سر سارنگ
(1)
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
بجِلي بادل آهي جيئن سُپرم.
(2)
سارنگ سندا ساٺَ، سرتيون ساٺِڻَ آئيون؛
ڦيريو راڳن ٺاٺَ، وڄُن ويس وَس ڪيا.
(3)
پورب سندي پار جي، ڪڪر ڪارونڀار،
وِڄن ۽ وَڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار؛
اُڀي کي آبِيندي، لڌئون سِنڌُريءَ سار؛
ساوا ٿيا سَنگهار، موليٰ سَنديءَ مِهَر سان.
(4)
موليٰ سَنديءَ مِهَر سان، ساوا ٿيا سَنگهار؛
ڏَلهي ڇڏيو ڏُٿ سان، ڏوٿيين ڏِيار؛
ترايون تجل جون، ٿيون تارون تا؛
سَو راهين سنوارَ، صاحب سَئائِي ڪَئِي.
(5)
ٻَهه ٻَهه ڪندا آيا، ٻيهر ٻَڪَر والَ؛
ڍڪڪرن جي ڪڙڪاٽَ کان، ويا ٽهِي مالَ؛
آهُن ۾ اچِي پَئِي، چونگن سندي چالَ؛
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺا جالَ؛
پَلَر سان پُسِي پيا، پنهوارن پَلال؛
جُهري پيون جهوپيون، جهانگيڙن آجهَال؛
نَنگو ڪَج نه نِڌر کي، نَماڻن نَنگ پالَ!
جَنِ جا هِهڙا حالَ، تن پَرور پَت رکيج تون!
(6)
مِهَر سَندا مِينهَن، شاه وسائِين شَل!
جُهريَلَ منهنجي جُهوپِڙي، بنا جهَلي جهلَ؛
ڪاهِل تي ڪَهَل، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!
(7)
وِڄُن وِکَ وَڌائِي، وَسَڻَ وقسُ ڪِيو؛
وَچَڻ واڄا واه ڪيا، پَلُر پوءِ پَلٽِيو؛
”سَچا“ سئو ٿِيو، سڀڪو سارنگ آئي.
(8)
نازڪ سندو نِينهُن، آهي اِئين جيڏيون؛
پنهنجي رائي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينهُن؛
راز رکي ٿو ريهُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.
(9)
راتاڪو ريهُن سان، رِڻَ ڪيائين ريجَ؛
پَٽَن مٿان پَلٽِيون، هيرون مَنجهان هيجَ؛
بَرن ۾ بَهار ڪئِي، گلزاريءَ جي ڳيجَ؛
”سَچل“ سارنگ سيجَ، سونهين ساوڪ وچَ ۾.
(10)
سارنگَ رنگَ ڪيا، پوياڙيءَ پَٽَن تي؛
ٻَڪَر ٻاٻَاڻن جا، پَلَر پِي ڍيا؛
ڏيهان ڏرت ويا، موليٰ سنديءِ مِهَر سان.
(11)
عالم کي آگاهه ، سارنگ ڪندو آئيو؛
گُرڙَ جيئن گوڙيون ڪَري، ڪاهيون اَچي ڪاه؛
وايوَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اَچي ٺاه؛
وَسايائِين وَڏَڦڙو ، واٽن تي واه واه؛
گلزاريون ۽ گاه، پَٽَن تي پڌرا ٿيا.
(12)
اَڄ پڻ پُورَبَ پارَ ڏي،، ڪَڪَر ڪَڪوريا؛
سارنگَ سُرَ سُرائتا، ساجهري سوريا؛
سُر منڊل ۽ سارنگيون، چَنگ چڱا چوريا؛
اُڀَ اُتي اوريا، طَبَلَ تارون تيج سان.
(13)
وسِي پيو وڏَ ڦڙو، ڀِنيون ڀِٽَ ڀَريون؛
ڀِٽاريون ڀِٽُن تان، وٿاڻين وريون؛
کيِرن جون کَريون، چاڏيين ڏنئون چاه مان.
(14)
چاڏيين ڏنئون چاهَ مان، کيرن جون کَريون؛
وهائينديون سي آئيون، ٿَڻن مان ٿريون؛
ڀَٽاريون ڀريون، آيون وسائي وڏَ ڦڙا.
(15)
والي وسائج، درد منديءَ جو ديس،
پِرين مون پرديس، اُٺي اِيندم اُوڏڙا!
(16)
مُندون موٽِي آئيون، جُهر جهجها جوٽيون؛
پَلَر ساڻ پُر ٿيا، پوٺا ۽ پوٺيون؛
پَسِي مِينهن مهر جا، ميهُيون اَڄ موٽيون؛
چَريو اَچن چوتيون، وٿاڻين ولَر ڪيو.
(17)
والي وري تون، وطن تي وَس ڪرين؛
مِينهن وسندي مون، سڄڻ ساريم سُپرين!
(18)
ديسا ديس وسِي پيا، رحمتَ جا درياه؛
گلزاريون ۽ گاه، پوٺن تي پڌرا ٿيا.
(19)
ساربگ سعي ۾ آٿِي، ”سچل“ سستِي ڇڏ؛
مٿان ايندءِ اوچتو، هاڻ نه مُڙندءِ هَڏِ؛
اَجهاپِي ڪا اَڏ، وسَڻَ کان اڳي وڃِي.
(20)
سارنگ ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا؛
پَکن پرڙا سوئيا، پِرهه ڦٽِيءَ پِرڀات؛
پَٽَن تي پڌرا ٿيا، گُلَ ڦُلَ ڀاتون ڀاتِ؛
وائِي سڀڪنهن وات، ”سچل“ سارنگ ساٺ جِي.
(21)
سارنگ صبح آئيو، گوڙيون ڪري گاجَ؛
هاري هَليا هاجق، ڪُڙمين هَر ڪُلهي ڪيا.
(22)
ڀينر نا ڀانئيو، ته بوندن ڪَئي آبَس؛
اِجهوڙي آئيو، وري ويتر وترو.
(23)
اکين آب وهائيو، ستيون ساري راتِ؛
وهائِن وڏ ڦڙو، پرچن نا پرڀاتِ؛
ڀينر کان بَرساتِ، اَکين اوتن سکيو.
(24)
هڪ وسَڻ ٻيو وَڄڻ، ٽيون لَهي پيو سِيءُ؛
جهوري وڌئين جهوپيون، ڇَن ڌائين ڇِيءُ؛
حال جنين جو هيءُ، تَن پَرور رک پناهَ ۾!
(25)
اَول آنڌي آئِي، پويان جُهڙ جهجَهو؛
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽَ آجهو؛
ڏهيلين ڏجهو، تَن پرورَ رک پناهَ ۾!
(26)
اَول آنڌي آئِي، پويان ٿي برساتِ؛
رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نه هُئِي باتِ؛
ويچارين ورن جي، وائِي، هُيَڙي واتِ؛
مٿان وسَڻ هيٺان چَڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات؛
پِرهه ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌين گَڏيون.
(27)
اَڄ پوربَ پار ڏي، ڪَڪَرن ڪڍيا ڪوڙَ؛
صبح ويل سويلَ جو، سارنگ لاتِي سوڙَ؛
وڄن واڄا واه ڪيا، مينگهه ٻَڌا اَڄُ موڙَ؛
لوڪان لاٿِي لوڙَ، موليٰ پنهنجي مهر سان.
(28)
اُتَران اوري،، بادل بَرسِي آئِيا؛
سُرَ سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري؛
گهوري مان گهوري، اجهو اَڱڻ آئِيا.
(29)
اُتران اوري، ڪئِي چِمڪڻٖي چَمڪاٽ؛
اُتان ڪيائين اوچتِي، لس ٻيلي تي لاٽَ؛
منڊلَ ٿيا مَڪرانَ تي، گوڙن جا گڙگاٽَ؛
ڪَڪَرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪِي کاڌا ڦاٽ؛
وري ورتَئُون واٽَ، ”سچل“ سائي سنڌ جي.
(30)
سچلَ سائِي سنڌ جِي، وري ورتائون واٽَ؛
جُهڙ ڦڙ جُهلي آئِ، جهٽِڪو ڏيئِي جهاٽَ؛
وسِي پيا وڏَ ڦڙا، گهيڙ پُسائي گهاٽَ؛
لاٿِي اُڃ اُساٽَ، سارنگ سنگهارنَ جِي.
(31)
سارنگ آيو صبر ۾، بوندن ڪئِي بَس؛
رنگا رنگِي رسِ، قَرح ڪَڍي نيل تي. |