ڪنڀر ٻڌي ٻٽاڪ، ٻنهي مٽي ماڻ جي،

چي: ناحق ويٺا ڪريو، هڪ ٻئي اڳيان هاڪ،

مان ئي کوٽي خاڪ، ڳوهي چاڙهي چڪ تي.

__

اڻ هوندو اڀمان، مورک مٽي ماڻ جو،

پنهنجي تڇ توفيق تي، مستي ڪيا مستان،

اُن ڪنڀر تان قربان، جنهن مٽيءَ مان جڳ جوڙيو.

__

مُئي هڪ  ڏينهن مارئي، جيئندي صديون سال،

مارن لاءِ مرڻ جو، ملندو ڪونه مثال،

محلن منجهه محال، جنهنجو جياپو ٿيو.

 

__

 

مُئي هڪڙي مارئي، ٻي ڪا ڪانه مري،

لکن مان ڪا لهسجي، دردي دانهن ڪري،

ساعت ڪانه سري، جنهن جي دلبر ديس کان.

__

تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کن ۾،

هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪري پوندين پٽ تي.

__

داڻو داڻي سان ملي، سڏجي ٿو  هڪ سنگ،

بوندون بوندون سان ملي سڏجن ٿيون سارنگ،

اهڙو شال امنگ، جاڳي هر جاتيءَ ۾.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org