بِسم الله الرَّحمانِ الرّحِيمِ
نوري
داستان پهريون
(1)
تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مهاڻي آهيان؛
تنهنجيءَ شفقت مِهر جو، آهي ڪونه شُمارُ؛
گنديءَ گاندَ ر گهر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنهن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجهر رکيو.
(2)
تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُهاڻي آهيان؛
مون لَڄ رهائين، جو پَليء لڳيس تانهنجي.
(3)
آءٌ ميئي مُهاڻِي، تون سَمو ساري سَرّ جو؛
قرب منهنجو ڪهڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کاري سر کنيم ٿي، ڇِڇيءَ کِکيءَ هاڻِي؛
راجا تنهنجي راز سان، ٿيس راڻنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته هيس بيهودي بڇڙي.
(4)
ڪلسا ڪلوري، ڪِنَ ڪالورا ڪينجهرين؛
پيهي وڃي پَن ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري؛
روز تِني کي راوَ ڏنهن، ٿيا چانور آئون چُوري؛
جي هيون اڌو ٻَنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري؛
هيٺ مَٿي تَن ٿي، ڍڪيون سالان سموري؛
واسِيا وتَن ويسَ ۾، هُيَن کُهنبي کَٿُورِي؛
ڇڇيءَ کِکيءَ تارِ جي، سي اَپَر عَطوري؛
ٿِي مُلڪين مشهوري، سَمي جي سُهاڳ جِي.
(5)
پيرَ آئون مُنهن نِيرا، پاڻيءَ پوندا جَنِ هئا؛
سي اڄ ٻَڌيو وتن سِرَ تي، چاهه منجهؤن چِيرا؛
ماڻِڪَ موتي مُنهَن تي، هٿ تَنهين هِيرا؛
ڪاتَ سڀيئي ڪِيرا، سُگهَڙَ سَمي ڄامَ جا.
(6)
وَهين وَهل لَپيُون، ٿي پيٽَ پاريا تنِ پانهنجا؛
ڏنيون ڏُٿ ڏُپ جون، ٿي جهٻَيرن جَهپيوُن؛
کِکيءَ خاطِر ڌُٻيريون، ڌُٻن منجهه ڌُپيوُن؛
جي کائِن پَٻڻِ پَپيون، سي چُوريءَ تي چَريون
ٿيون.
(7)
جي جهاڳيون وتَن جَهاڳَ، ميئون ڪارڻِ قوتَ جي؛
سي اعليٰ درجي آنديون، سَمي جي سُهاڳَ؛
مَنڇر مَها وچ ۾، ڪَن رنگيليون راڳَ؛
هُئا حال جنين جا هِهڙا، تن تي ڀلي ڪيا ڀاڳَ؛
ڪينجهُر ٻن ڪنڌين جِي، ٿي هٿ اُنهن جي واڳَ؛
هِيرا ۽ ياقوت ٻيا، اَڄ اُنهن وٽ اَجهاڳَ؛
ٻيا ڀِي لَکين لاڳَ، تنهن ڏُلين کي ڏيئي ڇڏيا.
(8)
بيحد ڀڳوڙيون، هُين ڊولِ نه ڪنهن ڊونڊيون؛
ناپي ڏُٿ آئون ڏُپَ جون، ڪن خرارين کوڙيون؛
ٻُوريءَ ڦرها ڦَريون، اچن ملاحيون موڙيون؛
جوڙون سڀ جوڙيون، ڄامَ تماچيءَ تن جون.
(9)
ڊولِ نه ڪنهن ڊونڊيون، پَر هُيون سَمي جي سهاڳَ
تي؛
ڪينجهر سنديَ ڪنڌئين، ڪَنَ ٽوريون آئون ٽونڊيون؛
چِڪَ جيهون چونڊيون، ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾.
(10)
هُيون لڱين ليڙيون، مُنهن نه موچاريون؛
سي ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون؛
ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏئي، ٻَهڳڻ تَن ٻيڙيون؛
وٺن ماڻِڪ موتئين، تنهن کؤن جهٻِيون ۽ جهيڙيون؛
توڙي اِهڙيون اَويڙيون، ته ڀي سَمي ڄام سُهاٺِيون.
(11)
جَن ٿي پالِيا پيٽَ، ڪُمنَ ڪالورَن سان؛
سي تا تيل ڦليلَ سان، ٿيون مَلائِن ميٽَ،
ڄام جواهِر جي ڪري، ٿو اُنهن پارِ اُميٽ،
ڪَئي لاکِيڻي ليٽَ، سَمي مير مُهاڻن ڏي.
(12)
هئا وڏا جَن تي ويلَ، ٿي قوت مِلُين ڪين ڪِي؛
خاصين سي خوراڪن تي، تان ڪَن مُهاڻيون ميلَ؛
مِڙي جُھڙي پاڻ ۾، ڪن سيلابين سيلَ؛
پوءِ لاٿا ڄام لُطف سان، زبونِن تَؤن ذيلَ؛
تن سي تيلَ ڦُليلَ، اَڄ عطر گاڏڻَ اوتيا.
(13)
جَنهين اَڌوٻنڌِ، هُئي عُمر سَڀائِي اِهڙي؛
سي سَمي جي سهاڳ تي، آيون. ڏاڍي اَنڌِ؛
تنين جي طولان جيون، پيون هاڪان هنڌوهنڌِ؛
ڏُلِيون ڏوليين چَڙهيون، پيرين پَوَن نه پنڌِ؛
سَڀ اَندامين سَنڌِ، جَڙيون جواهِر ۾.
(14)
چولِيون جَن چِڪِ هُيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو؛
جُتيون جَڙائُو، پايون وتَن پيرَ ۾.
(15)
نوريءَ نادر ڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛
تنهن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنهن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛
وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏهاڙي اُن کي.
(16)
هون مَڪَ هِڪَ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛
تنهن برابر نه ڏيان، توڙي ڏين جال جَوهارُ؛
جو پَلءِ پِيڙو ههڙو، مهاڻِيءَ مَڻيارُ؛
تنهين مَرُ ڪينجهرَ ڀَرِ قرارُ، جنهن ڄارو ڄام
ڪُلهي کنيو.
(17)
تارازيءَ جِي توري، مَڪ موتِن تي نه ڏيان؛
ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري نه ٿوري؛
گهوري آءٌ گهوري، جو ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.
(18)
مَڪَ برابر نه ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻُ؛
سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو.
نوري
داستان ٻيو
(1)
مَٿي جَن مُوڙا، هئا ڄارين گندئين گودڙئين،
بئنسر بئينان زر جا، تن جهاٻا اَئون جُهوڙا؛
جَن ٻانهين ڪُلهين ڪِين هو، تَن چُوڻ تائين چوڙا؛
سمي جي سهاڳ سان، تن ننگن نپوڙا؛
ڪوڙيون ۽ ڪوڙا، سچا سمي سڀ ڪيا.
(2)
رنگ ڪاري رُويون، هيون مڙني مَلاحَن جِيون؛
سي کنيون کارَن ۾ اَچن، دَرا ۽ دُويون؛
جِت بيحد بدبُويون، اُت الله عطر اوتيا.
(3)
هڪ دَرا ٻي دُوءِ، پيون گوجان مارنِ گانگَٽيون؛
تَن مون کِکيءَ جِي اَچي، برابر بدبوءِ؛
اچي مُشڪ عطر جي، اَڄ منجهانئن خوشبوءِ؛
رنگ سوني جِيءَ رُوءِ، صورت انهين سُوهڻي.
(4)
منهن مِٽِيءَ ميريون هيون، بيهوديون بڇڙيُون؛
گِهڻ گِهڻ نوريءَ گِهنگِرو، ڇمِ ڇمِ ٿيون ڇيريُون؛
سمي پاڻ سهاڳ ڏئِي، هِي جي هُنَ هيريون؛
لوهاڻيون لوريون، پارسَ لڳي سون ٿيون.
(5)
پارس لڳي سون ٿيون، لُوهاڻيون لوريون؛
جَهلَ جُهڳن کي ڪانه ڪا، وَريون ۽ ويريون؛
مَحلين رَهن مَير جي، مهاڻيون ميريون؛
سمي ڏنا سُهاڳ کي، سَهجَ ۽ سيريون؛
ڪوجهِن مان سهڻيون ٿيون، جهٽ پَٽ جَهٻيريون؛
تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪِنيون کڻِي.
(6)
مُنهن مِٽيءَ ميرا، هئا بيهودا بڇڙا،
سمي جي سهاڳ تي، ٿيا گاندَر گُنيرا؛
ڏسو ڏهاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛
ساجُهر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان.
(7)
تَرڪو جَن تَريون، ٻيا ڪونئر ڪُڙهيون ڪَڇ ۾؛
تَن اَڄ لَڙهان لَڙڪن موتئين، ٻيون سنديون سون
سريون؛
زيور اَئون پازيب ٻئا، زريبان زريون؛
ڪينجهر ٻئي ڀريون اُنهن کي انعام ٿيون.
(8)
جَنين دُوءِ دَرا، ڪَڇين ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون؛
سي مٿي پيرين بَرهنه، هئا گانَدرَ سَڀُ گَرا؛
اُهي پاهان پاڻ ڀَرا، ٿيا سَمي جي سُهاڳ سان.
(9)
جي ڪونئر ڀَرن ڪُمّ َ، تن ناتو ناپي سان هئو؛
تَرِن جا تن تار ۾، ٿي رَوان ڪِيا رُمّ؛
پوءِ اچي تماچِيءَ ڄام جي، پئي در تنين جي ڌُمّ؛
جي هئا گو شائت گُمّ، سي پَلءِ لڳي پَڌرا ٿيا.
(10)
بِههَ ڏوڏا جَن ڏاجُ، قوت جنين ڪُمَ ڪوڻيون؛
انهن جو اَحتياج، ٿو تماچي ڪيڏو ڪڍي.
(11)
نه ڪنهن رُوء نه رنگ، هئا بيهوا بُڇڙا؛
اڄ پڻ انهن جي ٿيا پيرن هيٺ پَلنگ
مِياڻيون معافي ٿيون، نه اَبوابَ نه اَنگَ؛
پَٽُ اوڍين اَڙٻنگ، سي سَمي جي سُهاڳ تي.
(12)
پوءِ ڪِيُون لَسَ پَلا، ٿي مُهاڻن ماريا؛
لَکَ هزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تن کَلا؛
ڪُڙهِيون جن ڪَنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳ ڀَلا؛
دمڙي تَن نه دَستَ ۾، هَئا ٺهريَل ڪين ٺَلا؛
اَڄ مَيئن جي گهر مالَ جا، ٿيا ٿَمّ ٿَلا؛
پَر هُيڙي اکڙين ۾، ڪا جا مِييَ ڪَلا؛
ڪينجُهر گُهمن لاڏڪِيون، ڪَيون رسَ رَلا؛
اَگلا جي سَگلا، سَمي نانوَ سُڃاڻبا.
(13)
حَريران ۽ حُلا ڏنا ڄام ته ڄارِنِ وارئين؛
جي هيون اَڌوٻنڌن ۾، تَن چوٽِيون چُوڪُلا؛
ڪينجُهر سَنديءَ جاءِ تي، تن بنايا بَنگلا؛
اَگلا جي سگلا، تا سَمي نانو سُڃاڻبا.
(14)
ڪينجُهر سنديءَ ڪَنڌئين، رهن ڀريون جي ڀَڀُور؛
تن ميئن مٿي آئيا، سالو ۽ سالُور؛
چڙهيو سا چَؤڏول ۾، ٿي حُڪم هلائي حُور؛
راتو ڏينهان راءَ جا، ٿيا مَلاحين مَذڪور؛
سي حاضر منجهه حضور، وهن تماچِيءَ ڄامَ جي.
(15)
تون سَمو سرتاجُ، آءٌ ميئي مُهاڻي آهيان؛
لاٿُئي پنهنجي لُطفَ سان، اسان کؤن اَحتياجُ؛
ڪينجهر سارو تو ڪَيو، مون ميَي سندو محتاجُ؛
تنهنجو مون ڏنهن راج، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
(16)
لانگوٽيون لاشون هيون وَهَه وَهَلَ جي وچ ۾؛
سي پَلءِ لڳي پوءِ ڄامَ جي، ٿيون خوراڪين خاشيون؛
لَعلَن ياقوتن جون، وَٽن ڪِينهن ڪَماشيون؛
جن پاسا هِريل پَنِ تي، تَن فرشين فَراشون؛
تا ڀِي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشون؛
روءِ هيون راشون، پَر سمي ڄام سُهاڻيون.
(17)
هئا خامَ خسِيسَ، ڪينجهُر سنديءَ ڪَنڌئين،
سي مورائو مَڇيءَ جا، هَمہ ڪُلّ حَريصَ،
تڏيون تنؤريون تن کي، پاٿاريون سڀ پِيسَ؛
جڏهن ٿِي تماچيءَ جِي، ميئَن سان مجليسَ؛
سي سون رُپي سرسا ٿيا، لٿن هڪٻئي جي هيسَ؛
واتين ڪري ٿو اُن جِي، هر هر ڄامُ حديثَ؛
مهر آئون شفقت جي، ڏئي اُنهن کي آسِيسَ؛
تَن سان ڪير ڪَريندو ريسَ، جي سَمي ڄام سُهاڻيون.
(18)
جن واتين وَهُه وهَلَ، بانس آئِي ٿي بُڇڙي؛
تَن ويهاري وَٽِ ۾، ڪيا شاهه شُغل؛
اُهي چڙهيا پالڪئين، آهي سَڀ سَهَل؛
جتي جَهٻيرن جهوپڙيون، ٿيا ماڙيون تِتِ مَحَل؛
سمو ڄامُ اَنگَلَ، اَچيو اُنهن سان ڪَري.
(19)
ڇڇيءَ جِي هُئي ڇَٽَ، ٿي آئِي عام خلقَ کي؛
وَهِه وڃائي وَهَه ۾، ميئي مڃائي نه مَٽ؛
نورِي ڄام تماچيءَ سان، کِلي چڙهِي هُئي کَٽَ؛
سرلاڄو سَرپَٽ، مَلاحِڻ مَشرو ڍڪيا.
(20)
جنِين ڦاٽوڙيون هيون، گنديون گودڙيُون؛
تَن ڀيريون بافتن جيُون، جُنگ ڏئِي جوڙيُون؛
اُڇيلو اُنهن ڏي وجهي، سون رُپو روڙيُون؛
پانوَ پاسي ميي جي، قَناتان کوڙيُون؛
گهوڙا ۽ گهوڙيون، ٿو ويٺو ڏيهاڙيُون ڏئي.
نوري
داستان ٽيون
(1)
نوريءَ ڪيو نازُ، ٿِي ريجهائي راوَ کي؛
نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيو اُنهن جو ڪري.
(2)
تون تماچي ڄامُ، آءٌ مِيئي مُهاڻِي آهيان؛
ڏنو تو آرامُ، ڪينجهر ٻِن ڪنڌيُن کي.
(3)
تنؤَ جي طنَابَ، اڄ ڪُتي ڪينجهر ڪنڌئين؛
ناد وڄن ٿا نادِري، ٻيا ڀِي رودَ رَبابَ؛
جِتي کِکيءَ کوڙَ هئا، قيماتِت ڪبابَ؛
وَتن مُهاڻا مستَ ٿيا، ماڇي بي مهابَ؛
تَن تَؤن سڀ حسابَ، مورائِين معاف ٿيا.
(4)
پَلَئه مون پاتوءِ، تون راجا لَڄَ رَهائيين؛
سَما سُڃاتوءِ، ڪاملَ پنهنجي قُرب کي.
(5)
ڏُٿُ جَنين ڏوڏا، پَهرڻ پاٻوڙا تَنين؛
پيٺا وَڃن تن جا، گَپَ اندر گوڏا؛
سو پَٽَن جي پِينگهُن ۾، تن لالُ ڏئي لوڏا؛
اُهي آڻيون اوڏا، ٿو وير وهاري وَٽ ۾.
(6)
ڪوجهيون رنگ ڪاريون، منهن نه موچاريون اُهي؛
سي ڪڍيو ڪالورن جِيون، سر کَڻَن کاريون؛
ڪيئي کڻي اُن جيون، ٿو تماچي آريون؛
سي اَڄ شالون ڍڪِن سِرَ تي، ڪُلهين ڪِيناريون؛
زور ڇڏي زاريون، ٿو تماچي تَنِ کي ڪري.
(7)
لاڏ ڪيون لاڏ لُڏَن، ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين؛
ڪاريون ٿِيون ڪُڏَن، سَمي جي سهاڳ تي.
(8)
ڏُلين کي ڏولئين، ڄام تماچيءَ چاڙهيو؛
لَعلان زمردَ تَن ڏئي، ٿو جواهِر جهولئين؛
زريءَ ڪَلاباتَ جا، تَن چِڪَم تي چولئين؛
ڇڻڪائي ڇولئين، هيرا لَکان لَکنئين.
(9)
هئا لانگوٽِيا لُول، ڪوجها ڪنهين نه ڪَم جا؛
تَڏي مَڏي ڪانَ تَن، سي ڪَن جَهروڪين جُهولَ،
فَرشَ فُروشَ اَئون غاليچا، ٿو ڏئي تَنين کي
طُولَ؛
مَڏيون مال ڏسي اُهي، غمزا هڻن غُولَ؛
قَدرُ تَن کي ڪهڙو ، جي آهن اولَجَلُولَ؛
پيا اِهڙي منجهه اَلولَ، تِن ڄاريون ڄار وسايا.
(10)
ڪؤنئر جَن ڪُڙهيون، هُيون هميشه هٿ ۾؛
سي لوڙهن جي لَڙهه لءِ، ٿي لُڙئي منجهه لُڙهيون؛
جُهڳن جَهل نه اُن جي، ڪونتلَن ڪُڙهيون؛
ڪي وَتَن ڇيڪ ڇُڙهيون، ڪي تازي طَويلن ۾.
(11)
هُيون لَسَ لانگوٽيون، پاڻيءَ پوندي جن جيُون؛
تَن مِياڻيون معافِي ٿيون، ٻِي ڇَر سَڀا ڇوٽيُون،
اُن جون کڻي ڪيتريون، ڄام سَمو ٽوٽيُون؛
جوِ ميئون ريجهائي راوَ کي،
ماڻن سان موٽيون؛
کَريون جي کوٽيون، ته ڀِي پيون پلئه ڄامَ جي.
(12)
ٿي پُڻ هُوءِ هُپيون، پورهيو ڪَندي پَن ۾؛
لَيڙَ نه جن لِڱن تي ٻاهين ڪنَين ٻُٽيون؛
پَلئه لڳِي پوءِ ڄامَ جي، ڇِيهن کانءُ ڇُٽيون؛
اُنهن لانگوٽِن ِ لُٽيون، ٿي مُهران لَعلان لاڏَ
سين.
(13)
بيهودا بي آب هئا، اڳي ڪينجُهرَ ڪنڌئين؛
پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنهن جا جوڙَ جوابَ؛
ٻِيا سَڀ حرفَ حسابَ، مَلاحَن معافِي ٿيا.
(14)
پيرين اُگهاڙي جي گُهميون، تن لڳيون سَوّ سُتيون؛
ساڻ جڙاوَ جُتيون، ٿي ڏنيون تماچيءَ تن کي.
(15)
مُهاڻيءَ مَرڪُ، جان تماچي طُريلُ ٿيو؛
مَٿي ميَي گلابَ جو، ٿو اوتَي پاڻ عرقُ؛
ڪيائين ڪونه فَرَقُ، پاڻُ گڏيائين گاندرين.
(16)
جَن ِ مَون بُڇڙي باسَ، آئِي ٿي عامَ کي؛
تن سان سَمي ڄامَ جا، ٿيا ايڏائي اِخلاصَ؛
ٿي عامَ نه ڏٺو جن ڏي، سي ٿيا خاصاً خاصُ؛
عطر عَنبير ڪچور جا، اُهي وَڳين ڏَين واسَ؛
لَکين ڪن لباسَ، زريءَ اَئون زَربافَ جا.
(17)
تون سمو سُلطان، آءٌ ميئي مهاڻي آهيان؛
تون مون ڏنُهن مِهربانُ، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.
(18)
ڪَڍيو ڪالوڙا، ٿي آندئون اَڌوٻَنڌ ۾؛
جن پيرين لِتَر ڪونه هو، سي ڪن جڙائو جوڙا؛
تن مُهران سون سَمو ڏئي، ٻيا رُپي جا روڙا؛
ڏينهن ۾ ڏوڙا، ٿئا سَمي جي سُهاڳَ سان.
(19)
ٿِي لانگوٽِين لوڙ، پِيو ڍويو ساريءَ ڍَنڍَ ۾؛
ناپي ۽ ڏُٿ ڏَپَ جا، آڻيو ڪَنِ اَروڙَ؛
تتي مُشڪ عطر ٿيا، هئا جِتِ کِکيءَ جا کوڙَ؛
سي ڪن ڪِينارئين ڪپڙا، ٻيا جواهِرَ جوڙ؛
مَٿي ٻَنڌي موڙ، گِھڙيو تماچِي تَن ۾.
نوري
داستان چوٿون
(1)
مَڪَ برابر نه ڏيان، توڙي ڀَرين موتئين ماڻِ؛
جو مون ڪميڻيءَ ڪاڻ، ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.
(2)
ڄامَ کنيو ڄارو، مُرڪي مَلاحن جو؛
تيلهان مَڪَ مٿي موتِن جي، ڏيان ٽِيڻو تُرارو؛
سڀ ڪينجهُر ڪنارو، مُهاڻن معافي ٿيو.
(3)
موتي مٿي مَڪَ جي، وٺان نه ٻِيڻا؛
ڀِي برابر نه ڪريان، جي ٻيڻا ڪِي ٽِيڻا؛
اَسين تا هِيڻا، پَر ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.
(4)
مَڪَ موتين تي نه ڏيان، توڙي هُئن ڀاتون ڀاتِ؛
ڪوجهِي مان ڪَم ذات، پَر ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.
(5)
هئا ٽولاڪين ٽوٽَ، پر نادر ڄام نوازيا؛
جَن ناپا لوڙهه ڪَلور ٻيا، ٿي ڦَڪيائون ڦوٽَ؛
سي اڄ کِيا وَتَن خمارَ ۾؛ اَٺئِي پَهَر اَلوٽَ؛
ڪِينجهُر ٻِن ڪنڌيُن ۾، ٿيا لانگوٽيا لَک لوٽَ؛
پِينگهين اَئون سُک آسَڻين، ڪَن جَهٻيرا جُهوٽَ؛
هِڪُ ڪُلهين ڪونئر سئيل ڪَن، ٻيا منهن لائِن منهن
سُوٽ؛
ڇِڇيءَ هاڻن ڇوٽَ، ڪيون مَرد مِياڻيون.
(6)
جن ٿي ڦَڪيا ڦُٽ، ٿيا ڪُلين قيمَن هيروان؛
اَڄ تَن دُشالا سِرَ تي، ٻيون شالون ٻنڌَن ٻُٽَ؛
زمرد اَئون ياقوت جِي، ٿي لَعلين هيرين لُٽَ؛
سَمي سڀ معافِي ڪئِي، تَن ساٽِن تان سَٽ ڪُٽ؛
لَٿا ذِيل اُنهن تَون، ٻي ڪُلّيِ ٿِين ڇَر ڇُٽَ؛
عيبَ ڏسِي عامَن جا، ڪيائين ڪان اُپَٽَ؛
اُنهن ڄامُ اکُٽَ، موتي ماڻِڪ ٿو ڏئي.
(7)
هيٺ مٿي پوتِي، هئي ماڳين مهاڻِن ِ کي؛
پاڻيءَ پوندي تَن هُئي، چِڪَ جيهِي چوتِي؛
اَڄ گاندر سِر گلابَ جي، ٻي عطر عنبر اوتِي؛
مُنهن لَڳُس موتِي، تان جهولي ٿِي جواهِرَ ۾.
(8)
ڄارو ڄام کڻي، ٿو مُرڪيو مَلاحن جو؛
زريءَ اَئون زرباد لَئي، ٿِي ڇُڳير ڇڻَي؛
سَهجَون سون رُپا ڏِئي، ماڻِڪَ مِيي مَڻي؛
خِيما خوب قناتان، هيجَون تِت هَڻي؛
ڳاڻاٽي نه ڳڻي، ڏي جالَ جواهرَ تَنِ کي.
(9)
تماچِي طُرا، ٿو سڏيون ٻڌائي اُن کي؛
سي شوق وَتَن شِڪار تي، کنيون زور زُرا؛
ڪُڏائِينِ ڪُرا سي ٻنهي ڪِينجهر ڪَنڌئين.
(10)
راتو ڏينهان ڏِٻ ِ، هو مَرَڪُ مَلاحن جو،
ٿي ٻوڙيون وَهَه وَهل ۾، ڪئِي جَهٻيرن جهِٻَ؛
هو روز جَنين جي رٻَ، سي اَڄ ڪُلين حلون هيروان.
(11)
مُهاڻِيءَ جي من ۾، نه هو گِيرَبُ گاءُ؛
نيڻن سان نازَ ڪري، ريجهايائين راءُ؛
سَمو سَڀنِي کانءُ، وٺي وَيٺي پاڻ سان.
پَلئي لڳي آهيان، آهيان اَياڻي،
سمي سُڃَاڻِي، ڄارو ڄارو ڪُلي کنيو.
(13)
هُئِي ويٺي بازر وچ ۾، هُئا هٿ کِکِيءَ هاڻَس؛
درَن ڪاڻ دُٻَن ۾، ٿي ڀَنَ وِڌا ڀاڻَسِ؛
هُئي مُهاڻِي ماڻَسِ، پر هِن سان ڪَرم ڪَريم ڪيو.
(14)
ٻيون ڀِي چار چُري هَليون، ٻُڌي دعوا دانايُون:
”هلي ته کِکيءِ کوڙ سان، ڳَچ ڪِي ڳالهايُون؛
مضمون ڇا هي مَلاح جو، جنهن سان راءُ کڻي رايُون!“
نوريءَ اَڳِيون نازَ مون، جڏهن چِٽِ اکيون چايُون؛
تڏهِن سُهمجي سايون، ٻولينديون ٻاتِيون ٿيُون.
(15)
لَٿو لانگوٽين جي، پَکي ڄامُ ڄُلِي؛
مَنهِن مَنَهِن پيون مَسندان جُهڳي پاس جُهلِي؛
ماڻِڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇولِ ڇُلِي؛
ڪِينجهُر سڀ ڪُلِي، ڄَڻ اَصليءَ کَؤن اَهڙو هئو.
(16)
فارغ ٿِيَن نه فِراقَ کَون، ويجها ڪين وصالَ؛
گُم ٿِيَڻ کَؤن گم ٿِيا، نِڪا سُرت سَنڀال؛
اتي قِيل نه قال، ”سچو“ صُمّ بُڪُمُ ٿيا.
|