سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :2

رسالو

سچل سرمست

(سنڌي ڪلام)

وحدت نامو

اول ساراهه ڪر سبحان جي، موليٰ جو ملڪن؛

مڙيائي محفوظ ڪيا، ڏسو ڏيهه ڌڻين؛

ڪي ڪامل ڪُرسيءَ تي چڙهي، وَه وَه وعظ ڪن؛

ڪي ڪاتب ڪتابن جا، سوين سبق ڏين؛

ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن؛

ڪي پڙهيا پاڻ پروجهه سان، پڙهيون پڙهائن؛

ڪي وردن وظيفن ۾ ، شاغل روز رهن؛

ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائن؛

سِڪَ سچيءَ  کَون ڪونڪو، سبق سور سِکن؛

مَسُ ڪاريءَ جان مَنَ کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪَن؛

جو فرمودو واحدَ جو، تاڏي ڪَنُ نه ڪَن؛

”وفِي اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِروُن“، هِن ويسَهه نه وسهَن؛

ٻين مَعنائن ۾، ڪاهَت ڪيَون ڪهَن؛

اِهو فِڪر فائِدو نه ڪري، توڙؤن  کي تَن؛

فڪر  ڪَن نه فنا جو، ٿا بقا کي نه پُڇَن؛

هي اُتي حيران ٿيا، اوڳا ۾ اَکَرَن؛

معنيٰ تن جي طرح سان، هڪڙي ٻي چَوَن؛

پڙهيو سمجهيون علمَ تي، عمل نه آڻن؛

”مَن تَعَلمَ ِ العلم لِلمُنَاظرَه وَالمُڪابَرَهُ“ اُهي منافق مَرن؛

هيٺَؤُن مِٽيءَ جي پسِي، ٿا پاڻ ئي لِڪائن؛

آهي آفتاب اَبَر ۾، بَرَ لائق ڪِين لَهَن؛

منجهايو ماڻهن کي، ماضين مَذهبن؛

محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن؛

هُون حديثن ڪِينَڪِي، نه ۾ آيتن؛

مڃم تن کي ڪِين، ٿيو ملا ٿا مَڃن؛

سي سوگها سڀيئي ڪيا، نامراد نِيَرَن؛

اکيا اکين وڌڙا، توڙؤن ئي ڏسُ تن؛

بِرَه جي بَئِبان کؤن پاسي اوءِ پَوَن؛

هئي پَسَڻَ کؤن پري ٿيا، ڪين پَساء پَسَن؛

محبت جي مهراڻ مؤن، جي مُلا چاش چَکَن؛

ته ڪنز قدوري ڪافيا، لهرن ۾ لوڙهن؛

ڪن سلام صرف کي، هوند نَحو نه نَهارن؛

پرکَ لاءِ تنهن ڳالهه جي، باس نٿا باسن؛

اُهي رهيا اَتهين، مَٿي ڪِين چڙهن؛

ڪيِئي آهي قالَ ۾ ، باتيون بَس نه ڪَن؛

ڪي وڃي رسيا حالَ کي، ڪي بيٺا ٻاڏائن؛

ڪي لَنگهي هليا حال کَؤن، نڪي قال ڪهَن؛

ڪي دنيا جي طلب ۾، هنيا حرص هَڄن؛

*”طالِبُ الدنيَا مُؤنۡث“، محبت ناهي تَن؛

ڪي ڪوڏيا عقبيٰ جا ٿيا، هنيا لئه حورن؛

*”طالِبُ العُقبيٰ مُخَنث“، مڙس نه سي چئجن؛

عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائن؛

”لاَ مَوجُودَ اِلا الله“، حاضر ڪيون وتن؛

*”طالِبُ الموليٰ مُذَڪر“، هن رسايا رمزن؛

ٻَئِي جهان ڦٽا ڪيو، ٿئا ٽئي جهان وڃَن؛

اَصاؤن ئِي اختيار ڪيو، فقر فقيرن؛

*”اَالفَقرُ خَزِينَة مَنِ خَزائِنِ اللهِ، بعضن کي بخشن؛

”اَلفَقيرُ لاَ يَحتاجُ اَلِي اللهِ، ٻيون ڏنائون ٻن،

”اَلفَقرُ فَخري وَالفَقر مِنيّ“، اِئين آتو عجيبن؛

وَتن ويڳاڻا وِرهه ۾ نيڻين نِنڊ نه ڪَن؛

راتو ڏينهان روحَ ۾، چپ نه ڪو چورن؛

*”مَن عَرَفَ رَبّهه کَلّ لِسانُهه“، ٻَڌِي زبان اُنهن؛

نَشي تَن کي ”نانهه“ ڪيو، مورئون ”مان“ نه چَوَن؛

*”قُل کُلُّ مِن عِندِاللهِ “ اِهو ڪيائون ڪَن؛

”وَالقَد ر خَيرُه وَشَرَه مِنَ اللهِ تَعَاليٰ“، سڀ اوڏاهون ڄاڻن؛

موليٰ جي محبّتَ ۾ ، کِيا ٿيا وَتَن؛

سُڏڪا سَڀَئِي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀَرن،

*آديسي اَرمانَ ۾، گهوماٽيا گهُمن؛

ڪِين رئَڻَ کَؤن اُن جيون، اکيون اوڪارن؛

”هراَن سِرّي کهه بامحبوب دارند، خبر نبود ڪراماً ڪاتبين را“ سِرّ اهو سانڀن؛

هَيهات هَيهاتَ، اِها عادت اُداس؛

پنهنجيءَ پَر ۾ پاڻَ کي، ٿا پِرتَئون پَچَائِن؛

نِهائينءَ کؤن نِينهڙو سکيو ساميڙن؛

مَچ مَچَايو مَنَ ۾، ٻاڦ نه ٻَهر وجهَن؛

عاشقَ مَٿَؤُن آگ جي، اولارا ڏين؛

طالب جي ئِي حَق جا، طَلَب نه پِئي ڇڏِن؛

عينان سندين اوجاريون، اچن اوجاڳن؛

اَٺئي پَهَر عجيبَ کي، ڪَنڌَ اونڌي اورن؛

ڪا ساعت هَڏِ نه سزا، اُنهين ري آهِن؛

ظاهِر سي ئي زبان سان، ٻيو تا ڪين ڪَهَن؛

مامن سان ماڻهن کي، سالڪ سمجهائن؛

*صُم بُکم سڪوت ۾، اڳيون پئي عامن؛

*”عَينُها باڪية و قُلُوبُها ذاکِر“، اهو ذڪر چَوَن؛

”عَينُهَا تَنَامُ وَلاَ تَنَامُ قُلُوبُهَا“ دل ظرف دوسَن؛

آئي آڏو عامَ جي، اڳهين ڪا نه ڪَهن؛

”اِنّ اَولِيائِي تَحت قَبَائِي“، لائق لعل لِڪن؛

”الصّبرُ مفتاحُ الفَرَح“، صبر صابرن؛

بعضي موحد وحدتي، اهڙا ڀِي آهن؛

مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُ سَٽِن؛

محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪُسَن؛

ڪُرڪَن ڪِنجهن ڪِينڪِي، ڄڻ  پار وِهانءَ  وَڃَن؛

رتَ منجهاروُن پانهنجي، وضو وِير ڪَرن؛

اِيءَ نماز عشقَ جِي، تهؤن پوءِ پڙهن؛

جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙَن؛

سوريءَ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙهن؛

تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏِين؛

ڪن سِرُ صدقِي دوست تَون، ٻيا پهه ڪين پُڇن؛

نِينهن نهوڙيا نڪِڻيان، جنهن پَر ڪاپڙين ؛

هڻِي دردهيون ڪيا، سندي سپرين؛

ڪڏهن اڇا ڪپڙا، ڍار نه ڪنهن ڍڪن؛

منهن ميرا مَٿي ٿيرا، اهڙيون طرحان تن؛

ڪائي تن جي ڪا نڪا، جُڙي لِيڙَ لِڱَن؛

مٿين پيرين برهنه، ايڏا سور سَهَن؛

پرٽيو پروانن جان، ڪاهيو تِتِ پَوَن؛

ڀَنڀڙ باهه عشقَ جي، سپورَن سَڙَن؛

کامِي لَهسِي لُوسجي، لائق لعل ٿين؛

آوڙي عام نه اُن کي، جي سينڌائِي سڄڻن،

اَچو پَون آڙاههَ ۾ ، سِرَ جو سانگ نه ڪَن؛

ڊِڄو ڪنهِن جسِ جهوپڙا، آڏا ڪين اَڏن؛

اوڏَنهن وٿ متان پَوي، گنگهر اِي گهارن؛

ري پِريان تن ڪين ٻيون، ڳالهيون ڪَس لڳن؛

ڏاڍا ڦث فراقَ جا، تن جي چت چاڪن؛

ورهه وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن؛

*”مُو تُوا قَبل َ اَن  تَمُو تُوا“، ائين مَن مارِن؛

اُهي مرڻ کون اڳي مُئا، ”مان“ کي ڪين مَڃن؛

دشمن دوستَ هڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن؛

ان جي اَکِين اَگم سٽِيا، بوندان بس نه ڪَن؛

سِرُ ڏيو سَنو پرا، وَٽِي وِرهه وَٺن؛

*”تَرڪُ الدنيا سُنّة طَلَبُ الَموليٰ فَرض“ هو دِل ڌَرنِ؛

سويون ڇڏيون سُکَڙا، گوندَرَ گُذارن؛

جوڳي جانبَ ڪاڻ ٿيا، مثل مَستانن؛

اَبتر ڪيائون پاڻ کي، پَسَڻَ لئه پِرين؛

هاءِ وِڃايو حالڙو، ويتر ويچارن؛

”هو مشتاق علي لقاءِ الله“، ائين محفوظ رهن؛

ڪي فنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن؛

آههِ لقاءُ لطيفَ جو، عيدون عاشقن؛

محبت جي مڪان کنؤن، لاهوتي لَنگهن؛

واديءَ ۾ وحدتَ جي، دانهه پير ڌَرِن؛

”تون-مان“ وڃي وچ مون، ته ڪِي پاڻ پَسَن؛

شڪ يقين اُٿي ويو، برابر چَوَن؛

هادي مريد هڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن؛

عابد ۽ معبود سو، هڪ نگاهه پَسَن؛

پاڻ پڙهِي پاڻ بِهي، پاڻ ئي سجدو ڪن؛

”پاڻ“ مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، نِوڙي نِوڙَت ڪن؛

پاڻ اُٿي، پاڻ ويهي، پاڻ رموز رکن؛

پُرجهه مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، غير نه پَسائن؛

ڪافر مومن هڪ ٿيو، ڀلا ٿا ڀائن؛

سوئي فَلَڪ سو ئِي مَلَڪ، سو ئي آدمن؛

سو ئي اَحمد سو ئِي علي، سو ئِي هڪ سَمجهن؛

نانوَ، ڪَنن اَکيِن جا، وچون ئِي وڃَن؛

بازيون بازيگر ڏِسِي، اِنهيءَ ڀَتِ ڀُلَن؛

تان اکيون، ڪَن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن؛

اسين آهيون آدمي، بيحد مَون بشرن؛

نا ته مِڙيوئِي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن؛

عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن؛

هي مڙيون ئي وصفان، اندر آدمن؛

هي مِڙيوئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن؛

وصفن انهن ساڻ، اصل آدمي سڏن؛

هِت آدمَ مون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀَڄن؛

اصل الله مَون آدمي، ثابت صورتن؛

مورتَ صورتَ هڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن؛

سو ئي ڏسڻ وارو، سو منظور مڃن؛

خالي ڪا نه جاءِ ٿي، بنا محبوبن؛

سڀڪنهن هنڌين سپرين، ڇا جِي جاءِ خسن؛

ڪاٿئين پٿرڻيون پَٽَ جون، ڪاٿئين دلقا ڪن؛

ڪاٿين جاما زر جا، ڪاٿئين پشمينا پَهرن؛

ڪاٿئين سَناسِن ۾ ، ڪاٿئين مَنجهه مُلن؛

ڪاٿئين مُعرڪن ۾، ڪاٿئَين مجنهه ڪُنڊن؛

ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن؛

ڪاٿئين رهن تقويٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچن؛

ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿي ساجن ۾ سيرن؛

”خَلَقَ الاَ شيَاءَ فَهُوَ عَينُهَا“، منجهه عربيءَ ائين چون؛

پاڻ چوندڙَ،  پاڻ ٻڌندڙ، پاڻ ئي ۾ ٻولن؛

سمونڊ سرگردان ٿيو، پيو ۾ عَجَبن:

”آءُ اصل پاڻي آهيان، ڪيئن سمونڊ سڏن؛

نانَو متّم ناحقَ جا، رکيا الا جي ڪَن!“

جي رسيا وڃي وصالَ کي، سي چؤ رنگ پار پَسَن؛

اوَل ڪفر پوءِ مَڃَڻ، پوءِ تان مَنجهه ڪُفرن؛

پر ڪفر مسلماني هڪ ٿِي، مِڙِيوئي مَڃن؛

نفيءَ مؤن اثبات ٿيو، ٻيا سڀ ”لا“ ٿين؛

مرشد ڪامل هادي منهنجو، دائم درازن؛

عارف عبدالحق آهي، صوفي صاف سَڀَن؛

هُئي شالَ چراغ سو روز شبان روشن؛

عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪَرِن؛

حيرت ۾ هميشه سي، غازي سڀ هُئڻ؛

عشق منجهه الوٽ هُئِن، سڀئِي صاحبن؛

تا گهڻين طرحين نانوِڙا، مَٿي ”نانهه“ رکن؛

ڏيو روشن تن جو، تائين قيامتن؛

اُجرائي آفتاب کان، هادي شالَ هُئن؛

اَظهر هُئن دارَين ۾ ، برڪت پنجتن؛

هوئن خليفا غوث جا، سي روشن کانئن هُئن؛

قائم مَسند تن جِي، حُرمت خير سندن؛

”سچو“ سگ انهن جو، سندن دروازن؛

ڪَلمو چئو نبيءَ تي تا ڇٽو کانءُ ڇِيَنِ.

 

****

 

 

وحدت

داستان پهريون

 

1

اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَند خيالات جا؛

تَنهِن پڃاڻا وَڃُ، حَلاّ جِي حيرتَ ۾.

 

2

هِيءَ نه واٽَ هُئاءِ جِي، آهي نڪا تَقلِيد؛

تَحقيقاّ توحيدَ، آهي راهَه رسُولَ جِي.

 

3

هِڪُ سَفَر ساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو؛

پهريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَهيو.

 

4

جي تو ادب آهه، تا پَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌيٖن؛

ڪَل نهَ پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جِي.

 

5

پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، مَنجهه تَماشي نه پَوين؛

گهوٽُ ڪَري تون پاڻ کي، ڪَر هَنگامان هُلُ،

ڀولِ نَه ٻئي ڪَنهِن ڀُلُ، وَٺِجِ حالُ حَلاّجَ جو.

 

6

پُٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گهوٽُ؛

مَردَ نه هِتَئوُن موٽُ، پٺِيءَ لائي ڄَڃڙي.

 

7

جَڏهن وِهن فڪر ۾، خاصو ڪري خيالُ؛

تَڏهن فرقَ وارا فِي الحالُ، بَندَ ٻَڌَندءِ وِچَ ۾.

 

8

حُڪم هَلي ٿو جَنهِن سان، سو ڪر پيدا پاڻُ؛

صورت سا سڃاڻُ، مُنهن ڪَري مورَتَ کي.

 

9

”تون“ هي سان ”تون“ لَڀين، ”مان“ لَڀان ”تو“ سان؛

”تون“، ”هي“،”آءٌ“ سَڀهِين، ”لا“ ۾ موجودات ٿي.

 

10

جي تو ڄاتو ”پاڻُ“ ته ”آءٌ“ ٻيو ڪو آهيان؛

ڪَندُءِ غَرق گُمان، ڳَهلاانهيءَ ڳالهه ۾.

 

11

اَدبُ اَڀئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاهون ٿِئين؛

مار نغاري چوٽ، عاشِقَ ”اَنَاالحق“ جِي.

 

 

12

جي فِڪر کَوُن فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور؛

هوندا سي حضور، آءُ ته ڳرهيون ڳالهڙيون.

 

13

بيرنگيءَ مَون رنگُ، پَيسو جو پيدا ٿئو؛

ظاهِرَ ۾ پئو زَنگُ، موسيٰ ۽ فرعونَ جو.

 

14

تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِڙيائي مِهراڻ ٿي؛

هِي اُنهن جا اوجَ، جَن سَنبت سوريءَ پَار ڏي.

 

15

دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛

تنهن کان پوءِ حُڪامُ، هَر ڪنهن هَنڌ تنهنجو هَلي.

 

16

جا ڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي؛

جا ڏي مُهاڙي، سجدو تِت صحيح ٿيو.

 

17

ظاهر ڪَڪَرُ اَنءِ، مِينهون تو ئِي باطن ۾؛

پاڻَ اوهوئي ڀانءِ، جنهن وسي سان وَسَ ٿئي.

 

 

18

سوزَ گُدازُ ۽ غَمُ، مِڙيوئي معافي ٿيو؛

ماردَمامين دَمُ، عاشِقَ ”اَناالحقَ“ جو.

 

19

جي ادب کان نيڱئِا، سي ئي ٿيا اللهَ؛

هُن وڃايو راهُ، هو هاڃي ۾ هڄِي وِيا.

 

20

تون تا ڪاٿي آنءِ، پاڻُ اَول لَهُه پانهنجو؛

جيلهان ٻِئَي نانءِ، پَئين تيلهان تفاوَت ۾.

 

21

ڄاڻُ نَه تفاوتُ، عبَد ۽ اللهَ جو؛

هو آهي اَمرتُ، هِي ڀِي ڏُور نَه اُن کَؤن.

 

22

الله ڄاڻُ نه هن کي، مِڙيوئِي حَقُ،

ناهي شبهو شَڪُ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَؤن.

 

23

معلوم ٿِي مرشدَ کَؤن، ٻي جا ڳُجهِي ڳالهه؛

هِن جِي ڇاهه مجالَ، ”هو“ لَڀي ”هُن“ سين.

 

 

(24)

هِي نا مور نه وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟

”هُو“ ”هِي“، هِڪَ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي.

 

(25)

جهڙو ڀائِيندين، ”پاڻ“ُ“ پَنهنجو پاڻهين؛

تِهڙو ئِي ٿيندين، هُت ڀِي ساڻ يقين جي.

 

(26)

جيڪي آهي هِتِ، هُت ڀي اُهو ئِي اَٿَئِي؛

ڀَڃ اُها ئي ڀِتِ، تان تون اهو ئي رَهين.

 

(27)

جِهڙو آهين تِهڙو هوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟

سُڌ پنهنجي سِرّ جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا؛

ڳالهه نَه سمجهيئي سَا، آوازي ”اَنَاالحقَ“ جِي.

 

 

 

 

ڪافي 1

ٻيو ڪو ڄاڻڻ مَحض گناه، هر ڪَنهِن صورت آپ الله.

ڪِٿي گَدائِي والا، ڪِٿي شهنشاه.

دونهان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي اَبر ماه.

”وَنَفَختُ فِيهِ مِن رُوحِي“ آهي، سَهِي ڪر ساه.

”خَلَقَ الاشيَاءَ وَ هُوَ عَينُها“، اِهو قول گواه.

صورت منجهه ”سچوءَ“ جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواه.

 

ڪافي 2

عاشق ڏِسڻ ۾ آيو،محبوب گل سَناسِي؛

عبرت عجب عجائب، اسرار ارنگ عباسِي.

برهي جِي اک بِيني، ڪائي مثال چيني،

توڙي رنگون رنگينِي، چينيءَ جي مَٽ نه ڪاسي.

گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،

عاشِق ڏِسڻ کؤن ڪاٿي، رَهندو پتنگ پياسي.

”صورتَ“ ۾ جاءِ ”دَمَ“ جِي، ”دَمَ“ ريءَ نه ”صورتِ“ ڪَم جِي،

دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جِي، وه واه ڳالهه خاصِي.

ابليس جِي وڏائِي، هَر سانس تي سوائي،

جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي.

ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري،

وحدت جِنين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.

 

 

 

 

ڪافي 3

هُتِ تان ڪير هُياسِ، ميان وو! هِتِ ٿِي ڪير آيس، نه ڄاڻان!

نانءُ ٻئو هُتِ هو منهنجو، هِتِ ٻئي نانءَ ٿِياس.

اچڻ نه هو هِت منهنجو، پَر ڪَنهِن تا خواهش کَناس.

هُتِ هُيَس معشوقيءَ ۾، هِت عاشِق ٿي آياس.

هَي هَي هُئي هُت ڪا نَڪا، هِت مَنجهه پروڙ پياس.

”سچو“ سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون، آءُ وياس.

 

ڪافي 4

ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينهڙو لايُوَ، جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

”و هُو مَعَڪُم“ ڇيو وصالون، وري سو وره وسايُو.

”وَنحنُ اَقَربُ“ پاڻ اُتيوئي، موٽِي تا بِرهُ بَڇَايُو.

”اسين توسان، تون اسان سان“، پاڻَ پِرِين فَرمايُوَ.

زلفان کولَيوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سَهايُوَ.

ڪري اُمارو اڳيون اسان جي، تيرن ساڻ تَپايُوَ.

راند روئڻ جِي سِکِئين ”سَچو“ ري، ڏاڍو ڪو پور پِرايُوَ!

 

ڪافي 5

آءٌ تا پِيڙس اُتي، جِتِ جاءِ اَدب جِي ناهي.

نادانن ناداني آهي، بيهڻ اُتي بُتي.

وحدت جو پيو باز جتي، مومرغ اَدب جو اُتي.

وهم خيال وڃايا غيري، خيال هڪڙي کُتي؛

سر ڪٽايو، سو ڪيئن موٽي، ويڙو جو شرط اُتي؛

”سچو“ سَچ آهي اِهو ئي، وسريءِ نِي پَنج سُتي.

 

ڪافي 6

نانءُ اِهو ئِي، اهو ئي نانَن وَارو، صورتَ مورتَ سا ئي وو.

اِسم خاني وِچؤُن اِسما، اِهو ڏَسُ هادِيءَ جو جانِي، وو.

آهِه تَعجّب اِهو جو، ڪَر لوڪان ذاتِ لِڪائِي، وو.

گاهي خاعتَ گاهي عبادت، سَجدو سَهو سَهائِي، وو.

ٻئي پارون تان ڏئي ڏيکاري، اوڙَڪ خآلق مُنجهائِي، وو.

”سچوءَ“ سهي ڪَئِي اِها سَڀائِي جا بازِي يار بنائِي، وو!

ڪافي 7

آءُ، ادا سالڪَ سهِي ڪر تون طلسمات کي؛

ڀَڃُ دوئِي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.

سِرّ اهو سارو سڻائج، ڪَن نه ڏي ڪرامات کي؛

ظاهر ٿئين تا ”ذات“ مون، پر سمجهه تون ته ”صِفات“ کي.

غازي نه ڀانئج غير تون، هن محض موجودات کي؛

سِر سَٽِج، هِن سِرّ ۾، ڏي مُنهن نه ٻِياثبات کي؛

اثبات کُون اڳيان لنگهي، ڪَر تَم تون طاعات کي.

تون ڪيئن وٺِي ويهي رهين، هَي هاءِ حڪايات کي؛

ڳالهين مَنجهؤُن تان ڪِين ٿئي، ڀَڃَ اوٽ عزّيٰ لات کي.

”سچو“ روئين ڇو هيترو، بس ڪر هن برساتَ کي؛

تَصديعَ تون ڇو ٿو 0ئين، محبوب جي محلات کي.

 

ڪافي 8

ڳالِهه سَهِي ڪَيَم ساري، ٻَڙي جيڏيون، يارَ جي، وو:

ڀلو جيڏيون، هوءِ... هوءَ... هوءِ....!

جي مون وسَهو جيڏيون، آءٌ اهو آهيان آري.

پوءِ پَرُوڙڻ پانهنجي، لاتِي خَلقَ خواري.

پاڻَ ڪري ٿو پاڻَ کي، يارُ زوراور زاري.

”سچُو“ ري سِر پانهنجي، بِرهُ ڪَيائوُن باري.

 

ڪافي 9

هو سو سَڄَڻ مُون، سڻُ، جنهن جي ڪاريڻ مُون ٿي پوٿيون پٽايون!

”وَهُوَ مَعَکُم اَينَمَا کُنتُم“، آهي سَندس اُهڃاڻ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي فالون وِجهايون!

سَدا مون وٽ سپرين، مُحب ناهي مِهَماڻ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي واٽون پُڇايون!

اَهڙيءَ اوڏائِيءَ ۾، ڪو نه پَيو مُون ڄاڻُ -

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي راتيون لَنگهايون!

هيڏي هوڏي ٿي ڏٺُم، ڪِينَ پَروڙيم پاڻُ-

جنهن جي ڪارَڻ، مون ٿي وِرهون وَسَايون!

پري پُڇُ نه پنڌڙا، ”سَچو“ تون پاڻ سُڃاڻ-

جنهن جي ڪارڻ، مون ٿي ميڙيون سَنباهيون!

 

ڪافي 10

هيڏي هوڏي نه نِهارِ، تُنهنجي ويڙهي سو ته يارو وَسي ٿو!

ساڻُ سدا آهي تان تنهنجي، پِرين نَه آهي ٻي پارِ.

ڦولهي لَهجِ پاڻَ مَون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.

”وَفِي اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصرُون“ وِجهو ڪِيمَ وسارِ.

پِريُنِ نه پُڇِجِ پَنڌڙا، تُون ”سچو“ پاڻُ سَنڀارِ.

 

ڪافي 11

اُهو ويو هاڻي ڪاڏي، جِنهن ”سَچوُ“ سو نانءُ سَڏايو!

مُکڙيءَ مَنجهؤن، نِي وي ميان، ٿيو گُل پيدا، وي ميان،

مُنهُن ڪري بِيٺو ماڏي.

سُڌ نه پَئِي، نِي وي ميان، طَرفَ اُنهي جي، وي ميان،

جان جُثو ويو جاڏي.

اهو هلي ٿو، نِي وي ميان، اهو چلي ٿو، وي ميان،

گوشو ڪيو وڃي ڪاڏي!

ڏيهُه ڏاڏاڻو، نِي وي ميان، اڳُ ڏٺو سي، وي ميان،

پَلَٽَ ڪَئي پَڙ ڏاڏي!

نانءُ ”سچوءَ“ جو، ني وي ميان، ويو اوڏاهين، وي ميان،

طَلَب ويئِي ڀي تاڏي.

 

ڪافي 12

ڀولِ نَه ٻئي ڪَنهِن ڀُلُ، تون ته آدَم ناهيين.

لِڪو ٿو لاتِيوُن ڪَرين، جيئن باغَ اَندَر بُلبُل.

مَلَڪن ٿي سجدا ڪيا، واه مِٽي تنهنجو مُلُ!

ڪير تَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاهه بنا دُلدُلُ.

”سَچَل“ چَوي سَچُ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُلُ.

 

ڪافي 13

آهيان آءٌ اِسرارُ، جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!

ڪقنُ نَه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.

ڇَڏي بادشاهِي پانهِنجي، ڪِيڙُم هِتِ شِڪار.

آيُسِ هِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙهي بارُ.

آڻيو صِدقَ يقين سان، اَديون ڙي اعتبارُ.

نورِي نارِي ناهيان، آهيان رَّبُ جبّارُ.

مُرشِدَ ٻانهو نه چَيو، تون ”سچو“ آهين سَردارُ.

 

ڪافي 14

پَنهِنجي ذاتِ لِڪائي، ڪِيئن ٻِي ذاتِ سَڏايان!

ظاهِر ڪَريان ذاتِ کي، تا هي بُتَ ڀَڃايان.

مَنصُوريءَ جي مَوجَ ۾، ٿو ”اَناالحَقُ“ اَلَايان.

واديءَ ۾ وَحدتَ جي گهوري سِرُ گُهمايان.

”اعليٰ اَعظم شانَ“ جِي نوبَتَ نِيهَن وَڄايان.

ءاهِرُ باطِن هِڪڙو، آءٌ تا حُڪم هَلايان.

”سَچُو“ سارو سَچُ ٿِيو، حِڪمت هِيءَ چَلايان.

 

ڪافي 15

اوهِين سَڀَئي چو نَه ڄاڻو، نانءُ مَٿِمِ آهي ڪهڙو!

اِسم اَصَل کون وِرهَ وَڌايو، صورتَ هِيءَ سُڃاڻو.

پاڻِيءَ منجَهون پارو ٿيو پيدا، واءُ عجب ڪوئي واڻو.

شاهُ جهانَ جو ٻانهون ٿِي، ڪَرَ وائيءَ هِنَ وِڪاڻو.

ڏِسي تَماشو اِهو سو سارو، وَتي تان پاڻَ ويڳاڻو.

نانءَ وارو، سُڻو ري سَرتيون، ٿيو هِتِ ڪِيئَن نِماڻو؛

مَستيءَ واري ساکَ نَه سلجي، ”سَچُو“ تون ٿِيءُ سِياڻو.

 

ڪافي 16

آهي بي نام و نشان، سِرّ اِنهيءَ جو ناهي امڪان.

طرحين طَرح پوشاڪان پهريئين، ڪُل يَومِ هُوَ فِي شَان.

ظاهِر ذاتِ صفات سهي ڪَر، سِرّي سِرُّه الانسان.

منصوري آهي راهُ اِهوئِي، جوشَ تنهين ۾ آ جولان.

عَرض گداگر يارَ اچي ٿو، نا ته ”سَچُو“ سارو ئي سلطان.

 

ڪافي 17

پاڻَ پِرين اُهو آهي، متان ڀينر ڀولو ڀانيو.

جَنهن تي آهي تَنهن تي آهي، نانءُ ٻِئي تي ناهي.

پاڻُ پَنهنجو سَهِي ڪَيوسين، ڪيچ وڃَون ڪِيئَن ڪاهي.

هِيئن تَنهن جو اَوهِين نه ڄاڻو، چَوء تَڏهِن ٻِئو ڇاهي؟

”سَچو“ سارِي صُورَت اُهائِي، لوڏا لَڪَن جا لاهي.

 

ڪافي 18

تاڏي مُنهُن نه پِيو، ڙِي مُنهنجو،

جا ڏي لوڪُ لَڙي ٿو.

جيڪو هُئَڙُس جيڏيون، ساڳو آءٌ ٿيو.

پاڻَ ئي پُنهلُ آهيان، ڄاڻو ڪو نَه ٻِيو.

ظاهِرُ مُنهنجي ذاتِ کي، ڪيچِن پاڻَ ڪِيو.

”سچو“ سارو سَچُ ٿيو، وِچؤن وِرهُ وِيو.

 

ڪافي 19

اُتي پيو وَڃي خيال منهنجو، جتي دَمَ قَدمَ جِي جاءِ نه آءِ.

لا مَڪانَ مَون لَهر لُڙهِي، جَنهن مَٿي سَڀ هوءِ هاءِ.

وحدتَ جي درياءَ مَنجهارؤن، تون ڀِي وَڃِي موجَ مَناءِ

بِرهَ تو تي بادَلُ آندو، ”اَنَاالحق“ جِي هڪَل سڻاءِ.

قَطرو پاڻُ نَه ڀانئِج عاشِقَ، ساروئِي تون بَحر سَڏاءِ.

ٻَئِي جهان هِڪو ڪَر ڄاڻين، جلوو تنهنجو جاءِ بجاءِ.

”سچو“ آهِين سِرّ سُبحانِي، ظاهِر جو تُون نانءُ وِڃاءِ.

 

ڪافي 20

پاڻ کي يارُ نَه ڄاتوم، ڀينر ڀُلِي آهيان.

ٻُڏيَس ٻِيائِيءَ ۾، جو پاڻ نَه سُڃاتوم.

موڳائِيءَ جي مونجهَه ۾، ٿي ورهُ وسايوم.

اُٿَڻُ ويهَڻ پانهنجو، هِي ڀينَر ٿي ڀانيوم.

خاص مُناري خاڪ جي، سو سَرتيُون سمايوم.

ڏِسَڻ ٻُڌڻ هِڪڙو، هي سِرّو سَلايوم.

”يُنطِقُ“ واريءَ رمزَ ۾، هِي سِرُّ سَلايوم.

نالو آدَمَ جو رکي، هِن حيرتَ هلايوم.

نانءُ مَنجَهؤن نانهِه ٿِي، هِت ”سچو“ ٿي آيوم.

 

ڪافي 21

ڪَجو اوهين ويساه، سَرتيون، مُنهنجي ڳالهه سَچيءَ تي!

آيو ڪنهِن تا ڳالهه کَون؛ شهود ۾ ساه.

لَڌم هِهڙي هوتَ جو، ريجهائي مون راه.

جو ئي هدايت ۾، سو ئِي آهي گُمراهُ.

اَحد اَحمد هِڪڙو، آهي گُمراهُ.

ساڳيون اَٿوَ پاڻ سو، چئو جو اَرواح.

”سچو“ سچيءَ ڳالهه ۾، ڪَهڙو ڪَيُم گُناه؟

 

ڪافي 22

سڀڪنهن ويڙهي تون وسين،  ڪو نه آهي ٻيو تو ري!

ڄاڻي هِيئن ڄاتوم،    تو کي سانوَلَ سڃاتوم،

هر جا آهين تون حاطي.

هَر جا حاضر ”تون“،    موٽِي ڪهڙي آهي ”مُون“،

هادِي کَڻُ حِجابَ کي.

ڪاٿئين قاضِي ٿئين، ويهِي ناحق فتويٰ ڏئين،

سوريءَ تي منصور جي.

موٽِي ٿئين منصور،    ڪَيئِي مُلَن جو مذڪور،

شاهد ٿي بيهين شَرَعَ تي.

”اَنَاالحَق“ آوارز هِي،    تا سارو تننجو راز،

ظاهِر ڪَيُئي بيهي زمينَ تي.

سرمد تي اَسرارَ،        ڪَيءِ عالم تي اِظهار،

وري وڌُءِ شور شهرَ کي.

هي سَڀ ڪَم سنداءِ،  آهن جاني جاءِ بجاءِ،

جيڪي ڪرين تون سو ٿي.

حاظر ناظر تون،        باطن ظاهِر تون،

تُنهنجڪو هُل هَنگام هي.

اُڀريو آفتابُ،           جهَليو تارَن هَڏِ نَه تابُ.

گوشا ويا ٿِي گُم سي.

”سچو“ ڀَڃُ گُمانُ،              ٿي حيررتَ ۾ حيرانُ،

جو مولا مُون ٻانهون ٿي.

 

ڪافي 23

آحوال عشق لائي، ”سِرّهُ“ بُلائي.

سِسي شيخ عطار جِي، ٿو چوٽئين چَلائي.

ڏٺُو تماشو تيغَ جو، ڪُوپَن ڪَنڌ ڪَپائي.

دينَ ڪُفَر مَؤن نِڪري، ٿو ”اَنَاالحَق“ اَلائي.

واديءَ ۾ وحدتَ جي، ڪوڙيين سِرَ گَنوائي.

”سَچوءَ“ کي تنهِن صضفَت ۾، سائين مانَ سڏائي!

 

ڪافي 24

رانجهو چاڪ ٿي آيو، نه ڄاڻان ڪهڙيءَ ڳالِهه کَؤن.

پَڌر وِجهِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.

بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.

سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائِين ڪو نَه ڪِنايو.

”مَارايتُ شَيئا اِلا ورايتُ الله فِيهِ“ فائِق اِئين فرمايو.

”لَو کَشَفَ الغِطَاء مَا زدتّ يَقِينا“، حيدر هِي رنگُ لايو.

مَاڻهوءَ جي مَظهَر ۾، آڻي سونِيهن نِوايو.

”سچوءَ“ جي صِفَت ۾، الله اِئين اَلايو.

 

ڪافي 25

نانؤن حَقّ ڇپايو، ڀلو جيڏيون، وو ... هوءِ، هوءِ، هوءِ!

هنِيڙي کي حيرتَ، يار وي، آهي اُهائِي -

لَهرِين بحَرُ لِڪايو.

هنِيَڙي سان لائين، يار وي، رمز اِها ئي -

هاديءَ هِيئن سمجهايو.

جان جسم جِي، يار وي، ڏيئي ڏيکاري -

لِڪ لِڪوٽي ٿي آيو.

رنگَ بيرنگَ ۾، يار وي، طرحين طرحين -

يار ”سچوءَ“ رنگ لايو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org