کيئلداس ”فاني“ جا
خط
ادب ۽ تاريخ ۾ ڏاهن جي خطن کي وڏي اهميت حاصل آهي.
ڇاڪاڻ ته اهي رڳو لکندڙ جي مختلف لاڙن جو ڏس ڏين
ٿا، پر وقت ۽ حالتن جي به عڪاسي ڪن ٿا. اسان جي
ادب ۾ اهڙن خطن جي سانڍ ۽ سهيڙ پاسي ڪو جوڳو ڌيان
ڪين ڌريو ويو آهي، جنهن ڪري گهڻي ڀاڱي اسين اهڙي
سرمايي تان هٿ ڌوئي ويٺا آهيون.
هن ڪتاب ۾ سائين کيئلداس ”فاني“ صاحب جا دوستن
ڏانهن لکيل ڪجهه خط شامل ڪجن ٿا، جن جي مطالعي مان
”فاني“ صاحب جي وطن لاءِ سڪ ۽ ڇڪ جي احساس ۽ جذبن
کي محسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو به ڪيترو ڪارائتو مواد
ملي سگهي ٿو. محترم شيخ اياز صاحب ۽ رحيمداد
”راهي“ صاحب جن جي خطن کي شامل ڪرڻ لاءِ آءٌ سندن
ٿورائتو آهي – مرتب.
کيئلداس ”فاني“ جو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز
ڏانهن لکيل هڪ خط (1)
88- 2- 7
سدا سرها هجو شال!
محترم شيخ اياز صاحب!
مالڪ جي مهر سان توهان نوبنو ۽ اڳي کان اڳرا
هوندا. هتان جي اخبارن ۾، توهان پاران- اتي ورسي
(سامي سيمينار) سامي صاحب جي مٺڙي ياد ۾ منائڻ جو
اعلان پڙهي، منهنجي دل سرڪي پيئي. مان هتي ڀوپال
(مڌيه پرديش جي(راڄڌاني) ۾ ٻه سال اڳ سامي سيمينار
جي صورت ۾ آل انڊيا جي ليکڪن جي شموليت سان منايون
هو. مون کي سامي پرسڪار سان م- پ ساهت اڪادمي
پاران ۽ سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ دهلي ٻنهي ادارن
پاران، نوازيو ويو هو.
مان چاهيان ٿو، ته ساميءَ تي جيڪو هن سان گڏ مان
مقالو لکيو هو ۽ صدارتي تقرير جو فرد، توهان ڏانهن
موڪلي پنهنجي ياد توکي ذهن تي وري ويهاريان ۽
منهنجو تبصرو ڪنهن نموني اتان جي اديبن تائين
پهچائي پنهنجي عقيدت جو فرض ادا ڪريان.
سچ ته سڀاڳو آهي اهو هٿ جو توهان جي هٿ تائين پهچي
ٿو سگهي. توهان ته ادب جي واٽ ۾ ڪيئي وکون اڳتي
وجهندا رهيا آهيو. هن هڪ وک ۾ جيڪڏهن مان توهان
سان گامزن يا ڪامريڊ ٿي هلان ته مون کي هڪ عجيب
مسرت ملي ويندي.
اميد ته منهنجو قلمي نسخو، توهان پنهنجي مصروف
گهڙين مان ڪي پل بچائي، ضرور نظر مان ڪڍندا.
منهنجي جنم جي تاريخ 1914- 4- 4 آهي. اتي ڪن ڪتابن
۾ غلط اندراج ڪيو ٿو ڏسجي. توهان جي آٽو بائگرافي
جي جهلڪ مونکي انڊور ۾ هڪ قلمي دوست ذريعي پڻ ملي
ويئي آهي. دعا سلام ساري سنگت کي.
توهان جو پنهنجو
کيئلداس بيگواڻي (فاني)
ڀوپال (م- پ)
(1) مٿين خط جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي سائين
کيئلداس”فاني“ صاحب مون ڏانهن موڪلي هئي – مرتب
کيئلداس ”فاني“ جا انور ”فگار“ هڪڙي ڏانهن
لکيل خط
22، سنڌي ڪالوني
ڀوپال
1- ڊسمبر 1985
سدا سرهو هجين شال!
پيارا انور ميان!
تنهنجي تقاضا موجب 5 ڪتاب ۽ چار تازا غزل موڪليان
ٿو. مون کي رٽائر ڪئي 12 سال ٿيا آهن، پر مان
Retired
نه پر Retyred
پاڻ کي چوائيندو آهيان. يعنيِ
“An other tyre has been applied to my machine and it keeps
on rolling”
منهنجون منزلون:
1- صوبائي حڪومت جي ادبي اڪادمي جون وائيس
پريزيڊنٽ آهيان ۽ پريڊنٽ، وزير مالي آهي.
2- مرڪزي ادبي اڪادمي جو ميمبر آهيان.
3- ڪنوينر سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽي.
4- آل انڊيا ريڊيو جو گائڪ ۽ گيت ڪار.
5- انٽر ڪاليج جو اڄ تائين پرنسپال رهندو آيو
آهيان.
منهنجا دعا سلام ساري سخن سازن جي جماعت ۽ مون سان
گڏ گهاريندڙ ۽ منهنجي واقفڪار کي.
شيخ اياز کي منهنجي ياد ڏياري ٻي ڪابه ميار نه
ڏيندا، جو ٻڌو اٿم ته هو پنهنجي پورن ۾ ئي پورو
آهي.
5 ڪتاب دوستن ۽ واقفڪارن لاءِ موڪليان ٿو.
ڌڻي جي رحمت شال منهنجي مارن تي وسندي رهي. اها آس
اٿم.
قربن مان
کيئلداس بيگواڻي (فاني)
66، امر ڪاليج،
سنڌي ڪالوني
ڀوپال
1986- 04- 20ع
مهربان انور ميان، سدا سرهو هجين !
تنهنجو خاصو خط، خوشخطيءَ جي لباس ۾ لساني لذت سان
سرشار، هڪ حاصلات جي حيثيت ۾ حاصل ٿيم. جيڪي به
همدم ۽ همرفيق پئي مليا تن جي اڳيان خط رکي فقط
ايترو ٿي چيو ”ادا هن خط جي خوبصورتيءَ تان فقط
فدا ٿي پئو. باقي اظهار بيانيءَ لاءِ ته خاص
توجهه ڏيڻ جي ضرورت پوندي!“ سڀ ڪنهن تنهنجي ڪوشش
۽ ڪشالي کي پئي ساراهيو. تنهنجي ذهين دماغ جي جهلڪ
هتان جي هر اديب انهيءَ ڪري به پئي محسوس ڪئي جو
شڪارپور شهر تي ايتري کوجنا ڪري تنهنجا ساٿي ۽
تون خود ايترو مال هٿ ڪرڻ ۾ مشغول رهيا آهيون.
در حقيقت هر اديب جا ٻه روپ آهن. ظاهري ۽ باطني.
باطنيءَ طور ئي هن ۾ اندروني فڪر جي توفيق ايتري
تيز آهي جيئن باهه کان به ٻاڦ ۾ گرمي وڌيڪ ڀريل ٿي
رهي. انهيءَ خاص خصوصيت کان هو نيارو ۽ نرالو ٿو
نظر اچي. انهيءَ نڪته کان اديب جو حال ۽ مستقبل
ماضيءَ جي ٽنگن تي فرسٽ فلور ۽ سيڪنڊ فلور تي رونق
افروز ٿو رهي. ماضي، جو نه موٽي سگهندو آهي،
اهو انهي ريت ئي موٽائڻ سان حال ۽ مستقبل جي
جائداد ۽ وڏن جي ورثي جي صورت اختيار ٿو ڪري،
توهان جون اهڙيون تحصيلون اسان جي ذهن ۾ چير ۽ چاڪ
پيدا انهيءَ ڪري ٿيون ڪن جو هتي اسان جي ٻهڳڻي
ٻولي ٻاجهاري ۽ نماڻي ٿي پئي آهي. اسان
بيوطنن کي توهان هموطني سمجهي جڏهن ياد ٿا ڪريو ته
اهي چاڪ ويتر گهرا ٿي ٿا پون جيئن:
جڏهن پوي ٿي ياد صحبت سپرين جي،
فريادون فرياد ناگه وڃن نڪريو.
مٺا! تنهنجي خط منهنجي اڳيان حقيقت جا افسانه کڻي
ماضيءَ جي گرڀ داني (رحم) مان نئين سر ٻيو جنم وٺي
ٻاهر نڪتا آهن. توهان اسان جي عاليٰ اديب حاذق
الحڪمات آغا صوفي درازيءَ جي سندس شعر ۽ شاعريءَ
جي اوج ۽ عروج جو ذڪر ڇيڙيو آهي. مان پنهنجي دماغ
۾ ڀريل هڪ اهڙي قسم جي ڪئسٽ اجهو هيئن پيش ڪري
رهيو آهيان.
مان مئٽرڪ ڪلاس جو طالب علم هوس جو سندس صحبت جي
سرچشمي مان ڪي برڪتي بوندون حاصل ٿيون. پهريون
طرحي مشاعرو جو شاهي باغ روڊ تي ان وقت واري ڪاليج
بلڊنگ ۾ منعقد ٿيو هو، ان جي سندس ئي سٽ ڏنل هئي:
”صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه؟“
مان به درجن کن سٽون شعر جون جوڙيون هيون جن جو
آخرين بند هو.
جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي دلدار ٿي ٽهه،
اتي”فاني“ مزورن جيان ڀلا ڪمدار هو يا نه؟
۽ تنهنجي اشاري ڪيل طرح:
”بتن جو شان ڀي يارو ته شان ڪبريائي آهه“.
ان تي هي ٻه چار بند:
دنيا ۾ بس رکڻ ڪنهن سان اجائي آشنائي آهه،
ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ مون عمر ساري گنوائي آهه،
ڏنم جنهن کي امانت دل ڪئي تنهن خوب خيانت آهه،
دلابي دل ڦندن ڦيرن ۾ ڦاسائي ڦٻائي آهه،
لڏي ”فاني“ دنيا مان هل رهڻ ات ڪيئن روا آهه،
جتي ڪارنهن ڪچائي بي وفائي غمِ نهائي آهه.
۽ سڀ کان سرس تاثير واري سندس هيءَ طرح:
”سهڻن سان ملون ڇا اسان بس گوش کير هون.“
انهيءَ طرح منهنجا هي بند ڪڏهن به ويسر جي واديءَ
۾ يا عالم غيب ۾ غائب ٿيڻ جا نه آهن. اجهو:
ٻاهر نه ڪڍون ٻاڦ سراپا هنڀير هون،
رکندا سدائين دوست لئه دل ۾ اڪير هون.
دولت کي هڻي لت اسان الفت کي چميوسي،
هئاسون امير هاڻي گداگر فقير هون،
ڪي سال بري حال محبت ۾ ٿيا گذشت،
آهيون ڪبير راهِه عشق ۾ صغير هون.
(منهنجي انهيءَ بند تي، مرحوم اٿي، ڌرتي جي محور
جيان بيهي چيو. ”هن ڇوڪري کي عشق جي خبر کيس ڪيئن
پيدا ٿي پيئي آهي؟“)
هن زلف هڻي ڪلف ڪئي تلف حياتي،
هن باند بنا واند جا باندي اسير هون.
ميٽي مجاز ”فاني“ حقيقت ڏي هلياسون،
سهڻن سان ملون ڇا اسان بس گوش گير هون.
ها، هڪ مزيدار بند وچ مان وسري ويو؛
دعوا جي ڪئي دوست ته ڌاريا ڇو وچ پون،
پاڻيهي جوابدار ۽ پاڻهي مشير هون.
(سامعين جا ٽهڪ اجھ به ڪنن ۾ قائم آهن.)
صفوي صاحب جي ٻي هڪ مصرع طرح؛
”وتم بوسو جبين يار جو هر هر ته چندن ٿي“.
شاهي باغ واري ٺاڪر داس (جج) جي هانڊي ۾ ساري سنڌ
جي منعقد مشاعره ۾ ”بيوس“ صاحب جي صدارت ۾ هي شعر
پروفيسر پنجواڻي هونگاريو هو، جو ”بيوس“ صاحب خود
جسماني علالت سبب پڙهي نه سگهيو. اجهو غزل پيش
آهي:
پتت پاون اڌارڻ هار تنهنجي گيان مئي گنگا،
ٽٻيون ڏيئي تري ڪيئي ويا پاپي پاڪدامن ٿي.
جڏهن داغ جفا ايندو رخ پرنور دنيا تي،
زماني ۾ زيان ڪيڏا ڪرائي زر زمين زن ٿي.
تعليم جو ٿيندو سڄو مقصد مٺا حاصل،
تڏهن جڏهن استاد ويهندو ٻار سان خود ٻار جو من ٿي.
ان مشاعري ۾ به ”صوفي“ صاحب، ”بيوس“ سان دوش بدوش
اسٽيج تي محفل جو مور ٿي نظر آيو.
آغا ”صوفي“ جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ پڻ شڪارپور شهر جي
ٻين هستين جي تعارف ۽ تعريف لاءِ ديوناگري سنڌي ۾
(ڪتاب) موڪليان ٿو. ڪنهن هندي دان هندو يا مسلمان
دوست کان پڙهائي ڏسندا.
باقي ڪاليج مخزن هڪ به مون وٽ موجود ڪانه آهي.
تنهنجي موڪليل فوٽن سان به ڪيترا چهرا ته حافظي جي
هيڻائيءَ سبب ياد نٿا اچن. ڀڳا ڏار اڏاڻا ڳيرا-
ڪنهن جي ڪنهن جي ياد تازي ڪجي؟
لڳ ڀڳ چاليهه سالن جي عرصي ۾ هيءَ زمين الائي
ڪيترا آسمان (وڏا ماڻهو) ڳڙڪائي ويئي آهي!
سواءِ ڪن 10- 12 مکڙن جي ٻين جي شناخت ڪرڻ انهيءَ
ڪري به آسان نه آهي ته اهي هينئر هتي ديدن کان به
ته دور آهن. اتي 44ع کان سن 1947ع تائين ڪاليج
مخزنون ضرور موجود هونديون ان ۾ منهنجو فوٽو 4 ئي
سال هوندو جو مان ئي 4 ئي سال مهتمم ٿي رهيو هوس.
هتي به سڀني شاگردن واري فوٽو ۾ منهنجو فوٽو مٿئين
حصي ۾ مسٽر هاسانند پرسواڻي ٻئي منهنجي دوست جو به
نظر ايندو. فوٽو جي اوڀر پاسي وڏي چٽي اڇي پوئتان.
*[1]
ازانسواءِ توهان جناب ساز علي ”ساز“ جي باري ۾
پڇيو آهي. در حقيقت ”ساز“ صاحب جو شعر منهنجي نظر
کان ايتر نه گذريو آهي جيتري توهان کي اميد هوندي.
هو ان وقت جو اڀرندڙ شاعر هو. مون سان ملاقات
ٿيندي هيس، پر کيس ڪنهن هڪ اڌ مشاعري ۾، مان سندس
شعر کان متاثر ٿيو هوس. ڪن خاص ماهنامن ۾ به سندس
شعر مون کي ملي نه سگهيو.
باقي جن عظيم شخصيتن ڪاليج ۽ ان جي ترقي جي ڏس ۾
گهڙا ڀريا آهن، سي هن ريت آهن. فقط سنڌي نالا:
ڊاڪٽر ڪشچند بولچنداڻي، سنڌ جو پهريون ايم ڊي
ڪاليج جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ اول کان آخر تائين.
پروفيسر حشمتراءِ ملڪاڻي پرنسپال جي حيثيت ۾.
سڀ کان اول پرنسپال گيهي سنگهه هزاري رٽائرڊ ملٽري
آفيسر، ٻه دفعا پرنسيپال.
پروفيسر ماکيجا جو پڻ ڪجهه وقت وچ وچ ۾ پرنسپال
رهيو هو ۽
Maths
جو قابل سنڌ سڄي ۾ پروفيسر هيو.
پروفيسر پوڄراج ناگراڻي سنڌي
پروفيسر هاشمي پرشن
پروفيسر گاجرا ايڪانامڪس
پروفيسر واسواڻي انگريزي
۽ منهنجي 3 سالن جي عرصي ۾ پرنسپال هزاري ٻيو دفعو
۽ پروفيسر گهنشام مٿراڻي لاجڪ جو. ان کانسواءِ سنڌ
کان ٻاهر جا پروفيسر هئا.
پروفيسر گني انگريزي
پروفيسر ڀٽا چاريه سائنس وغيره
پروفيسر نقوي ۽ پروفيسر خان.
ها ٻي ڳالهه سن 1947ع ۾ شاهه لطيف جي ورسي ملهائڻ
جي موقعي تي مون ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ادبي جلسو
ڪوٺايو هو، جتي شاهه صاحب جي ڪلام کي، فارسي شاعر
جي شعر سان ڀيٽي، نون عهديدار پروفيسرن کي پڻ ذهن
نشين ڪرايو ته اسانجي شهنشاهه شاعر سان دنيا جو
ڪوبه شاعر صف ۾ بيهاري نه سگهبو. سو ڪيئن اجهو
هيئن؛
بابد ان بد باش بائيکان نکو،
جائي گل، گل باش، جائي خار خار.
پر ڏسو اسان جو شاهه سڳورو:
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جي وڙ جڙن جن کي سي وڙ سيئي ڪن.
انهي موقعي تي مان پاڻ ٻين ٻن پيارن ڪاليجي شاگردن
جن مان هڪ هو غلام نبي (سائين غلام نبي ”مير“
شڪارپوري) ۽ ٻيو ..... وسري ويو. اتي جڏهن مان هي
گيت هارمونيم تي ڳاتو؛
زخمن سان ڀريل آ دل جنجي تن بيحالن جو حال ته ڏس،
تون سڌريل سرمائيدار ٿي رهه بک ٻين جي لاءِ ڪر پاڻ
نه ڍو،
جي جيئري روز مرن تن جي تون جيوت جو جنجال ته ڏس.
بس حاضرينن جي ڀرپور اسيمبلي هال مان، هڪ شخص يا
ته رحيم بخش خان يا سندس ننڍو ڀاءُ مٺو خان اسٽيج
تي اچي مون کي ڀاڪر کڻي ڦيري ڏيئي چيو: ”استاد!
اڄ تو غضب ڪري ڇڏيو، ڇا تنهنجي سر ۾ سوز مٺاس
(وڌيڪ ثنا خواني) انهيءَ ڪري به شايد ڪئي هوندائين
جو مان خان بهادر الله بخش جن جو
Family Tutor
هوس ۽ افروزبيگم تائين بي اي جي پڙائي تائين انهن
سان
مان هلندو ٿي آيس.
ها، توهان اتي اخبارون ۽ رسالا ڍونڍي منهنجو شعر
دستياب ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه دقت ۽ دشواري جو مقابل ڪندا
هوندا؟ بس ان کي مان ڪهڙن اکرن ۾ ساراهيان. مون تي
هڪڙو احسان ضرور ڪجانءِ اُهو اهو ته مان هڪ گيت
(نظم) ”سنڌو“ ۾ شايع ڪرايو هو. اهو مون وٽ اڻ لڀ
آهي ۽ نه ڪي وري ياد آهه،
ڪونج
زندگي ڇاهي سياڻن کان پڇيم،
عالمن ۽ فيلسوفن کان پڇيم.
.................
ڪونج اڏي من ويئي ماندو ڪري.
مخمس يا سندس جي روپ ۾ مان پنهنجي نياڻيءَ جي فوت
ٿيڻ وقت اهو نظم لکي دل جو بار هلڪو ڪيو هو. مون
کي اهو هٿ ڪري موڪلجو جو هت ”سنڌو“ جا رسالا ڪٿان
ملندا!
منهنجي خط جو شدت سان انتظار ڪري مون کي حجاب (لڄ)
جي ڏنگين ليڪن ۾ ٿا قيد ڪريو.
مان به پنهنجي مصروفيتن ۾ مشغول هئڻ سبب الائي هي
ٿوريون گهڻيون، سامت جي ساهه پٽڻ واريون نه، پر ڇن
ڀٽ ۾ رهڙي رهيو آهيان. جو خط کڻي ايندڙ ڀرسان ويٺو
آهي. دعا سلام ساري سنگت کي.
لک اميدن مان
کيئلداس ”فاني“
کيئلداس ”فاني“ جو رحميداد راهي ڏانهن
لکيل هڪ خط
جڏهن پوي ٿي ياد صحبت سپرين جي،
فريادون فرياد ناگهه وڃن نڪريو.
منهنجا حال محرم!
تو مون کي منهنجي جيجل جنم ڀومي جا واسطا وجهي،
منهنجي ياداشت جي کاڻ کوٽڻ سان ڪو خاص ثواب جو ڪم
ڪم ته ڪونه ڪيو آهي، پر تنهن هوندي به مان تنهنجو
ٿورو، ٿورو نه ٿو سمجهان جو تو مون کي مٺن مارن جي
مهانڊن مڙس جي، پنهنجي سنگتين صحبتين جي، گڏ
گذاريندڙ يارن جي، دماغ جي دريءَ ۾ سڪ مان سانچيل
البم جي تصوير نمائي، منهنجي اکين کي آلي ڪرڻ لاءِ
آڳيان آندي آهي. بس منهنجي هن قلم جي نوڪ کي نير
بڻائي، تو منهنجي خيالن جي آٺريل يا بيٺل پاڻيءَ
کي جنبش ۾ آڻي ٻاهر وهائي ڪڍيو آهي.
سڄڻ منهنجي ڳوٺ، ميان جو ڳوٺ، ڳوٺن جهڙو ڳوٺ نه پر
لاثاني ڳوٺ هندن هوندي ته هوندو هو، پر هينئر به
ڪئين چوان ته نه هوندو. دراصل ميان جو ڳوٺ(1)[2]
يا ميئاڻن جو ڳوٺ، ميان خير محمد سائين ۽ ميان
عبدالحڪيم سائين يا پٽ جي پيرن بندگي واري زندگي
کان ساري تر يا پسگردائي ۾ شهرت جي شعاع کان ائين
چمڪندو هو جيئن تارن ۾ چنڊ، ڪئين مريد
.....ٻاهريان زيارت لاءِ اچي اميدون برثواب ڪري
ويندا هئا. منهنجي مڪان کي شرف حاصل هو انهن ولين
جي معمولي مدفونن جي ويجهڙائيءَ جو يعني وچ م
رهندڙ هئي انهن اوليائن جي نالي ”پيرواهي“ ۽
منهنجو غريب خانو ان واهيءَ کان سڏ پنڌ تي هن ڀر
هوندو هو. فقط مان نه پر مون جهڙا ٻيا به صاف دل
هندو انهن جي تربت تي وقت بوقت زيارت ڪري خراج
عقيدت پيش ڪندا هئا. ايڏو ويساهه هندن جو مسلم
پيرن ۾ هندن جي فراخدليءَ کان، نفرت ۽ نفاق، تفريق
۽ تفاوت، علحدي ۽ الڳاءَ جي بوءِ بانس کان بنهه
بيخبر دئي جي دز کان دور.
موڪل وارا ڏينهن گهڻو ڪري گهر اچي گهاريندو هوس.
بس بگيءَ تان لهي پهريائين وڃي مزار شريف تي سر
نوائي، ڪُني ۾ رکيل جيڪي مٺائي چکي پوءِ اچي هلڪي
هيانءَ سان گهر ڀاتين سان ملندو هوس. انهي ايڪي ۽
اخلاص، اتحاد ۽ اتفاق جو هڪ اعليٰ ۽ عمدو مثال جو
مان ايامن کان سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، اجهو هيئن
آهي. ڳوٺ جي هندن ۾ ٻه ڌريون هيون. هڪ طرف پنجومل
سگني مل وارا چوڌري گهر ته ٻئي طرف هئا سگها سيٺ
مگهنداس خوشيرام وارا. ڪڏهن پاڻ ۾ ٻنهي ڌرين جي
ترشي يا تندي ٿي پوندي هئي ته ڳوٺ جو ميان گل محمد
ٻنهي کي سڪ سلوڪ جي سمجهاڻي ڏيندو هو.
هڪ ڀيري ٻنهي ۾ امن آڻڻ لاءِ کلئي اجلاس ۾ الله جي
پياري اجهو هيئن آکيو؛ ”ماکيءَ جون مکيون، رس راض
۾ رهي گلن مان رس چوسي ساري ماناري کي مٺي ماکي
سان ڀري ڇڏينديون آهن، پر جڏهن هڪ ٻئي کان جدا
ٿينديون آحن ته محبت جي ماکيءَ بجاءِ نفرت جو زهر
هاري سڀني کي ڏنگينديون آهن ۽ آخر ماڻهو انهن کي
ڇڙوڇڙ ڏسي ماري ختم ڪري ڇڏيندا آهن. انهيءَ لاءِ
توهان هڪ ٻئي کن سري- پري، ويجهو ويهي معاف ڪرڻ
سکو.“ سبحان الله! اهرا خير خواه، ڳوٺ جي بهبودي ۽
بهتري چاهيندڙ ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ مشڪل ملندا آهن.
انيڪ محبتي مسلمان توڙي هندو هڪ ٻئي جي ننگن ۽
نياڻين کي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جيان ڀائيندا هئا.
واپار:
ڳوٺ جاواپاري هلڪا سلڪا هندو ئي هوندا هئا. هندو
پنهنجي پرکيل مسلمان گراهڪن کي کلئي دل سان کنڌو
يا اوڌر تي سودو سود ڏيندا هئا. هندو بجاجي ڪپڙا
کڻي وڏيرن جي گهرن ۾ وڃي بي خوف وڪڻي ايندا هئا.
بروهي ۽ ٻروچ آسپاس کان مکڻ وڪڻي پنهنجون گهرجون
پوريون ڪري ويندا هئا.
زمينداري:
هندو، وڏي زمينداري ڪرڻ وارا ٻه چار هندن جا ڪٽنب
۽ ڪجهه وچولي درجي جا پٽئي سٽئي وارا هوندا هئا.
باقي ميانڻان مهر ۽ ڪي ڪلر ۽ کوهائي پنهنجو
خانداني پيشو قائم رکندا آيا. اهي پڻ هندن سان ڏي
وٺ ڪري هر سال پنهنجو ليکو چوکو صاف ڪندا هئا.
وڏا ڏينهن:
شادي مرادي، ٿڌڙي ڏياريءَ تي دانگي يا ٿالهي هڪ
ٻئي کي ڏيئي وٺي کلي کائي خوش ٿيندا هئا. هڪ ويلو
هندو مسلمان هڪ ٻئي کي ڏيڻ ۾ئي پنهنجو فخر ۽
فراخدلي سمجهندو هو. ميان جي ڳوٺ جي عيد ساري تر
جا مسلمان اچي ملي رلي ملهائيندا هئا. بس ڪپڙو،
مٺايون، شربت، چيڪلا، ڦرڻيون هندن جي حوالي، سندن
خدمت ۾ مهيا ڪيا ويندا هئا. ليکا وري پاڻهي پيا
ٿيندا هئا فصل ۽ لاباري تي.
ڏکيا ڏينهن:
هونئن ته ٻئي فرقه سدائين هڪ ٻئي کي سڏ ۾ سڏ ڏيندا
رهندا هئاسين، پر خاص منزل گاهه واري مذهبي مرحلي
۾ ڳوٺ جو هڪ گهر صحيح سلامت هو. مسلم دوست هندو
ٻارن سان گڏجي پهرو ڏيندا هئاسين. مان خود ڇنڇر
اتوار تي هڪ رات مسلم دوستن سان پهريدار بڻجي چونڪ
چونڪ دونهي دُکائي ويهندو هوس ۽ ٻن راتين جا ٻه ٻه
پهر نکنڊن جيان ڌرتيءَ تي پهري ڏيندي نڀائيندو
هوس. ان جو عڪس منهنجي نظم ”او منهنجا وطن“ ۾ عيان
آهي:
ڪري نيڻ نکنڊ ٿي پهرا ڏنم، ڌاڙن ۽ دڪن کان به دل
نه ڊنم
ڏک ياد نه هو ڏک ڪونه ڏٺم، سَوَ ڇرڪ سهي ياري نه
ڇنم.
تعليم:
منهنجو محترم استاد ڪريم بخش ٽانوري جنهن جهڙو
معلم ۽ منتظم، بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون
سان ڪونه مليو آهي. ان جا شرڌالو ۽ شيدائي شاگرد
جي پوءِ مسٽر بولچند راجپال بي ايس سي جي
رهنمائيءَ ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ تعليمدان ۽
مان ناقص شاعر، پروفيسر جي درجي تي پهتاسين اهو سڀ
ان وقت جي ٻنهي عالمن جي ڳوٺ وارن تي خاص مهرباني
جو نتيجو آهي، اڄ به اهي ٻئي هستيون هن فاني جهان
مان رحلت فرمائي ويون آهن، پر سندن ڇاپ احسانمند
شاگردن جي دل ۽ دماغ تي اڄ به ڇانيل آهي.
بيگاري واهه:
هي ننڍڙو درياهه خاص سانوڻ جي نو روزي ڏينهن اسان
هندو مسلم دوستن لاءِ پڪنڪ، موج ۽ محفل جو عجيب
آستان هوندو هو. ڳوٺ جا نوجوان سڀ تيراڪ، ۽ تارو
لاٽ پئون پل تان ٽپا ڏئي شرطون لڳايون. اهي ڏينهن
ياد ڪري اڄ به سينن ۾ ٽنگون تار هڻنديون آهن ۽
پيرن ۾ سر سر پيدا ٿيندي آهي.
ادبي اداره:
سڀ کان زياده ۽ زوردار تخليق ۽ تعليم جو مرڪز جنهن جي ساهت سڳند جو واس ساريءَ سنڌ ۾ ڦهليل
هو. اها هئي ماهياني مخزن ”سنڌو“ سچ پچ ”سنڌو“
مايه ناز مخزن ٻنهي سنڌو نديءَ جي ڪنارن جي اديبن
کي اوج ۽ اوسر ويهن ورهين تائين پئي ڏني ۽ پوءِ
لڳو ويڇي جو طوفاني واءُ جنهن ادبي دوستن کي هڪٻئي
جي ڇاتيءَ کان ڇني ڌار ڪيو. انهي عرصي ۾
ويئي ڌرتي ڳڙڪائي روشن سارا
ڇڏيا ڌڙ ليٽائي اوچا منارا.
ان هوندي به ذهني طرح تي اسان وڇڙيا ضرور آهيون،
پر وسريا ناهيون ٻيئي فرقا بنا ڪنهن تفريح ۽ تفاوت
جي جذبي ۾ هڪ ٻئي جي ويجها آهيون. منهنجا اڻ واقف
ثنا خوان سڄڻ! اسان سنڌي هندو مسلمان هڪ ٻئي کان
ڪڏهن جدا ٿيڻ وارا ڪونه هئاسين. تڏهن ڪنهن اسان کي
برباد ڪيو؟ سنڌ جي پاڪ زمين ڪيئن ڪن ناپاڪ حرڪتن
کان تنزل ۽ تباهيءَ ڏانهن بي اختيار تاڻيندي ٿي
وڃي. تازو مان هڪ آل انڊيا مشاعره ۾ قومي يڪجهتي
جي عنوان تي صدر جي حيثيت ۾ شعر پوري ڪرڻ سان هي
ٻه سٺون به چيون:
خدا مون کي بچائج ناخدائن کان،
رليو بيحد گهڻو آن رهنمائن کان.
۽ ٻه ٻيون سٽون:
دنيا جو جي هڪ ڌرم ۽ ايمان ٿي پوي،
ڌرمن جو ختم گوڙ ۽ گهمسان ٿي پوي.
اڄ به دل جي اڏام پيرن جي پابندين سان انهي پکيءَ
جيان آهي، جو پڃري جي سيخن سان کنڀ کڙڪائي اتي ئي
ويهي رهندو هجي.
منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي،
کڻي آئي الا تقدير ڪٿي.
بس! نه منهنجي لکڻ مان نه تنهنجي پڙهڻ مان دل
ڍاپندي ڪيئن؟ دعا سلام ساري سنگت لاءِ.
بنده
کيئلداس ”فاني“
ارٿ
آپدا
= مصيبت
آشا
=
اميد
اٻلا
= بي پهچ، عاجز عورت
اڀمان
= فخر، وڏائي
اتياچار
= ويل، ڪُنياءُ، ظلم
اپرادي
= پاپي، ڏوهي
اپڪار
= ڀلائي، مهرباني
اجلن
= اجرڻ، چمڪڻ، صاف ٿيڻ
اڌ ڀت
= حيرت انگيز
اڊڪي
= ڊڄي
ارداس
= وينتي، التجا، عرض
اسستت
= ساراهه، تعريف، واکاڻ
اڪارت
= اجايو، بي سود، فضول
اماس
= ڪاري ٻاٽ
اهنڪار
= اڀمان، غرور، وڏائي
اهنسا
= بي آزاري، عدم تشدد
ايڪانت
= اڪيلائي، نويڪلائي، خلوت
برهمانڊ
= سنسار، ڌرتيءَ جو گولو
بيکاري
= پينو
ڀوڄن
= طعام
ڀونچال
= ڌرتيءَ جو ڌڏڻ
ڀونڪپ
= زلزلو
ڀيٽا
= نذرانو
ڀيڌي
= راز محرم
ترشنا
= اڃ، طلب
ترڪش
= تيرن رکڻ جي بٿي
پراڌينتا
= لاچار، مجبور، بيوس
پرٻوڌ
= سکيا، سمجهه، صلاح ، مِتِ
پرتيت
= ويساهه
پرڪاش
= تجلو، جلوو، روشني
پرڪرتي
= اها طاقت جنهن سان دنيا وجود ۾ آئي
پرگهٽ
= ظاهر، عيان
پرويسر
= واسو ڪندڙ
پورن
= پورو، مڪمل
جاتي
= نسل، قوم
چرتر
= سڀاءُ، ڪم، ڪرتوت، چال
چنتا
= فڪر، ڳڻتي، الڪو
چيٽڪ
= لذت، مزو
ڇاڇ
=
لسي، ڏڌ
خندان
= ٻهڪندڙ
دات
=
ڏات
درشتي
= نظر، نرت، جوت
دهن
=
مُک، مُنهن، وات
ڌروات
= امانت طور رکيل رقم
رتنن
=جواهرن
روپونتي
= خوبصورت
ساڌنا
= بندگي
سٻندين
= پڪين، پختين
سڌانت
= مَتو، عقيدو، اصول
سرستي
= پاڻ صدقو، آپ ٻليدان
سروپ
= آتما
سوارت
= مطلبي
سوارٿ
= مطلب، خود غرضي
سواس
= پساهه، دم
سنتوش
= ڏيرج، صبر، خاطري
سنجم
= پاڻ پلڻ
سنيوڳ
= ميلاپ، ٺاهه، اتفاق
شهور
= شعور، عقل
ڪارونڀار
= ڀنڀ، اوندهه
ڪامنا
=اڇا، منشا، مراد، خواهش
ڪَپيِٽَي
=ٺڳ، دغا باز، ظالم، وحشي
ڪنچن
=قيمتي ڌاتوءَ جو قسم
کسم
=مڙس،
ڀتار، وِرُ
گرداب
=پاڻيءَ جو گهيرو، ڪُن
گيان
=پروڙ، ڄاڻ، واقفيت
ماڻ
=وزن،
ماپ
مک
=منهن
مورک
=نادان
منش
=ماڻهو
نڀ
=آسمان
نرادر
=بي مانو، بي عزتو
نراشا
= نااميدي
نردئي
=بي رحم، ظالم
نرڌن
= غريب، مسڪين
نواس
= گهر ٺڪاڻو
نئيا
= ٻيڙي
نياءُ
= عدل، انصاف
نير
=
پاڻي
نيس
=
تڙ، کوهه
نيس
=
جهڙ، ڪڪر، مينهن جي ڦوهار
واسنا
= خواهش، مرضي
وڌوا
= رن زال
وسمئه
= حيراني
وڻاس
= حسد، ريس
وئرٿ
= اجايو، ناڪام
هردو
= دل
هرس
=
دٻاءُ، تاب، دڙڪو
يگ
=
جڳ
|