سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :13

 

مالڪوس

داستان پنجون

 

(1)

ڏار چڙهِي ڏاهٖي، ڪَي جو چيو چُهنب سان؛

اِهو مون آهٖي، آڌرُ ڙي اَرواح کي.

 

(2)

ڏاهو ڏار چڙهِي، لَسين ٿو لاتيون ڪري؛

ڪو نئون سبق پڙهي، اَڄ پڻ آيو اوڏنهُون.

 

(3)

ڏاهو مَٿي ڏارَ، عَجب اَڄ لاتيون ڪري؛

ٿو ”سچو“ ڏئٖي سنڀارَ، پريان سندي پارَ جِي.

 

 

 

(4)

ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري، ڪِي ٿو چهنب ساڻ چوي؛

اَديون سَڀ اُهي، آهيو ٻُڌڻَ واريون.

 

(5)

چهنبَ ساڻ چوي، ڪِي پيو ڪانگل ڪاڪيون؛

پورن مَنجهه پَوي، ٿو سُڻِي ساحُ سنهيڙو.

 

(6)

مُحبن ڏنهن مَسٖين، اڄ پڻ ڪانگل آئيو؛

لاتيون واهَ لَسين، ڏاهو چڙهِي ڪري.

 

(7)

لاتيون ڪندئيِي، ڪانگو هيٺ ڪِري پيو؛

هَي هَي هَنڌيئِي، ساٿيءُ سه مٿي ويو!

 

(8)

ڪَهيو هِيئَن ڪانٖگي، آئُون چيائين چهنبَ سان،

ته سَڄَڻ ڪنهن سانگٖي، وري اِندءِ اُتهِين.

 

(9)

چُهنب ساڻ چئِي، ڪاجا ڪانگل ڳالهڙي؛

ساري آتڻ سان انهيءَ، ڪَهڙي ڏِسُ ڪَئِي؛

پُورن منجهه پئِي، سڀڪنهن اَئٽ ڦٽو ڪيو.

 

(10)

ڏاهٖي چڙهٖي ڏارَ تي، ڪا جا لتِي لاتِ؛

ڌک ڏنائين سڀ کي، وائِي آڻي واتِ؛

پَيون ۾ هيهاتِ، آتڻ واريون اُتهين.

 

(11)

ڏاهو چڙهِي ڏارَ تي، ڪري هيءُ مذڪور،

سنهيَن ۾ سورُ، چوي ٿو چهنب سان.

 

(12)

سُڻو سنِيها سَرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي؛

سارو ساهُ نئي، ٿو نازڪ نِياپَن سان.

 

(13)

ڏاهو ڏارَ مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بِرهَ بيانُ.

آتڻ تي احسانُ، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.

 

(14)

ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريبَ ڏنهُن؛

وڃٖي جان جئو، نيو نياپَن ساڻ ٿو.

 

(15)

وتيون ۾ ويڙهي، ٿو ڪاريون ڪانگ وهآني؛

روحُ نئين ريڙهي، سڀڪنهن جو سرتيون.

 

(16)

ريڙهيو روح نئين، پَسو سَڀ جو پان ڏي؛

سنيها جي سَڄَڻان، سي چڙهيو ڏار ڏئي:

آتڻ ۾ افسوس ٿيو، تنهن جي پيرَ پِئٖي؛

ڪَتي سگهي ڪانڪا، کَؤن وهلور وهِي؛

ڪهڙيءَ طرح ٿئي، وري سَنباهو سَرتئين!

 

(17)

ويس تَندُ ڇڄِي، پَهو پَٽِ ڪري پيو؛

سُڻِي سنِيها نيهن جا، پَئِي جهوريءَ منجهه جهڄٖي؛

اِنهيءَ ڀَتِ ڀَڃِي، پيسَ روئندي ڪپڙا.

 

(18)

ويڙهي وتندي ئِي، ڪانگي قهر ڪمائيو؛

ڪاڪيون ڪتندي ئي، پَيم پوڙُ پريان جو.

 

(19)

صدقي ساهُ ڪريان، هِنَ ڪانگي تَون ڪاڪيون؛

جي ڏئي سنيها سَڄَڻان، سي سانڀِي ساه ڌريان؛

ڀلي پيرَ ڀَريان، اُنَهيءَ ويلي اوڏهِين.

 

(20)

آڻي ڪانگَ ڏنياس، ڪتابَت قَريبَ جِي ؛

پھَو ڪتيندي پَٽ پِيُس، ڇوھون تَند ڇُٽياس؛

ڀيڄون بيڄ ٿياس، وائندي چولي چڪِ ۾ـ

(21)

ھَلِي ڪانگي ھِڪَ، ڪا جا ڪَيس ڳالھڙي؛

تنھن مامَ ٻُڌڻ سان روئندي، چولِي ڪيائين چڪِ ؛

سَنيھي مَون سِڪَ، پاڻھِي ڪيائين پَڌري ـ

 

(22)

ڏاھي چڙھي ڏارَ تي، ڪا ٻولي ھيءَ ٻولِي؛

سا ٻُڌي روئِي سان، چڪِ ٿيس چولِي ؛

 

(23)

سَڄَڻ ڏنھنُ سَنيھَه، تنھن آڻي آتڻ ۾ ڏنا؛

ڄڻ ڏنائين سَٻن کي، ڇُريءَ ٻاجھون ڇيھَه ؛

ڏک ڀَريائين ڏيھه، ماريون اِنھيءَ مام سان ـ

 

(24)

سُڻو سنَيھه سَڀي، ماريون مَحبوبن جا؛

لَکن مَنجھه لڀَي، ڪا شوُرائِتي سارَ سان.

 

ڪافي 1

آءُ تا ڪالَھه آڏامِي، وڃي پَيَس پِرين وٽ!

ھت قبوليم تَنھن جِي حلق  بگوش غلامِي.

مِھر مٿو ئِي ناه ڪو، عاشقَ ٿِج ٿون آرامِي.

اَصل لاڪُون اَن جو، ھِي پاڄِي آھي پيغامِي.

ويَس برابر اوڏھِين، ويٺيس ڪين وسامِي.

مون کي ڪيائون پنھنجو، ”سچو” يار سلامِي.

ڪافي 2

ڪڏھن اِيندين ھِڪُ ٿِيندين،

نِت نِھاريُون سنديَئِي واٽَڙيُون!

سانَولَ ڪنھين سانگَ سان، اَڱڻَ اسان جي اِيندين.

اِھو اٿئون آسرو، بَديون تا بخشِيندين.

ڪَنھين ڏينھن ھِن ڏکيءَ کي، دوست دلاسو ڏيندين.

پِرين نيندين پاڻِ سان، ڇَپَر، ڪولِي ساڻ گَڏيندين.

پَکا پَکن سامُھون، اوري آڻي اَڏيندين.

سو ڏينھُن ٿيندو ڪَھڙو، ”سچو” ڪري سڏيندين!

 

ڪافي 3

مَنُ موھي منھنجي جانِي، گھڻا لاَئي ڏينھڙا!

صورتَ تنھنجي سُپرين، مورت ڪئِي مَستانِي.

پِرين اوھان جي پارَ جو، ڪوندر ٿيو گُذرانِي.

روز اَزل کَون ڏنُو اسان کي، نيھن پنھنجو نِيشانِي.

اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، محب ڪريان مھمانِي.

پِيريءَ جا سچو” ڏينھن وسارج، ٿيِئي جَمالُ جونِي!

 

ڪافي4

يارَ سَڄڻ سَرِي، تو کي اَسان ٻاجھون!

اسان نِماڻَن ڏي سُھڻا سائِين، دوستَ نِھارجِ وري.

تو کي قدر ناھي ڪو، ڀَلو، چيٽڪ ڪِيڙس چَريِ.

اَچِي ”سَچوءَ” جِي ايڏھِين، سَندي دزَ ذري.

 

 

ڪافي 5

مون سان تو ڪَيون ڪيون، سُھڻا اُھي ڳالِھيون ڳالِھيون!

سي نه وڃن وسري، ڀلو ميان، چڱيون اَوھان جي چَيون چَيون.

اوھان ٻاجُھون سُپرين، ميان،

نِيھن وھايون نَيون نَيون.

لِڪُون ڪيون سٻين لوڪَ کَون، ڀلو ميان،

پَڌر اُھي  اَڄُ پَيون پَيون.

ڳُجھيون سٻي ڳالھيون يارَ ”سچوءَ” کَون،

ڪِين وسري سي ويُون ويُون.

 

ڪافي 6

ياد مون کي اَڄُ پيون،

مِٺيون ڳالھيون سُھڻا تُنھنجِيون!

رھيون آھن روحَ منھنجي ۾، ڪين وسري سي ويون.

ويٺا ڏسون ٿا واٽ اوھان جي، دوستَ دلاسو ڪو ڏيون.

”سچو” آھي سَگ درَ تنھنجِي جو، ميان نالِ نِباھي سو نِيون.

 

ڪافي 7

آءُ تا تنھنجڙيِ آھيان، يار مون کي ڇو ٿو ڇَڏين!

تون تا منھنجو آھين اَصل کَون، ڪنھن نه ٻئَي در ڪاھيان،

ھوتَ اِيندين ھت ڪڏين.

آءُ نماڻي عيبن ھاڻِي، سَڱُ نه ساڻُوَ ساھيان،

پَکا اوري آڻي اَڏين.

توڙي سُڃاڻِين توڙي نه ڄاڻِين، لالچ تا بِي نه لاھِيان،

ساڻ ڪولِيءَ پاڻ گَڏين.

آءُ تا ٻانھي تون تا سائين، آءُ غريب ساڇاھيان،

نانءُ ”سچو” ڪري سڏين.

 

ڪافي 8

انھن جادوگر چشمن بيرن ڪيو سين!

اِنھن نيڻن سندي نازن حيران ڪيوسين!

راتو ڏينھان دل کي ھِيءَ آھي پريشانِي،

اُنھن غَمزن ڳُجھن رمزن ديوان ڪيوسين.

ھَي ھَي ھِيءَ فرياد وي يارو، ڪنھن کي سُڻايان،

خونِن ھِن خمارن، مَستان ڪيوسين.

ميدانَ منجھه ”سچو” تَھه دليون آيو آھي،

اِنھن تارن سَندي تِيرن نيشان ڪيوسين.

 

ڪافي 9

زاريون ڪَيو زار زار، ميان،

ويٺي وائان، ٻَڙي جيڏيُون!

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان،

ياڪِي سو ٿيڙم يارُ، ميان.

راتو ڏينھان ڳالھه اِنھيءَ جو،

جيڏيون ڙي جِيءَ کي جار، ميان.

پاتو اَٿَم لَڳه پِرينءَ جي،

ڳَلِ ھَنجُڻ جو ھارُ،. ميان.

عاشق کي سوز ”سچو” ڙي.

آھي سَدا سِينگار، ميان.

 

 

مالڪوس

داستان ڇھون

 

(1)

آءُ ڪانگا ڪارون، تو سان ڪيان ڪيتريون؛

جو پَھچائن پيغامَ ٿو، پريان جي پارون؛

کي ”سچو” سنڀارون، ٿو ڏاھي ڏھاڙي ڏئين.

 

(2)

ڪارون ڪيِئن نه ڪريانس، جو ٿو ڏئي سَنيھا سَڄڻان؛

پُئي پَرَ پَکيءَ جا، ساڻ جواھِرَ جَڙيانس؛

موتين ۽ لَعلن سان، ڀينَر کنڀ ڀريانس؛

پيرين دست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نِيھَن جا.

 

(3)

پَکي سوئي پَرَ، ٿو اُڏري پار پِرينءَ جي؛

خوشيءَ جِي به خبَرَ، مانَ وٺِي اَچي ڪا اُڏھون.

 

(4)

چڙھيو لامَ لَنئي، اَڄ ٿو ڪانگل قريبَ جو؛

سنِيھا سَڄڻان، سي چھنب ساڻ چَئي؛

پورن منجھه پَئي، ٿو ساهُ منھنجو سَرتيون.

 

(5)

چڙھيو لنئي لامَ، ٿو ٻوليون ٻاجھاريون ڪري؛

ڏئي سَنيھا سَڄَڻان ٽُريو مَٽي ٽامَ؛

ماريون ماري مام، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪَ کَون.

 

(6)

پرِيان جا پيغامَ،ٿو ڏئي مڙِيئي مامَ ۾؛

سَوين مُنجَن سَلامَ، جو ڏاھو ڏاھَپَ سان ڏئي.

 

(7)

ڇِپيو رھي ڇانڀين،ٿو ڏئي سنيھا سَڄَڻان؛

آيل اولاناڀين، ٿو ڳالھائي ڳُجھه ۾.

 

(8)

سِگھو آڏامِي آءُ، تون پَکيَڙا پِريَن جا؛

سڀ کنڀ ڪريان تانھنجا، ساڻ جواھر جَڙاءُ؛

عِطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻِڪ تو مَٿاءُ؛

ساري سنيھاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيبَ جا.

 

 

(9)

ماريون مام منجھٻي، ڪِي ٿو ٽُريو ٽاريءَ تي چَوي؛

سَڄڻ ڏانھنَ سنجھٻي، ڏاھو ڏکجِي آئيو.

 

(10)

آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو؛

ڀينَر سَڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙھن سان.

 

(11)

مون ڏي ڪالھه مُڪو، دلبَر دلاسَن جو؛

سندو رازَ رقعو، سو پڻ واچيو وھان.

 

(12)

واچيندي وياس، ھاريون پنھنجي حالَ کَون؛

نامي تنھن نِياس، پاڻ لکيو جو سَڄڻين.

 

(13)

ڪانگا ڪتابَتَ، ساري سارج ساهَ سان؛

اِھا اَمانَتَ، ٻئي ڪنھن عامَ نه آڇئين.

 

(14)

کٿوريءَ ۾ کَنڀَ، لويان لا کيڻي سَڀَئِي؛

جوڳالهيون ٻُڌي تانهِجيون، ڇَپَرؤن وهن ڇَنڀَ؛

تا پُڻ اُتي ٿَنڀَ، ويهو ٿو وايون ڪري.

 

(15)

اَڄُ نه انهيءَ ڏارَ، لامين لَنوين ڪانگڙو؛

جيڪس پِريان پارَ، ڏسندي سو ڏکَ ڀَريو.

 

(16)

زاغَ نه ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامِي اوڏهين؛

نه ته خاصو مُنهنجو خون، پوندو ڳچيءَ تانهنجي.

 

(17)

ڪاغذ قريبَن جو، اَڄ مون کي آئيو؛

ساجن ڪيو سعيو، اَچڻ جو هن پارَ ڏي.

 

(18)

لِڪو م لامين، ٿو لاکِيڻو لاتيون ڪَري؛

ٽهڪندو ٽامني، ڏئٖي سَنهيو سَڄڻان.

 

(19)

چڙهيو مَٿي ڇانڀَ، ائين چوي ٿو جيڏيون؛

ڪج سِيني ۾ سانڀَ، ساري سَنيهن جِي.

 

(20)

ساري ڳالهه سَچِي، ڪانگي ڪئي قريبَ جِي؛

ريهي دل رچِي، تنهن نازڪ نياپَن سان.

 

 

(21)

آڻيو ڏنا ڪَر، ساٿِي يارَ سَنيهڙا؛

منهنجي پارؤن پَکِيَڙا، وڃ دوسياڻي در؛

جو سِڪَ آهي مون سَرَ، ميان محبوبن جِي.

 

(22)

ڏنا ڪَر آڻي، سدا سِڪَ سَنيهڙا؛

هِينئڙو مون هاڻي، آهه ”سچو“ سوداءَ ۾.

 

ڪافي 1

مانَ پِرينءَ پَهچائي، هِي نياپو ڪو نيئِي!

ڳچِيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻي پَرچائي،

حال ڏسي وڃ هيئي.

پرين ڏسج پاڻ ڏي، چِتُ نه وڃُ مون تَون چائي،

يارَ اسان کان پيئي.

الله ڪارڻ آءُ تون سائين، ٻانهي ٿِي ٻاڏيئي،

بخش اسان کي پيئي.

اوهان ٻاجهون سُپرين ويٺي سو ورهَ وسائي،

ڪانگ اڏائي ڪيئي.

در اوهان جي جو دلبر سائين، ”سچو“ ٿو سگ سڏائي،

ٻَڌي ٻانهُون پيئِي.

 

 

 

 

ڪافي 2

آءُ اسان وٽِ يارَ تون، آهي هِت اَسان جو حالُ هِي!

اُٻاڻِڪو آهِيان گهڻو توريءَ پِرين پرديسَ ۾،

آءُ مِڙيوئِي معلومُ ڪر، عاشق سَندو اَحوالُ هِي.

آهِه اوسيڙو اوهان جو، شب روزا اکڙين ۾ ميان،

جانِي سَندءِ مون جاڳندي، آهه خواب ۾ به خيالُ هِي.

دوست تُنهنجي درَ اُتي دونهين وجهي ويهِي رهان،

منهن ڏيکارج محب مون کي، نه ته آهه ويهڻ هت وبال هِي.

درد مَند جي در پيهِي، آءُ دوستَ دل خوشحال ڪَر،

صدقٖي ڪريان سِرُ ساهَ سان، ڇا مِلڪ ۽ ٻيو مالُ هِي.

ويٺي نِهاريان واٽَڙي، تنهنجي اَچڻَ جي لئه ميان،

لَهوه سُڌِ سَنديَم ساجن اَچي، نه ته آهه جِيڻ جنجال هي.

پاڻون پَري نه ڪريو مون کي، ڪي دوستَ دلداريون ڏيو،

هوءِ تون سَدائِين ساڻ مون، آهي ”سچوءَ“ جو سوالُ هِي.

 

ڪافي 3

هِنيون هوتَن هٿ آهٖي آهٖي،

ڪيرُ چوي تا نا هٖي نا هٖي!

فَهمُ فراستَ، عقل ارادتَ، نيهَن بِنا ناهٖي ناهٖي.

مست ٿيا مخمور اٿاهِين، ڪَل نه پَئِي ڪنهن ڏاهي ڏاهي.

ڏوڙا طالِعَ ٿين اُنهن جا، بارُ جنِهان نون چاهي چاهي.

وسُ مِڙيوئِي يارَ سَڄَڻ جو، هيءَ نماڻي ڇا هي ڇاهي.

سَڱ سِياپو يارَ سَڄَڻ سان، ڪير ”سچيڏنا“ سهي ساهي!

 

 

ڪافي 4

آيو مُنهنجي گهر يار،

جنهن جي ڪارڻ مون ٿي ساٿي سَنڀايا!

در پيهي مون آئيو، اڄ دوست مِٺو دلدار.

سوئِي گڏيو سُپرين، هو جنهن جو جيءَ کي جار.

بالڪل ڪِيائون پانهنجو، ڏنائون قول قرار.

معاف ڪِيائون مِهَر سان، مون تي هُئو ميار.

”سچو“ رهائِيءَ ۾، ڇڏ روئڻ زارو زارُ.

 

ڪافي 5

راتِ پِرينءَ ڪاٿٖي پيئِي، اڙي ساٿِي سُڌ ڏيجو!

پُڄاڻا پِرينءَ جي، اَسان هِت هيئِي،

ساڻُ ٿَڪي هِڪ ٿيجو!

پَسَڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪانگ اُڏايم ڪيئي،

نالِ وٺي هيءَ نيجُو!

عرضُ آرياڻيءَ کي، نانءَ ڌڻيءَ هِي نيئِي،

ٻانهون ٻَڌي چڱيان چيجو!

”سچوءَ“ پاران ساٿيو، کين ڏوراپا ڏيئِي،

پيرين پانڌيو وڃي پيجو!

 

ڪافي 6

دوست دلاسا ڏيئِي، ڏک ڏوڙو وري ڏيندئي!

متان ويهين ماٺ ڪري، يار سَڄَڻ سان تو پيئِي،

ساڻ نيڻن دل نيندئِي.

مون تا ڏٺا ڪيترا، ماريا سي ڪَجلين ڪيئِي،

اَڄ صبح تو وٽ اِيندئِي.

”سچو“ آڏو سَڄڻان، ٻانهون ٻڌي آءُ ٻيئي،

سڀُ بديون بخشيندئِي.

 

ڪافي 7

هِيئن مَ وڃُ تون ماريون، هوتَ نماڻيءَ کي، ميان!

سِڪ تُنهنجيءَ سُپرين، ڪوڪان هِن ڪي ڪاريون!

پِرين پَري ڇو وڃين، ٻارڻ دل ۾ ٻاريون؟

ٻَاجهه ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيف جون زاريون.

جايون ساري جيءَ ۾، وره اَوهان جي واريون.

ميان مشتاقن جون، سَهُه آرياڻِي آريون.

سُک اُتي ٿيو سُپرين، ڇک هِتي ڏيهاڙيون.

راتو ڏيهان ٿو روئي، ”سچو“ توکي ساريون.

 

ڪافي 8

سَڄَڻ تونهنجو بِره باري، اَسان جِي ساڻ تو ياري،

آءٌ ٻانهِي تون تا سائِين، ٻڌي ٻانهان ڪِيم زاري.

اَچانڪ لَنئه جا تو لائِي، پئِي تا ڪَل نه مون ڪائِي،

وڻيئي جائِي ڪَيئِي سائِي، پاتِيسُون ڳل ڳچيءَ ڳاري.

وڌوسين طلبَ ۾ توئِي، نه هو هِت حال مون ڪوئِي،

چوان هِي حال ڪنهن روئِي، ،علوم آهي تو کي ساري.

اُلانڀِيون عشقَ جي لايون، ويون وسري سَڀئِي وايون،

اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئِي سڀ لوڪَ بيزاري.

لِکان ڪيئن ڳالهه هِن دمَ جي، ڏاڍي آهي راهَ هِن غم جِي،

ملامَت ڪُلَّ عالم جِي، اَسان تا اَصل اِختياري.

”سچو“ ڪَر سَوَ شڪرانا، پُڇٖي تا بِرهُ بيگانا!

توڙي هِت سي ٿيا ديوانا، مليو سين دوست هِڪواري.

 

ڪافي 9

يارَ مرشي تنهنجون ديدان،

مشتاقن کي مارنِ ٿِيون!

ڇڪٖي ته هَڻن ٿيون ڇوهَ منجهاران،

ڪان بتيءَ جو بَڇائن ٿيون.

ڏسڻ سان ڏور وجهن ٿيون،

دام دلِين جو دٻائن ٿيون.

شهبازن جان ڪَرن ستونا،

گهورَ اُنهيءَ سان گهائِن ٿيون.

جاڏي چَڙهن تا ڏي بِره بُراقان،

پير رڪيب نه پائن ٿيون.

”سچوءَ“ جهڙا سَوين هزارين،

ڪي ئِي ڪُرنش منجهه ڪنبائِن ٿيون.

 

مالڪوس

داستان ستون

 

(1)

چڙهيو سَر ڇانڀٖين، لَنوين جي لاتيون ڪري

ته سنيها سائڀٖين، جي تا مُڪَئي سَڄڻان.

 

(2)

ٽِڪيو تي ٽاريءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛

ڏئي سان زاريءَ، اُڀِي سنيها سَڄڻان.

 

(3)

پارانڀا پويون، وجهي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛

ڪڍي آبُ اکين مان، نيهٖن نِچويون؛

لُڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.

 

(4)

چڙهيو ڏار ڏئي، سنيها جي سڄڻان؛

ٿو ڄَڻ روح رڳُڻ مَون، نياپن ساڻ نِئي؛

جثو جاءِ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.

 

(5)

اَڄ ڪانگَل آِو، ماٺ ڪندي مونجهه مَون؛

سو تا منهنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛

هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِهر سان.

 

(6)

اَڄ ڪانگا چئه ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟

حالَ اسن هِت هِهڙا، ڪِي هُت ڀِي هُئا هِيئن!

جهامَ ڏئٖي جُهڙ جِيئن، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.

 

(7)

ڏاها ٿيءُ نه ڏور، وهُه مون کي ٿي ويجهڙو؛

ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙي، جان هُئين رات حضور؛

دوستَ اڳٖين دستور، ڪِي تعظيمان توکي ڏنيون؟

 

(8)

زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛

پريان سندي پار جِي، آهه توکي واڌائِي؛

پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت سجن سَڀائِي؛

ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!

مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.

 

 

 

(9)

الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛

وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄيءَ جو پيغام؛

ڪري قدمن تي پَئي، سَوَ لَکه ڏيج سلامَ؛

آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛

اَچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگهو طرف ”سچوءَ“ جي.

 

(10)

نا ته مري وِيندو هيءُ، الله لڳه اَچيج تون؛

تو تَون آهي هِن جو، جانِي صدقي جيءُ؛

لاهِه فراق فقير کَون، والِي ويجهو ٿيءُ؛

تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.

 

(11)

سَڀئِي ڏيج ساري، سنيها کي سَڄَڻان،

اَوهان ٻاجهون سُپرين هُت گوندرَ گُذاري؛

گَهڙي نا گهاري، ميان محبوبن ري.

 

(12)

پَکِي سو ئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهين؛

رسيو وڃي اُتهين، سو پانڌي منجهه پَهَر؛

آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر:

هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِنيڙي منجهه حَشَر؛

ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛

هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي.

(13)

ڏار چهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسا دل کي،

ته صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيب کي.

 

(14)

پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛

آءُ اُڏامِي اوڏڙو، تا جهوليءَ ۾ جهوليانءِ

سَڀئي کَنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛

پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.

 

ڪافي 1

آيا ڏٺَوَ، آيا ڏٺَو، چئه ڪي پانڌِي آيا!

پِرينءَ کي هِن پار ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي سَعيا!

طرف اسان جي ڪَهُه ڙي ڪانگَلَ، ها روح سندن جا رايا!

وري سگهو ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.

”سچو“ ساري مِيان گهڻو سَنڀاري،

سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪايا.

 

ڪافي 2

چَشمن يارَ جي مون تي، چئه جا چوٽَ چلائي!

درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.

اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ تَنهن جي حُسن هلائِي.

ٻِنهي اَکڙين سيف ستم جِي، چَو جا آڻي چمڪائِي.

بَڙڇي بِرهَ جِي سِيني اَندر، ”سچو“ هِن خِيالُ کُپائِي.

 

ڪافي 3

منهنجي زاري زاري، سُهڻا سائين تو سان!

معلوم تو کي ڳالهه اسان جي، يارَ سَڄَڻ سا ساري ساري.

هِيءَ تا هيڻِي واءَ وهيڻِي، بِره اوهان جو باري باري.

دوستَ هِئين ۾ يار سمائين، گهوٽَ نه وجهج گهاري گهاري.

اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان، يارَ اسان جِي ياري ياري.

طرفون تنهنجي يارَ ”سچوءَ“ کي، آهه ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.

 

ڪافي4

يارَ توسان ڪي تا ڏينهڙا لَنگهايَم!

راتيان ڏينهان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايمَ.

پُڄاڻا اَوهان جي ڏاها ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايَم.

سَڪ تنهنجي سُپرين، سارائِي سورَ سَلايَم.

پِرين تنهنجي پارَ جا، ڏيهاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.

”سچو“ سي ئي آيا جَن لئه، فالان ٿي روز وجهايَم.

 

ڪافي 5

ساٿِي منهنجي يارَ کي، ساري ڏيج سلام!

پِرت منهنجي روز اَزل کان، تو سان مُحب مُدام.

چئِي مَڪا هُئو يارَ سَڄَڻ، ميان، اَچڻ جا اَنجامَ.

اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُل پَون هَنگامَ.

”سچوءَ“ جيها ڪيترا، تنهنجي در غُلامَ.

 

 

 

ڪافي 6

تو سان يارَ سَڄڻ، منهنجي پِرت اَصل کَون پيئي.

اَصل اسان جو عشق تو ئي سان،

ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.

ڪڏهن مُڪو — ڪو نه اسان ڏي،

ڏکٖين نياپو ڏيئِي.

اَسين تو ئِي سان هِڪ ٿينداسٖين،

وچون وائٖي هِجر جِي ويئِي.

سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،

جانِي ڪِيڙم تو سان جي ئِي.

جي ئِي ڪَيا هَم قولَ تو ئِي سان.

”سچو“ پاڙيندس سي ئِي.

 

ڪافي 7

ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟

پِرين تو کي پاڻ پُڇَن ٿا!

”جيٖهو تيٖهو آهه اسان جو“، چئه جو دوستَ چَون ٿا.

ڪڏهن ماندو متان ٿئٖين تون، تنهنجي اَڱَڻ اَچَن ٿا.

جڏهن ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ چَون ٿا.

جڏهن ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.

پِرين تو کَون پَري نه آهن، ويڙهي ڄَڻُ ته وَسن ٿا.

ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي ”سچو“، هو اَڄُ گوش گذارن ٿا.

 

 

 

ڪافي 8

مانَ پِريَن کي پوي، ڪنِ فرياد اَسان جِي!

عشقَ جون ماريون سُڻو سَڀيئِي،

اديون ڙي ناهِيو اَوي.

هن نماڻِيءَ جو يارَ سَڄَڻ کي،

حالُ وڃي ڪو چَوي.

هِيءَ تا تَن، ريءَ راتو ڏينهان،

راند روئڻ جِي روي.

در دوسَن جي ڪيئي آهن،

”سچوءَ“ جٖيها سَوي.

 

ڪافي 9

ساٿِي تون يارَ مُنهنجي کي،

نٖيئٖي پَهچاءِ سَنهيو هٖي!

ته ”قيدالماءِ جي قسمت، وڌي دوري تو کَون مون کي،

”سي پاڙج واعدا پنهنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.

”ڪتابَن ۾ وڌم مُنهن ٿي، ته ٿي خورسَندگي حاصل،

”لڳي دل اوچتِي توسان، وساري بِرهِ بي تي ثٖي.

”مون کي تو تا فِراقي ڪيو، اِها فرياد ڪنهن کي ڏيان؟

”هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ، ”سچوءَ“ کي ياد آهن سي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org