سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :12

 

مالڪوس

داستان پهريون

 

(1)

لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي،

آندم اَٿم پاڻ سان، نينهن ڀَريو نامو،

تو ڏي ساريو سڄڻان، ڪَيم راتيان روانو،

پڙهِي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!

 

(2)

ڪانگل آيم اَڄُ، پريان سَندي پارَ ڇهُن؛

ڳالهيون ڪيائِيين سڄڻان، سي روح ٻُڌي ڪيو رُڄ؛

پَکيءَ ڪيو نا پَڄُ، ظاهر ڪيائين زبان سان.

 

(3)

ڏاهو اَڄ ڏسو، جي ويڙهي ويڳاڻو وتي؛

پورن مَنجهئون پانهنجي، ٿو ڏئي حالَ حِصو؛

سَرتيون سُورَ سُڻِي ڪري، هِنَ خيالؤن ڪِين کِسو؛

ڪو قريبَن قِصو، تنهن سيکاري موڪيلو.

(4)

ڪيون وکاڻيون واتِ، اَڄُ ڏاهي ڏارَ چڙهِي ڪَري؛

سُڻَڻ سان کي سَرتي ن، لڳِي چُپ چُپاتِ؛

اَتَڻَ واريون اُتهين، لوٺياڻيون سان لات؛

روئن ساري راتِ، هَي هَي سو ڪانگو ڪيون.

 

(5)

گهڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟

ڪي دم آڏو دوست جي، ڀَلِي ڪري ڀَڳاءِ؛

هاڻي ڪِي تا تَنُ تڳاءِ، متان جهوريءَ منجهه جهجِي مران.

 

(6)

واتِ ڪري وائِي، اَڄُ پُڻ ڪانگ قريبَ جو؛

ڪِي جو چيائِين چُهنب سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائِي؛

اَندرَ کي آئِي، ڄَڻ ڄَرَ ڄيري سندڙي.

 

(7)

لَئي لام لَتو، ڪِي جو ڪانگ قريب جو؛

تنهن لاکيڻي جي لاتِ جو، پَوي ڪو نه پتو؛

ڪاڪِيون ڪِيئَن ڪَتو، پَر اَڻَ سُوريون آهيو!

 

(8)

ڪيهي ڪَمَئون ڪانگڙو، اَڄ ٿو ويڙهي مَنجهه وتي؛

پَسِي تنهن جو حالڙو، ڪاڪيون ڪامَ ڪتي؛

تنهن جي لات لتي، ٿو جيءَ کي جياپو ٿئي.

(9)

اَڄ لاتيون ڪانگ لَتِيونسي ڪي سڻو سرتيون؛

جو ڪَهَڻ سان ڪُهيو وجهي، ويڙهي منجهه وِتيون؛

سنديون راز رتيون، ٿو پُڻ ڪري پڌريون.

 

(10)

رويو رويو رتُ، ٿِي پکيءَ پارانڀا ڏئي،

ته پيرين وجهانءِ گِهنگهرو، سي ڇمڪائيندو وتُ؛

کيئَن وٺي خطُ، سِگهڙو ساٿيڙا ورين!

 

(11)

جو ٿو ڪانگ چوي، سو سُڻيجو سَرتيون؛

وڏيءَ ويلَ صبحَ جو، ٿو چڙهيو لامَ لَوي؛

اُلڪي ۾ نه آهي، آتڻ کَڻون اِتهون.

 

(12)

ڏاهو چڙهِي ڏار ڏئي ڏوراپا؛

پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا؛

آڻيوڳ اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.

 

(13)

تِرُ نه هِڪ توڙي، اَڄُ لامين لاکِيڻو لَئي؛

ويٺو آهه وڳوڙجِي، کنڀن کي کوڙي؛

ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، مُنهن گهڻو موڙي؛

پَر پنهنجا ٽوڙي، چڪيون ڏئي ٿو چهنب سان.

(14)

سڻيجو سوئِي، جيڪي چوي ڪانگھڙو؛

حئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئِي؛

ڪنڍيون ڪُندن سان وجهان، پکيءَ کي پوئِي؛

جانب ڏنهُن جوئي، آڻي نياپا نيهن جا.

 

(15)

آءُ ڪانگل ڪائِين، تا توتي عطر اوتيان؛

اَچَڻ ٻاجهون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئِين؛

ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائِين؛

پير اڱڻ پائِين، ته منهنجو ساه سڌير ٿئي.

 

(16)

ڪانگل آيم ڪالهه، وٺِي سنيها سَڄَڻان؛

محبت ريءَ مقالَ، ڪا نه ڪيائين ڪڏهين.

 

(17)

ڪي جو ڪانگ ڏسِي، ڪالهه اوڏاهون آئيو؛

پُيس هنياءُ ڦِسِي، ڳالهيون ڪندي سَڄڻين.

 

(18)

مالهان موتين جون وجهان، پَکيءَ کي پوئِي؛

پِيرين سونا گِهنگهُرو، تا ٿئي سوايو سوئِي؛

سينڌو سڀڪوئِي، مَرُ تَنهين جو ٿئي!

 

(19)

پَکيءَ سندا پَر، ڪريان مُرصع موتين؛

جو آڻي عجيبن ڏنهُن، ڏئي خوب خَبَر؛

ڀينر ڙي مون ڀَر، شال ويٺو ڪري وائِيون!

 

(20)

سنيها جي سڄڻان، سي سري ڏنائِين،

اِئين اُتائين ته پاڻ نه آڻِجَ وچ ۾.

 

ڪافي 1

ڪالهه جو ڪانگ اُڏاڻي،

ڀلو، ڪيئَن وئين پِريَن وٽ؟

گهڻي تو سان ڪا ڪَئي، اڳيون يارَ سِياڻي.

پِرينءَ ڪِي تا پُڇيو، ڏيج دلاسو هاڻي.

ساري مون کي ڏيج سَنيها، الله ڪارڻ آڻي.

پِرين سندي پارَ ڏي، عاشِق ڇو نه اُماڻي.

ائين اُڏامي اوڏهُون، ”سچو“ ساهَ سيباڻي.

 

ڪافي 2

لؤن وڃِي ڪيئَن لايَم، پِرين نه ڄاتُم پَرديسي!

پُر جُهيم ڪين سَهيليون، تيلهان آڏو ڏک َيم.

ڏينهَن گذريا غم تنهن جي ۾.

ڳالهه جينهن جِي ٿي ڳايَم.

دانهون فريادون ڪَريان،

ڇو سِڪ ”سچو“ سيبايَم!

ڪافي 3

لَؤن مُون سان جا لايَوَ،

يَار، ويڙهي هِن ويهِي!

دردمنديءَ جِي دِلڙي، دلبر گُهوٽَ اَکين سان گهايَوَ-

ڳالهه ڪَريان ٻِي ڪيهِي.

مُشتاقن کي محب مارين ٿو، تَڪَ اِهائِي آيَوَ-

جيهِي وڻيَوَ ڪَيَوَ تيهِي.

ڳالهه اِنهيءَ جِي سُڌ نه مون کي، پاڻ پِرين پُرجهايو-

رمز ڳُجهِيءَ دل ريهِي.

پارؤن پنهنجي ڪيئي قاصِدَ، هِن ڏي هوتَ هلايَوَ—

ڏيهه گَڏيا ڄَڻُ ڏيهِي،

دِل ”سچوءَ،“ جِي دلبر سائين، ديدن ساڻ دتاريَوَ—

نِينهَن اوهانجڙي نيهِي.

 

ڪافي 4

ڪيئِي ڏک جا ڏينهڙا لنگهايم،

سُڻ تون مُنهنجا سائين!

ڳالهيون ڪندي مون ڪيئِي سِرَ تي،

ڏک جا مينهڙا وسايَم.

پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙي پنڌڙا پُڇايم.

پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙي پنڌڙا پُڇايم.

سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميان، سارا ئِي سورَ سَلايَم

”سچل“ سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجهايَم.

 

 

ڪافي 5

تون تا پنهنجو پاڻُ پَساءِ،

شوقُ تنهنجو مون کي يار شتابي.

اَچي اَکڙين ۾، جوڙي ويهِج جاءِ.

ناميا نانوَ ڌڻِيءَ جي، پيرَ اَسان وٽ پاءِ.

اَڳي پوءِ ڀِي آسرو، هوت اَسان کي آهِه.

اَڄُ ڀِي واٽَ نِهاريان، لالن تنهنجي لاءِ.

آءُ اڱَڻَ آسروند جي، ”سچوءَ“ ڪيم سِڪاءِ.

 

ڪافي 6

هوتَ ڌٺَئِي هَيڏي اِيندا،

ڪيئن ساٿِي، مون کي سَچُ چَئو!

هُتئوُن پَٽي پَکَڙا، هِت ڪي آڻي اَڏيندا!

پنهنجي وڙؤن پاڻَ سان، هيءَ غريب گَڏيندا.

ڏکَ ڀائِي سي سُپرين ٿورياڻيءَ سان ٿِيندا.

درد مند جي دل تي، دانَهه دستَ ڌريندا.

ڏوڙا طالِعَ مون ٿِين، جڏهن ”سچو“ نانوُ سڏيندا.

 

ڪافي 7

يارَ پانڌي، ڙي ميان، مِيَر ساٿِي، ڙي ميان،

ڪيچيڙا، ٻيليڙا، ڪڏهن اسان وٽِ ايندا!

هوندا اسان وٽ يارَ هميشه، ڪِي ڏکَ ڏيئي پوءِ ويندا؟

اِهو اَٿم آسرو، ڇوري تا نه ڇڏيندا.

صاحب پنهنجي ساٿَ سان، هيءَ غَريب گَڏيندا.

پَکا پنهنجا، چئو ڙي ساٿِي، ڪي هِت عَجيب اَڏيندا؟

”سچو“ تو کي سُپرين، پاڻ اچي هَٿُ ڏيندا.

 

ڪافي 8

تون آهين صاحب صورتَ جو، هِي آهه غلام تنهنجو؛

آهي ذوقُ شوقُ سُهڻا، مون کي مُدامُ تنهنجو.

جي آهن اصل اوهان جا، سي نا وسارجو، ميان،

مون تي آهي مُقرر، سائِين سلامُ تنهنجو.

راتو ڏينهان روئڻ ۾، هَنيڙو اُداسُ هُيڙَو،

رهبر آڻي رساڻيو، پِرَيم پيامُ تنهنجو:

دلگير تون متان ٿئين، ڪر دور درد کي، ميان،

اول آخر اسان وٽ، هوندو مَقام تنهنجو.

رد ڪرفنا فِڪر کي، اُميدوار ٿِي رهُهج،

هِت هُت يقين ڄاڻج، آهيان اِمام تنهنجو.

تون آهين اَصل اَساان جو، آهيون اسين ي تنهنجا،

آهي قبول ڪُلِي ”سچو“ ڪلامُ تنهنجو.

 

ڪافي 9

ڏي دلاسو دوست هن کي، اَصل تنهنجو آهه، ميان!

هِت ٿِي گُذاريان ڏينهڙا، سانوَل اوهان جي ساءِ، ميان،

غصو نَڪر غمناڪ سان، نا ته حالَ هِنَ هاءِ هاءِ، ميان.

دلبر اوهان جي در بنا، جانِي نه مُون ٻِي جاءِ، ميان،

جنهن کي نه تنهنجي دوستي، آهي اُنهيءَ واءِ واءِ، ميان.

ڏسِي اسان جو حالڙو، تون پير اسان وٽ پاءِ، ميان،

پاڄِي وٺي هيءَ پانهنجو، لالَن پنهنجي ڳل لاءِ، ميان.

مطلب اهو محبوب ڪر، طالبِ نه هيئَن تَرساءِ، ميان،

آهي دم اسان ديدارَ جو، ڪنهن وارتون ورساءِ، ميان.

راتو ڏينهان هُو تا تنهنجِيون، ڳالهيون ويٺو هِت ڳاءِ، ميان،

نيڻ کَڻُ نالي ڌڻيءَ جي، هِي سگ ”سچو“ سَرچاءِ، ميان.

 

 

 

 

مالڪوس

داستان ٻيو

 

(1)

ڀينَر ڪِيئن ڀِنو، هِي جو نامو نيِهَن جو؟

جيڪس خُمار ڏنو،هُو جو آيس عَجِيبَن ڏنهُن.

 

(2)

پڙهندي پرزو پرينءَ جو، ڀَلو ڪيِئن ڀِنوس؟

جيڪس خُمارڏنوس، هُو جو آيس عجيبن ڏنهُن.

 

(3)

روئِي زارو زارُ، پنو لِکِيُس پريَنءَ ڏي؛

ڏِنس خَطَ خمارُ، اَولِيءَ عبارَت ۾.

 

(4)

آڻي عبارتَ، اَڃا لِکڻ لڳي پِريَنءَ ڏي؛

روئندي ڀَريون رَتَ، اوتڻ ٻَئِي اَکِيون.

(5)

عبارت آڻي، اڃا لکڻ لڳِي پِرينءَ ڏي،

دِيدن درداڻي، اَچي اوتيا اُتَهِين.

 

(6)

نِيهُن مَنجهؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي،

ته به پانڌي پيغامي، وِرِهُ وڌائڻ آئيو.

 

(7)

آيو اوڏاهُون، اَڄ ساٿِي، سلامن سان؛

ماريون ڙي مان هون، اها ويل  نه وسري.

 

(8)

نامو راتِ نيو، قاصد پار قَريب جي؛

پورن مَنجهه پيو، هُت واچِيندڙ ورق جو.

 

(9)

جارؤن لکيم جو، ڪاغذ قريبن ڏي،

حقيقت جا حال جِي، واچِڻ ويٺو ڪو؛

پڙهندي پَنو سو، تنهن کي آنڌيون آئيون.

 

(10)

عريضو آڻي، ڏنو قاصد قَريبَن جو؛

هن ويلي هاڻِي، هيءُ سِر ڪَريان صدقو.

 

(11)

نامو نيندي ئي، قاصد واٽَ ڪِري پيو،

تَنهن ويلي ويندي ئي، ورهَ وڪوڙيو نڪڻيان.

 

(12)

پڙهندي پرزو ئِي، واچِيندڙ وهلور ويو؛

لِڱين لَرزو ئِي، اَچِي پيس اوچتو.

 

(13)

قاصِدُ ايندي ئي، پيو شوڪارن ۾؛

نيپا ڏيندي ئي، ساٿِيءَ ساهُ مَٿي ويو.

 

(14)

نامو سارو نِيهَن، جو پُڻ لِکيو سَڄُڻين؛

رات برابر ڏِينهَن، مون کي گوندر گذري.

 

(15)

ڪا جا ڪتابَت، لِکِجِي آئِي پِرينءَ ڏَنهُن،

”سَچو“ سا ثابت، مون هون واچَڻ نَه ٿِئي.

 

(16)

پَني ۾ پيغامَ، ڪي لِکي مُڪا سَڄڻين،

سي نه سَمجهن عامَ، جي آهن مَنجهه اشارتان.

 

 

(17)

ڪِي جو لِکيائُون، پني مَنجهه پِريت جو،

اُهو پَسِي آئُون، بيخود ٿِيَڙس سَرتيون.

 

(18)

ساٿِي ٿِي سونهون، واچِيندو وَرَق کي،

سو مَنجهه مطالع مون هون، خونِي خط پِرِينءَ جو.

 

(19)

لِکيوُن لَسَ لَڙهان، سجَن سَلامَن جون،

اهو پُرزو پاڻ پَڙهان، ٻُڌائي ٻِين کي.

 

(20)

مُنجهان ڪِيئن لِکِي، ڪِتابت قريبَ ڏي؛

متان ساٿِي واٽَ سِکِي، ٻڌائي ٻِين کي.

 

(21)

مون ڏُنهن اَڄ لِکِي، جانيءَ جدائيءَ مَؤُن،

کَئون ترار تِکي، هُئِي ڪتابَتَ قَريبَ جِي.

 

(22)

لَڙهان لَسَ لِکيون، پِرينءَ پيغامن جون؛

سي رقيب سِکيوون، ٿو ٻڌائي ٻَيِنِ کي!

 

 

(23)

رَت اکين رويو، ٿِي ساٿِيءَ سَنيهڙا ڏئي؛

نَهريون نچويو، جارؤن جَرُ هاري گهڻو.

 

(24)

نَچوئِيندي نُنهَن، ٿِي پاڻي ڪَڍي پڌرو؛

وجهي ساٿِيءَ سُنهَن ته تون ڏيج سِجدو سَڄُڻين.

 

ڪافي 1

ڪوڙي ڪَيئِي ڳالهه پنهنجِي،

ڪالهه ڪانگا جا چَيئي مون کي!

جيڪُس ڪِين ڪِي ڌُر وئين تون،

واٽَ ڏسِي مُوٽيين آهنجِي.

عجيبن جي آڏو وري تو،

ڪَچِي ڪَئِي سا ڪنهن جي!

وري برابر وئُون اوڏانهين،

سائِين ڪندو شال سَهِنجِي.

تنهن کي سوئِي توڙ رساڻِي،

وٺي جو دامَن ڪنهن جِي.

اَصل لاڪُون ”سچوءَ“ سَڀائِي،

طاعت مَڃِي آهي تُنهنجي.

 

 

 

 

ڪافي 2

پِرينءَ هِي پيغامَ، ساري ساٿيا ڏيجو!

ٻانهون ٻڌي يارَ سَڄَڻ کي، ڏيجو سي سَوَ سَلام!

ڪڏهن ڪندؤ وارِ اَسان جي اَچڻ جا اَنجام!

درِ اوهان جي يارَ رَسڻ ريءَ، ٿِئي نه طلب تمام.

شوقَ اَوهان جي شورُ مَچايو، ڪياسين هُل هنگام.

جيهو تيهو آهي اَصل کؤن، ”سچو“ سو گولو غلام.

 

ڪافي 3

آءٌ اصلَ کؤن جو آهيان، گولو غلام تنهنجو!

مون سان وعدو ڪَيَڙئي ويهي، ڪالهه پَکي هنَ پيهِي،

ناهيان ڏور اوهان کَؤن ڏيهِي، ڪن لايان ڪلام تُنهنجو.

تنهن ڏينهن لاڪون اَڄُ تائين، منهنجو ساهُ سِڪي ٿو سائِين،

پيو اوچتو هَنڌائِين، هن دل کي دام تنهنجو.

ڇڏِ سڀ لاڳاپا لاهي، اِهو وڃڻ ته واجب ناهي،

اِهو فرض اسان تي آهي، سجدو سلامُ تنهنجو.

ڏاڍا خوني نيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،

نيڻَن سان مُلڪ ماريئِي، هر جا حُڪام تنهنجو.

ڏاڍا خوني نيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،

نيڻَن سان مُلڪَ ماريئِي، هر جا حُڪام تنهنجو

آئِي سائينءَ ڏهون وراڻِي، ٻيا خيال ويا اُڪاڻِي،

تون ته سرور ني سُڃاڻِي، ”سچو“، آهي امامُ تُنهنجو.

 

 

 

ڪافي 4

اَڄ تا خبران آيون آيون، دوست اَوهان جي ديسئوم!

وري وسائيندو سِگهڙو، جانِي سو پنهنجيون جايون جايون.

ته ڪَرَ ويندين نِڪري، هيئن ڀُلي ڪينَ ڀانيون ڀانيون.

ڏکُ وڏوئِي ڏيلَ منهنجي کي، وئين تون لالن لايُون لايُون.

راتو ڏينهان روحَ پنهنجي سان، ڳالهيون سنديوَ ٿا ڳايون ڳايُون.

اَچڻ اوهان جي جُون، طَرف ”سچوءَ“ جٖي شالَ وري ٿِين وايون وايون.

 

ڪافي 5

منهنجي اڳهين لڳِي، نه ته هاڻٖي لڳِي،

دل، اَلو اَلو، تنهن يار سان!

روز اَزل کؤن اَکيون لايون سٖي دوستَ مٺٖي دلدار سان.

ڪٖيئِي داناءَ ديوانا ڪيائِين، چشمن جي چَمڪارَ سن.

دوستَن جٖي در اَچي پِيسَ، اَصل سَچي اِعتبارسان.

جيڪِي ٿئٖي ٿو جوش وارن سان، سو نه ٿئي هُشيارَ سان.

ناز نياز جي نيهَن وارن کي، تَڪ ڪيو تَلوار سان.

سِرُ ”سچوءَ“ ڪيو صدقي سائِين، عقل ڇَڏي اقرار سان.

 

ڪافي 6

آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو!

ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنهنجو!

هِن کي آوهان جي ٻاجهون آهي نه ماڙ ڪائِي،

هي تا غريب آهي، اميدوار تنهنجو.

”ٿِيءُ پاڻَ کان پَري تون“ فرمائيو اوهان جو،

آهي ڄميل اَصل کؤن هي اعتبار تنهنجو.

هِنَ تي ڪَرم وڏو ڪيو، جو درد دل بڇايُوَ،

ساريان لطف سنڀاريان، نِي بيشمار تنهنجو.

چاهَون ٿِيو اَوهان جو، دامن لڳي جو آهي،

”سچو“ غلام ڄاڻي، جو داغدار تنهنجو.

 

ڪافي 7

لنگهٖي ويون ڪالهه قطارون،

ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏنهُن، ميان!

ڪنديون ويون ڪيچَ ڏي، ميان الا!

طرحين ظرحين تَنوارون.

ويچاريون، ميان الا، ولَرَ ڪيو وڙڪَن،

ڦُٽِي ٿيون سي ڦارون.

ولَرين ڪونجَڙين، ميان الا،

ڪنهن اَندوهَ اُڏاريون.

اُنهن جي اَفسوسَ جون، ميان الا،

پونديون ويون پچارون.

اُٺَنِ ڳانا پٽِ جا، ميان الا،

موتين مَڙهيون مَهارون.

”سچو“ هليو سوز ۾، ميان الا،

لاهِي لوڪَ مَيارون.

 

 

ڪافي 8

ڳلِي ڳَلِي مون ٿي ڳولِي ڳولِي، يارَ سَڄَڻ تنهنجٖي ڪارڻ!

ڇڏي لاڳاپا لوڪَ جا، اسان تا ٻانهپَ ٻَولِي.

ٿيَس ديوانِي دوستَ اوهان لئه، ڪري چيهاڙيون چولِي.

اچِي اَچانڪ اندر اسن جي، حُبَ مچائِي هولِي.

اصل لاڪُون آهي اوهان جِي، هيءَ غريبِ سا گولِي.

 

ڪافي 9

مون وٽ يارَ پيارا، آءُ تُون پاڻُ سُڃاڻِي!

حال مِڙيوئي معلوم توکي،

دنيا سا ڪوڙ ڪهاڻي -  آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

ٿينديَس گولِي، در در ڳولِي،

جانب ڪاڻِ جوڳياڻي - آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

سِڪندي تو لئه سُهڻَلَ سائين،

روئندي سا رات وهاڻِي - آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

”سَچَلُ“ آکي سَهي ڪِيتو سٖي،

پِرتِ جي ناهه پڄاڻِي - آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

 

 

 

مالڪوس

داستان ٽيون

 

(1)

ڪِي جو لِکيائين، سو مُلان وڃِي واچيو؛

هِڪ سِٽَ پڙهيائين، ٻيءَ سٽَ سُڏڪن ۾ پيو.

 

(2)

ڪِي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو؛

پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنهن مطالع نه ڪيو.

 

(3)

کوليو ڏئٖي خطُ، آيس جو عجيب ڏنهُن؛

روئٖي اکين رتُ، ڪري مطالع مَن سان.

 

(4)

پُرزو پَڙهڻ آئيو، اُٿِي مُلان مَسِيت منجهاءُ؛

سُورن سندو ساءُ، آيُس سَڀڪنهن سِٽَ مَون.

(5)

هِڪ سِٽَ پڙهيائين، تنهن ٻِي واچڻ نه ٿئٖي؛

اِئين اُتائِين، ته هيءَ ڄَر ڄيري نه جهليان.

(6)

نامٖي مَون نِروار، ٿِي هيءَ ڄَرَ ڄيري سَندي؛

تنهن پَلڪ پڙهڻ وارَ، ٿيو سَڙي ڪاريو ڪنگرو.

 

(7)

رقعٖي منجهان رازُ، مڙيوئِي معلوم ٿيو؛

تنهين منجهه نيازُ، طرحين طَرح لِکيو.

 

(8)

پهرينءَ سِٽ سَماءُ، ڏنو واچِيندڙ کي؛

اُنهيءَ خطَ منجهاءُ، ڄِيِيون ڄيري ڪڍيون.

 

(9)

ڏوڙو ڏک پيوس، پَنٖي جي پَڙهڻ سان؛

وچئون ساهُ ويوس، هَي هَي ڪندي ڪاڪيون.

 

(10)

جو نا مَن منجهه لِکيو، سا هُئي ڄيري جِي ڄَر؛

منجهَون سڀ شَهر، واچيندڙ ڪو نه لَڀي.

 

 

 

(11)

پَنو ڪيرُ پَڙهي، جو پُڻ مُڪو سڄڻين؛

لکيو منجهه لَڙهٖي، متان ٻُڌندڙ ٻُڏي مَري.

 

(12)

واچيو جنهن ورقُ، جو پُڻ لکيو سَڄَڻين؛

سو ڄَڻ ٿيو غرقُ، دردن جي درياه ۾.

 

(13)

سگهي ڪيرُ پڙهِي، هو جو نامو نيِهَن جو؛

سِرَئون سِر چڙهي، موجَ مٿو تنهن ناهِ ڪو.

 

(14)

وٺِي خطُ هليو، ساٿِيِ سَلامن جو؛

وڃَ ئي منجهه جهليو، ورهَه ڪوڙيو واٽ تي.

 

(15)

وٺِي هليو خطُ، پانڌي پار پرينءَ جي؛

روئي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.

 

(16)

اُلو هُيَڙو عشق جو، سو ساٿيءَ ساڻ نِيو؛

اُهو کامِي پاڻ پيو، جو هو خونِي خط پِرينءَ جو.

 

 

(17)

هُن ڀانيو نامو، پر شعلو هُئَڙو شوقَ جو؛

جِندُ سارو جامو، تنهن جو سڀ سڙي پيو.

 

(18)

پِريَن ڏانهه نيو، تنهن ڪو خط خَبَر جو؛

پڙهندي ڏسُ هِنيو، تنهن ڦڙڪندي ڦاٽِي پيو.

 

(19)

ڪو نامو نَيهن نِئٖين، پِريان سندي پارَ ڏي؛

هَلٖي ساڻ هِئين، مانَ اُنهن کي ارمان ٿِئي!

 

(20)

رهبر روانو ٿيو، پريان جي پارَ ڏي؛

شلَ پهچي پَروانو، سلامت کي سَڄڻين!

 

ڪافي 1

اوري ڪانگَل آءُ، کِيئَن جِي خَبَر ڏي ڪاءُ!

پريان سَندي پارَ جو، لَهِي اَچُ سَماءُ.

ڳالهين تنهُجِن مَون سَريَر کي، اچي منهنجي ساءُ.

مُنهنجو ٿئٖي هِت ڪينڪِي، ٻاجهون هوتَ هَلاءُ.

سُوَرن ڪارڻ سُڻ ڙي ساٿِي، جٖيڪُس ڄَڻيم ماءُ.

”سچو“ دوستَن جٖي دَرَ جو، اَصلَون آهه غريب گَداءُ.

 

 

ڪافي 2

اَڄ سَڄَڻ پاڻ اِيندئِي،

جَن لَئٖي نِهاريَئٖي ٿٖي واٽان!

مَتان لاهين آسرو، حال ڀائِي اچِي ٿينِدَئي.

عجيبن جي اچڻ جون، ماڻهو مُبارڪون ڏيندَئِي.

پَکا پَکن سامُهان، آڻي دوست اَڏيندَئِي.

مَتان ماندي تون ٿَئيٖن، گوشٖي پاڻَ گڏيندَ ئِي.

تو کي ڄاڻِي پانهنجو، ”سَچو“ يارُ سَڏيندئِي.

 

ڪافي 3

پانڌِي پيغامَ پُهچاءِ، مُنهنجا محبن کي، ميان!

اَکَڙين کي اصل ايڏهين جو، وڏو اوسِيڙو آهِه.

ڏاها وڃجِ ڏٖيه اُنهِيءَ ڏي، جاتٖي جانِبَ جاءِ.

اَدا ڙي ساٿِي پارَون اسان جي، پاندُ ڳچيءَ ۾ پاءِ.

راتو ڏينهان آهي ڏهاڙيون، هِنيڙَي کي هاءِ هاءِ.

دوستَن سَندي دَر جو، اَصلَون ”سچو“ سگ سَڏاءِ

 

ڪافي 4

منهنجا واقفَ يارَ، سدائِين تون جِيئندين!

راتو ڏِينهان روح منهنجي کي، تنهنجِي سارَ سَنڀارَ.

تُحفو هِن کي آهي اهو ئِي، تنهن جي پيرن جِي پٖيزار.

اَچَڻَ اوهان جٖي جِي ويٺا ويجهَايون، فقِيرن کَون ڦار.

ڳالهيون سَنديُوَ ساريو، ”سَچوءَ“ کي اچي ٿِي اُڇنگار.

 

 

ڪافي 5

ياد مون کي اُهي آيون، وو،

يارَ ڪَيئِي گُجهِيون جي ڳالَهڙيُون!

اوهان جي ڀِي، وو، اَچَڻ جون، ٿيون وقري هِت وايون.

درد منديءَ جي، وو، دِل کي، وِرهَ وڃي ڪِي لايُون.

نانوَ سائِينءَ جي سُهڻا سائين، چِتُ نَه وَڃُ مُون تان چايُون.

آءُ تا ڏِينهَڙا گَڏ گذاريون، هِت ويٺا وِرهُ وَسايُون.

ڏوهَن ”سچوءَ“ جن ڏي نه ڏسو، هِت ٿا سَندوَ سَڏايون.

 

ڪافي 6

پور پرينءَ جي هَي ماريان،

عِشقَ سَڄَڻ جي چاڙهيان!

دوست بنا درماندي، دَمُ هِتي ڪِيئَن گهاريان.

سِرُ سَڄَڻَ تَون صدقي، واريو آءٌ واريان.

ڳالهيون ڳُجهَه اقندرَ جون، آءٌ پِرين سان پاڙيان.

سِگهو موٽِيج سپرين، ڏهاڙيُون ويٺِي نِهاريان.

محڪم محبت وِڌيُون، جاڙيءَ مَٿي جاريان.

هو جي ڪَيَم پاڻ سان، ڳالهين اُنهِن ڳاريان.

مَجلِس محبوبَن جِي، ساعت ساعت ساريان.

”سچيڏنا“ ساهڙَ ريءَ، ڏَمَ مِڙيئِي ڏاريان.

 

ڪافي 7

ٻن جيَڻ مُنهنجو جيڏيون، سُکَ ڪٖيها سَڄَڻ رٖي!

وڏيَس سَرتيون، آءُ پِريَن کانءُ پَري.

ڏُک چَگيرا دوستَ جا، جي قادر ڪَرم ڪَري.

سو ئِي عاشق ڪوٺجي، جو محبت مَنجهِه مَري.

ڪاڪيون مون ڪوٺجي، جو محبت مقنجهَه مَري.

جيڪا اَديون عشقَ جي، آئِي هيٺ آري.

تَنهين جان جُثو قربان ڪَيو، زُودَون مَجهه ذري.

”سچو“ سوز اُنهن جي، ڳاري منجهه ڳَري.

 

ڪافي 8

هُوت ڪڏهن هِت اِيندو؟

ڪَهُه ڪانگا ڪَل ڏي ڪا!

چئه ڪِي ويهَندو هتهين، ڪِي ساڻ نماڻِي نيندو؟

هيڪندِ اَچِي هوتُ مُون، هِن ٿَڪيءَ سن ٿيندو.

پاڻُ پنهنجو سُپرين، ساڻ غَريبِ گَڏيندو.

پَکا پاڄاڻين کي، اوڏا يارُ اَڏيندو.

هوتُ پنهنجا هَٿڙا، هَن ڏکيءَ کي ڏيندو.

سَنگَتِ پنهنجيءَ سُپرين، ”سچوءَ“ کي به سَڏيندو.

 

ڪافي 9

زار روئِي ڪَيم زاري،

دوستَ ڙي توريءَ تا نه سَري!

محبت تنهنجي، وو، ڪِيَس مستانِي، بارُ بِره جو باري،

دوستَ ڙي چَوي لوڪ چَري.

هِن بنديءَ کي، وو، بخش بلوچا سائين، هوت اَچِي هڪ واري،

دوست ڙي سَندءِ ذوقَ ذري.

مٖيلائي لَڳي، وو، محب اَوهان جي، واجهه وجهي ويچاري،

دوست ڙي وڃان تا مَ مَري.

آهي مِڙيوئِي، وو، توکي معلوم سائين، حال حقيقت ساري،

دوستَ ڙي وڃُ مَ يارَ وري.

جيڪِي آهين، وو، سو تا تون هين سائين، حڪم سندءِ آهي جاري،

دوسَت ڙي پِيَڙم خبَر کَري.

”سچو“ آهي، وو، اَوهان جو سائين، ڏجو تنهن دلداري.

دوست ڙي وڃَن ڳَچَ ڳَري.

 

 

مالڪوس

داستان چوٿون

 

(1)

ڪاغَذ لکي ڪالَ، مُڪم جو محبوبَ ڏي؛

ڳالهيون سنديون حالَ، ٿينديون پڙهڻ مان پڌريون.

 

(2)

آيو راتِ رقَمُ، مون ڏي محبوبن جو،

ته دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نه وسارئين.

 

(3)

لکيو موٽي مُون، ڪاغذ قريبن ڏي،

اَٿَم تون هِي تون، ٻئي جو ناهم آسرو.

 

(4)

حَبِيبن ڏانهُن هِيئَن، اَديون لِکجي آئيِو،

ته تون مون سان جيئَن، آءٌ تيئن تو سان آهيان.

(5)

نَئون لِکيو آيوم، پريان سندي پار ڏنهن؛

سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال هيانوَ سان.

 

(6)

جيڪر لِکي موڪليان، هَي خط هزارين؛

پڙهي مانَ منهنجا پِرين، هِي سگ سنڀارين؛

شَل وار نه وسارين، اِهو اَٿَم آسرو!

 

(7)

لکي خط مُنجهان، هِي پِريان سندي پار ڏي،

ته منهنجون لکَ هُجان، توسان آهن تو جيئن.

 

(8)

پانڌي پَهچائي، ورُ عَريضو عجيبَ ڏي؛

قاصِد ڪونچائي، متان سورَ وجهين ساهَ کي.

 

(9)

چئَو ڪِيم تَکو، مون کي پارؤن پرينءَ جي؛

سرتيون سڀ سِکو، جيڪر لائڻ لُنءَ ڙي.

 

(10)

ليلائيندو آئيو، پانڌي اَڄُ پَراءِ؛

ورتس دردَ ڌُراءِ، جو مَت وڃائي آئِيو.

 

(11)

اَڳيَئون مُحب مَٺِي، متان ڪا منهنجِي ڪَرين؛

وهندو ورُ وٺي، ساٿِي خبر کِيئن جِي.

 

(12)

وڃِي ڏيهه ڏٺو، ڪِي تو سندو سڄڻين!

چڱيءَ طرح چِٺو، پانڌي ڏنُئِي پِرينءَ کي؟

 

(13)

سوزَ ڀري سِٽ جا هُئِي، سا ساٿِي ڪين سِکيو؛

ته متان ڏئٖي لَهَس لِکيو، جو پڻ مُڪو سڄڻين.

 

(14)

سندو رازَ رقعو، آيو جو عجيبَ ڏنهُن؛

سا سِٽَ پڙهندي سَرتيون، ڳالهائڻ چُڪو؛

عاشقَ جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تِير تُڪو؛

مون ڏي مُحب مُڪو، ڄڻ ساٿِي سلامَن جو.

 

(15)

حَبيبَن هيڪارَ، آئٖين وري موٽئٖين؛

پاٻِيهَلَ ٻيهارَ، اَچي ويهه اَکين تي.

 

(16)

وري ڪانگ وريو، پريان سندي پارَ ڏنهن؛

لامٖين لڳِي لُونءَ جو، تنهن ڏاڍو سُر ڀريو؛

ڪاڪيون ڪنِ ڪريو، جو ٿو ڏئٖي سنهيو سَڄَڻان.

 

(17)

سنٖيها سري، منهنجا چَوي محبوبَ کي:

پرين تُنهنجي پارَ جِي مدت مون ماري؛

مُنج ڏهاڙي مون مڻَين، اهو ڏاهو ڏياري؛

مَرُ سِگهَڙو سَنڀاري، ڏئي سِڪ سَنِيهڙا.

 

(18)

سنيهو سان سُورَ، چَوي ٿو چهنبَ سان؛

پَون پاڙيچن پُور، ٻولِي ٻُڌي تَنهن جِي.

 

ڪافي 1

آءُ ڪانگا ڪا پِرين جي ڳالهه ڪَر،

وعدو ڪَيُئِي ڪالهَه سو پَر حال ڪر!

ڪِيئَن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،

خوش ڏٺو هو ئي يار ڪهڙي ويس ۾؟

سا خَبر مون سان وري في يلحال ڪر.

ڪِي پُڇيائون خَبر منهنجي حالَ جِي،

ڪٖي ڪَيَئي آگاه هِن احوالَ جِي،

سو مون سان ڏاها اِهو اَحوال ڪَر.

هِت فراقَ آهي ماريو، مان ٻيو ڇا چَوان،

سور منهنجي سهَ کي نِت نِت نوان،

ڪِي اُڏاڻو هُئين پِرينءَ جي پارَ ڏي،

ڪِي نياپا هِي نِيا هُئٖي يار ڏي؟

ڪا مَدد مُنهنجِي ادا الحال ڪَر.

دوستن جي منجهه حضور حاضر ٿئين،

زاغ زاريءَ مَون نياپا هي نِئٖين،

لڳه سائينءَ سارو، ”سچو“ جو سوال ڪَر.

 

ڪافي 2

اي پِرين تُون پاڙ پنهنجا، قولَ جٖي تو ڪالهه ڪيا!

مَنجهه جدائِيءَ تانهنجٖي، هِت اَسان هِي حال ڪيا.

مون تا مِلڻَ لئه تانهنجي، ڪوڙين ڪهڙا ئٖي خيال ڪيا.

حالَ مُنهنجي کي ڏسي، ڪيئَن ڀلا تو ڀالَ ڪيا.

سڏَ ”سچوءَ“ سِڪ سوزَ مون، جانِي اوهان کي جالَ ڪيا.

 

ڪافي 3

مُنهنجو هاڻي مون وٽ اِيندو، هاريون واقف حالَ جو!

ڪِين ڇڏيندو ڏَپَرين، نال نماڻِي نيندو.

شالَ مقام مُئِيءَ جو، ٿَر وڃِي نِي ٿيندو.

درسن سندو دائما، ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏيندو.

”سچوءَ“ پار پرينءَ جي، ورهَ وارو ڪو ويندو.

 

ڪافي 4

هِن غريب جو حالُ، توکي معَلوم آهي!

صدقي ڪنديَس سِر سائِن تَون، ٻيو سڀ مِلڪ ۽ مالُ.

دوستَ اَوهان ريءَ ديس ۾، جيَڻ آهي جنجالُ.

چَئِي ٻُڌايان ڪيترو، آرياڻِي اَحوالُ.

مَڃ ”سَچوءَ“ جو سُپرين، سائينءَ لڳه سوال.

ڪافي 5

پَرديسي گَڏيا دوستَ، لَٿو هِجر هلاڪِي،

آيا اڱڻ مُنهنجي، جن ڪيو هو فراقِي.

جَن ڪاڻِ سِڪيَس سالَ، ويٺي واٽڙين تٖي،

مُون ساڻ اَچِي پاڻ، ٿِيا محب ملاقِي.

پَرديس لَڳه مُون ٿٖي، پانڌي روز پُڇايا،

مون کي ڪان پَئيخَبَر، اَچِي سي ٿيم اوطاقِي.

پيغَام پَهريئون پانڌن هَٿ پاڻ مُڪائون ٿي،

هاڻي هِڪُ ٿيا مون سان، جي يارَ هئا باڪِي.

آهي سَگ ”سچو“ دوست جي در جو اَصلَ کَون،

تنهن ڏيَڻ ڏوراپو، ناهي مَستُ ميثاقِي.

 

ڪافي 6

تون تا وسين مُنهنجي مَن، ميان تو کي چَئِي ٻَڌايان ڇا!

هوتَ سنديَوَ آءٌ حاضري، بيون سي ڏنَڙم ٻَن.

مقصد منهنجو تون ٿِئين، ٻيا ڪعَبي نيتَ ڪَن.

آءٌ گهڻو گهوري تَن جِي، ڪيوسِرُ صدقي جَن.

عرضَ اِلاهُون عاجزن، ڪوهُ نه ڪرين ڪَن.

اَکيُن عامُ نه اَؤڙي، توکي جانِي ڏٺو جَن.

آهي ”سچوءَ“ کي سدا ، طَلَب توهان جِي تَن.

 

ڪافي 7

يارَ اسان کي ٿيون م،ارين، تنهنجيون اَلغرضايون!

دانهُن تي، سائين هِي ڪميڻيون ڪارين.

باهيوُن تنهنجي بِرهَ جيون، ٻارڻُ دِل ۾ ٻارين.

کِيئَن جون ڏنئون خَبران: ”سچو“ تو هُتِ سارين.

 

ڪافي 8

جڏهن پِريَن پاتيم جهاتِي، تَڏهن حاجَت ناهي حج جي!

اَچڻ ساڻُ اُنهن جي يارو، عشِقَ ڪئِي اثباتِي.

سڀ ڪُجهه ٿيڙم حالَونمحرم، وسريَم ذڪر ذاتِي.

چوريءَ چوريءَ يار سَڄَڻ سان، ڏس ”سچو“ دل ڦاٿِي.

 

ڪافي 9

دوست تُنهنجي در جي، هيءَ ڳالهه آءٌ ڪنهن سان ڪريان!

ڇڏ پِرين پَر ڏيهُه تون، ميان ڏکَ اَوهان ٻاجهون ڏريان.

دوستَ رهه هِن ديس ۾، ميان، سُر منجهُون سُورن ڀَريان.

لَڪ سَڀَئي ويٺٖي لنگهيَس، ميان، پَوريم اوريان پَريان.

ساڻ چرخي چتَ جي، ميان، ورهَ جا ڌاڳا وريان.

سِرُ ”سَچو“ چَوي پانهنجو، ميان، دوست تو آڏو ڌريان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org