ڪافي 121
اهو بَر ڀِي بازر آهِه، جتي ديرو دوستَ جو!
ڏونگَرُ ڏولِي ڀائيان، سپيريان جٖي ساءِ!
چُمنديس چَپَن سان، ميان، سندي جانب جاءِ.
محبت محبوبن جي، ڪاري هنيڙي کي هاءِ هاءِ.
ويٺِي ڪانگَ اُڏايان، لَکٖين لالن لاءِ.
مون کي ڪيچَ وڻَن ۾، نيئي پانڌيَڙا پَهچاءِ.
ساٿِي سُپرين سان، هِيءَ گداگر گڏاءِ.
”سچُو“ سَڄَڻن کي ميان، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ.
ڪافي 122
ڙي جيڏيون، هاڻِ گهوريو هوتن ريءَ سارو شهر ڀنڀور!
لائيندا وو لطف سان، هِن ڏکِيءَ کي ڏور.
هَيءِ هالاڻي اُن جي، شُعلي وڌڙو شور.
مِنت نه منهنجيءَ موٽيا، زاري نه آهي زور.
دَرَسَن ساڻ دفع ٿيو، سندو هِنيڙي هور.
”سچُو“ سندن راهَ تي، هِڪَ جفا ٻيو جور.
ڪافي 123
حال معلوم توکي هٖي ئِي، آءٌ تا وسِ نه ويٺياس!
پرين تنهنجي پار ڏي، قاصد مُنجان ڪيئِي-
ايڏانهن منهن ڪيو بِيٺِياس.
ڇڏي وڃ نه چَپرين، مُنج دلاسا ڪي ڏيئي-
تنهنجي محبت ماريياس.
چئي ٻڌايان سرتين، هن سٻاجها سي ئي-
آءٌ تا وار نَه وسرياس.
پاڻَئون پري نه ڪرين، آءٌ پٺيءَ اوهان جي پيئي-
تنهنجي پَکي نِي پيٺياس.
ساٿِي ڏيج ”سچوءَ“ اِهي نِياپا تون نيئِي-
ڪافي 124
منهنجو پَنڌڙوپَهُه آهي، ڀَلو سرتيون سانولَ سڻ!
سو تا ڇِنَڻ جٖيهو، اَصل کَون ناهي-
آهي سَڱ ته پُنهونءَ ساڻ.
ايندو، اَٿَم آسَرو، آَسَر هَڏِ نه لاهي-
ٿِيندو مُئِيءَ جو مِهماڻ.
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، ڪيچ ويندي هِيءَ ڪاهي-
لڳم ٻاروچي جو ٻاڻ.
هِيءَ ڪَميِڻِي ڪوڙي، توڙي باب سَندن هِيءَ ناهي-
ته ڀِي نيِندا سٻاجها ساڻ.
هِيءَ دل ديواني ڪري، هو ٿيا پاڻَ قرار.
جات جَتن جِي جيڏيوُن، جِيءَ وڌو آهي جار.
”سَچُو“ نه وسار ساه کَوون، دوستَن جِي دربار.
ڪافي 131
عين اَٿَو اِنسانُ، ڀول مَتان ڀُلٖي ڪائي!
دَلقُ درويشِي پهري آيو، صورت هِن سلطان.
آهي جَڳَ ۾، سُڻو ري، جيڏيوُون، صاحبَ جو سيلان.
ڏسِي تَماشو يارَ سَڄَڻ جو، هَر هَمه حيران.
واه عجائب جٖيهو ڪيائِين، ”سَچو“ ري سامان.
ڪافي 132
ٻاروچي لَؤن لائِي، ميان ڪوهياري لَؤن لائِي!
ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي، ڏاڍي سور سلائِي.
سَرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينَر ڪانهي ڀائِي.
هِيرَ وڻٖي سا هانوَ کي، ڏَنهن عجيبن آئي.
ڪافي 133
صحيح سُڃاڻج سري، خود آهين وري خُدائِي!
لکين سِتارا گم ٿيا، روزَ ڪَئِي روشنائِي.
ڪوڙين قطرا ڪارونڀارَ، ڪِي سَمونڊَ سَمائِي.
سُڍِ تنهِين سِرَّ اينهيءَ جِي، مٿي جنهين جي
آئِي.
تخت هَزارو اوري رهيو، پَري رهِي بُلي شاهي.
”سَچُو“ سَچِي ڳالهڙي، پاڻ پِريَن پُرجهائِي.
ڪافي 134
وَس ڪا آهي ويچاري!—هُئَڻ هِن جو هوتَ، ناهي!
اُٺَن اُوٺارن تَؤن، سائِين اَلا، صَدقي آءٌ سَو
واري.
چايُم ڏاڍي چاهِ مَؤن، سئين الا، بِرهُ بلوچي
باري.
هيڏي هوڏي جان ڏسان، سائين الا، زار ٿي ڪريان
زاري.
ٻانهان ٻانهِن جان ٻڌي، سائين الا. زار ٿي ڪريان
زاري.
”سچو“ سهي جي ڪرين، سائين الا، حَق حقَيَقَت ساري.
ڪافي 135
تون آءُ اسان وٽ يار: تنهنجي اَچَڻَ ڪاڻ-
جِيئڙو جُکي ٿو، ساهڙو سِڪي ٿو!
بَس نه وَهڻ کَؤن ڪَرن، هي نيڻَن سَندا نارَ.
ماٺ ڪندي ئِي چاڙهيا، بِره اسان تي بار.
پِرين پاڙج پانهنجا، جي ڪيئَي قولَ قرار.
چُمِي چَشمَن تي کَنيم، تنهنجو عشقآله توهار.
باه جٖيهو آءٌءُ ڀائِيان، جو دمُ تو هَئون ڌار.
راتو ڏينهان تانهنجي ايهج، ”سَچُوءَ“ سار سنڀار.
ڪافي 136
درد مندن جي دل، ميان، شوقِي وو يارُ شڪاري!
يار سُهڻي جون ڏسو ڏهاڙي، ڪَن ٿيون خون خماري.
سوز وارن کي سِيني اَندر، ماري قيبر ڪاري.
چشمان چوٽَڪ ڏاڍو لائن، ڪجليان هَن قهاري.
ٻانهون سي ٻڌيم اڳيون انهن جي، زاري سَوَ لَکَ
زاري.
دل اسان جي وو لُٽ نِيَن ٿيون، ٻَئِي چشمان چاري.
پاڻان ڄائي ظاهِر ڪيائين، هوءِ هوءِ حُسن هزاري.
جِيءُ ”سچوءَ“ جو جار وڌائون، ڏيئي پاڻ ڏيکاري.
ڪافي 137
سِگها اِيندا، سِگها اِيندا، پانڌي پِرين جا ڪِي
تا!
سڪائيِءَ سان سرتيون، الا، ڏکَ ڀائِي اَچي ٿيندا،
ڀَلِي اِيندا.
درد منديءَ جي دل کي، ميان، دوست دلاسا ڏيندا،
ڀلِي اِيندا.
ڪين ڇَڏيندا ڇَپقرين، ميان، نال نِماڻِي نِيندا،
ڀلِي اِيندا.
پَکَا پَکن سامُهان،ميان، آڻي پاڻَ اَڏيندا، ڀلِي
اِيندا.
پاڻ پنهنجو سُپرين، ميان، ساڻ غريب گڏيندا، ڀلِي
اِيندا.
سو ڏينهن ٿيندو ڪهڙو، جو ”سَچو“ نانءُ سَڏيندا،
ڀلِي اِيندا.
ڪافي 138
تنهنجي محبت موهيو، رمَزن ريهيو، هِي تا ساهُ-
آڻئِي اَلله!
طرف تنهنجي راتو ڏينهان، چِتِ گَهڻيٖرو چاهُ-
آڻئِي اَلله!
پيو پناري تانهنجي ميان، هي ڏوهاري ڏاهُ-
آڻئِي اَلله!
واڪا ڪَيون ٿو وهٖي دل اندر درياهُ-
آڻئِي اَلله!
ڪشي ڪَري ڪپڙا ”سَچُو“ مَليِندا پاهُ-
آڻئِي اَلله!
ڪافي 139
هوتَ ڪڏَهن نه هلايُوَ، پانڌي پنهنجي پارَ ڏنهُن
اسان ڏي!
طَرف توهان جي مُڪوسين قاصد، سو ڀي وَهندو ڪين
ورايُوَ.
نياپو منهنجي نينهن جو، جيڪَر ساٿِيءَ نه سڻايُوَ.
هو جو ڪَيو وعدو، سو تا ياد نه آيُوَ.
”هردم هونداسين اَسين توئي سان“، فائق هيئِن
فرمايُوَ.
تَنهن ڏينهن لاڪُون يارَ ”سچوءَ“ کي باري سو بِرهُ
بَڇايُوَ.
ڪافي 140
ڪالَهه قاصدَ اوڏنهون آيا، اِها ڪَيَئُون آگاهي!
؟پار ڀنڀور جي هئا اچَڻ جا، ساٿَ ڌڻيءَ کي سعيا“-
چڱِي ڌنائون گواهِي.
مُنهن محبوبن جو ٿيو اسان ڏي، پيا سي پَنڌ سَجايا-
ڪٖيها رَهبر ڪريان راهِي!
يارَ مُسافِر ڪِيُم اُداسِي، ڏور جنين ڏينهن لايا-
آڻي تون مٖيڙ اِلٰهي!
پاندُ ڳِچيءَ پائي اڳيون پِرين جي، اسان ڏوهَ
سڀئِي بَخشايا-
ٿيا سي پاڻآ صَلاحِي.
”سچُو“ اُتاهُون اَچٖي رَهِي هِت، ويڙها سي يار
وَسايا-
غَم لَٿِي گُمراهِي.
ڪافي 141
هاري سو پاتُئِي هار، آءٌ ڄام چنيسَر آوڙان!
جنهن دوستُ کسايو دَمَ ۾، سَٽ اُهو سِينگار.
هَٿَيُون پَئِي تنهنجي آهي، روئٖين و زارو زار.
داڻو ته تنهنجو ڪو نه هو، پَرَ نِينهن ڪيو نروار.
پَلنگئُون پئينءَ پَٽ تي، ڪَري گوندَرَ گفتار.
”سچو“ سهي جي ڪَرين، هِيءُ هو عشقَ جو اسرار.
ڪافي 142
هارَ چنيسَرُ ڄام، ليلان کسايو دَستؤن پنهنجي.
ڌاڳو مَڻيون هو ڪَسوٽِي، جو دل جو ٿِي پيو دام.
نَظَر وڌئِي تا غيرُ تي، تٖيلهان تون ٿِئين تمام.
ڀُلِي ڀولٖي ۾ پئينءَ، هار ڀانڀُئِي آرام.
تنهِين ڏينهن آندئي پاڻَ سان، سورن جو سرانجام.
”سچو“ رَه صَبر ۾، عشقُ ٿِيئي انعام.
ڪافي 143
ڪِيئن چَوين ٿو، ڪِئن چَوين ٿو!
لوڪ ناهي ٻيو؛ —ڪِيئن چوين ٿو؟
لوڪُ سَڀوئِي اُهو آهي، ڪيئن ٻيائيءَ مَنجهِه
پَوين ٿو؟
اَڄاڻ بنائي پاڻ بيهاريُئي، غمزي اِنهيءَ ۾ ڇو نه
گَوين ٿو؟
ساڻ سچي تا ”سَچو“ گُذارين، راند روئڻ جِي ڪٖيهي
رَوين ٿو؟
ڪافي 144
ڀُل وڃي ٿو، لوڪ سارو ئِي ڀُل وڃي ٿو!
”مان“، ”تون“ ويندي، اُهو ئِي ٿيندو،
ڀولُ اُهوئِي جيڪو ڀڃَي ٿو.
اِهو اُهو ئي سَرتيون آهي، نه تا اها ڪوئِي
ڳالهِهه مَڃي ٿو.
اندر ٻاهر اُهو ئِي آهي، ”سچُو“ هِي سِرُّ صحيح
سَڃي ٿو.
ڪافي 145
سُهڻو سَک ٿيو، ڪاڪيون ڙي،
ڪيچق ڌڻين سان شالَ مولو ميڙيندو!
اڳئين کَؤن ڀِي اڳرو، — ڀائن تا ورهِ ويو!
آريءَجي اولاد سان، ڏاڍو پيچُ پيو.
بيڪَسِيءَ جي دائري، تنهن کي نِنهقن نيو!
صدقي تَن سيرن تَؤن، ”سَچوءَ“ ساه ڪيو.
ڪافي 146
سال مون سان وريون، ڪانگ ڪَرين مِھيون ڳالِهيون!
جدائِيءَ جون جان جسم تي، ڪيون پورن پَريون
پَريون.
دردَ سَڄَڻَ جي دل منهنجيءَ کي، زور ڪيون ذريُون
ذريُون.
ڏکن واريون ڳالهوين، اسان ڀي دل ڀائي ڌريون ڌريون.
وايون وصل جون يار ”سچو“ تون، متان ڪرين ڍريون
ڍريون.
ڪافي 147
متان تون مون کي ڇڏين، سونها ڙي سَڄَڻن جا!
مَ ڄاڻان ڏينهن اُهو تا، ٿيندو اَلاجي ڪڏهين.
نانءُ موليٰ جي محبوبن سان، نئِي غلام کي گَڏين.
حاضر ٿِئين حضور ۾، نانءُ ”سَچُو“ ڪري سَڏين.
ڪافي 148
اهو آهي آهي، يار ساڳيو ساڳيو!
اوهين ڄاڻو ساڻ يقيني، پيو سو ناهٖي ناهٖي.
ميخاني وچ مست هميشه، ڪيئن سو ڪعبي ڪاهٖي ڪاهٖي.
لوڪ سارو ٿي هِت جو آيو، سَڀ حجابان لاهٖي لاهٖي.
ظاهر باطن آهي اُهوئِي، جان جثو وري ڇاهٖي ڇاهٖي.
نانءُ ”سچوءَ“ جو آيو صفت ۾، ڏانُ ڪيو ڪيهو ڏاهٖي
ڏاهٖي.
ڪافي 149
هيءَ پورهينت پاڻِيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچا تنهنجي!
حاضر خدمت اَچي اوهان جي، حال چونديس روئِي.
ساٿِي اسان جي سُڌ لَهَڻ سان، سوال پورو ڪَر
سوئِي.
ڪِيئن وساري ويهان اوهان کي، ڪئِي تا هِهڙي توئي.
طوطيءَ جٖي ڳچيءَ سو سَلامن، ”سچوءَ“ مُڪا پُڻ
پوئي.
ڪافي 150
رات مون کي آهٖ وائي، خان ٻاروچا تنهنجي!
پرين نَه مُڪو طرف اسان جي، لِکي ڪتابَتَ ڪائِي.
ڀِيرو ڪندين وري ڀنڀور ڏي، اِها آڌَر مون آئي.
حال منهنجٖ جِي خَبَر نه ڪنهن کي، چڱي سَڄَڻ تو
لائِي.
اِهو آسرو مون کي آهٖي، جٖي، جانِي اِيندين شالَ
جائِي.
ڪافي 151
سُڻ منهنجڙو حال، دلَبَر ديس وَسَئِي،
گُهوريو ڙي پَر ڏيهه تؤن!
مون کؤن پَري نه ٿئين، سائٖيين مَڃ سُوال.
منهنجو توسان تا آهي ئِي، خاصو يارَ خيال.
روئان واٽڙين تٖي، ڪُريو ههڙو حال.
واڳان وطن پانهنجٖي، ڦيري آءُ فِي الحال.
تو کَؤن ڳُجهو ناه ڪو، عاشقَ جو اَحوال.
ڪَر ”سچوءَ“ کي سپرين، کڻِي نيڻ نهال.
ڪافي 152
ڪَڏهن قاصد وري ويندين، ديس ٻاروچل جي، ميان!
خَبَر خوشيءَ جي وٺي اُتاهُون، سِگهو اسان ڏي ڪِي
اِيندين.
درد منديءَ جي دِل کي، هاڻي ڏاها دلاسو ڏيِندين.
سپرين جي ڳالهه ڳُجهيءَ جو، وڃِي سو واقف ٿِيندين.
سوزَ فراقَ جي، يارَ، ”سَچوءَ“ جو، تون هِي نِياپو
نيندين.
ڪافي 153
آئٖين قاصدَ ڪالهه پِرينءَ جي پارَ ڏنهُن،
آندئِي جي سَنِها آوهي ئِي!
هارِيا هِنَ جي حالَ جِي، ڪا هُئِي هُت هُت قَيلَ
مَقالَ؟
پاڄيءَ کي پَرديسَ ۾، سِڪندي ٿِيَڙا سال.
پِريَن ڪِي مون پُڇيو، ڪا خَبَر ڏي خوشحالَ!
ڪِي ڪَڍندا هجر فراق کي، ورندَا واوَ وصالَ!
”سَچُوءَ“ سندي ساهَ جِي، ڪا هئي هُت کين سَنڀالَ!
ڪافي 154
عاشق ڪَر آرام، پِرِينءَ گهڻو پُڇيو تونهنجو،
خوشيءَ ۾ رَهُ، ري!
”طرف تنهنجٖي آهِ اَچَڻ جو، اسان جو اَنجام.
”رهَبَر عاشِقَ کي وَڃِي، سَوَ لَکَه ڏيج سَلامُ.
”اڳيان آهي تانهنجو، سَرهائِي سَرانجام.
”جيڪِي چَيُوَ، تانهنجو آهي، ڪُلِّيِّ قبَول
ڪَلام.
”سَچُو، تنهنجي ساه کي، آهِه محبت بخش مُدام.“
ڪافي 155
يار منهنجي کي ڪريو، مَنَت وڃِي ڪائِي!
پَرڏيهه وڃ نه مون پِرين، يارَ تو سان مون تا
لائِي.
اَندر منهنجو اَڌ ڏاڍي سان، اَديون، آمون
اَٽڪائِي.
چَڱا مِڙيئِي ميان اَئين چون ٿا، لائِي ته توڙ
نڀائِي.
هِجَر منجهارؤن ٿِيندي وصالت، اِها ڳالهه
”سَچُوءَ“ آزمائي.
ڪافي 156
هاڻي مون کي پِريَن پوءِ، جيڏيون جِيئَڻ جنجاک
ٿيو!
ويٺِي واٽڙين تي، هِيءَ راتو ڏينهان روءِ.
ويهڻ هن جو وهه ٿيو، هو لَڏي ويڙا لوءِ.
درد مندي دانهون ڪري، اهي هوتَن ريءَ هوءِ هوءِ.
ڪاڪيون مون ڏي ڪيچ کَؤن، شالَ قاصد اچي ڪوءِ.
”سَچوءَ“ ڪندي سال ٿيا، وَريتِيون ووءِ ووءِ.
ڪافي 157
يار ساٿيو ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان، ڀلو ڙي
ميان،
سوتَن جِي ڪَل مون کي ڪا ڏيجو!
هِيءَ نِماڻِي در وڪاڻي، نالَ نباهي نيجو.
ڪَيُم وساريو، مئي ماريو، ڇوري تا نه ڇڏيجو.
ڏيو دلاسا ڪڏهن اِيندا، لوءِ ئَون تا نه لَڏيجو.
آءٌ اُوهانجڙي اصل کَؤن آهيان، گولِي ساڻ گڏيجو.
جنهين ويلي هلو اِتاهون، ”سَچوُ“ نانءَ سَڏيجو.
ڪافي 158
ساجن اِنهيءَ سير، اِيندئِي ڙي آڃا!
سي ئِي پَهتِيون پِرينءَ سان، جي گِهڙيون اِنهيءَ
گهيڙَ
سپيريان جي سِرَ ۾، هٖيجَؤن هِنيڙو هٖير.
ٻُڌي نچج نِيهنَ جِي، ڇاتِيءَ ڇاتِيءَ ڇٖيرَ.
”سچو“ سائين جٖي پُڇين، ڦندَ سَڀِيئِي ڦِيرَ.
ڪافي 159
هوتَ اسانجڙو حال، تون پاڻَهين ٿو ڄاڻين!
اوهان ٻاجهون وو سپرين، يمان الال، ساعت ڀايان
سال.
وري اَچِج آرياڻِي.
اتو ڏينهان روح کي، ميان الا، سندُو طَواب خيال-
تون سانول سُڃاڻِي.
ڇڏي ويندين وو ڇَپَرين، ميان، الا، تو لڳه ڪم
ڪشال-
تون هِئين ڪيئَن هوتياڻِي!
سوز اوهان جي وو سُپرين،ميان اَلا، بِره ڪئِي
بيحال-
ته ڀِي عذر نه اڻِي.
لاءه فراق وو فقير کَؤن، ميان الا، ”سچو“ مڃ سوال-
هِيءُ هاديءَ لئي هاڻِي.
ڪافي 160
”توکي عاشق پنهنجو ڄاڻان، تو کي سَون ۾ سُڃاڻان!
”اسين تا توسان آهيون سدائين، وجهج ڪِين وڃاڻا.
”آهي تا آهن نظر اسان کي، اَچِي جي در وڪاڻا.“
دستَئون ڪري ڏِنوَ هٖي مان کي، يارَ دارؤن جا
داڻا.
سَهِجِ ”سَچُو“ اڻ يقٖيني، محبوبن جا ماڻا.
ڪافي 161
اوڏاهون قاصد جي ايا، هُلائِي هِيءَ وائِي:
”هاڻي هوتيِاڻِنِ جِي هُئِي تو ڏي تياري،
”واٽان پُڇي تانهنجون ٿو اَصل کان آري،
”ڌاري، سنديَو حال جِي هت معلوم سَڀائِي.“
”اهو رَکج آسرو جو اَڄ توڏي اِيندا.
”ڏيهِي ٻانهون ڳل تو وري پِرين پَرچائيندا،
”هٖيڪنَد ٿيندينءَ هوتَ سان، تون جاڳندي جائِي“
”مارئِي ماندي نه ٿِيءُ، ڇو گوندر گذارين،
”واٽان اَڇَڻ ان جون ٿِي نِت نِت نهارين،
”جهڙي تون هِت آهن، آهين هُتِ ڀِي اُهائِي.“
”ويو وڇورو وچ مُؤن، تون گڏيئن سئينءَ ساڻ،
”تو سان آهن سُپرين، پَري ڀاءَ نه پاڻ“:
”سچو“ ٿيِنديَن سيگهڙي، اِها وائِي سوائي!
ڪافي 162
منهنجي اڱڻ اَڄ
آءُ، پرديسيڙا ڙي يار!
والي شالَ وصال جو، ڪو وري لڳي واءُ،
اچي هَڏ نه هِتَهين، سانوَلَ، تو ريءَ ساءُ.
ميان مشتاقن جو، اَچي صاحِبَ لهه سَماءُ.
دانهون ڪري دردَ ۾، جا ڦَٽي فِراقاءُ.
ٿيون مَدايون ڪيتريون، سائين ”سَچُوءَ“ کانءُ.
ڪافي 163
ڪيچي ڏٺم اَڄ اِتي، — اوهين تا ڇا ٿا ڀانيو!
سال لنگِهي ويا ڪيترا، ڪاڪيون ريءَ ڪِتي.
اَڄ تا وينديَس ڪاڏي ڪِينڪي، هُو سو، تا، منهنجو
هتي.
منزل محبن جي جتي هوندي، ميان، هونديون سَرهايون
تتي. موڳائيءَ جي مونجهه م، سائين الا، ڪان ڏسٖي
گَپَ ۾ گتِي.
سودو سيڻن سان حال ٿيندو، ميان ”سَچُو“ سِرَ ڏتي.
ڪافي 164
اَڄ اوڏانهين سي آون، مون ڏي خَبران خير جون!
”ٻيو تا توسان دوستَ وي، ڪون برابَر ڀايون.
”لکِي مَؤن معلوم ٿيو، - هاڻي پير ايڏانهِين ٿا
پايُون.
”سَنڀري توکي ميان ڏيهه سندءِ، لَکَ ٿوراا ٿا
لايون.
”سورن واريون سڀئي ساعتون، تو لَکَ لنگهايون“:
توکي ينديون هاڻي حاصل، ”سَچَو“ ري سَرهايون.
ڪافي 165
منهنجِي حجت توسان ناهه، توکي مولو ميڙي يار!
مون هِن نماڻِيءَ کي، آسَر سَندُوَ آهِه.
اندر ٻاهِر تا تنهنجِي، جانبَ آهي جاءِ.
ڏونگَر ڏورڻ آئيا، ساڄَڻ تنهنجي ساءِ.
”سَچُو“ آهي سِڪَ ۾، لالَن تنهنجي لاءِ.
ڪافي 166
پُڇن ڪوه طبيبَ، او، سوزَ واريون سرتيون، ڀلو
الَو!
پيدا ٿيندا پاڻهين، ڪول آيَس قَريب.
ڏِيَن ڏيکاري ڏِيلَئون، اَچانڪ عجيبَ.
”سَچُو“ وَسَن سي سدا، هنِيَڙي منجهه حَبيب!
ڪافي 167
اَلَا باري بِره ڍولَڻ هي، دل ديواني منهنجي
ڪٖيئي!
اوري اَٽَڪ نه رهِي، خاص پِرين پکٖيئِي.
پيريائون پُر ڪَري، ٻِي سڀ وائِي ويئي.
راتيان ڏينهان روحَ ۾، ”ٿَيا ٿَيا“ آهي ٿيئي.
اکيون دل ”سَچُوءَ“ جِيون، پاڻ سِکيون ڪِيئَون
ٻيئي.
ڪافي 168
يار لايو رنگ، ڏِس تون، جي هُيَئين ڪَنهن حالَ ۾!
محڪم رهين اَحوال ۾، قائل نه ٿي تون قالَ ۾.
خيالَ ٻاجهون خاص تنهنجي، هُئي جِيَڻ جَنجَال ۾.
جي هُئين ڪو دَم اِتي، تا هُج تون خاصي خيالَ ۾.
اَصل ۾ يڪتا ٿِئين، عاشِقَ چئَو اَمثالَ ۾.
محبت مَگر مرشد سندي، آڻين اِنهي اَحوالَ ۾.
ڪلام
”تو ڪِيئن اُهي وسري ويا، جن کي تو ٿٖي ڪارون
ڪيون؟“
پانڌيءَ پِريَنءَ جي پار ڏنهُن، آندي خبر اها يار
ڏنهن؛
آيو اصل اسرار ڏنهن، دوسن سندي دربار ڏنهُن.
”ڪيئن تون پئين ٻيءَ ڳالهه ۾، هِي جيءَ وجهين
جنجالَ ۾؛
”چئه، آهين ڪهڙي خيال ۾؟ — رهه تون هميشه حالَ ۾.“
”کانئن پاسي ڏينهڙا پَيَئه، سي ڳُڻَ سَندن وِسري
ويئه!
”سچا سخن سانڀَڻ ٿِيَئه؛ — سڏ کين ڪڏهن نا هَيئه.“
”ڳالهيون سَڄَڻ جون ياد ڪر، دل ساڻ ٿي عاشق آيو.
”تا تو اچي نازڪ نظر، هَيءَ هَيءَ متان ٿئين
بيخبر.“
”جيڪس فِراق جي فال هُئي، ڪا کين ڪڏهن نا ڪيَئه.“
”ڳالهيون سَڄَڻ جون ياد ڪر، دل ساڻ ٿي عاشق اَپر.
”تا تو اچي نازڪ نظر، هَيءَ هَيءَ متان ٿئين
بيخبر.“
”جيڪس فِراق جي فال هُئي، ڪا کين تنهنجِي ڳالهه
هُئي،
”تو گڏُ جِيڻ جي جال هُئي: — اَڄ تو نه تن سنڀال
هُئي!“
”اِتي وِساريئي ڪيئن ويهي، جي ڏيهَه هئا تنهنجا
ڏيهِي؛
”تو کي آئِي مَصلحت ڪيهِي؟ — هاڻِ پاڻَ ايندا اڄُ
پيهي.“
”سچو“ متان دلگِير ٿئيٖن“، اَڄ پاڻ فرمايئون ائين،
”طالب وڃي تَسلا ڏئين، معافي مَدايون ڪيون مئين!“
ڪلام
وعدا اُهي اَڄ ياد پئيا، مون سان قريبن جي ڪيا!
ڳالهيون ڳجهيون اُهي يارَ جون، اصلون ٻُڌيم اِسرار
جون،
سي ٿيون عطا اعتبار جون، دل ۾ رهيون دلدار جون.
واليءَ اِهو وعدو ڪيو، جو ڪَم چَيوسيٖن سو ٿيو،
”هڪ ٻول تو سان، ناٻيو، وِسِري نه مون کَون سو
ويو.”
فائِق وري فرمايو، ”تو سِرُّ اسن جو سائيو،
”اهو ڏسڻ مون آئيو، دل ساڻ سو مون لائيو.
”سَچُو سدا سَرهو رهين، هِن ٻولَ اسان جي تي
ٻَهين،
”تون ٺاه تا هِن تي ٺهين، سِر بار برهي جو سَهين!“
|