سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :6

 

داستان ڏهون

سسئي

 

(1)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، مان ٿي اَڱڻُ نهاريان؛

ساريو سُپرين کي.، هنجون آءٌ هاريان؛

گوندر گذاريان، هَي هَي سارا ڏينهڙا!

 

(2)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، پوءِ ٿي اَڱڻ نهاريام،

ڪين لهان سي ڪاٿئين، وڏيءَ ويلَ ويام؛

وڃي ٿاڪِ ٿيام، ڪاڪيون ڪيچ وڻن ۾.

 

(3)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، تنگ اُٺن تاڻي؛

هوتن ريءَ هاڻي، اَڱڻ نِهاري نه سگهان.

 

 

(4)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، اَڃا مون وٽاءُ؛

پرينءَ پُڄاڻاءُ، اَڱڻ ڏسي نه سگهان.

 

(5)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، جاتِ اَولِي جَتَ،

هَي هَي هڻان هٿ، اَڱڻ ڏسي نه سگهان.

 

(6)

ڪيچيڙا ڪالهه ويا، تون ٿي اَڱڻ نهاريين؛

ٻَڙي ٻاروچن لءِ، رت هنجون هاريين؛

ساريون سنڀاريين، ٻاروچاڻِي جاتِ کي.

 

(7)

ويئَي ڪيچيڙا ڪالهه، تون اَڄ ٿي پيرَ نِهارئين؛

هو لنگهي لَڪَ سنوان ٿيا، تو هِتِ ههڙا حال؛

ڪندئِي سارَ سنڀالَ، وڃي ڪيچ وڻن ۾.

 

(8)

ڪري ڏمرُ ڏير، اُٿي آڌيءَ رات ويا؛

تون کڻين وقت صبوح جي، پيراڍُنِ جان پير؛

هوڍُڪيو ساٿُ سوير، وڃي ڪيچَ وڻن ۾.

 

 

 

(9)

جانٗ جانٗ ٿِيَڙسِ جاڳ، تان ساٿَ سَويلو لَڏيو؛

اَرتو اوتي اَکيون، موٽيون ڏسِي ماڳ؛

وَرُ وَرائي واڳَ، مانَ نماڻيءَ جي نِجهُري!

 

(10)

اَڱڻ ساڳِي اوءِ، پَرَ ڪيچن کي ڪاٿون لهان؟

ڏيئي ڦَٽ فَراق جا، پورهيتَ ڇڏيون پوءِ؛

هاڻي راهُن مَٿي روءِ، سڏُ ڪريندي ساٿ کي.

 

(11)

وڃي ڪيچَ وڻن ۾، مَنَ ڪَرن نماڻي ياد؛

اَندوهُون آزاد، ڪندا ڪميڻيءَ کي.

 

(12)

وڃي ڪيچ وڻن ۾، يادِ ڪَرن مُون مانَ؛

اِنهيءَ ۾ اَرمانَ، ساهه وڃي ٿو سرتوين.

 

(13)

وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پُڇن پورهيت؛

ته هُئي نماڻي هِتِ، پاڻيءَ ڍوئِي پانهنجي.

 

(14)

وڃي ڪيچ ونن ۾، مانَ پورهيات پُڇَن؛

اِئين پاڻ چون، ته ويچاري ويجهي ڪريو.

(15)

وڃي ڪيچ وڻن ۾، ڪنهن ساعت سنڀارين؛

مانَ وري نهارين، ڀينر شهر ڀنڀور ڏي.

 

(16)

وڃي ڪيچ وڻن ۾، پُڻُ ٿيندي پورهيت؛

جَتُ منهنجو جِتِ، آءٌ اُت گولي ٿي گذاريان.

 

(17)

ڪري پورهيائتِ پانهنجي، مانَ وٺي نانءَ سڏين؛

گولِنِ گڏُ گَڏين، ڪَنَ پاڻيءَ ڍوئِي پانهنجي.

 

(18)

پورهيت ڄام پنهونءَ جي، اَصَلَ کَؤن آئين؛

تون گولِن سندي گولڙي، هو سندءِ ٿيا سائين؛

ڪايو ڪمائين ڪُلو ساري ڪيچ جو.

 

(19)

پورهيات پنهونءَ جي، هيءَ اَصل لاڪون آهِه؛

ٿِي ڪاپائِتَ ڪيچ ۾ ، ويندي لالن لاءِ؛

ساهه نه اچن ساءِ، هي ماڻهو شهر ڀنڀور جا.

 

(20)

هيءَ پورهيائِتِ پنهونءَ جي، اَصَلَ کَؤن آهي؛

سَڱ نه ڪا ساهي، ٻَڙيون، ٻاروچَن سين!

(21)

چوٽ چڙهي چانگارَ، ڪندي ڪيچيڙن کي؛

پوندي ڪَن قريب جي، گوليءَ جِي گفتار؛

ٻاروچا ٻيهارَ، ڪندا ڀيرو شهر ڀنڀور ۾.

 

(22)

ڪوهِ چڙهي ڪوهيارلَ کي، ڪا جا ڪُڪ ڪيام؛

ڳوڙِها جي ڳَلَن تَؤن، ڳَڙَن جيئن ڳاريام؛

اِهي سڏڙا ”سچيڏنو“ چوي، ٻاروچَلَ ٻُڌام؛

گوندرَ غَمَ ويام، جڏهن ٿيس هيڪاندي هوت سان!

 

ڪافي 1

آءُ ڪانگا ڪا ڪر، مون سان هَر هَر پيو ڪر، ڙي،

- مِٺِي ڳالهه پِرينءَ جي!

ڏاها ڏٺوءِ ڪِي وڃِي، اُهي پرين ڪهڙيءَ پَر، ڙي؟

ڪِي حال پڇيائون هِن جو، ڪا ڪندا ويچاريءَ وَر، ڙي؟

مُحبن جي ميلاپ جِي، ڪا ڪندين ڀيڻِي ڀَر، ڙي؟

آءٌ توئِي تؤن صَدقي، هوئين دوساڻي دَر، ڙي.

پِريان سندي پار جِي، آهي سِڪ ”سچوءَ“ کي سَرِ، ڙي.

 

ڪافي 2

ڪالهه قاصِدَ اوڏاهون آيا: چي، جاني اِيندءِ اَڄ جائِي!

اَسين تان اوڏانهون اڄ آيا سي، هُئن اَچڻ جا سَعيا،

- ڪيچ هُئِي هيءَ وائِي.

سِڪين ساري جن کي، وو ميان، واليءَ پوءِ وَرايا،

- اَچي ٿيندءِ ڏک ڀائي.

ڏينهن گهڻا تو هوت پنهونءَ ري، وِرهِي مينهن وسايا،

- آئِي اُڏاهون واڌائِي.

اِجهي اِيندءِ سپرين، وو ميان، ڏينهن گهڻا جنَ لايَا،

- ڪَلَ نه پوندءِ ڪائِي.

”سچو“ سِڪندي سال ٿيا، وو ميان، ڏکيا مون ڏينهن لَنگهايا،

- وڃي هِيءَ عُمر اَجائِي.

 

ڪافي 3

ڙي ساٿيو، منهنجي يار جِي، ڪا ڳالهه اَچِي مون سان ڪَريو!

آهي آرامِي يار اسان جو، ٻُڌي سا ووءِ ووءِ وَرِيو؟

جي هيڪَندَ ٿِيان هوت سان، تا ڪاج سَڀو مون سَرِيو.

ٻيهَرَ مون سان ڪيچ ڏي، ڪي و کان ٻه ٽي ڇو نه ڀَرِيو!

ڏوٺ ڏوراپو يار سڄڻ تي، مَتان ڪو پانڌِ يَو ڌَريو.

سوز ”سچوءَ“ جو سَڱ سُڻڻَ سان، ڳوڙها سو ڳاري ڳريو.

 

ڪافي 4

وڃي پَکا پُڇائيج، تون ساٿي ڙي، سڄڻ يار جا!

هِي تان حال حقِيرِ جو، وڃي سارو سڻائيج.

هِي نياپو نينهن جو ، وڃي پانڌي پَهُچائيج.

پاند ڳچيءَ ۾ يار کي، پارؤن مون پائيج.

ٻِهَر ٻاروچا وري، وو، اَچي وِرِهِه وسائيج.

”سچوءَ“ ڏي کؤن، سُپرينءَ ڪِي چڱو چوائيج.

 

 

ڪافي 5

مون کي نيڻ ٿا نين، هَر هَر حبيب ڏي!

دلَ جوش ۾ خروش، اکيون روز رت رُئن.

شُڪر آهي خداءِ جو، دِيدان ديدار ڪَرَن.

پارؤن يار لکَ هزار، مون کي مِيهَڻا ڏيَن.

سِرَ تي ”سچوءَ“ سڀ سَهايا، ڀينر ڀلي چون.

 

ڪافي 6

رهَبر اِئين چون، اَڄ اڱڻ تنهنجي اِيندا!

تُون ڪيئن وسارين تَن کي، جي تو گهڻو پُڇَن.

در تنهنجي دوست اُهي ئي، اڄ ٿا اِجهي اَچَن.

پَکا پانورَ کَڻِي ڪري، اوڏا تنهنجي اَڏن.

”سچوءَ“ سندي حال جِي، ساري خبر لَهَن.

 

ڪافي 7

داروُن نه ٻيو ڏئين، آهي طبيبُ عشق منهنجو!

دٻليون دارونءَ سنديون، موٽِي نال ڇو نِئين؟

ڳالهه اِهائي عاشقن جِي، هيءَ لاءِ سان هِنئين.

اوڏنهُن اولانڀو آئِيو، ڇو ويڄَ ڏي وئين؟

رَک ”سچو“ ڙي سوز سيني ۾، تان تون سچو ٿئين.

 

ڪافي 8

ياد اُهي مون کي آيُون، ڪيَئي ڳجهيون جي ڳالهڙيون!

اَوهان جي به اَچڻ جون، ٿيون وري هِت وايون.

دردمنديءَ جي دل کي دلبر، ورهُه وڃين ڪيئن لايون؟

نانءُ سائينءَ جي سهڻا سائين، چِتُ نه وڃ مون تان چايون.

آءُ ته ڏينهڙا گڏ گُذاريون، هِت ويٺا ورهُه وسايون.

ڏوهَن ”سچوءَ“ جي ڏي نه ڏسو، جو هِت ٿا سَندوَ سڏايون.

 

ڪافي 9

دوستَ کي دانهون سُڻي، مَنَ مِهَر ڪا مون ڏنهُن پوي!

دردمندن جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکِيڻو لَوي.

پيغامَ پرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويهو چَوي.

عاشق آهي اُڪنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي روَي.

سِرَ ڀَرِ اسين ايڏنهن اَچون، يا ڪي اوري ايندءُ اوهي؟

؟سچو“ سَدا سِڪَ سوز کَؤن، پيو ماڻُ محبت جو مَوي.

 

ڪافي 10

مُحبن مُڪَا مون ڏي وري، اڄ ڏوٺ ڏوراپا ڏئِي!

سُڻي سَنِيها يارَ جا، ٻولي ٻَڌيُم ٻانهون ٻَئِي.

دل ديري ڏي دوست جي، وهندو اِنهيءَ ويلي وئِي.

مون کي وساريو ڪيئن اَٿئي، مون پرت توئي سان پئِي.

تنهنجي اسان جي وچَؤن، ڏس ڏينهن ويا گذري ڪَئي.

مون تان ڪيون تو ساڻ جي، سانڀج ”سچو“ ڳالهيون سَئِي.

 

ڪافي 11

اَڄُ اَڱَڻِ اِجهي آيَم، پَرديسي گڏيم، ميان!

پيهِي پکي آئيا، لَنؤ جنِين سان لايَم.

ڪوڙين قاصِد ڪيترا، هوتن پار هَلايَم.

پُڇِيم جَن لءِ پَنڌڙا، سي واليءَ پوءِ ورايَم.

اُنهن ڪارڻ سرتيون، سِرَ تي سورَ سهايَم.

سيئَي ”سچو“ آئيا، جَن لءِ ڪانگَ اُڏايَم.

 

ڪافي 12

ناهي ڏوراپو ڪو ڏيڻ اوهان کي، يار تو سان مُنهنجي زاري!

روز اَزل کَؤن چاڙهيئِي اسان تي، بارُ برهه جو بارِي.

جا ٿي صاحب ساريان، يار اوهان جي ياري.

راتو ڏيهان ڳالهه اَوهان جِي، ٻِي وائِي مون ته وساري.

درد منديءَ سان، ڪنهن ڏينهن دلبر، ڪر ڪا وروهَن واري.

حال آحوالَ جِي آهي اَوهان کي، سُڌ ”سچوءَ“ جي ساري.

 

ڪافي 13

آءٌ تنهنجي، سارو عالم ڄاڻي، يار چڱي تو تان لائِي، وو.

گهوريو پرين پرديس اوهان تَوءن، ڪَر اَچڻ جِي وائِي، وو.

اَندر اَسان جي يار سڄڻ وي، سَندِ يَوَ سِڪ سَمائِي، وو.

طرف اسان جي شالَ اوهان جي، ٿِئي ورڻ جِي وائِي، وو.

مِهڻا ڏئي ٿو لوڪ  مِڙيوئِي، دوست تو تَؤن دل چائِي، وو.

شالَ ”سچوءَ“ جِي يار پيارا، لهين تان سُڌ سَڀائِي، وو.

 

ڪافي 14

اُهي اڱڻ منهنجي آيا وو، جَن ڪاڻ سي پِيرَ پُڇايَم ٿي!

پَکي اَسان جي پيهِي آيا، ڏينهن گهڻا جن لايا، وو،

- جن ڪاڻ سي پوٿيون پَٽايم ٿي.

جن لءِ روز نهاريم راهان، مولا سي محب ملايا، وو،

- جن ڪاڻ سي ساٿِي سَنڀايم ٿي.

هِنَ غريب کي گڏ نِيَڻ جا، ڪيا سي سڄڻ سَعيا، وو،

- جن ڪاڻ سي ڪانگ اُڏايم ٿي.

ڏينهن فِراقِي لَنگهيا اسان تَؤن، روئندا دوست کِلايا، وو،

- جن ڪاڻ سي ڏکڙا لنگهايم ٿي.

رهيا آهن روح منهنجي تي، فائِقَ جا فرمايا، وو،

- جن عشق جا سبق پَڙهايم ٿي.

دل ”سچيڏني“ جي تي اَصلؤن، هاديءَ حُڪَم هَلايا، وو،

- جن ڪاڻ سي وِرهه  وسايم ٿي.

 

ڪافي 15

آءٌ ٻانهِي تُون سائين، وي، پاتم پاندُ ڳِچيءَ ۾ ڪپڙو!

طرفَؤن تنهنجي يار پيارل، ڪانگ اَچن مَن ڪَائِين، وو.

نانؤُ مولا جي مهرَ پَوَئي ڪا، ٿورا مون تي لائِين، وو.

روز ازل کَؤن تنهنجڙي آهيان، غير نه مون کي ڀائِين، وو.

هڪڙي ساعت اڱڻ ”سچوءَ“ جي، پير مُبارڪ پائِين، وو.

 

ڪافي 16

ڪڏهن اَلاجي ايندين، پيهي پُڇڻ پنهون يارَ!

پاڻ پنهنجو پاڻِهي، ساڻ غريب گڏيندين.

پَکا پَکن سامُهان، اوري شالَ اَڏيندين.

اِهو اَٿم آسرو، ڇَپَر تان نه ڇَڏيندين.

سگ پانهنجي درجو، ”سچو“ نانؤُ سَڏيندين.

 

 

 

ڪافي 17

اِهي ڏوراپا ڏيئي، موٽِي مُڪا يار مون ڏي!

هوءَ جا ڳالهڙي ڪالهه ڪئي سون، ڪيِئن وسري تو ويئي.

اَسان ٻاجهون، سُڻ ڙي سائين، ڏينهن گذاريَوَ ڪيئِي.

ڪهڙن ڳالهين ۾ تون تان آهين، پِرت منهنجي تو سان پيئِي.

چَئِي مُنجين ٿو هَٿِ پانڌن جي، ته حال اسان هِتِ هيئِي.

ڏوهه گُناهه، وُو، تنهنجا بَخَشا، ”سچو“ ڙي، يارَ سَڀيئِي.

 

ڪافي 18

مون کي مُرڪڻ سان تون، ڪِيئن ماري وئين!

ڪَيئِي پُڄندي پانهنجي، موٽِي ڏوراپو ٿو مون کي ڏِئين.

آءٌ اِيلازڻ دوست توئِي کي، يارَ وڃي اِتي ياڪِي ٿِئين.

آءٌ مُئِي تان گهوري جانِي، سدائين سو تون تان جِئين!

ڪهڙيين ڳالهيين بار سڄڻ وي، هِيءَ نماڻِي نال نه نِئين.

آهي ”سچو“ جئن يار توئِي سان، هُج تنهن سان تون ڀي تِئين.

 

ڪافي 19

آءُ وري تون تان ويهُه، سڄڻ، آءٌ تان تنهنجِڙي آهيان!

آهون عاشقن جون سُڻي، ڇَڏِ پرين تون پَر ڏيهُه.

پَکَن ٻاٻاڻن ۾، آءُ پِرين تون پيهُه.

اَصل لاڪون آهي، هِيءُ ڏاها تُنهنجو ڏيهُه.

”سچو“ چوي، سُپرين، آءُ سارءِ ساڻيهُه.

 

 

 

ڪافي 20

گهوري جانيءَ ري جدائِي، گڏُ گهاريون، هوءِ هوءِ هوءِ!

معلوم توکي پرين، سائين سا ڳالهه سڀائِي.

شالَ ڪَنن سان نه سُڻان، تنهنجي وڃڻ جي وائِي!

تو سان ڇِنڻ ڪارڻ تان، يار نه مون لَڙهه لائي.

پَن وڇوڙي جي شاهِي، دلبرَ، وَر سان گڏ گدائِي.

ساڻ ”سچوءَ“، هو ميان سُپرين، سائين تون گڏ سدائِي.

 

ڪافي 21

وڃي ڪا مِنت ڪري، منهنجي يار کي، وو!

هو سدائين سان مُون، پرين نه وڃ پَري.

حال نماڻيءَ جو ڏسي، وري سو پوءِ وري.

وٺي ڪا دامن دوستَ جِي، اکيون تان آب ڀَري.

ساريو تو کي سپرين، هِت مَريضِ مَري.

رُسَڻ نه تن سان، جن ريءَ ”سچو“ نه ساهه سَري.

 

ڪافي 22

اهي ٻڙيون، ٻاروچا، اَڄ اَڱڻ تُنهنجي ايندا!

هيءَ شريڪتَ ڪا ڪندي، اَڙي سرتيون، سائن ساڻ،

ناهيان ثانياڻِي تن جي، جا پُر جهي ڏٺُم پاڻ،

ـــــ ٻانهي ڪري پانهنجِي، اُهي صاحب سڏيندا.

اُٿي ويٺي تانهنجيون، هن واتيون ورونهان،

ڏين سَڀيئي سرتيون، مون کي لَکين ٿيون لوهان،

ـــــ اِهو اَٿم آسرو، گولِي گَڏ ڀِي گڏيندا.

کِيَنُ جون مون کي خبران، آڻي پانڌيءَ پهچايون،

هيون هوتن سنديون، هيڏي وَرڻ جون وايون،

ـــــ ”سچو“ جن جو آهين، سي ڇَن نه ڇڏيندا.

 

ڪافي 23

لَٿِي هَلاڪِي هاڻِي، دوست وسي مُنهنجي ويڙهي!

ڪوٺي ڪَيَو پانهنجي، پرين پاڻؤن ڄاڻِي.

ناحق اوتيم هوت ريءَ، پِنبڙين مان پاڻِي.

سي ئِي آيا هُيَسِ جنين لاءِ، جيڏيون ڙي، جوڳياڻِي.

وٺي ويهاريَؤن ويجهڙو، ”سچو“ سو سَڱُ سُڃاڻِي.

 

 

داستان يارهون

سسئي

(1)

اَڻ مُلهِي آهيان، ٻانهي ٻاروچن جي؛

سڀ ڇَپَرُ ڇايان، آهُن ۽ دانهُن سين.

 

(2)

هَي وڃي هي قافلو، چُپاتِي چَايُون؛

مُنهن ڏئي آيون، آهُون دانهون عِشقَ جون.

 

(3)

رات لهي ويا ريچُ، نماڻيءَ کان نڪري؛

ڪاڪيون هاڻي ڪيئن ڪريان، جو ڪاڏي ٿيڙم ڪيچَ؛

پَر َپيو پنهونءَ سان پيچُ، سو اتي رهڻ نه ڏئي.

 

(4)

سَهي جانٗ نه سُتينءَ، جو کُڙڪ ٻُڌي کُڙڪِي وڃين؛

چِٽيان چانگنِ جون ٻُڌي، تون ڪُوڙي ڪين اُٿينءَ؛

غافل هَڏِ گُٿينءَ، سڀِ پَرِ ”سچيڏنو“ چوي.

 

(5)

پاندين کؤن پُڇي، ٿي پَهَه پرينءَ جا پيچرا؛

سَهِلي ”سچيڏنو“ چوي، هيءَ لالَن لاءِ لُڇي؛

ڪنهن سان ڪين ڪُڇي، اَٿس ووءِ ووءِ وائِي وات ۾.

 

(6)

چاڙهيون لاهِيون چُنج جِيون، ڪوڙين آهِن ڪوهَه؛

ڏئي مهٽان محبت وارئين، ڇَپَرُ ڏاڍي ڇوهُه؛

ناگهه نِسَتِ نينهن کي، ٿا رئارن روهَه؛

اَچي منجهه اَندوهَه، مَتان تون ماندي ٿِئين.

 

(7)

لاکون لاکين لَڪّ َ، نبيرڻ نه ٿيا؛

ڪوڙين آهِن ڪيترا، راهُن اُتي رڪّ؛

هَي هَي ڪارڻ حقّ، هِي سارو ڏونگر ڏوريان.

 

(8)

روئِي هاريان رَتَ، ووءِ ووءِ واٽَڙين تي؛

جيڏيون ڪارڻ جَتَ، سارو وندر وروڙيان.

 

(9)

اَچج آرياڻِي، تون وري شهر ڀنڀور ۾؛

اَن ڙي اَکَڙين مؤن، ٿو پَرٽِ وهي پاڻِي؛

هوت اَچِي هاڻِي، هيءَ نالائقِ نوازيو.

 

(10)

هوت نه ڇڏيو هِتِ، نِيو پورهيت پاڻ سان؛

تو ريءَ ٻي ڪا چِتِ، ڪانهي ڪميڻيءَ کي.

 

(11)

عمر اَجائي گذري، ڪارڻ مِٺي رُوءِ؛

خام منهنجي خوءِ، ڪَر وَر ويچاريءَ جِي.

 

(12)

جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جاتِ جَتن جِي؛

وائِي تن جِي وات، سدا اَٿم سرتيون.

 

(13)

پورهيائِت پنهونءَ جي، آهي اَصل کؤن هِيّ؛

جيڏيون جَتَن ريّ، ويٺي وِرهُه وسائيان.

 

(14)

آهي ڪونه غرض، محبوبن کي منهنجو؛

ڏيڻ سِرُ فرضُ، ”سچو“ سندن سَٽِ ۾.

 

(15)

لُوهي لاغرضي، سُپرين جِي سارَ؛

مارڻ لءِ مُشتاق جي، آهي محبن کي مرضي؛

سِر ڏيڻ تنهن سَٽِ ۾، آهي فقيرن فرضِي؛

ڪڏهان ڪو قرضي، ”سچوءَ“ نازڪَ تنهنجي نانءَ جو.

 

(16)

پيس تنهنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون؛

ٻانهي ڪري پانهنجي، وڃي ٻانڀڻ کي ويچ؛

مَر ڪميڻي ڪيچ، پورهيو ٻانِهِن جان ڪري.

 

(17)

روئِي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوهَه کي؛

سو شَمّہ شَفق سان ٿيو، سُرخيان سارو سنگ؛

منهنجو نينهن نِسنَگ، ٻيو سمورو سُڪوتَ ۾.

 

(18)

اُٿي ڪمر ٻِنڌ لوچِ ته لَهين سُپرين؛

هوتاڻِن جو هنڌُ، ڏسين اَکڙينِ سان.

 

(19)

مِلي مارڳَ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن؛

ٿورو وڏو تَنِ، تنهنجي اَچڻ جو ٿئي.

 

 

(20)

مَهَرمَ لاهِه مٿام، آءٌ اوهان جي آهيان؛

جي ڪامِل سَڏَ ڪيَام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.

 

(21)

ٻانڀڻ جِي ٻاڪار، ٻُڌي ٻاروچو آئيو؛

ورَ وسارج ڪينڪي، جا واقف نه وڻڪارَ؛

سِگهڙي لهج سنڀار، سائينءَ لڳ ”سچو“ چوي.

 

(22)

سَرواڻن مون ساڻ، ڀَلؤن ڀَلائِي ڪَئي؛

جن جا ڳايو جوش کي، آءٌ اُتن قرباڻ؛

ٻاروچاڻو  ٻاڻُ، تڏهن لؤن لؤن منجهه لڳي ويو.

 

(23)

ڀينَر هِن ڀنڀور ۾، منهنجو ڪارِ نه ڪمُ؛

اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ؛

ماڻهن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان.

 

(24)

ڪيچيڙن مون ڪالهه، اَڃا وڙ ڏاڪيا؛

اُن ڪارڻ ڪاڪيون، ڪنديس ڪافَ ڪَشال؛

هَي هَي هِن جي حال، جو ههڙا هوت وساريان.

 

 

(25)

عمر اجائِي گذري، هَي هَي ههڙي حالَ؛

تائين اَڄ نه مون ٿِئي، سَندي هوت سنڀال؛

مون کان پُڇن ڪينڪي، ڪافَن جا ڪَشالَ؛

پنهنجي قربَ ڪمالَ، ڪا وَ ر ويچاريءَ جِي ڪريو.

 

(26)

عمر اجائي گذري، ههڙا حال ٿيام؛

چُپ چپاتيءَ سرتيون، وٽؤن هوت ويام؛

هو جي ڏونگر ڏاکڙا، ڦولڻ سَڀ پيام؛

اَڄ صبح ايندام، ڪندا ور ويچاريءَ جِي.

 

(27)

وندر ۾ وِيهان، ڦولن پيون پرينءَ کي؛

نالِ جَنين نيهان، هوت تَنين جي هنجَ ۾.

 

(28)

پَرٽُ هوت پنهونءَ کي، آڻي عشق ڪيو؛

”سچو“ سَڱ ٿيو، ههڙن هوتياڻِن سين.

 

(29)

مِهر مَ مٿان لاهه، مون تان نماڻيءَ تؤن؛

هِيءَ ڏکوئي ڏاهه، اَڻ مُلهه آهي آنهنجي.

 

 

(30)

مَهرَ مَ لاهه مٿام، آءٌ اوهان جي آهيان؛

جي ڪامل سَڏ ڪيام، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.

 

(31)

جيهي تيهي حال سين، پاڻُ وجهڻ مون پنڌ؛

روئي پَوڻ رند، پٺيءَ ڄام پنهونءَ جي.

 

(32)

هَي هوتا تو سندي، آوڙڻ جهڙي ناهيان؛

حال پسي مون هي، مان نماڻي نال نئين.

 

(33)

ساٿُ سويلو سرتيون، وڏيءَ ويل ويوم؛

وندر جي وڻن ۾، ڦولن هوتُ پيوم؛

ٿيلهڻ ٿر ٿيوم، هاڻي هوتياڻِن لءِ.

 

ڪافي 1

مون کي تنهنجي آهه، اَچڻ جو وڏو آسرو!

جوڙي ڇڏيم، وو، جائيون، ميان اَلا، لؤن لؤن ۾ تو لاءِ!

اَڱڻ آسروند جي، ميان اَلا، پير مبارڪُ پاءِ.

جڏهن ڪڏهن ٿو ڏسان، ميان اَلا، تو کي جاءِ بجاءِ.

ڪين جُڙي ٻيو جِيءَ ۾، ميان اَلا، تُنهنجي سِڪ سواءِ.

ٿو گذاري گوندرين، ميان اَلا، ”سچو“ تُنهنجي ساءِ.

 

ڪافي 2

اَديون ڙي اَڄ آهِه ، اَسان مُحبن جو ميلو!

دلبر سِڪندي ڏينهن ٿيا، سُپيريان جي ساءِ.

فَنا ڪيائون فراق کي، ٻُڌو جاءِ جاءِ.

ڏک لنگهيا سُک آئيا، لڳڙي ٿڌڙي واءِ.

جنهن ساعت گڏيا سُپرين، سا ”سچو“ ساعت سهاءِ.

 

ڪافي 3

لڳيءَ دل جو دارون، ناهِه ڪو ڍولڻ پيارا!

عشق جون واٽان، ٻَرن لاٽان، تنهن مَؤن نڪرن درد جون ڇاٽان،

- پوءِ ٿيون پَون هي پَچارا.

عاشق ٿا ڪن درد جون دانهان، عشقَ منجهاروءن اِهي آهان،

- رُئن اُهي زارو زار.

آءٌ تان ٻانهي ، تون تان سائين، پاندُ ڳچيءَ وچ پَلؤ پائيِن،

- اچڻ جا ڪر قول قرارا.

ڳالهيون مون سان تو جي ڪيون، مور نه مون کي وسري سي ويون،

- دم دم تنهنجِي ياد آ يارا.

هيڪر مون کي جانِي جياريو، ڳالهِن تنهنجن ڳُجهن ڳاريو،

- وصل جا ڪر وري وارا.

”سچو“ تون تان ٿِيءُ نه ماندو، پِرين تنهنجو الله آندو،

- سَڄَڻَ سان ڪر الغارا.

 

 

 

ڪافي 4

ماريو هوتَ اَلا، ڪنهن در ڏيان دانهڙي، ڀلو لو!

ڪاڪيون، ڪڏهن ڪينڪي، منهنجي مِنت مَڃن ، اَلا.

پُٺيءَ پيس جَن جي، سي ڀِي سورَ  سَڃَن، الا.

دعا ڪَريجو جيڏيون، ڀيرو تان نه ڀَڃن، اَلا.

اهو اَٿم آسرو، ڏيندا آب اُڃَن، اَلا.

”سچو“ سهمي ڪينڪي، روحُ ته کانءُ رُڃَن، اَلا.

 

ڪافي 5

هُتئون هوتُ هَلي، ڙي، دوست دلاسو ڏيندو!

وجهج ڪم ڪريم تي، ٻي ڳولِج ڪامَ ڳلِي،

- پاڻهين پُٺيءَ تو ايندو.

پَکا پَکن سامهان، تنهنجي ماڳ مِلي،

- اوڏا آڻي اَڏيندو.

اَچڻ سندي اُن جي، ويندو روحُ رَلِي،

- ٿورو ٿورياڻيءَ ٿيندو.

جا ڳُجهي هوتن مَنَ ۾، سا ساٿِن ڳالهه سَلِي،

- پُنهل پاڻ سان نِيندو.

مِهرَ پنهنجيءَ سان تون پرين، اِنهي ڀَت ڀَلي.

ڙي ”سچو“ نانءُ سڏيندو.

 

ڪافي 6

ذري ذري ڪَن چَشمان چُور، نِين اسان کي ٿيون وَهلور!

تَن مَن سڀ تاج ڪَرن ٿيون، ديدن جو آهي هِي دستور.

خوني وتَن خيال پنهنجي سان، کَسِن شهزادن شَعور.

ناز نياز سان هِڪي واري، چاڙهن سولِيءَ تي مَنصُور.

ساڻ ڏسڻ جي مشتاقن سان، ڪَيفِي ڏاڍو ڪَن ڪَلوُر.

”سچو“ ڪير ويچارو آهي، وجهن ڦيري دل، ڪَرن فَتُور.

 

ڪافي 7

پاڻِهي پئيوَ سُڌ سورن جي، وو، عِشق لڳَيو جي اَديون!

ساري خبر وڃي تَن کؤن پُڇجو، جي ورهِه سڄڻ جي وڍيون.

ڪين لِڪن سي لوڪَ اڳيون، جي آهِن ڏکَن جون ڏَڌيون.

مُحب مسافِر ٿيا جَنين جا، ڪُوڪان اُهي لَک ڪنديون.

وِرهَه ولوٽيا جي، وهنديون تَن جي، نيڻؤن نِير جون نديون.

پارؤن پِرين جي سڻو سڀيئِي، لوڪُ ڀَلِي ڏي بَديون.

اڳيون پويون سڀ معافي ڪيون، تنهن محب ”سچوءَ“ جون مَديون.

 

ڪافي 8

اوري آڻ سي اوري، ڙي الله، جنين ڪاڻِ سِڪيَس سال!

ڏسُ نه مون کي ڪو ڏئي، ڏيهَه رهيس آءٌ تان ڏوري.

واٽَ جنهين کؤن لنگهيا، گهوري هِيءَ جندڙي گهوري.

هيڪند تون ڪر هوت جي، ساڻ ٿَڪيءَ ڪنهن ٿوري.

ساهه ”سچو“ جو تنهن ڏهاڙي، ويا چاڪَ وجهي چِتُ چوري.

 

ڪافي 9

ڏينهن پُڄاڻؤن آئين، ڀلي آئين ڙي يارَ مُنهنجا!

اَڱڻ اسان جي هوتَ ٻاروچا، پيرَ جي اَڄ پائين - ڀلِي پائين.

پَري اَسان کؤن يار پرين ڙي، ڏينهن ڇو لائين - ڪيئن لائين.

ڏوهَ ڏنگايون يار سڄڻ ڙي، ڪيئن ڀُليءَ ڏنهن ڀانئين - ڇو ڀانئين.

هيئن نه گُهرجي يار توکي، چِتُ چُڪيءَ تؤن ٿو چائين، ڪيئن چائين.

عَرش ڪرسيءَ تون اُتاهين، مَن ”سچوءَ“ جي تون مائين - ڀلي مائين.

 

ڪافي 10

تُنهنجي پانڌي پيغامَن، اَلا، منهنجو جيءُ جياريو!

هِي تان تَنُ توان ڪيو، اَڙي ساٿِي سَلامَن.

تو تَؤن آءٌ قربان ٿيان، ڏنهن آئين سَلامَن.

تو تَؤن آءٌ قربان ٿيان، ڏنهن آئين عجيبن.

مَنهنجو چِت چَريو ڪيو، هِن نينهَن جي نياپن.

دردمنديءَ جي دل کي، ڪيو قابو ڪلامَن.

ڪيائون ياد حقير کي، اُسرئي ايامن.

ڪَيئَون مِهرؤن پانهنجي، گوشُ ڏي غلامن.

مُنهنجو وِرهُه وڌايو، ان جي اَنجامن.

جيهو تيهو آهي ئي ”سچو“ سگ سندن.

 

ڪافي 11

ڪري سانگ پِرين وري آيم اُهي، ديس اَساڏڙي، اَلو اَلو!

وري وطن آئيا، ڀينر ٿيڙم ڀَلو ڀَلو.

پيَن اڳيؤن پيشوا، هاريون مون سان هَلو هَلو.

اَصلَ لاڪؤن آهي اُنهن سان، روح منهنجي جو رَلو رَلو.

اُنهن ٻاجهُون ناهِه ڪو، ڳولڻ مون کي ڳَلو ڳَلو.

سِر سڄڻ جو لوڪ کي، ساهيڙيون نه سَلو سَلو.

”سچو“ سچيءَ سِڪ ۾، شال نه پوندو ولو وَلو.

 

ڪافي 12

ناهي هِنَ درد جو دارون، تو ئِي وٽ يارَ طبَيبا!

تِرُ تفاوت درد نه ڏيندءِ، ڇوڙين جا سِرَ سَراروُن.

سوز گداز، نِي وي، غم فراقان، لائن ٿا قول قطاروُن.

دوا دردَ جِي يار ”سچوءَ“ جي، هِن تان ساهِه سنڀاروُن.

 

ڪافي 13

منهنجو شرم سَڀوئِي آهي، جيڏيون تان پِير مُغان تي!

وري ڏٺائون پاڻ ڏي پاڻهين، نا ته هئا حالَ اسان هي.

اُهي پاڙيائون پاڻِهي پانهنجا، هو جي قول ڪيائون ڪي.

جَن پيارو پُر پيالو، شالَ ساقي جِيَن سي.

سَدا اُهي وسَن اَسان وٽ، جانِي جِيءَ جا جي.

سِرّ ”سچوءَ“ کي ڏسَيو ڏيهاڙيون، پنهنجي يار هَٿؤن ڏي.

 

ڪافي 14

ڏنِي ڏيکاري، ڙي ميان، صورتَ سُپرينءَ جِي.

حَسن حُسين جي ڪارڻ، زاري، ڙي زاري.

ورتَم ساري لوڪَ کؤن، ڀينر ڙي بيزاري.

مَحبت هُت ڪندا حال جي، هيءَ سڄڻ کي ساري.

هِت هُت ڪندا ڪاڪيون، اُهي مون سان موچاري.

”سچوءَ“ سدائين گُهرجي، يارن جي ياري.

 

 

 

 

ڪافي 15

ڏيئي مون ڏيکاري، لَڙي وريو ويو در تؤن دلبر!

ڏٺُم اَکِڙين سان، هوءِ هوءِ حسن هزاري.

وسُ نه هِن جو ڪو هُيو، هوشُ نئين هَسواري.

دينَ ڪفر اسلام کؤن، بِرهَه ڪئِي بيزاري.

ڪنهن در ڏيان آءٌ دانهڙي، مونجهه اِنهيءَ مون ماري.

سوز سَفيران لايون، هِن چُڪيءَ کي چوڌاري.

حاجت هن جِي نه هُئي، جا قاتِل فوجِ تراري.

گهڻيءَ مدت کان پوءِ اَچي، دوست ڏني دلداري.

باسيائون تان بِرهه جي، ميان ”سچوءَ“ کي سَرداري.

 

ڪافي 16

پرين اوهان کؤن پوءِ، هِت راتيون رهنديس ڪا؟

پُٺيءَ اِيندي تانهنجي، لالَ وري هِن لوءِ،

ـــــ پوءِ سورَ سهنديس ڪا؟

واعدا ويڙا وسري، هوتَ ڪَيَو جي هوءِ،

ـــــ ٻئي ٻول ٻَهنديس ڪا؟

پِرين تنهنجي پار ڏنهن، قاصِد اچي ڪوءِ،

ـــــ وري هِت ويهنديس ڪا؟

سچو سِڪَ اوهان جي، هنيڙي ۾ هوءِ هوءِ،

- ٻئي ٺاههَ ٺهنديس ڪا؟

 

 

 

 

ڪافي 17

مون عيب اَپارَ، سَڄَڻ تُنهنجي ٻانهڙي آهيان!

ٻانِهن جي آءٌ ٻانِهي آهيان، ساري سڀ ڄمارَ.

هُئان هميشہ هوتَ سان، شالَ نه ٿيان ڌارَ.

هِي سِر صَدقي تو تؤن، سِسي ساڻ ڪپارَ

اوڇَڻ ڪنديس اَکيون، پٿر ڪنديس وارَ

پاڻُ تو ئي تَؤن صَدقي، سسي ساڻ ڪپارَ.

ساهَه ”سچوءَ“ جو سوگهو ڪِيڙو، رکي ياراڻو يارَ.

 

ڪافي 18

سو ڏاڍن جو آهي ڏيهُه، جاتي نِينهڙو وو نيڻن لايو!

جاتي پُهچ نه پَکيءَ جي ميان، سو سيڻن جو ساڻيهُه.

جي ٿِي وڃان در دوستن جي، ميان، چُمان پيرن کيهُه.

جي ڪوٺيو ڪُهن سُپرين، ميان، وڃي پَکڙي تَن جي پيهُه.

”سچو“ عاشقُ جي آهين، ميان، واڍوڙين وڃي ويهُه.

 

ڪافي 19

ڀلو، آءٌ تان يارَ سڄڻ جِي، ٻانهِي گولِي آهيان!

آءٌ نماڻِي عيبَن هاڻي، ڏوهَن ۾ آءٌ تان اولِي آهيان.

جيهِي تيهِي آهيان، ڙي جيڏيون، جانب جِي آءٌ تا جهولِي آهيان.

پَلپَل پُڇَن حال مُنهجڙو، ڳالهه انهيءَ تان ڳولِي آهيان.

هيڏي هوڏي نه وڃان، مُحبن جي آءٌ تان ٽولِي آهيان.

ڏِسُ ”سچوءَ“ ڏي سُپرين، نا ته ڇَپَر هِت ڇولِي آهيان.

 

 

ڪافي 20

اَديون اُهي اَڄ آيا، ڏيهُه جَنين لءِ ٿي ڏوريان!

ڏيو مبارڪ سرتيون مون کي، مولا سي مُحب مِلايا،

ــــــ چرخو ڪيهو آءُ چوريان؟

در بيهي سي، وو، آئيا، سائين اَلا، جَن لءِ مون وِرههَ وسايا،

ـــــ پاڻُ مَٿانئَن گهوريان!

پَرڏيهه ويا ها، وو، مون پرين، واليءَ سي پوءِ پرايا،

ـــــ تَڪَ ڪيها ٻيا توريان؟

”سچو“ اتي، وو، دوستُ گَڏيو سي، ڏينهن گهڻا جَنهين لايا،

ـــــ وندر ڪنهن لءِ ووڙيان.

 

ڪافي 21

ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئياَن!

وس نه آهيان پانهنجي، واڪو ڪَيمُ بيوسَ،

ــــــ مين ديوانڙي ٿَيئاَن.

لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نه اَچي رَس،

ـــــ حالَؤن هُڻ مين ڳَئياَن.

مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نه اَچي ڪَس،

ــــ قابو عِشق ڪَئياَن.

بِرهه واري باتِ کؤن، ”سچو“ نه ڪَري بَس،

ـــــ مِهڻا ڏيَن سَنئياَن.

 

 

جهولڻو

 

(سسئي ۽ پنهونءَ بابت)

 

(1)

سرتيون سڀ ٿِيَس صلاحِي،

هو تان راهَه وٺي پيا راهِي،

ڇوٿينءَ ڪَڍَ تَنِين جي ڪاهِي،

ڏونگر ڪِيم ڏَسائجِ ڏاهِي،

حَبَ ۾ ڪونه ڪَندُ ئِي همراهِي،

تڏهن ڇَپ ڪرڻ تو ڇاهِي،

پَر هو اِهو امر اِلاهِي:

ٻيا سڀ ويهُه تون وهَم وساري.

 

(2)

چي ڙي، مون سان مُور مَ ٿيو مَصلحاتِي.

ثابت سِڪَ رهي ڪا ساتِي،

هاريون هي جا آهي حياتِي،

تن کي روهه رسان ٿِي راتِي،

پائِينديس جَهر تَتِي جَهنگ جهاتِي،

ڇا جي ڇڄِي پوي مون ڇاتِي،

ڪنديس وؤڙ سَنديَن ويلا تِي،

اِينديس ساڻ وٺي ڀَڙُ ڀاتِي:

ڏسنديُونءَ هوت مِڙئِي هِڪواري.

 

(3)

جي ڙي، ويهُه وسار وڃَڻ جي وائِي،

تو سان لَعلَن جنهن لَؤن لائِي،

تُنهنجِي دل کيڻَن تَنهُن تائي،

سو اڄ جاڙَ ڪري ويوءِ جائِي،

ڏيئي ڪَن ٻُڌج تون ٻائِي،

ڊوهن پاس نه ڊوڙج ڊاهِي،

سُرت صلاحَ تون سَمجهج سائِي،

اِها ڳالهه اَمرَ ۾ آئِي:

ڏونگُر ڏوُرؤن ئِي ڏَهڪاري.

 

(4)

آيَل، اَڻَ مُلهِي جا آهي،

سا ڪيئن سَڱَ سڄڻ سان ساهي،

ٻيو تا ٺاهه نه هرگز ٺاهي،

ڏاڍن ساڻُ سڀ شَريڪتَ ناهي،

جا پَئي سڀ لاڳاپا لاهي،

ڇَپَر ڇوهه اَڳيانئُس ڇاهي،

ڪيچن ڪَڍَ اُها مَرُ ڪَاهي،

کڻندِي گام ته پُڄندي ڪاهي:

محض اُنهيءَ کي مَيرُ نه ماري.

 

(5)

چي ڙي، رَهَه رَوين ٿِي روڙي،

اَڏو ڀِينگ ٻُجهي ٿي ڀَوڙي،

هيبَت هول هراست هَوڙي،

ڪامِڻ ناهِين اسان کي ڪؤڙي،

تُون تَنهن ديس مَ وَڃَج ڊَوڙي،

پَرڏيهيءَ جي پُٺِ مَ پؤڙي،

ٿَرَ ۾ ترسَ اَٿئي ٿَڪ ٿَورِي:

هِتِ تا ڪا نَه گَهڙي هِڪ گهاري.

 

(6)

آن دل آرياڻيءَ سان اَٽڪِي،

مان جا ريجهَه اَديون تَنهن وٽ ڪِي،

هَي هَي گُهوري تا هِنَ گهٽَڪِي،

رهنديَس ڪِين هَجَر ۾ هَٽِڪي،

جانبَ ڪاڻ نَه جا ڳيَس جهٽ ڪِي،

ڀِنيءَ ويلَ وڃان مَرُ لَٽڪِي،

ڪنهن جي فَهم نه هَٽڪا ڦَٽڪِي،

هاڻي سِر توڙين مون سَٽڪِي:

هِنَ کي ڪا مَ هَلڻَ کؤن کاري.

 

(7)

چي ڙي، سڀ پَر سُڃَ ڄُلي ٿِي ڄاڻِي،

پُرجهِجِ پَٻَ نه اَٿيئي پاڻِي،

وسهج تو دل جَنهن سان واڻِي،

سَسئي سو تان ٿِيُئي نه سائي،

ناحق تانگهه تنهين ڏي تاڻِي،

ڇو ڪيءَ خواب کڻِي تو کاڻِي،

ڪِئن ٿِي آبُ اَکين ۾ آڻِي،

حِيلا ڪَر مَ هلڻَ  جا هاڻي:

پُڄندينءَ بام پَسِي بَرُ باري.

 

(8)

جيڏيون جبَل چَؤٿيون جيئِي،

ساجُهر سَنگَ لتاڙيان سيئِي،

گهوريان گهوٽ بِنا گهرُ هيئِي،

سائِي وَسَ وَٽانئُم ويئِي،

رهندَمُ رُوح نه هِت تَن ريئي،

ويڙم دوست دلاسا ڏيئِي،

هِيءَ تان پَلَؤ پُنهونءَ جي پيئِي،

هُن تان ڪامِڻَ ڪِيڙس ڪيئِيۡ:

نِيائُونس وَرُ وَٺي ويساري.

 

 

 

 

(9)

چي ڙي، گهورين ڪاڻ جنين جي گهَڙا،

اَٿئي تَن اَڙانگا اَرڙا،

آڏو ٿاڪُ نه ڏيندءِ ٿَرڙا،

ٿيندءِ زور مَٿي تو ذرڙا،

بيدل بَس ڪَرائيندءِ بَرڙا،

اوجهڙ ڪوهَه اَٿئي سي کَرڙا:

سَگهندينءَ نارِ نه وَرُ نِهاري.

 

 

(10)

ثابت ڳالهه سڻو هِيءَ ساري،

جبل واٽ نه جيڏيون جاري،

پَرَ ڀِي بِرهه جنهين سان باري،

سا هَڏِ ماڏي مور نه مَاري،

ڇا جي وَرّ وِنگا وَڍَ واري،

تا ڀِي دردمنديءَ دَهڌاري،

توڙي ڪوهه ڪري ٿو ڪاري،

ڪندو پاڻ پنهون پوئوري:

تا پڻ سَرسُ سِڪائِي ساري.

 

(11)

جيڏيُن ڪَيَس وراڻِين جوڙي،

هُت ٿو روهُه رڙندا روڙي،

تَنهن جو تابُ نه سگهندي توڙي،

اَڏو مِير مَيائِي موڙي،

رائو ريگَ ٿَرَن کؤن ٿوڙي،

سگهندينءَ پيرُ نه ڪَرڳَل کوڙي،

تون تان لعلُ لَهين ڪِيئن ووڙي،

ڪَنهن جِي ڪَامَ ڪَمر ڇَڏ ڇوڙي:

ٻيا ٿِي ماڳ مِروُن چوڌاري.

 

(12)

جيڏيون جَتُ مُنهنجو آهي جائِين،

آءٌ تان وينديَس اَڄ تَنهن تائِين،

آهيان ٻانهي اُن جي آن ئِين،

پاڻؤن گهٽ ڀينرَ ٿِي ڀائِين،

آن کي پَلَؤ ڳچيءَ ۾ پائِين،

دَ مُ دَ مُ دُرس ڪريج دُعائين،

مون کي سَڄَڻن ميڙين سائِين،

ڪيچيڙن کي پَهچان ڪائِين:

بِرهه جِي باهه ٻَهون ويا ٻاري.

 

(13)

جي ڙي، آڏو لَسَ بَگهيڙ ڪَن لوڙا،

تَن کؤن ڪَنَ ٻَئي ٿين ٻوڙا،

ڇوهوَن ڇَپُر ڇِني ٿو ڇوڙا،

تاتي ٽاڪَ ٽَڪَر جا ٽوڙا،

سَهمناڪَ سُنڊا سي سوڙها،

ڏيوَن مارَ مَٿي ڏين موڙا،

سي ئِي ڏُرت ڏورَڻ جا ڏوڙا،

ڏينڀو ڏنگَ هَڻن ٿا ڏوڙا،

آهِن هاڙي مَنجهه هَزاري.

 

(14)

چي ڙي، ڇا جي مَستُ مِرون هنئن مارا،

چُرڙين نانگَ چُرَن چوڌارا،

سي ئي ورهه اڳيون ويچارا،

هڻندا شينهَن ڏسي شوڪارا،

هو جي هاڙي مَنجهه هاڪارا،

سَرتيون سَنگ نهاريان سارا،

ڪيا جُک جانب جي جيءَ جارا:

وَرَ سان ڪا نه ايندي ڪا واري.

 

(15)

چي ڙي، هُيَڙَئِي جِيّ جَتَن جِي ڪا،

توکي سَمجهه پيئِي چؤ سا ڪا،

ويَڙَ ئِي نارِ نهوڙي ناقا،

ڏونگَر ڪين اَٿئي ڪي ڏاڪا،

لُوهي لَس وجهندئِي لاڪا،

ڇِپُون ڇُوهه لنگهندينءَ جهاڪا،

آڏو فَلَڪ فِڪِر آهِن فاقا،

ونگُن وِچ واسِينگَن واڪا:

هُت تو پَپُ وِجهي پاتاري.

 

(16)

ڪاڪيون ڪا مَ ٽِڪي هُت ڪانِي،

جاڏي جَتَ وٺِي ويس جانِي،

سورج آهي نه تن جو ثانِي،

تاڏي تُرتُ وڃان آءٌ تانِي،

ڇا جي پَٻَ نه هوندس پانِي،

ڇَپَر ڇوهه اَڳِيانئُس ڇا نِي،

توڙي بِرهه وِڃايس بانِي،

لوچون ڪِين ڪنديَس سالانِي:

اِهو عَرض اَٿَو اِظهاري.

 

(17)

جَلَدؤن جَت وٺِي ويئي جوري،

ڀوري چو نه ڀِرينءَ تَنهن ڀوري،

گاذر هاڻ مَحَل گَهر گهوري،

ڏونگَر ڏرَڙَ سَگهِين ڪِيئن ڏوري،

عاجِز عام ٿيندئِي هِت اوري،

ٿَرَ جي پنڌ نه ٿَڪِيئن ٿوري،

تن کي توڙَ سَري ٿِي توري،

وِجهه مَ جِيّ ُ ڀَلا ڪَنهن جهوري:

مَرَنديءَ گامَ کنيو ڪوڪاري.

 

 

 

 

(18)

چي ڙي، بيحد ڪِيم ڪِهو ٻيون باتِيون،

ڇو ٿيون لَسَ لوايو لاتِيون،

ڪَنهن کي ڪَنڌ نه اِينديون ڪاتِيون،

رهنديَس روز نه اِتي راتِيون،

وينديَس سِڪ سَڄَڻ جِي ساتِيون،

ڏاتَرُ ڏِس جو ڏيندُ م ڏاتِيون،

پائيندس جالَ جَبَل ۾ جهَاتِيون،

مُحبن هَس اِهي مَصلحاتون:

هَلِي آ مَردِ ساڻ اُماري.

 

(19)

ڪامِڻ مِنَٿ ڪَريون ڪَنهن ڪيهِي،

سي جَتَ جاڙ ڪري ويَئِي جيهِي،

ڪِيَڙي پُرجهه نه تو پَٻ پيهي،

ڪا ڪَر ڪاهه تَنِين پُٺ تيهي،

تون تان نِينهَن نوري نيهي،

ووڙج وَرُ مَ وِرچج ويهِي،

ڪيائين دُرس ديوانِي ويهِي،

اَولّ عِشق نِشانِي اِيهِي:

تَڙڦَڙ راتِ ڏينهان تڪراري.

 

 

 

 

(20)

ڪيچن ڪَڍَ لڳِي هوءَ ڪَهڪي،

پهرين پُور ٽَڪر سان ٽَهڪي،

ڪامِڻ ڪوهه ڏسِي نا ڏهڪي،

اُتي روحَ نه تنهن جي رَهڪي،

توڙي پير ڦِٿَس پَٻ ڦهڪي،

تان ڀِي نار نه بلڪل نَهڪي،

توڙؤن ڪِين تنهنجي هَڏ تَهڪي،

اَوجان عاشق اهڙي اَهڪي:

ڏونگر سڀ وڌائين ڏاري.

 

(21)

توڙي جَهڪَ جَهَڪي ڪَئي جهولي،

ٻِي تان ٻولي هَڏ نه ٻولي،

ڦيريون ڏئي، پِرين کي ڦولي،

ڇوهُون پاڻ ڇَپَر کي ڇولي،

گورَن رَند ڏسِي سِرُ گهولي،

ڳڙَ  ڳَڙ ڳوڙها ڳاريو ڳولي،

ڏونگر ڏرڙ ڏکوئِي ڏولي،

قادر شال قريبَن ڪولي:

ڪندو گام ٽَڪَر کَؤن ٽاري.

 

(22)

پهريون کانءُ پهاڙَ پُڇيائين،

هِت ڪي ويٺا هوت هَنڌائين؟

هَر هَر توکي سُرت سڻائين،

ڪي هئا رات توئِي وٽ سائين؟

ڪَرڳَل الله لَڳ اَلائين،

ٻيو هَڏ سور نه سَنگ سليائين،

مون کي مُحبن ساڻ مِلائين:

عاشِقِ هَي هَي ويا  آزاري.

 

(23)

پوءِ تا ٿيڙس جبل جوابِي،

ڀِنيءَ ليلَ لنگهيا بشتابِي،

ساڳين سارو ساٿ ثوابِي،

سي سڀ هُئڙا گُل گُلابي،

وڄندا وِيڙا رات ربابِي،

اَصلؤ اَڙٻنگ هئا اَعرابِي،

تو سان ڪِيائون خام خرابِي،

اوٺي عين هئا عاذابِي:

هتؤن ڪاهه آڙاهه اَنڌاري.

 

(24)

ڏونگر ڏَسُ چُڪيءَ ڇَڏ ڏيئي،

تو وٽ رات تنين ڪا پيئي؟

آهه هي وَسَ تنين کؤن ويئي،

ڪِي تان لنگهيو ساٿ سنجهيئي؟

هاڻي حال سِڻجِ مون هيئي،

ويَڙس ڏک وڏو هي ڏيئي،

هُو هُئا ڏاڍا سُپرين سيئي،

جانب آهن منهنجا جيئي:

ماري آهه ويا آتاري.

 

(25)

حَجر چَيَس آهي هنِيڙي هاري،

جي تون محبوبن جي ماري،

آهي عشق سَندُءِ آزاري،

وجهج ڳَلِ ڳچيءَ ڪا ڳاري،

مون کي تِر نه ڪج تَڪراري،

پُٺِنِ ڪاهه نه ٿيءُ قراري،

اَٿئي بِرهه بلوچي باري،

يڪدِل کانئن مَنگجِ ياري:

ويند ئِي عشق نه هڏا اوتاري.

 

(26)

ڏونگر ڏيرن ڏي ڏَس ڪو ئِي،

آوڙي روحَ نه ٻيو رسُ ڪو ئِي،

ناهي ويچاريءَ جو وَسُ ڪو ئِي،

لاهي ڪو نه ٻيو ڪَسُ ڪو ئِي،

ناهي جانبَ جو جَسُ ڪو ئِي،

ڪُٺِي غَم ڏِسِي ڪَسڪو ئِي،

خاطِر منجهه نه پيس خس ڪوئِي،

وٺي درد ڦِري ڏس ڪو ئِي:

بيٺِي عِشق منجهوءن اوساري.

(27)

چُڪي چوٽ وڻِي ورچاٽي،

وِيڙا وِرهه تو ئي سان واٽي،

آندي عِشق تڏهن اورهاٽي،

ڪُٺل ڪيچ وڃج ڪنڌ ڪاٽي،

پيَتُئي زهر مَنجهؤن گُهٽ گهاٽي،

توکي آندو عشق آڳاٽي،

ڳولج ڄامُ پنهونءَ گهِر گهاٽي،

هَي هَي لَعلَن ويو لوهاٽي:

هُئڙي جن جي هِيءَ آجهاري.

 

(28)

هَي هَي ماري عشق اَميران،

وٺِي وِرهه وَڪيلِ وَزيران،

توڙؤن هِيئن لِکيون تقديران،

ٻانِهن هٿ ٿيون تقصيران،

ڏاڍيون عشق سنديون تڙڀيڙان،

پُٺِيءَ منهنجي بِرهه بَهيران،

هَلَن هُت نَڪي تدبيران،

مون سان سندين سوز سفيران:

ورتُئَي ورهُ ڪنهين وَڻجاري.

 

 

 

 

(29)

اَول بابين برهه پَڙهيائين،

تنهن پوءِ سورن منڍ سَڙيائين،

سَسئي ساڻُ فَراق ڦَڙيائين،

اَصلؤن ڪيچن ساڻ ڪَڙيائين،

جَڙان جيءَ ۾ جال جَڙيائين،

تيلهان مٿي روهَه رَڙيائين،

مَحبت منجهه مريض مَڙهيائين،

توڙؤن غير خيالَ تَڙيائين:

پيئي هَٿ بِرهه هاڪاري.

 

(30)

هِيءَ دل لالَنُ وِيڙسُ لُٽي،

وِدسُ ٻاڻَ ٻروچَ جِي ٻُٽي،

وَرَکؤن شالَ فقير نه ڦُٽي،

ڏُنگر ڏُک چَريءَ کي چُٽي،

ڪيائين ڪيچن منزل کُٽي،

آنديُس عِشق گهڻيري گُهٽي،

مٿو پيرَ ڪرايون ڪُٽي:

هَي هَي ڪيو ٿِي سَا هونگاري.

 

(31)

وَرَ جا وِرهه پياريَس وَٽِي،

توڙي سسئي سورنَ سَٽِي،

تَنهين دل ڏانهن نه مُحبن مَٽِي،

چوکو عشق نه آهي چَٽِي،

سُورن سوز کِلڻ کَؤن کَٽِي،

مُحبت کانءُ نه گهايل گهَٽِي،

سسئي سوزَ فِراق جي ڦَٽِي،

ڀائين پَٻُ پَٽولا پَٽِي:

روئي ڦوڙائِي جان ڦوهاري.

 

(32)

لوٺِي بَڪ مٿي لَتِي،

ڊوڙي تيزَ منجهارؤن تَتِي،

محبت مَنِ تنهين جي مَتِي،

وڃِي ڪيچ ورهه مون وَتِي،

گهوري گامَ گهڻيري گهتِي،

ڏکَ جي چِتِ هنيائونس چَتِي،

روئي ريتِ تنهين سڀ رَتِي،

ڄاڻي پَٻ سَڀو هڪَ پَتِي:

عاشِق عِشق منجهؤن اُڇنگاري.

 

(33)

هَرڻيوُن کِيرُ پيارڻ آيس،

ڪِرهَڙَ دانهن ڪري سڀَ کانيسَ،

ڪوڪن ساڻ ڇَپَر سڀ ڇانيَس،

ڏُنگر ڏکَ منجهارؤن گهايَس،

ڇُلنگيون عشقَ ڏکن ٻُـٺ لايَس،

ڳالهيون ڪيچ ڪيچيڙن ڳايَس،

بَر کي بِرهون بازرر ڀايَس:

حِجَر ڳاريَس ساڻ هو ڪاري.

 

(34)

هَي هَي هوتُ ڪري وِيس هولِي،

تنهن محبت ٻاروچي جِي ٻولِي،

ڏونگر حُبّؤن ڀائين ڏولِي،

ڪوهيارَل جِي ٻانِهي گولِي،

ساٿي پَٻ پِرينءَ جِي ڦولِي،

تَنهن تا جانبَ تان جِند گهولِي،

روئي ڪيائين ڇَپَر ڇولِي،

سَنگ جِي راهه ڪيائونس سولِي:

نيندس ڪيچي نالِ قطاري.

 

(35)

منجهؤن نِيهن هنيائين نعرو،

سُڻندي سير سڙي ويو سارو،

مَن ۾ محبت وِڌس مارو،

ڪيائين واري اُتي وارو،

اَندرؤن عشق ڏِنس اوٻارو،

ڏيئِي مَٿي سَنگ سَرارو،

ڪائين مانَ ڏسان ڪو هيارو،

محبت ريءَ آهي مُنهن ڪارو:

”سچيڏنا“ ڪو  نه سنڀاري.

 

(36)

مٿي روهه چيائين روئي،

هيءَ ڪَلَ ڪوهيارلَ ڏئي ڪوئِي،

عاشِق تنهنجي عشق اندوهِي،

لڳِي لالَن تا لَڙهه تو ئِي،

ٿوڙؤن سُورَ وِڌائين پوئِي،

ساٿِي ٿيُس ”سچيڏنا“ سو ئِي،

جانبُ آهيس جِيءَ جو جو ئِي،

قادِرُ گڏُ تَنهين سان ڪاري.

 

(37)

هيءَ جا هنيڙي ٿي حيرانِي،

محبت مادُ ڪَئي مَستانِي،

دلبر ڪاڻ هُئي ديواني،

باقِي نِيهُن رهيُس نِيشانِي،

ڪيَڙي فوج فِراق جي فانِي،

ڪيائين ساهه سَريُر قرباني،

گَڏبُس شالَ جَبَل ۾ جانِي،

ٿيندُس رَحم اُتُس رحمانيِ:

آئِي هيٺؤن نِينهن نغاري.

 

(38)

محبت محبوبن جي ماري،

ڪا جا باهه ٻاروچَلَ ٻاري،

ڳالهين ڪيچيڙن جي ڳاري،

ڪيائين جانِبَ تَؤن جِندُ واري،

منجهؤن ذوقَ چيائين زاري،

هيءَ دل آهي سڄڻ تَؤن واري،

ڪُوڪان ڪوهه ڪري ڪوهياري،

توڙي وِرِهه ڪئي ويچاري:

راتيان ڏينهان گهنگهر گهاري.

 

(39)

مٿي روهه ڏسو سا رَمڪِي،

ڪا جا عِشقَ چَکايَس چَمڪِي،

ڏسِي سُڃَ نه دم ڀر دهمڪي،

محبت مُور نه ڪامِڻ ڪَم ڪِي،

گوندر وِچ گُذاري غَمڪِي،

هاديءَ جانبَ سان نئين جَمڪِي،

تنهن تانگهه نه تِر هڪُ تَمڪِي،

مٿس وَڄُ وِرِهه جي چَمڪِي:

تنهن جي شور وِڌي شوڪاري.

 

(40)

چڙهندي چُنج نه عاشق اَڙڪِي،

ڪا جا فوجَ مٿائنس ڪڙڪِي،

لڳِي لعلَ پُٺيءَ سا لڙڪِي،

لَڳِيس باهه بِرهه جِي ڀڙڪِي،

جوهَر جوشَ سَڄَڻ جي  جَهڙڪِي،

رنجيءَ روهه اُتَؤن جا رَڙڪِي،

سارو سَنگُ پيو سَڀ سڙڪِي،

ٽَڪرُ سڀ پيو تان ٽَڙڪِي:

اهڙو سوز هلِي سينگاري.

 

(41)

جانَبَ ڪاڻِ ڇڏيائين جايُون،

فوجان عِشقَ اَڳيانئُس آيُون،

ڪلاّن ڪوهَه سَنديَسِ ڪَهڪايُون،

سڀئي وِرهه وِساريُس وايُون،

وڃي خاڪَ لِڱن کي لايوُن،

تنهن جي سوزَ ڇَپَر سڀ ڇايُون،

روئِي روههِ ڏنائين رايوُن،

پيان پٻ چڙهي ڄَڻ پايون:

اهڙو عشق هَلي اختياري.

 

(42)

ڇَپَرُ ڪانه ڇڏي سا ڇوري،

جنهن تان گهوٽَ اَتَؤن جِندُ گهوري،

جا ڪِي پورَ پرين جي پوري،

هيڪلَ هوتُ نَهاري هوري،

ڳولي تَنين جنين ٿَر ٿوري،

لُؤن لُؤن قابو لڳيس لوري،

هُئڙس جهورَ برابر جهوري،

تنهِن جي هٿ سڄڻ جي ڏوري:

اِنهيءَ ڳالهه وڌِي سا ڳاري.

(43)

آهي ريءَ عجيب اُٻائون،

اَچي شالَ ڪوهيارل ڪائُون،

جنهن سان لوحِ لڌيون هُم لائُون،

هَي هَي جَت وٺي ويا جائُون،

تنهن تان ڏَس پُڇي ٿِي تائُون،

ننڌر هيءَ جا نال نه نِيائُون،

تنهن جِيون زِيلان هُت سُيائُون،

هِهڙُس ڏونگَر حال ڏٺائُون:

ويچاري ٿِي تونگِ تنواري.

 

(44)

موٽي چاهه پرينءَ جي چائِي،

تَنهن ڪا ڳالهه محبت جي ڳائِي،

ڇَپَر سَڀ ڪيائين ڇائِي،

ڏاڍيءَ تِکَ تَنهين جي تائِي،

”ويجهي آيس“ هُئڙس وائِي،

روئِي روهه ڏنائين رائِي،

گهِٽِن منجهه قلم گُهمائِي،

تان تان اوڏي وَسئون آئِي:

آيُس مُحبُ اڳيون منهن ٻاري.

 

(45)

ڪُونجن هَٿ مُڪائين روئِي،

دانهن ڏوگهه منجهارؤن ڏيئِي،

سا تان ڪَنِ سَڄَڻ جي پيئِي،

اُٿي هليا هوت هَنڌ يئِي،

جانبَ جِيءَ گُهريا هَسِ جيئِي،

آيس سَڄَڻ پاڻَ سنجهيئِي،

جن جي ڪاڻ ويچاري ويئِي،

وڃي ڪيچ اُها ڳل پيئِي:

پنهون پِريَن گڏيو غم ٽاري.

 

(46)

سسئي ڄامُ پنهون هڪُ هو تان،

ڪامِڻ جانب ڳوليو جو تان،

ساڳي پاڻ پنهون  هِئي سو تان،

ڀڃي هيءَ ڳجهارت ڪو تان،

ڇاجي ڪاڻ ڪَرين ٿِي ووءِ تان،

ڇَپَر ڳولي ٿي سا ڇو تان،

”سچو“ دَست دوئِيءَ کان ڌوتان،

ساڄَنُ ڪيئن صَحِي ڪَيو تو تان:

پَر جي عشق اَچِي اوجاري.

 

(47)

آهي ”ڪُل شيءِ“ سو هادي،

”خلَقَ الاَشياءَ“ کَؤن آبادي،

”وَهُوَ عَينُها“ ٿِي آزادي،

واندِي غير ڪَنُون هيءَ وادي،

لَٿا شڪَ شُبها ٿِي شادي،

”سِرّي سِرّه“ ٿِي اِمدادي،

جنهن کي سَمجهه تنهين کي تَعدي،

سو ئِي مَرد نه آهي مادي،

سَڀ وچ صورتَ يارَ پياري.

 

(48)

پنهنجِي پاڻَ ڪري ٿو وائِي،

تنهن تان ڳالهه اها ڳالهائِي،

ڪافر مؤمن صورَتَ سائِي،

انهيءَ رمَز ڏنائين رائِي،

جانب ڏسُ ڏنو هي جائِي،

”فاَ ينَمَا تُوَ لوّا“ آيتَ آئِي،

ٿِيَڙو اَڄُ بَهاني ڀائِي،

اَحمد وحيّ هِڪو هِڪ هئائِي:

”احمد‘ ”اَحد‘ هُئا  اِسراري.

 

(49)

”عَرفٗتُ رَبِّي بِرَبِّي“ آيت آئِي،

نوبت ”اَنَا الحَقّ“ وڄائِي،

”اَعظَمُ شَانِيٗ“ رَمز رلائِي،

ڪَيَڙي ”لَوٗ ڪَشَفَ“ اُجرائِي،

”يَسمَعُ يُبصِرُ“ آهي هِڪڙائِي،

”بِلامِيم اَحمدُ“ اِها وائِي،

”اِنّي اَنَاالله“ آگاهِي،

هُئڙي صُورت هِڪ سڀائِي،

سوئِي بندو سو مولائِي،

سو ئِي هيٺ سو بالائِي:

عالَم اَلله مون اِظهاري.

 

(50)

ظاهِر سِڄُ ته سڀڪنهن جائِين،

هيءَ ڀي رَمز تون دل سان لائِين،

تون تان آئينو ٿي آئيِن،

پنهنجو پاڻ ئِي ۾ مُنهن پائِين،

”مَين“ کي ڇوڙ ته ٿِيو ين ”سائِين“،

ڀولو مور نه هن ۾ ڀائِين،

توکي صَحِي سَچ سُڻائِين،

ڪا شَي ناهي بِنا حق ڪائِين،

”ڪُلُ شَيءِ ناطقءَ بالحق“ ڳالهه اِهائي ڳائِين:

هَر جا پاڻ غَنِي گُفتاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org