داستان ڇهون
سسئي
(1)
سون کان ٿئي نه پنڌ، آري ڄام اَچيج تون؛
هاڻي ڏي مون هنڌ، پاڻ ئي ڌاري سُپرين.
(2)
آريءَ جي اَچڻ جو، روز نهاريان راهُ؛
آڻيديس اللهُ، مون سِرُ صدقي ڪيو.
(3)
آري اَچين شالَ، نماڻيءَ جي نِجهُري؛
هِي مون ڏسي حالَ، ڪرين غور غريب جو.
(4)
گهڻا ڏينهن ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگَرين؛
جي مون سڏ ڪيا، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين.
(5)
ٻڌي ٻاروچا ورين، هِنَ عاجز جون آهُون؛
درد ڀَري دانهُون، ڪري ٿِي ڪافن ۾.
(6)
جي مُنهن ٻاروچي ڏسان، تا سَڀَئي ٿِينَم سُکَ؛
ڏور ٿين مون ڏکَ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.
(7)
ڪر ٻاروچا ٻاجهه، هِن مون نماڻيءَ تي؛
ويٺي وجهان واجهه، اوهان جي اَچڻ لاءِ.
(8)
مون هَٿان پيئي، ڏوهُه نه مٿن ڪو ڏيان؛
حال چوان هيئِي هَلي هوتياڻِن کي.
(9)
هن ڏکيءَ کان ڏيرَ، وجهي وِٿِ وڏي ويا؛
پُڇِي لهان پيرَ، آيَل اوٺارن جا.
(10)
اٿي ويا اوٺارَ، کڻي ساٿ سيلَ جو؛
هاڻي اَديون آئِياَ، ڏورڻ مون ڏونگار؛
ٻيا ڀي هوت هزار، منهنجو پيچ پُنهونءَ سان.
(11)
منهنجو پيچ پنهونءَ سان ، اَزل لاڪون آهه؛
هاڻي ويهڻ ڇاهه، ڀينَرُ هن ڀنڀور ۾؟
(12)
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، پنهونءَ پُڄاڻاءُ.
سوز چَکايو ساءُ، ويهَڻ مون وهُه ٿيو.
(13)
ڪريان ڪوه ڀنڀور ۾، ور بنا ويهي؛
جيهي جي تيهي، آءُ تان سندن آهيان.
(14)
ڪريان ڪوه ڀنڀنور ۾، پُڄاڻا پِرين؛
وارُ نه سي ويهَن ، جَنِين مَٿي مامرو.
(15)
ڪوهُ ڪريان ڀنڀور ۾، هاريُون بِنا هوت؛
مون تان تائين موت، ووءِ ووءِ هَڏِ نه وسري.
(16)
گولِن گَڏ گذرانُ، ڪاڪِيون، ڪنديس ڪيچ ۾؛
آريءَ ٿئي اَرمان، مانَ ڏسي حالُ حقِير جو.
(17)
چڱي پنهونءَ چِت، سدا آهي سَرتيون؛
هوت بنا مون هِت، ڪريان ڪوهُ ڀنڀور کي؟
(18)
شالَ نه وسرين تون، لوڪ سَڀوئي وسري؛
مطلب اِهو مون، جو پاڻؤن پَري نه ڪرين.
(19 )
ورَ مَ وساريج، هيءَ تان سنديَو آهِه؛
وڃي ڪيچ وڻن ۾، هيءَ سڌر ساريج؛
تيتَر مَ ماريج، جيتر توکي نه مِڙان.
(20)
ساري شَهر ڀنڀور جي، ڇڏي لوڪ لذت؛
تو ريءَ ڏئي ڪونه ڪو، ماڻهو عام عِزت؛
ٿئي ساهه صِحَت، جي ٻيهَر ٻاروچا اَچين.
(21)
ڪيو ڪميڻيءَ ڪَچُ، جو سُتِي سَويلي رهي؛
اُنهيءَ جي افسوس سين، ڪيو محَبت مَچ؛
پنهون ڄامَ پَرچُ، ناميا نِماڻيءَ سان.
(22)
ٿيون هِن هَٿاءُ، ڪيئي مُورائون مَنديُون؛
پنهون ڏسي پاڻ ڏي، آسَڻ منهنجي آءُ؛
سانول تو ريءَ ساءُ، اَچي ماڻهن ڪِين ڀنڀور جي
(23)
پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آءُ پڻ پنهون پاڻ؛
اَديون ٿِيس اَڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.
(24)
جان پروڙيم پاڻ کي، تا آءُ پنهون آهيان؛
*ڪنهن طَرف ڪاهيان، جو طَرف مِڙئي ”تُم“ ٿيا.
(25)
پيهي پروڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان؛
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، هيءُ پَڙلاءُ پيوم؛
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اُٿي ويا.
(26)
”سچو“ ڪج صَبرُ، مٿي خيال کڙو رهين،
ڪِينو ۽ ڪِبر، پري ڪرين پاڻ کؤن.
(27)
چَٽَ ڏني چُٽڪي، سورن سَرسُ سُميرَ ۾؛
سا سَچلي ”سچيڏنو“ چوي، ڇُوهه منجهون ڇٽڪي؛
جا لڪَن منجهه لُٽڪي، تنهن سان حمايت هوت جي.
ڪافي 1
ڪيچيئڙن جي ڪاڻ، جيڏيون منهنجو جيئڙو جِهجي ٿو!
پريان سندي پار ڏُنهن، الله اوٺي آڻ.
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هاڙهي ويندي هاڻ.
روئڻ کَؤن جهلن سي ئي، رَئن اَکڙيون اُڪاڻ.
جيءُ وڌائون جار ۾، ٻاروچاڻي ٻاڻ.
سِگهو ايندو سُپرين، ڀينر منهنجي ڀاڻ.
”سچو“ آءُ تان آهيان، پريان جي پَرياڻ.
ڪافي 2
اوڏانهون جي اَچن، ڙي جيڏيون، اُنهن آءُ ڪيئن نه
سڃاڻان!
پريان سندي پر جيون، ڪيهون ڳالهيون ڪن.
مون هن نماڻيءَ کي، دلاسا ٿا ڏين.
ساهه منهنجو سرتيون، نيو نياپن.
هي بُت بيراڳي ڪيو، ڪاڪيون ڪيچيئَڙن.
”سچو“ ڇو نه سُڌيرُ ٿين، تو هُت پاڻ پڇن.
ڪافي 3
ڀڄي پاهڻ ٿي پاسي، متان ڏاڍو ڏک پويئي!
پنهونءَ سندي پار ڏي، اسين تان پنڌ پياسي،
ـــــ ترس اهو مانَ ٿئيئَي
ڇو ٿو سمهين پير مُئيءَ جا، اڳَهين نيهن نياسي،
ـــــ ڏک ويا ڏير ڏئي.
سڻ ڙي ڏونگر حال ”سچوءَ“ جو، وندرجي اسين وياسي،
- چَڱيان پاڻ ئي هوت چوي ئي.
ڪافي 4
دوست دلاسو ڏجي، ڏاها ڏکوين.
اَول لائي پوءِ نه ڇنجي، پرت نباهي نِجي.
پُرجهي ڏسج پرين پانهنجو، هيئن نه ڪا ڀُل ڪجي.
ڳالهيون تنهنجيون يار ٻاروچا، راتو ڏينهان هِن
هِجي.
ورهَ وارن سان ڏهاڙي، ڏک ڀائي اَچي ٿجي.
قاصد ايڏنهن جا چَون اِئين مون، هوت اِيندءِ اَڄ
اِجهي.
ڏنگاين ڪارڻ هوت اوهان جي، ”سچو“ فالان ويٺو وجهي.
ڪافي 5
وندر آءُ ويندياس، وٺي اهو سوز سڄڻ جو - وٺي اهو
پور پرينءَ جو!
پيرن اُتي پِرَ جي، ڳوڙها ڳاڙيندياس.
ڪاڻ ڪوهيارلَ ڪاڪيون، جهولا جهليندياس.
آهُن ۽ دانهن سان، ڪَرڳَل ڳاڙيندياس.
ٻاجهون ٻاروچل جي، ساڻيهُه ساريندياس.
پنهون وٺي تان پاڻ سان، اَديون آڻيندياس.
پاڻ پنهنجو پورَ مؤن چُنجن چاڙهيندياس.
سِر پَنهنجو سرتيون، گهوريون گهوريندياس.
وٺي مَهار مَيَن جِي، لوءِ ڏي لاڙيندياس.
”سچو“ ٻاجهون سوز جي، ٻيا ورق واريندياس.
ڪافي 6
مون کي ميڙين الله، سِگهو آڻي الله وو ميان
ٻاروچا!
اُنهن ڪارڻ ڪاڪيون، وجهان وڇاڻا،
سانول پنهنجو سرتيون سَوَ ۾ سُڃاڻا.
ٻيهر شهر ڀنڀور ۾ آڻين الاهِي،
پيرين پئي تن کي ٿيون پاڻ ئي صلاحي.
اوڏنهُن آڌيءَ رات جا ڪانگل اڏايان،
جي پَري آهيان تن کَؤن تان ڀِي سندين سڏايان.
ڪڏهن مُڪو ڪونه ڪو پرين پيغامي،
اَصل لاڪؤن اُن جو آهي ساهُه رت سلامي.
ڪڏهن ايندم سُپرين، ٿي پوٿيون پٽايان،
”سَچو“ سوالن سان اُهي ويندا ورايان.
ڪافي 7
جي وٺي حُب وڃن، ڙي، اُنهن کي ڪيئن نه سُڃاڻا!
ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، پِريان پنڌ پون.
ڏونگر سي ڏورينديون، حب جن کي مَن.
آيل عاشقن جون، ڪوڪان پيڙم ڪَن.
اَديون هن ارواح کي، تاسِف ڏنو تَن.
”سچو“ صدقي اُن تان، جي وٺي درد وڃن.
ڪافي 8
متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو، مون کي!
هيءَ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، ڪيئن مَٿؤن مون ٿيو.
حَرف اسان تي آهي اَصل کؤن، ويسر ۾ ويو.
”سچوءَ“ ڪوٺي پانهنجو، پاڻ قريبَن ڪيو.
ڪافي 9
منهنجو سڱُ نَه سِياپو، ڪاڪيون ڪيچ ڌڻين سان!
هِتَؤن هَلِي اُتَهن، آءُ نه ڪنديس، ڙي، ڪاپو.
ٻانهي خان ٻروچ جِي، ٿِيسَ لاهي لاڳاپو.
شال نه ڏکيءَ کي ڏين، ڪنهن ڏوهوُن ڏوراپو.
جيڏيون هِنَ مُئيءَ جو، آهي جانب جياپو.
”سچو“ سڄڻ سان ڪندو، منهنجو موليٰ ميلاپو.
ڪافي 10
يار ٻيلي ڙي، متان مون کي هِت ڇڏين!
هِيءَ نماڻي عشق اوهان سان،
هِيءَ محب ٻيلي ڙي، پاڻُ غريب سان گڏين.
ڪنهن در ڏينديَس دانهڙي،
پيارا پرين ٻيلي ڙي، آڻي پَکا اوري اَڏين.
لَهه ”سچوءَ“ جي، وو، سُڌ سڄڻ سائين،
ساجهر سويلي ڙي، يار ايندين تون ڪَڏين.
ڪافي 11
ڪنهن لَڳ ڏونگر ڏوريان، جيڏيون ڙي،
محب آهي منهنجي مَن، ميان.
*”وفِي اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِرونَ“، ڪاڪيون
ڪَجو هي ڪن.
اسين تو سان، پَري تُون ڦولين، اولانڀا هي اچن.
پاڻ سنڀالج پانهنجو، پرين اِئين چَون.
اِهڙيءَ اوڏائيءَ ۾، ورهِي مِينهن وَسن.
”سچو“ سي ئي پَري پيا، جُدا ڄاتو جَن.
ڪافي 12
مون کي ماريو مونجهاري، ووءِ ووءِ،
سانگِي مون سي ئي ڪيا.
سوزُ تنهنجو سُپرين، هِت ڪوڪان ٿو ڪاري.
اُنهيءَ ٻاجهُون سرتيون، هيءَ گوندرَ گُذاري.
ڏاڍي ذات جتن جِي، جي عاشقن ويا اَزاري.
وندر جي وڻن ۾، ٿي ڪيچي نهاري.
”سچو“ سپرينءَ کي، تون ويهُه نه وساري.
ڪافي 13
گولي مانَ سڏين، اُنهن جي نِي آهيان، جيڏيون ڙي!
پکا پکن سامهون، اوري مانَ اَڏين.
آريجا عاجِز کي، ڇَپَر تان نه ڇڏين.
ٻاروچا تا ٻاجهه پئي، گولي ساڻ گڏين.
هُونِ هميشه مون پِرين، لحظي تان نه لڏين.
اَصل لاڪون آهيان، هِيئن آئؤن هَڏين.
اڻمُلهِه ٻانهي آهيان، ”سچو“ پاڻ سَندين.
ڪافي 14
هِتوُن اُٿي تنهنجا هوتَ ويا، تون تان ڀي نه ڪوشش
ڪَرين!
پيرَ پُٺِن تون نه کڻي، ٻُڌيون سي ڳالهيون ڪرين.
توکي تان ترسائِيو، پاڄياڻي، پَنڌَ پَرئين.
اُٿي ڪر پنڌ پهاڙ جا، متان تون پوئتي ورين.
”سچو“ پُڇج سُپرين، ميان، متان تون تان ٺرين.
ڪافي 15
پنهنجو ڪيو، هي تان پنهنجو ڪيو، مون کي يار پنهل
ڪُوٺي!
دوست گڏيو دلجاءِ ٿي، وچؤن سارو وڇوڙو ويو.
آڌر ٿي ارواح کي، جِڏيون ڙي، منهنجو جيئڙو جيو.
رهجي اچي يار سان، ڏاهيون ڙي، اهو ڏسَڙو ڏيو.
اَڱڻ آسَروند جي اچي، ميان، لالن پاتو لِيو.
ساهه ”سچوءَ“ جو سرتيون، نيڻن سندي ناز نِيو.
ڪافي 16
ٻانهن جي آءُ ٻانهي آهيان، ٻاروچي جي ذات جي!
ڪِيم جهلو مون جيڏيون، دوسنَ جي ديوانِي آهيان.
آءُ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، شاهَن جي ڪا شانِي آهيان؟
اُٺن اوٺارن تَؤن، ڪوڙين آءُ قُربانِي آهيان.
جي مون پُڇيو جيڏيون، سورن ۾ سامانِي آهيان.
پُڇو ”سچوءَ“ کؤن سرتيون، محبن جي مستانِي آهيان.
ڪافي 17
تو ريءَ ڳالهيون ڪنهن سان ڪنديَس، آءُ وَر واڳ
ورائي!
واٽ نه وندر جي لهان، وڌيس مونجهَه مُنجهائي.
سِڪَ تنهنجي سُپرين، ڏونگر ٿي ڏورائي.
هيڪاندي هيءَ حَبَ ۾، ويٺي ورهه وسائي.
طعنن شهر ڀنڀور جي، وڌم تَنُ تپائي.
جيهو تيهو سُپرين، ”سچو“ سنَدُوَ سڏائي.
ڪافي 18
ٻاروچا پَئيوَ ٻاجهه، ڇَپَر مون کي هيئن نه ڇڏيجو!
مهرَ نه لاهيو مون پِرين، مَٿان هِن محتاجَ.
آهي هن عاجِز جي، تو تي لالَن لاجَ.
هِيءَ پُٺِيءَ پئي تنهنجي، مَنجهَؤن ساري راجَ.
ڳچيءَ پائي ڪَپڙو، اُت ڪريان ايلاجَ.
پورهيو ڪنديَس پِرت جو، هَٿين ڪنديس هاجَ
گهوريان گهوٽ اوهان تان، سڀ مَڏيون ۽ ماجَ.
اوهان جي ته اَچَڻ لءِ، ”سچو“ وجهي ٿو واجهَه.
ڪافي 19
هيءَ نماڻِي نالِ، نِجو، ادا ڙي، اوٺيو!
هي ڪميڻي ڪُوڙي، بِرهَ ڪئِي بيحال.
پُٺيءَ اِيندي اُنهن جي، جيهي تيهي حال.
پرين نيندا پاڻ سان، ڀلا پنهنجي ڀال.
اوهان ٻاجهون سپرين، جيئڻ آهي جنجال.
ٻاروچا تان ٻاجهَه پئَي، ”سچو“ سگ سنڀال.
ڪافي 20
ٻاروچا ميان، هيئن نه ڇڏيو، هيءَ نيِو نِماڻي ساڻ!
سُڌ تَهين کي سوز انهِيءَ جي، جنهن لڳو ٻاروچاڻو
ٻاڻ.
ٻانهي گولي تانهن جِي، پنهون پانُ سڃاڻُ.
پرين ڏسج پاڻ ڏي، آهيان آءُ اَڄاڻ.
بخش ”سچوءَ“ کي سپرين، سندو نِينهَن نياڻ.
داستان ستون
سسئي
(1)
توڙي مارِ نه مُون، سُڻ منهنجا سُپرم؛
مون کي گُهرجين تون، لوڪُ رُٺو ئِي گهوريو.
(2)
عُمر اَجائِي گذري، وهِي آيَم هِيءَ؛
آءُ سٻَاجها سُپرين، پَروَرَ ڪارڻ پِيءُ؛
جِيئڻُ ڪونهي جِيّ َ، ڪا وَرَ ويچاريءَ وَر ڪيو.
(3)
عُمر اَجائِي گُذري، اَڇا ٿيا اِظهار؛
زاريون ڪِيو سُپرم، رُئان زار و زار؛
مَٿِم آهي مَيارَ، هوتَنِ حَرَف نه هيڪڙو.
(4)
عمر اَجائِي گُذري، ڪارن مَٽيو رنگُ؛
مون نهارڻُ نه ٿئي، سانوَلَ سارو سَنگُ؛
هِن نِماڻِيءَ جو نَنگُ، آهِه اَوهان تي سُپرين.
(5)
عمر اَجائي گذري، ڪَئِي جوڀَنَ جاڙَ؛
بالا هِنِ بِلورَ جا، چئَنِي طرفين چاڙَ؛
ٻاروچَل جي ٻاڙَ، مون کي روهين روليو.
(6)
عمر اَجائِي گُذري، هوتَ نه گَڏيَس آن؛
اَهڙي ئِي اَحوال جِي، ووءِ ووءِ آهي مان؛
ٿئي نه ميلو جان، تان ساهُه نه وڃي سَرتَيون.
(7)
عمر اَجائِي گُذري، هِهڙو ٿِيَڙُم حالُ؛
ڪنَهِن سڻايان سرتيون، اندر جو اَحوالُ؛
آرياڻِي الحالُ، ڪندو غور غَريبِ جو.
(8)
مَٿي راهَه رَنجُورِ، ويچاري واڪا ڪَري؛
سِگهِي ويندي نِڪري ، هوتِياڻين حضور؛
موٽي هَڏِ نه مُور، پَسَڻ ريءَ پِرينءَ جي.
(9)
جان مون مِلان هوتَ، تيسين تائين نه مَران؛
مادر تائين موتَ، اِهو اَٿَم آسرو.
(10)
وندر جي وڻَن ۾، ڪَري واڪا ويچاري؛
جا مَحبوبن مارِي، تُنهِنجو موٽَڻ مَس َ ٿئي.
(11)
وندر جي ئِي وڻَن ۾، زور ڪَري زاري؛
ڇڏي ويا ڇَپَرين، ڌوٻِڻ هِيءَ ڌاري؛
هِڪ واچوڙا واٽَ تي، ٻي وسي ٿِي واري؛
بِرهُه آهي باري، هَي هوتياڻِن جو.
(12)
وندر جي ئي وڻن ۾، زور ڪَري زاريُون؛
نِيلا نِيرَ اَکين مان، هاڙهي ويس هاريُون؛
اَديون آريءَ ڄام جا، ويا روڏا رئاريو؛
هِنَ مُئيءَ کي ماريو، هوت وڃن ٿا نِڪريا.
(13)
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، ٿِئَن ڪوهيارَل قَرارِ؛
يا کڻِي مُئِيءَ کي مارِ، يا پِرين ٻي تون پاڻ
سان.
(14)
وڃِي ڪيچ وڻَن ۾، ٿِئين سانول سُکِ؛
هيءَ ڏکوئي ڏکِ، وجهي گوندر ۾ وَئين.
(15)
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، تون خاصا ٿين خوشحالُ؛
هِتِ هِيءُ نِماڻِيءَ حالُ، مانَ وَري ڪو وَڙُ
ڪَرين.
(16)
وڃِي ڪيچَ وڻن ۾، ڪامل ٿِئين قَرارِ؛
ويچارِي مَ وسار، جا اَجهي آهي آنهِنجي.
(17)
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ٿئين جانب جاءِ؛
هُو جي اوري ڪيچَ کَؤن، سي مون لَڪَ لنگهاءِ؛
پنهنجو پاڻ پساءِ ، نا ته ٿي دوست دمُ ڏيان.
(18)
ڪاڪون ڪيچ وڻن مُؤن، هِيرَ اچي جا هِيّ َ؛
پاڙيجون! سان پِيّ َ، هِنَ مون کي اَڄ ملائيو.
(19)
ڪاڪيون ڪيچ وڻَن ڏنهُن، هي هي جو واءُ وريو؛
سندو ساهَه سَريو، مطلب سارو مَنَ جو.
(20)
ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏنهُن، وري واءُ وريوم؛
سارو ڪاڄُ سَريوم، ڄڻ هاڻي گڏيسَ هوت کي.
(21)
هو جا ڪيچ وڻن کي، وڃي لَڳي واءِ؛
سا وري شهر ڀنڀور ۾، اچي سرد هواءِ؛
جانب تنهن جاءِ، سا جيءَ اُنهيءَ سان هلي.
(22)
هو جو ڪيچَ وڻن مَؤن، اَچِي واءُ ورِي؛
سو مون کي محبوبن جِي، ڏئي خبر کَرِي؛
وڃان تا مَ مَري، جان ٻاروچي مُنهُن ڏسان.
(23)
هو جو ڪيچ وڻن مُؤن، وَريو اَچِي واءُ؛
ماريون تَنهن مٿاءُ، هِيءُ سِرُ ڪريان صدقي.
(24)
هو جو ڪيچ وڻَن مَؤن، واءُ ته آڻي واسُ؛
هِيءُ سِرُ سارو ساسُ، ڪوڙين قرباني ڪَريان.
(25)
هُو جا ڪيچ وڻن مَؤن، هاريون اَچي هِيرَ؛
ٿئي صحت مَنجهه سَريرَ، ڏور وڃن مون ڏکَڙا.
(26)
هو جا ڪيچ وڻِن مَؤن، هاريون هِير اَچي؛
تَنهِن سان مَنُ مچي، محبت ۾ محبوب جي.
(27)
هو جا ڪيچ وڻَن مَؤن، اَچي هِيرَ هَلِي؛
سا ڀينر آهي ڀَلِي، جنهن سان ساهُه سُڌير ٿئي.
(28)
هو جا ڪيچ وڻن مَؤن، ٿي هِير اَچي هاڻي؛
تَنهِن آرياڻي آئي ڄَڻُ مون سان اَڄ ملائيو.
(29)
هو جا ڪيچ وڻن مَؤن، اَچي هِيرَ هلي؛
تَنهِن ساري ڳالهه سَلِي، پِريان سندي پارَ جي.
(30)
هو جا ڪيچ وڻن مَوءن، لڳي تيز تَنوارَ؛
سندي پِريان پارَ، تَنهِن ڏنا دلاسا دل کي.
—————
ڪافي 1
نِينهَن نِهوڙي آهيان، هاڻي جيڌيون ڪا ڏي وڃان!
پنڌ پري ٿيو پِرينءَ جو، عشق اُلارو اڃان.
ڪَتڻ وٽڻ نه ٿئي، چرخو ڦيرائي ڀَڃان.
پِريَن نايُون پَٽ ۾، عشق سنديون سي ڄڃان.
موٽڻ واري ڪڏهين ، ”سچو“ نه مَصلحت مَڃان.
ڪافي 2
هئان ٻاروچي نال، وو نال، پَلَڪُ نه پري پِرينءَ
کَؤن!
ورهيه ويڙم گذري، هَي هَي ههڙي حال، وو حال.
ساڄَن تنهنجي سوز جي، ڪريان ڪنهن سان ڳالهه، وو
ڳالهه.
ٿي گذاريان ڏينهڙا، تنهنجي خاص خيال، وو خيال.
پُٺيءَ لڳل پانهنجي، پنهون سائي پال، وو پال.
ساهه ”سچوءَ“ جو صدقي، آهي اُتون آل، وو آل.
ڪافي 3
گوليءَ جي گفتار، ٻُڌيَوَ ٻاروچَن ۾ ڪا!
کُتا ڪانَ قريب جا، هِنِيڙَي منجهه هَزار.
آَءُ پيادي نا پُڄان، سارو ساٿ سُوار.
اُنهن ڪارڻ آئيو، رئڻ زارو زار.
لڌم پير پنهونءَ جو، منجهؤن گرد غبار.
اچي شال ڀنڀور ۾، ٻاروچو ٻيهار.
پاڻؤن ٻانهي پانهنجي، دوست نه ڪجو ڌار.
ڪَن ”سچوءَ“ ڏي سچ جِي، مَجهَؤن نِينهَن نهار.
ڪافي 4
يار لڳي آءُ هَلندي تو سان، وو،
رهنديس ڪِيئن ڀنڀور ۾.
پاءِ رڪاب پرينءَ جي، هَي هَي هاريون هوسان.
پائي مَنڊڙا پورَ مَؤن، راهن تي روسان.
اَوهان ٻاجهون سپرين، ڇاهي مُنهنجو لوءِ سان.
سورن سهرا سِرَ تي، پارئون تنهنجي پوسان.
”سچو“ ساعَتَ نه رهي، دم ٻاجهون دوسان.
ڪافي 5
گولَن جي آءُ گولي، ٻاروچاڻي ذات جي!
سمجهي سگهان ڪينڪي، ٻاروچي جي ٻولِي.
عبث آءُ ڀي ناهيان، ڳالهه ڪَيَس ڪنهن ڳولي.
ڪري ڪوهيارل ويو، هنيڙي اندر هولي.
روئي اُنهن واسطي، چِڪَ ڪيم هيءَ چولي،
”سچو“ صدقي تَن تَؤن، جِندُ جَنهِين هِت گهولي.
ڪافي 6
اڙي اَلو اَلو، منهنجي يار سَڄَڻ جو، ساٿ سلامت
آئيو!
اَڄُ سي اَڱڻ آئِيا، مون جِن لءِ وِرهه وسايو.
اُهي گَڏ مسافر هِنِ گڏيا، مون جن لءِ پَنڌِ
پُڇايو.
ڏيئي دلاسا دل کي، تن ريهي روح رچايو.
حال ڀائي اَچي سي ٿيا، جن تان چيٽڪ لايو.
وريتيون وصالَ جو، هاڻ واليءَ ورق ورايو.
”سچوءَ“ کي ڙي سرتيون، اهو موليٰ مُحب مِلايو.
ڪافي 7
سنديَو سار سنڀال، يار مون کي آهي، منهنجا ميان!
مون هوُن ڏورڻ نه ٿيا، الا، آهن ڪاف ڪَشال.
اَوهان ٻاجهون سُپرين، جيڻ منجهه جنجال.
ڪريو فنا فراق کي، وجهان واجهه وصال.
ٻاجهه ٻاروچا تو پوي، ههڙا ٿيڙم حال.
راتو ڏينهان روح ۾، جَکان لاءِ جمال.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سُپرين آهي جِيّ َ ۾ تنهنجي جال.
ڪافي 8
تون آءُ ڙي قاصد آءُ، ميان، ڪا خبر ڏيهؤن کِيئَن
جي!
پرين سندي پار جو، ڪو لهي اَڄ سماءُ، ميان.
منهنجو ٿئي هِت ڪينڪي، ٻاجهؤن هوت هلاءُ، ميان.
ملڻ ٻاجهون دوست جي، ڪندو ورهه وڌاءُ، ميان.
”سچو“ سمجهين ڪينڪي، اهو اَٿئي ڪو لقاءُ، ميان.
ڪافي 9
آءُ تان صدقي اُن تؤن، جي آيا پُنهل جي پار!
مُڪم نياپا نينهن جَا، هوتن تنهن هزارَ.
محبت محبوبن جي ڪئي، هنيڙي ۾ هُشڪار.
وڃي ڏسنديس اَکڙين سان، وڻ سندا وڻڪار.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا اندر ۾ الغار.
ڪافي 10
اوڏنهن آئين ڪانگل اَدا، لنؤن تون چڱي اَڄ لات ڪا،
ڪِي هُت هئي محبوب کي، مشتاق جي مصلحات ڪا؟
هيڏي اَچڻ جي ڪا هُين، ڏي تون مون کي تسلات ڪا،
مون هن نماڻيءَ وٽ اُهي، رهندا اَچي هِت رات ڪا؟
ٻي تان هوندي هيڻي ادا، ظاهر نه جهڙيم ذات ڪا،
پيغام مون ڏنهن پرت جا، ساٿي آندوَ سوغات ڪا!
شب روز عاشق رئڻ ڄاڻن نه هَڏ ٻي بات ڪا،
جاني جدائيءَ جيهڙي، آهي نه ٻي آفات ڪا!
هيڪند هئڻ جي هوت سان، سئين ڪندم ساعات ڪا،
دلبر ٻاجهون هڪدم ؟سچو“، بيهي اُها برسات ڪا؟
ڪافي 11
عشق اَول آزمائي، ڪاڪيون ڪيچن جو، ميان!
سِر تي سهج، وو، سور سٽاڻا، ٻاروچو ٻولائي.
صحيح ملندم هوت حقاني، رانولُ مون رولائي.
عاشق صادق سڻ ”سچيڏنا“، ڀول ڪنهن ڀولائي.
ڪافي 12
سانول، سوين ڳُڻ تنهنجا ٿي ساريان!
هُرن منهنجي هنيڙي اندر، سي تا ڪيئن وساريان.
واٽان اچڻ جون، وو، تانهنجون ويٺي سي نت نهاريان.
اوهان ٻاجهون سُپرين، گوندر ڏينهن گذاريان.
جُهري جهوريءَ ۾ پيو، هنيڙو ني هيڪاريان.
”سچو“ سگ در تنهنجي جو، تنهن جي ڪڍَ قطاريان.
ڪافي 13
ڪنهن کي حال چوان هي، اَديون ڙي، واءِ ويلا جو!
ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان - هي حال چوان!
مهڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوهان - هي حال چوان!
”سچو“ سِرواڻن کي، وڃي پيرين پوان - هي حال چوان!
ڪافي 14
عشق تنهنجي ماري آهيان، آءُ اَچي ڏي دوست دلاسو دل
کي!
سگهه نه ساريان پنڌ ڪرڻ جي، ڀلو ميان.
ڪيچ وڻن ڏي ڪيئن ڪاهيان!
آءٌ تان ٻانهي تون تان سائين، سَڱ نه ٻيو ڪو
ساهيان!
ڪم اچي جي هي سر تنهنجي، ميان، تان ڀي نابِر
ناهيان!
آءٌ اَڻ سونهين سونهين ناهيان، ڪاڏي ڪر هَل
ڪاهيان!
هوت ڪرين ٿو ههڙيون، ميان، آسَر هَڏ نه لاهيان!
اَڱڻ آءُ تون يار پيارا، سڀ ڀلايون ٿي ڀانيان!
ورهه اوهان جي ڪيئي ولوٽيا، ”سچو“ چوي آءٌ ڇاهيان!
ڪافي 15
دل ناهي سا منهنجي وس، ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
انهن اَکڙين کي، ناهي ڏسڻ کوُن بس،
ـــــ ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
اصل لاڪون آهيان، پاڙيچون پر وس،
ـــــ ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ڪاڪيون آهي نه عام سان، روح منهنجڙ ور وس،
ـــــ ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ٻاجهون ويڙهي دوست جي، ٻي ڳالهه نه لڳي ڪس،
ـــــ ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ساهه ”سچوءَ“ جو سرتيون، دوست وٺي ڪيو وس،
ـــــ ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
داستان اٺون
سسئي
(1)
مارڳُ مٿاهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪيرَ؟
سا پُڇي ساٿ سويرَ، جائِي مارڳَ تي مري.
(2)
جي تون مارڳَ تي مرين، وڏا طالع تو،
سانول ساڳي سو، مٿان تو هٿ ڏئي.
(3)
مَلهِي مارڳ مرُ، تان تون تنين جي ٿئين؛
جبل هار نه جرُ، ارتو اَکَڙين مون.
(4)
مارڳ جي مُئينءَ، تان هُئينءَ هوتياڻين هنج ۾؛
وڃي ڪيچ سُڻينءَ، تان ويچاريءَ وسُ ڪيو.
(5)
مارڳ مرن جي، ور تنين کي ويجهڙو؛
هَي هَي هوتن کي، ٿئي ارمان انهن جو.
(6)
مارڳ مرڻ آهه، گهوريو جيڻ جيڏيون؛
پير نه پوئيون پاءِ، عاشقَ مرُ اڳي ٿئين.
(7)
مارڳ آهه مرڻ، جيڏيون هن جيڻ کون؛
وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ؛
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوهيار جو.
(8)
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون،
هوت ههڙي حال، مانَ مٿان مون هٿ ڏئي.
(9)
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪا مون لهن ڪل؛
ماڙيون سڀ محل، ويٺي وِرهه وسائيان.
(10)
مٿي راهه رئان گهڻو، آءٌ اوٺارن ڪاڻ؛
هاريون ايندم هاڻ، ڏک ڪڍندم ڏيل مون.
(11)
مٿي راهه رئان گهڻو، آءٌ تنهن لَعلَن لَڳِ؛
جَتَ ٻيا ڀي جَڳِ، منهنجو پيچ پنهونءَ سين.
(12)
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪيچيڙن؛
سِگها شال اچن، ڪَرن غور غريب جو.
(13)
مٿي راهه رئان گهڻو، ڪارڻ ڪوهياري؛
مُئيءَ کي ماري، وڃ م منهنجا سُپرين.
(14)
سچو ٻَڌي سندرو، لَڪين ڪندي لوچَ؛
ٻَڙيون لڳ ٻروچ، مٿي راهه رئان گهڻو.
(15)
اديون آريچن جي، ڪا فؤن پونديم ڪل؛
ڪارڻ ڪوهيارل، مٿي راهه رئان گهڻو.
(16)
هُو سياڻا سُپرين، عاجز هيءَ اَڄاڻ؛
آءٌ ڪوهياري ڪاڻ، مٿي راهه رئان گهڻو.
(17)
هوندي هوتياڻن جي، هيءَ ويچاري وڳِ؛
آءٌ تنهن لالَن لَڳِ، مٿي راهه رئان گهڻو.
(18)
اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري؛
ڪارڻ ڪوهياري، مٿي راهه رئان گهڻو.
(19)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ٿَڪيءَ مون نه ٿين؛
جيڏيون ڪاڻ جتن، مٿي راهه رئان گهڻو.
(20)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏهن مون نه ڪيا؛
وثؤن هوت ويا، کڻي ساٿ سويل جو.
(21)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پڄن مون نه هَٿاءُ؛
اَچ آرياڻي آءُ، ٿي وسيلو وڻڪار ۾.
(22)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پري آهن پنڌ؛
رويون چُمان رند، آيل اوٺارن جا.
(23)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ آهه منزل؛
آهه ڪوهيارل ڪل، نامِيا نماڻِن جي.
(24)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، هزارين فرسنگ؛
نهاري ڏي ننگ، ڪر ور ويچاريءَ جي.
(25)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آهن ڪوهه؛
مون کؤن جهاڳڻ نه ٿين، رُڪؤن ڏاڍا روهه؛
تنهنجي پُڄان توهه، نا ته ناهم حال هلڻ جو.
(26)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، آهن جال جبل؛
لهه ڪميڻيءَ ڪَلّ، ٻاروچا ٻاجهه ڪري.
(27)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، دفّت اؤن تصديع؛
اَچي پَهچج پِيّ، مون هن نماڻيءَ تي.
(28)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏهن ڪين ڪيام؛
سلهاڙي ساٿ سان، کڻي هوت ويام؛
ووڙڻ وڻ پيام، قسمت سانگي ڪيچ جا.
(29)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ مٿاهون؛
ڇوريءَ کي ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاهون؟
توکي ڪري سپرين، دردمند دانهون؛
تون اچج آڳاهون، نا ته ٿي دوست دم ڏيان!
(30)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جِتَ جانارن جايون؛
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بلايون؛
مانديءَ کي مارڻ لءِ، نڪتيون نِنايون؛
مون سِر تي سهايون، سڀ آريءَ سندي عشق ۾.
(31)
ڪاف ڪشالا ڪيترا، بَر وڏا بئبان؛
لانگها هِڪُ لَڪَن جا، ٻيا ڪوهن ۾ ڪُهدان؛
اڳيان ڏينَم ڪينڪي، هلڻ هي حيوان؛
آءُ آرياڻي اَڳوان، ٿرُ نه مون ٿيلهيو ٿئي.
(32)
ڪشالي مؤن ڪمُ، ٿوري ڏينهن مؤن ٿئي؛
سوز گداز ۽ غم، رهبر ٿيندو راهه ۾.
(33)
قدر منجهه ڪشال، مون تان لڌو جيڏيون؛
وڌي وِٿ وصال، يڪسان يڪايڪ کؤن.
(34)
موٽي آيس ماٺ ۾، تان ڪيو شوق شڪار؛
هَي هن نماڻيءَ کي، ووڙڻ ٿيو وڻڪار؛
طلب سين تڪرار، ڪشالي مؤن ڪم ٿيو.
ڪافي 1
پرؤن تان پِريَن، جيڏيون، اچن اهي اولانڀا.
تيلهان ترسين تار ۾، جيلهان محبت ناهي من.
ڪيئن چانگار چِڙن جي، ڪوڙي پيڙءِ ڪن؟
سڪ سچي جن ساهه کي، سي تارؤن نا ترسن.
ڪين اسان کؤن آنهنجون، ڳالهيون ٿيون وسرن.
آءُ اسان جي پار ڏي، ٻيون تا ڏيئي ٻَن.
عشق ”سچو“ جَن آهيئي، سي تان رؤءِ رَسَن.
ڪافي 2
ڪاڪيون مون ڏي ڪالهه، دلبر لِکيا دلاسا!
اِيندا اَڱَڻ سي تانهنجي، جَن لءِ سِڪينءَ ٿي سال.
هاريون! هجر فراق جو، واريو ورق وصال.
سَرهو ٿيڙو ساهُه مون، لاٿؤن ڪُل ڪَشال
ڪَرم ڪيائون پانهنجو، مُنهنجي نِي ڇا هي مجال.
تِرُ نه ماندو تون ٿئِين، لَهندءِ ”سَچو“ سنڀال.
ڪافي 3
ديواني هِن جي دل ڪَيَو: ڪو دوست دلاسو ڏيو!
تو ٻاجهَون سانول سائين، چئو ڪير ڪو پڇندو ٻيو؟
تو هون الاجي ڪيئن سائين، سو واعدو وسري ويو؟
گُهرجي سعيو تنَهن جو گهڻو، جو پيش اوهان جي پيو.
ڪنهن کي ڏيان هِيءَ دانهڙي، هَي بِرهه بيراڳي ڪيو.
هَي هَي نِي ههڙو حالڙو، اَي يار تان توريءَ ٿيو.
هِيءُ ساهه منهنجي سَريرمؤن، هَي تان تنهنجي نازن
نِيو.
نِجهري نِماڻيءَ جي اَچي، هڪ ڏينهن پاءِ لالن
لِيو.
ڪيو ڪالهه هادي قول تو، مَڙني اڳيان مون سان اِهو.
هوندس ”سچو“ تو ساڻ آءٌ، تو پِير ُعبدالحق‘ چيو.
ڪافي 4
عشق اَکين نيئي لايو، مَستانن محبوبن سان!
سِر مٿي مون سَرتيون، وِرهي مينهن وسايو.
البت وينديس اوڏهين، پَلُ پاڙيچون نه پايو.
آءٌ ڪيئن ويهان ماٺ ڪري، سورن هت سِجهايو.
جا سِيبايَوَ سرَتيون، ڳالهه اُهائي ڳايو.
حاصل آهه حبيب جو، ”سچوءَ“ تي سڀ سايو.
ڪافي 5
مون کي مِهڻا ڏئي، مَرُ ڪا پارؤن پِرينءَ جي!
هيءُ تا حبيبن ري، پيالا زهر ٿِي پئي.
ڏوڙو ڏک مون پرائيو، هَي دوست جي وئي.
روز پرينءَ جي پار ڏي، مون کي نينهن ٿو نئي.
سارو ئي ڪم ”سچو“ ٿيو ، پُٺيءَ دوست جي پِئي.
ڪافي 6
پائي ڏوهه پنهنجي پاند ۾، آءٌ دوست تو در آئيان!
راتو ڏينهان پنهنجي روح ۾، تنهنجا سوين ڳڻ ڳائيان.
ڏٺِ ڏوراپو ٻُڌي، آءٌ پلؤ توکي پائيان.
زاريَون ضعيفيءَ مؤن ڪري، م پرين تو کي پر چائيان.
جا تو پڻي پيزار جي، سا کهه لِڱن کي لائيان.
سڀ ڳالهه پنهنجي سِرَ جي، تو کي ”سچو“ سمجهائيان.
ڪافي 7
وڃي شال ڏسان پنهون، تنهنجو ڪيچ واليءَ وسايو!
اَديون اوٺارن کي، آيل، رتيءَ منجهه رسان.
ڪاڪيون ڪوهيارل کي، آيل، پُڄِي شال پسان.
وندر جي واٽن تي، آيل، گوڏن ڀر گسان.
هاريون هوتياڻن جي، آيل، ويڙهي منجهه وسان.
وڃي ڪيچ وڻن ۾، آيل، هوتن ساڻ هسان.
”سچو“ سپيرين سان، آيل، ڪنديس چاهه چَسان.
ڪافي 8
ٿيون ورڻ جون وايون، يار سانگيڙي جون!
هٿ پانڌيءَ جي، پارؤن پرينءَ جي، اهي سي خبران
آيون.
ڪُونجان هزارين ڪيچ وڻن ڏهون، اسان ڏي يار
اُڏايون.
اَڱڻ اُهوئي اسان پرين جو، شل جدا نه هونديون
جايون.
ڪيئي ڪتابتان پنهنجي اَچڻ جون، مون ڏي سي هوت
هلايون.
ناهن ڳالهيون هي ڳَرهَڻ جهڙيون، ”سچو“ ري سوز
سَلايون.
ڪافي 9
هاڻي ڪنهن سان ڳَرهيان ڳالهه، هاريون، پنهنجي حال
جي!
پرين نيندا پاڻ سان، ڀينر، پنهنجي ڀال.
ڪرڻ عرض عجيب کي، منهنجي ڇاهي مجال.
ڪندي پورهيو ڪيچ ۾، جي نين نماڻي نال.
ڪافي 10
منهنجي ساهه سڄڻ کي ساريو،
مون کي ڳالهه تنهين جي ڳاريو، هوءِ هوءِ هوءِ!
اَديون آرياڻن جي، وڃي توڏن تونگِ تنواريو.
مون من گڏي گوندرين، ڪيچي ڪيچ قراريو.
ههڙن هوتاڻن کي، وريتيون نه وساريو.
جيءُ سَچوءَ جو سرتيون، سندن عشق اُجاريو.
ڪافي 11
ڇَپرَ تا نه ڇڏيندين، ڀلوڙي، پنهل يار!
پاڻ سڃاڻي پانهنجو، گولي ساڻ گڏيندين.
اڱڻ آسروند جي، آرياڻي تو ايندين.
اهو اٿم آسرو، نال نماڻي نِيندين.
پکا پکن سامهون، اوري شال اڏيندين.
سڪ ۽ سور ”سچو“ کي، بلوچا، بخشيندين.
ڪافي 12
گهوريو هي ته ڀنڀور، مون سڱ ٻاروچن سان!
مَرَڪُ تان معذور کي، سندو هوتن هور.
راتيان رئان وڏ ڦڙا ، ڏينهن سار وئي ڏور.
آهي آرياڻيءَ جو، ديوانيءَ کي دور.
سچو ڳالهه اُنهيءَ جي، شوق مچايو شور.
ڪافي 13
ديس اسان جڙي آيو، ٻاروچو - مولا سو آڻ ملايو!
اَچڻ ٻاروچي جي ڪل نه آن کي، تيلهان ٿيون ورهه
وسايو.
ويڙهي اوهان جي وسي ٻاروچو، پري ڇو پنڌ پڇايو؟
اڱڻ اوهان جي آهي سدائين، گهوري تان پاڻ گهمايو.
آءٌ نماڻي عَيبن هاڻِي، پاڻَ پرينءَ پرچايو.
پنڌُ ويٺي يار ”سچوءَ“ جو، ڪيو سو هوتَ سَجايو.
ڪافي 14
اَچن ٿا پرين اَچن ٿا، سِل ڪي ساٿي، اَچن ٿا؟
طرف اسان جي هين تياري، پَهَه اڃا ڪي پَچن ٿا؟
اديون آتش عشق جا، من ۾ مچ مچن ٿا.
پسڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، نينهَن وارا هِت نَچَن ٿا.
”سچو“ سُورهيه ڪيترا، رنگ انهيءَ ۾ رچن ٿا.
ڪافي 15
اها ڳالهه سڄڻ تنهنجي ڪنهن سان آءٌ تان ڪريان؟
اوهان ٻاجهون سپرين، ويٺي هِت ڏکڙا ڏريان.
هي سِرُ سارو ساهه سان، آڏو تنهنجي دوست ڌريان.
وِرهَه اوهان جي هت وساريا، پاڄاڻن کي پنڌڙا
پَريان.
دوست اوهان ريءَ ديس انهيءَ ۾، سورن جا ٿي سڏڪا
ڀريان.
”سچو“ چوي سپرين، تنهنجي صورت ريءَ ويٺي سور
تريان.
ڪافي 16
منهنجو هوت پنهونءَ سان نينهڙو لڳو!
پَرو پِيڙم پاڻ مون، ڀينر ڙي منهنجو ڀول ڀڳو.
ٻيائيءَ جو بند پيو، ڪاڪِيون ٽوڙيو عشقَ ٽڳو.
مون کي اوڏنهن آئيو، سرتيون سندو وِرهه وڳو.
پرين ”سچو“ آهي پاڻ سان، جيئن سُئيءَ منجهه سڳو.
داستان نائون
سسئي
(1)
باري بِرهه بلوچ جو، رڳوئِي راحت؛
ساريان سا ساعت، جا هيڪَندَ هُيَس هوت سان.
(2)
باري برهه بلوچ جو، آهِه مَٿِم مَحڪُم؛
سندو دوستيءَ دمُ، ڇڏيان نه ڇن ڪهين.
(3)
باري برهه بلوچ جو، آهِه نسورو نورُ؛
راتو ڏينهان روح ۾، مُحبَن جو مَذڪور،
وڃڻ آهه ضرور، ڪاڪِيون ڪيچيڙن ڏي.
(4)
باري برهه بلوچ جو، هِيڻِين جو همراهه؛
روح مَنجهارون راهه، ڪاڪِيون ڏسي ڪيچ جو.
(5)
باري برهه بلوچ جو، سَدا مُون شامل؛
ڪيچ ڌڻي ڪامل، مون کي پورَ پَسائِيو.
(6)
باري برهه بلوچ جو، اونداهيءَ اوجَرُ؛
ساٿي آهه سَڀَر، سو نه ڇڏيندو ڇَپَرين.
(7)
باري برهه بلوچ جو، اديون سِر آيوم؛
چاهُون چُمي تنهن کي، چشمن تي چايوم؛
وِرهه وسايوم، نِينهُن پنهنجي نِجهري.
(8)
باري برهه بلوچ جو، تَنَ کي تَقويت؛
سنديءَ سورَ صَفَت، پُڄين نه پَر ڪَهِين.
(9)
باري برهه بلوچ جو، هارِيون هِدايَتَ؛
ڪَندو ڪفايَتَ، پاڻون ڄاڻِي پَنڌ ۾.
(10)
باري برهه بلوچ جو، سارو سعادَتَ؛
هيڻن حمايتَ، ڪاڪِيون آهي ڪاف ۾.
(11)
پِريان سَندي پارَ ڏي، پَنڌُ عجائِبُ آهه؛
گهوري سِرُ گُهماءِ، مٿي در دوسَن جي.
(12)
پَنڌُ عجائِب پِرينءَ جو، سَندو پيرَن ناءِ؛
هِنئين ساڻ هَلاءِ، پاڻ پَنهنجو پِرينءَ ڏي.
(13)
پنڌ عجائب پرينءَ جو، آهه هلڻ سان حال؛
نڪا قيل مقال، ٻي نا جُڙي اُتهين.
(14)
پنڌ عجائب پرينءَ جو، خاصو ساڻ خيال؛
فِڪر سان في الحال، وڃي پسندينءَ پرينءَ کي.
(15)
پنڌ عجائب پرينءَ جو، سِسِي پيرَ ڪرڻ؛
اِنهينءَ ڌيان ڌرڻ، آهي قدم ڪيچ ڏي.
(16)
پنڌ عجائب پرينءَ جو، ”مان“ سان ڪين هلي؛
سائِي چاهه چَلي، جنهن ”مان“ ڇڏي وچ ۾.
(17)
پنڌ عجائب پرينءَ جو، هلڻ هڪ نظر؛
پاڙيچي ڪنهن پَرَ، اهو خيال کڙو رهي.
(18)
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هيءَ ويچاري ويندي؛
سڄڻن نه سينڌي، آءٌ تان آهيان جيڏيون.
(19)
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هيءَ ويندي ويچاري؛
ضعَيفه زاري، ڪندي در دوستن جي.
(20)
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هاڙهي ڪي هلنديون،
سور وڃي سَلنديون، ڪشَالا ڪافن جا.
(21)
پُٺيءَ هوت پنهونءَ جي، هاڙهي هلنديون سي،
جَتَن اُتون جي، سَرُ ڪرينديون صدقي.
(22)
روئي هارج رَتُ، هَي هَي هوتياڻِن لءِ؛
تنهن پوءِ جيڪس جتُ، مٿان تو هٿ ڏئي.
(23)
راهين هارج رَتُ، ڪاڪي ڪيچيڙن لءِ؛
هو جو ڏونگر ڏاکڙو، ماري پُڇج مَتُ؛
ڏاڍيون مهٽان مِير جون، جهلي ڪج جَهَتُ؛
ته پاڻون ڄاڻي جَتُ، ٿئي رفيق رُڃُن ۾.
(24)
اُهي زورئون زور، جي تو محبت من ۾،
ڏونگر ڏوريون ڏور، ههڙن هوتياڻن لءِ.
(25)
هَنجون رَتُ هاريج، تان روهن کي رهسو ٿئي؛
وار نه وساريج، ههڙن هوتياڻِن کي.
(26)
هاريون نه هارين، اَرتو اَکڙين مَوءن؛
تون ڪيئن وسارين، ههڙن هوتياڻن کي؟
(27)
آهي روح رتِي، مون سين مؤن پِريَن جي؛
هڻان لَڪَ لَتِي، ههڙن هوتياڻن لءِ.
(28)
آهي ڪا نه اَٽَڪَ، آيل عِشق وارئين؛
هڻان لتي لَڪَ، ههڙن هوتياڻن لءِ.
(29)
وؤڙيندي وڻڪار، ٻَڌي سَندرو سچ جو؛
پنڌ اَڙانگا پَٻَ جا، قابو نه ڪوهيار؛
آهي رئَڻ زارو زار، ههڙن هوتياڻن لءِ.
(30)
گولِن گڏ گَڏيان، پاڻ پنهنجو ڪيچ ۾؛
پَلَوء تان نه ڇڏيان، هَهڙن هوتياڻن جو.
(31)
گولِئين گَڏيندي، پاڻُ ڪميڻي ڪيچ ۾؛
ڪنهن ڇَنِ نه ڇڏيندي، هَهِڙِن هوتياڻن کي.
(32)
گولئين گڏيندياس، پورهئي ڪارڻ پاڻ کي؛
پنهنجي تان پِرينءَ کي، ”سائين“ سَڏيندياس؛
ڪنهن ڇَنِ نه ڇڏيندياس، هِهڙن هوتياڻن کي.
(33)
هارِيون ٿيس نه هيئن، جو ننڊ نماڻيءَ نه ڪَئي؛
ٿيان پيراڍو تَن جِي، جَت ويڙم جيئن؛
ڪاڪِيون ڙي آءٌ ڪيئن، هِهڙو هوتُ وساريان؟
(34)
سَوين ڳُڻَ سندانَ، مان ٿِي ساريان سَرتيون؛
سِگها ٿيندا سُپرين، مون تي مهربان؛
ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، جيءَ مٿي جَولانَ؛
آءٌ ڪيڻن ۾ اَرمانَ، هَهڙو هوتُ وساريان؟
(35)
موٽِي اندُم شال، ٻاروچو ٻاجهَه پئي؛
اَٿَم آريچن ري، جيئَڻ منجهه جَنجالَ؛
هَي هَي منهنجي حال، ههڙو هوت وساريان.
(36)
جان جان يَڪايَڪ نه ٿيان، تان تان ماٺ نه مُون؛
”چِرا“ ۽ ”چون“، برابرَ بي چُون‘ ٿئي.
ڪافي 1
پُڇيون ڪي پِريَن، حالَ منهنجي جِيُون خبران،
ساٿيو ڙي!
ساهه سِڪي ٿو جن کي، مون کي ڪِي سارِن؟
هِنِ دم دلاسا ڏنا، سَرتيون ساٿيڙنِ.
تون هِت ڪهڙيءَ ڳالهه ۾، هو هُت ياد ڪَرِن.
آهين جَنين جي آسري، سي تو ڪاءِ ڇَڏن.
”سچو“ سَنگتِ پانهنجي، مانَ غريب ِ گَڏِنِ.
ڪافي 2
پَسَڻَ ڪارڻ پِرينءَ جي، ڪيا اَگَم اَکڙيَن!
مِلَڻ لءِ محبوب جي، ٿيون راتو ڏينهن وسَن.
جهُورَ نه لَهي جهُڙَ جِي، ٿي ڪڏهين ويڳاڻن.
سدا ساوڻ تَن کي، بوندان بس نه ڪن.
”سچو“ سُپرين لءِ ٿيون، جهوريءَ منجهه جهِڄَن.
ڪافي 3
بِرهه بيراگي ڪيو ڙي جيڏيون، مون کي درد ديوانو
ڪيو!
پُڇو ڪيم طبيب ٻيا، مون کي نِينهَن سو نِيو.
هاريون اَچي اوچتو، پُور پِريَن جو پِيو.
اَندوهه عشق عجيب جو آهي، ڏکِيءَ کي نِي ڏيو.
جو اَمُرَ اوراڻو ڏنو، سو تان ساڳِي ٿيو.
سَرتيون ٻاجهؤن سوز جي، آهي جُٺِن گاڏون جِيو.
راتو ڏينهان روحَ کي، خيال ڪيو هِن کِيو.
”سچو“ باقِي سَچُ ٿيو، غير وچؤن تان ويو.
ڪافي 4
ٿيون وَرَڻَ جِيون وايُون، يار سانگيڙي جون!
هَٿ پانڌِن جي پارؤن پرين جي، اِهي سي خبران آيون.
ڪونجان هزارين ڪيچ وڻن ڏَنهُن، اُهي سي دوست
اُڏايون.
اڱڻ اهو ئِي اسان پرين جو، جدا نه هونديون جايُون.
ڪئِي ڪتابتان پنهنجي اَچڻ جون، مون ڏي هوت
هَلايون.
ناهِن ڳالهيون هي ڳرهَڻ جهڙيون، ”سچو“ سي سوز
سلايون.
ڪافي 5
گهڻا وڃي ڏينهڙا لايا، يارَ پياري، ميان!
آءُ ڙي پانڌي ڪَلَ، ڪائِي ڏي، هُئن اَچڻ جا سعيا؟
اُنهن ڪارڻ راتو ڏيهان، مون ٿي وِرهه وسايا.
ڏينهن اِنهيءَ ڏي ڏسان ڏهاڙيون، هُن ٿي ڪانگ
اُڏايا.
يار مسافر موليٰ مهر سان، ساڻ غريب گڏايا.
ٿورا تَن جا ”سچو“ سنڀارين، جي اِجهي چَون اَڄ
آيا.
ڪافي 6
حال منهنجو ڪونه هو، جيڏيون ڙي، پنهنجو ڪرم
ڪيائون!
معاف ڪيائون منديون، ڏوهَن ڏي نه ڏٺائون.
جيڪو حال اَحوال هو سائين، پاڻؤن واڻ پُڇيائون.
پاڻ پنهنجو پاڻهين، ساڻ غريب گڏيائون.
”سچوءَ“ کي ڪيئي سرتيون، ٿي دلاسا ڏنائون.
ڪافي
7
گهوري گهوري گهوري، وو ميان، جند سَڄَڻ تو تان
گهوري!
راتو ڏينهان، وو، آهي اوهان جي، سائين، جهوري
جهوري.
ڳچيءَ وِڌيَوَ عجب جيهي، سهڻا، ڏوري ڏوري.
تَندُ نه ڄاڻان، وو، ڪنهين هيءَ، سُهڻا، چوري
چوري.
دل کيسائي، وو، لُٽ نِيتِيائِي، حاڪم، زوري زوري.
اول آسانِي ڳالهه ٿي پوءِ ڪيڙءِ، سائين، ڳوري
ڳوري.
”سچوءَ“ لايو سَچَ منجهارؤن، لالن، لوري لوري.
ڪافي 8
ڙي جيڏيون، هاڻي گهوريو هوتن ري، سارو شهر ڀنڀور!
لاهيندا، وو، لُطف مان، ميان، هن ڏکيءَ کؤن ڏور.
هي هالاڻي اَن جي، شعلو وڌڙو شور.
منت نه منهنجي موٽيا، زاري آهي نه زور.
درسن ساڻ دفعي ٿيندو، سندو هنيڙي هور.
”سچو“ سندين راهه تي، هڪ جفا ٻيو جور.
ڪافي 9
اَڄ هوتن ريءَ هِت هاڻ، ٻيا ڪير لهن مون ساران!
قاصد ڪيچ وڻن ڏَنهُن، آٿتَ سِگهڙو آڻ،
ـــــ ٿي روز وجهايان ڦاران.
وِجهان وڃاڻا ڪيترا، قريبن جي ڪاڻ،
ـــــ يار ملن شل ياران.
آيون اِنهيءَ پار ڏهون، اديون ڪُرڪاڻ،
ـــــ ڪونجن جون ڀِي قطاران.
سَنجهي صبح سرتيون، ميان ٻاروچي جي ٻاڻ،
ـــــ آهِن ”سچو“ کي سنڀاران.
ڪافي 10
ڏک وڏو وئين ڏيئي ڏيئي، وو، يار سڄڻ اَڄ مون کي!
اوهان ٻاجهون يار پيارل، حال اسان جِڙو هيئي هيئي.
پرين ڏسيجو وڙ پانهنجي ڏي، اسان هٿؤن جي پيئي
پيئي.
ياد ڪريجو ڏينهن اُهي ئي، ڳالهيون ڪيوَ گڏ ڪيئي
ڪيئي.
هو جي ڪيون ڳالهيون توئي سان، نينهن ”سچوءَ“ ري
سيئي سيئي.
ڪافي 11
ڪالهه، اَسان تون ڪيون ڪيون، يار سڄڻ، ڳجهيون
ڳالهيون!
ٿين پراڻيون ڪينڪي، نِت سي آهن نَيون نَيون.
رهيون آهن روح ۾، چڱيون اوهان جي چَيون چَيون.
ڪين وسرن ساهَ کؤن، اُهي تان پاڙڻ پَيون پَيون.
مٺيون ڳالهيون تانهنجيون، هن ”سچوءَ“ ساهَ سَنيون
سَنيون.
ڪافي 12
تون ته پاڻهي ٿو سائين ڄاڻي،
ڪيهو حال چوان تو کي هاڻي!
دل ديواني ڪِي اسان جي، مُحب اَوهان جي ماڻي.
ڏوهن ڏي ڏس ڪين اسان جي، سائين تون پاڻ سڃاڻي.
دردمنديءَ جي دل تو ئي سان، اکِن اَڙائي آڻي.
ڪڏهن اسان وٽ ايندين دلبر، ويٺي وجهان ويڃاڻي.
سوال ”سچوءَ“ جو آهي اهو ئي، تنهنجو عشق شال
اُڪاڻي.
ڪافي 13
آءُ آرياڻي اوري، آءٌ دامن لڳڙي آهيان!
سِرُ پنهنجو سُپرين، گهَرون آيَس گهوري.
هِيءَ ڪميڻي ڪينڪِي، ڏونگر سگهي ڏوري.
ڪا جا تَندُ طلب جِي، چِتِ وئين تون چوري.
نيو پاڄياڻي پاڻ سان، تِرُ نه رهي تو ري.
”سچو“ سَگ اَوهان جو، ڪيئن پُڄي تنهنجي ٿوري؟
ڪافي 14
ڏِس ڪهڙين ڦيريون پائي، اِهو لِڪ لِڪوٽِي يارُ
سڄڻ!
غمزي هن غيرت ٿِي، جو عشق لَکَن سان لائي.
عِلم عقل ويو اڏري، عين عشق جي آئي.
طَبل ٻيا سڀ تم ٿيا، جڏهن نوبتَ نِيهُن وڄائي.
نحو صرف ويو وسري، جاتي پاڻ خيال کُپائي.
رَمز پنهنجي راز جي، ٿو ”سچوءَ“ کي سمجهائي.
ڪافي 15
اڙي مهر پَئي، مون کي يار سَڄڻُ، دارون ڪو دل جو
ڏئي!
قدر پيو مون کي ڪاڪيون، نِي وو وو، ويڄن وِئي.
اَثر منهنجي درد جو اديون، شال طبيبن ٿِئي.
ورهيه ويڙا گذري، هِن عاشق آهون ڪِئي.
وِرِهه وهايم جيڏيون، پوئتان پُرجهڻ ڪِئي.
ٻُڪي ڏين جي ٻاجهه جِي، تان جِيءُ ”سچوءَ“ جو
جِئي.
ڪافي 16
آهِه علاجُ نه ڪوئِي، هِن اَکن ماري آهيان!
ڪنهن کي سَليان سَرتيون، حال اِهو روئِي.
ڦَڪِيون ٻُڪيون لکين هزارين، ڪيون طبَيبان توئِي.
ناحَق ٻَڌين پَٽِيون، ڪل نه حاذقَ هوئِي.
ويڄ وٺِي وڃ واٽ اِهائي، سنولُ اِيندم سوئِي.
دست سڄڻ جي دارون آهي، ”سچو“ يار سڀَوئي.
ڪافي 17
نِينهُن ڏاڍي سان لايوسي، آءٌ تان هاڻي ڪيئن
ڪريان؟
عشق سَوَلو سَرتيون، هُت سَڀَر ڀايوسي.
جو ڏنائون جيڏيون، سو تان پَلءِ پايوسي.
پُڇي اَسان جا پَکڙا، اِديون اَجهو آيوسي.
ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طعنن تايوسي.
سوئِي ”سچو“ سِر تي، هاڻي چُمي چايوسي.
ڪافي 18
منهنجو هينئڙو هوتن ساڻ، ڪهڙي ڪريان ٻِي آءٌ تان
ڳالهڙي!
وندرُ سنديءَ واٽ تي، پُرزا ڪنديَس پاڻُ.
اَچِي لڳو مون اوچتو، ٻاروچي جو ٻاڻُ.
دعا ڪريجو جيڏيون، شالَ موٽي مُئيءَ جو ماڻُ.
ويڙو درد فراقَ جو، ڏيئِي ڏکيءَ کي ڏاڻُ.
اڱڻ ايندو تانهنجي، ”سچو“ سو سَرواڻُ.
ڪافي 19
ڪالهه اَسان وٽ ويهِي ويهِي، وو يار سڄڻ، ڪيَوَ
ڳالهيون!
سي نه وسرن ساهه منهنجي کي،
ڳالهه ڪريان ٻِي ڪيهِي ڪيهِي!
ٻِهَر ٻاروچا ٻاجهَه پَئِي تون،
آءُ پکي هِن پيهِي پيهِي!
ڏينهن ٻه ٽي چار دوست اسان جِي،
رَمزُن سان دل ريهِي ريهِي!
هُج هميشه يارَ اسان وٽ،
پِرين نه ٿِج پَرڏيهِي ڏيهِي!
ڪيو بيراڳي ڏينهن تنهن لاڪوُن،
دوست ”سچوءَ“ جي ويهِي ويهِي.
ڪافي 20
يار چڱي تو تان مون سان لائي، ڙي دلبر، لائِي!
دوست دلاسي جي دردمندن ڏي، مُج ڪتابَتَ ڪائِي.
تنهنجي اَچڻ جي يار پرين ڙي، هِتِ وري ٿي وائِي
وائِي.
جا وڻيوَ دل پنهنجيءَ کي، ڪيو سانول سائِي سائِي.
خبر خوشيءَ جي پارؤن اوهان جي، اَڄ اسان وٽ آئِي
آئِي.
حال ڏسي ڪري يارَ ”سچوءَ“ سان، ٿيءُ اَچي ڏکَ
ڀائِي ڀائِي.
ڪافي 21
اِجهي آيا، کِلي گڏيا سي، ج
ن جي ڪارڻ پانڌي پُڇياسي!
فلڪ فِراقي ڏينهن ڏُهيلا، اُهي سي ئي وسري ويا سي.
پاڻؤن ڄاڻي، سي پيهي آيا، جن جي ڪارڻ چِلا ڪياسي.
اَسان ڀانيو تان آرام ٿيو سي، ناز نيڻن جي ناگَهه
نِياسي.
جيئن وڻي کين تيئن ڪرن سي، وس پِرين جي وڃي پياسي.
ويڙهي اسان جي ”سچو“ آيا سي، طرف جنهين جي قاصد
ڪڍياسي.
ڪافي 22
متان تون مون کي ڇڏين،
سُونهان ڙي سڄڻ جا!
محبوبن سان نانءَ ڌڻيءَ جي، نيئي غريب کي گڏين.
نٿو ڄاڻان ڏينهن اُهو ئي، ٿيندو الاجي ڪڏين.
جڏهن تون حاضُر ٿئين حضورين،
نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.
ڪافي 23
ڪاڻ اچڻ تنهنجي ڪندي آءٌ، هِتِ حيلا هزارين وي!
پرچ پرين ڏِس پاڻ ڏي، بِرهه اوهان جي بندي آءٌ،
- وري مان نهارين وي.
پَرچِي اڱڻ آءُ تون، پايان ڳچيءَ منجهه گندي آءٌ،
- يار گڏ گذارين وي.
جيهي تيهي هوت اَوهان جي، چڱي سا توڙي مندي آءٌ،
- سا تون ڇو ٿو وسارين وي.
اَوهان ٻاجهون سُپرين، نيڻؤن وهايان ندي آءٌ،
- پيو ”سچو“ پنارين وي.
ڪافي 24
آهي صبح انجام، پرين، تنهنجي ڀَلا پار ڏي!
اَسان کنيو تان تنهنجو، سِرَ تي ڪُل ڪمامُ.
دانهون ڪري درد مؤن، بِرهُه نه ڪر بدنامُ.
جي تون پُڇين ڳالهڙي، طلب نه ڪَج تمامُ.
اڱڻ اچن ٿا تانهنجي، عاشق ڪر آرام.ُ
”سچو“ سَڀو تانهنجو، ڪَيوسي قبول ڪلامُ.
ڪافي 25
ناهي ويچاري سا وَس، هِيءَ تا بيوس آهي، ميان!
پِرين پنهنجي پارَ جو ڏاها ڪو پَهُه ڏَس،
- تنهنجي ڪَس، نِي، آهي، ميان.
اَول آخر آهي ئِي، رانول منهنجِي رَس،
- تنهنجي وس، نِي، آهي، ميان!
اَوهان ٻاجهُون سُپرين، ڳالهيون نه اَچن ڪَس،
- روحَ رَس نه آهي، ميان.
پُڄَاڻا پِرين جي، آهي ڀنڀورَ کؤن بَس،
- سو تان چَس نه آهي، ميان.
ساڻ ”سچوءَ“ تون سُپرين، هوتَ ڳالهائِج هَس،
- ٻيو ڪو جَس نه آهي، ميان.
ڪافي 26
هوتَ اسان وٽ اِيندا، وٺِي نال ڀِي نِيندا!
سَوَ دلاسا سَرتيون، هِنَ ڏکِيءَ کي ڏيندا،
- گولِي پاڻ گڏيندا.
پَکا پاڄياڻِن جي، اوڏا آڻِ اَڏيندا.
- ڇوري تان نه ڇڏيندا.
جانچي ڏسجو جيڏيون، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا،
- وري پوءِ نه ويندا.
پَسِي حال حقير جو، بَديون تن بخشيندا،
- ”سچو“ نانوءُ سڏيندا.
ڪافي 27
جِي آئِين، ڀلي آئين، ڪيچي ڏٺُوَ ڪالهَه ڪاٿي!
سِگهو سِگهو تون ڏيج سَنيها، ڏينهن گهڻا ڇو لائين.
ٿورا لائين ٿو هِن ٿَڪيءَ تي، پير اڱڻ جو تون
پائين.
پاڻُ توئِي تؤن ڪريان قرباني، جو ڳالهه سڄڻ جي ٿو
ڳائين.
طَرفؤن تنهنجي هِيءَ نماڻِي، سَڀ ڀلائِي ٿِي
ڀائين.
ڏيهُه سڄڻ جو ڏَسيون ڏهاڙيون، ”سچو“ ٿو ڪانگَ
اُڏائين.
|