ڪافي 23
ٿل گڏ ڪا گهڙي گهار... وڻجارا... وڃ نه
ولهيءَ کي وَرَ تون وساري
1- منهنجو تون ئي مٺا، ڄاڻي خالق خدا،
مهر ڪرمُيءُ تي، جانب ٿي نه جدا
ٻيڙا وجهـ مَ ٻار... وڻجارا... وڃ نه
خدارا منٺار ماري
2- جيئري جدا تون ڪري، پيارل وڃ نه پري،
منهنجي سوا تو سڄڻ، ساعت ڪيئن سري
وارث وَرَمَ وِسار... وڻجارا... تنهن جي
پيارا پيس پناري
3- دلبر ديس ڇڏي، لالڻ وڃ نه لڏي، ڌارين
ڌار ڪري، ڇولي هيئن ڇڏي
پيارا پرينءَ پار... وڻجارا... وڃ نه
خدارا ڳڻتين ۾ ڳاري
4- تنهن جي ته پيارا پرين، آخر ڌار سري،
آءٌ جدا ٿي مٺا، وينديس مفت مري
هَي هَي هيئن نه وسار... وڻجارا... درد
مندي جي دلڙي ڌتاري
5- آهي امين سدا، جهوري جيءَ اندر، لاهين
متان مٺڙا، مون تان مهر نظر
جڏڙو جيءُ جيار... وڻجارا... تنهن جي تڳان
ٿي، سهڻل سهاري
10 جنوري 1959
8 بجي رات وڏو بنگلو هالا
ڪافي 24
گلڙن لاتي آ گلزاري،
لوڪ سڄي ۾ ٿي وئي بهاري.
محب مٺا اڄ تنهنجي جدائي،
حال ڪيو ٿم هيڻو هيڪاري.
من اچي محبوب اڱڻ تي،
منهنجي دل کي ڏي دلداري.
منهنجي وفا ۽ تنهنجي جفا ۾،
يار عجب آ آزي نيزاري.
روز رئان ٿو يار سڄڻ لءِ،
آهي جو ٿي ويو مون کان آري.
سور امين! سڀ سر سهسائي،
يار سان پختي لاتم ياري.
25، آڪٽوبر 1957ع 11.00 کان 11.5 رات هالا
ڪافي 25
1- ما هرو منٺار سان
دلبر دلدار سان
سونهن جي سردار سان
اڄ جدائي ٿي پئي
2- دل به نيئن پاڻ سان
منهن جي مٺڙي يار کان
هاڻي ڀلا ڇا ڪريان
بي ريائي ٿي پئي
3-واهه زمانه کڻي،
نيٺ ئي توکان گهڻي،
دور ڪيئي دم هڻي
اڄ برائي ٿي پئي.
4-
ڪنهن کي چئي ڪنهن کي چوان
منهنجي ئي اڄ ڀاڳ کان
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان
بيوفائي ٿي پئي،
5-ڪا
خبر جنهن جي نه هئي
اُن وڇوڙي ساڻ ئي
سڌ
نه ڪا مون کي رهي،
آشـــنـــائـــــــي ٿــــــي پــــئــــي
6- آهي امين ڪو نڪو
پنهنجي دشمن آ ڏسو!
ڪــيـــر ڪــنـــدو فـــيـــصـــلـــو،
خــــود خـــدائـــي ٿـــي پــئـــي.
28 آگسٽ 1956 هالا
ڪافي 26
ٿل مٺڙا........... او...............
1-
سمجهي ويس تون ويندين وساري،
هجر فراق جو ڏيهه ڏيکاري،
2- ساري زماني آهي ستايو،
توبه نه مون سان توڙ نڀايو،
3- نيٺ نه آئين، ويٺين وساري،
موٽ وطن تي واڳڙيون واري،
4- ڏاڍو سڄڻ ٿو توکي ساريان،
راهون تنهن جون روز نهاريان،
5- توکي ”فهيم“ وساري وساري،
قول پيارل پنهنجا پاري،
جا مون تو سان گهاري
ڪيئن وسري گهڙي سا پياري.
چار گهڙيون گڏ يار گذاري
ماري ڇڏيندين نيٺ ماري.
ترس ڪنهين کي ڪو نه ڪو آيو
دلڙي ڪنهن نه ڌتاري.
ساهه ٿو سهــڻــل توکي ســــاري
تــــــــوڙ نــڀــائـــج يـــاري.
هجر ۾ هردم هنجهڙيون هاريان
ڳــڻـتــيــــن دلــــــــــڙي
ڳــــــــاري.
ڪيترو آخــــر يــــار وســـاري
ڏي ڪـــا اچـــي دلــــداري.
25 اپريل 1959
ڪافي 27
روپ ڪلياڻ (ايمن)
ٿل – مڙئي اٿئي اختيار مشتاقن کي ماري
سگهين ٿو.
1- تو ڏي نه هڪڙو، پاڪ پيارا! مون ڏي حرفَ
هزار،
در پنهنجي تان ڌڪاري سگهين ٿو
2- سڀ ڪجهه سهڻا پاڻ کان سمجهيم توتي ناهه
ميار،
ورهه واري کي وساري سگهين ٿو.
3- يار سڄڻ سڀ تنهن جي وس آ گل ڏِئين توڙي
خار،
پرت جو پيالو پياري سگهين ٿو.
4- مالڪ منهن جا محب موچارا سهڻا لهجان
سار،
تار منجهان تون تاري سگهين ٿو.
5- تنهنجو ”امين“ آ يار مدامي محب مٺا
منٺار،
قول پيارا پاري سگهين ٿو.
27 جون 1957
3 بجي رات هالا
ڪافي 28
(ڪلاوتي ڪلواڙو)
ٿل محب مٺا، مهه لقا، تنهنجي ياد ستائي
ويئي ڪا لَنئو اهڙي لائي دلربا!
1- پهرين نظر سان پنهنجو بنائي
محبت جو مچ وئين تون مچائي
2- دلڙي کسي تو، ڳائي وڄائي
پنهنجو بنايئي، حڪم هلائي
3- پيارا پنهنجو پاڻ ڀلائي
محب مٺا ڏس، منهنجو سڏائي
4- تو لئي فهيم ويٺو واجهائي
پيارا پرين اڄ واڳ ورائي
12 جنوري 1960
”ننڍي کاڻي“ نارو
ڪافي 29
منهنجا دلبر مٺا، رهه نه مونکان جدا
مون ته تنهنجي ڪري سر تي صدما سٺا
منهنجا دلبر مٺا!
1-
دل ٿي تو لاءِ دلبر اداسي رهي، مي محبت
پيڻ لءِ پيا سي رهي،
آ ڀلارا ڀري ڪي قدم مهه لقا،
منهنجا دلبر مٺا!
2-
روز شب تنهنجون راهون تڪيندو وتان صرف ان
آس تي ته موٽين متان،
شل وطن تي وري ورائي خالق
خدا، منهنجا دلبر مٺا!
3-
نيٺ ڪنهن ڏينهن پوري ڪندين آرزو، محب
ملندين ۽ ٿيندي خوشي سوبسو،
۽ نه کلندو هي ساحل ۽ نڪي نا خدا، منهنجا
دلبر مٺا!
4- اي ”امين“ آهه آخر ڪندي ڪو اثر،
جو اڱڻ ايندو منهنجي هلي حسن ور،
مان ڪريان جنهن تان سر ساهه صدقي
سدا، منهنجا دلبر مٺا!
10، جولائي 1957ع 00-10 رات فقير آباد
ڪافي 30
منهنجي ته دل جو آهين دلدار سهڻا سائين.
جلدي ڪراءِ پنهنجو ديدار سهڻا سائين.
هر دم روئان هيڪاندو هڪ ويل ناهيان واندو
تولاءِ مران ٿو ماندو منٺار سهڻا سائين.
ڪفني ڳچي ۾ پايان در در صدا لڳايان
تنهنجو فقط سڏايان پينار سهڻا سائين.
راهِ وفا تان ويندڙ اي يار دل لٽيندڙ
مل تون ڇني ڇڏيندڙ هڪوار سهڻا سائين.
مون کان نه پل پري ٿي دل درد ۾ ڳري ٿي،
ساعت نه ڪا سري ٿي تو ڌار سهڻا سائين.
ديدار لاءِ دلبر آهيان اداس هر هر
منهنڙو ته پنهنجو هيڪر ڏيکار سهڻا سائين
هر دم هڻان صدائون ڪر بخش سڀ خطائون،
آهيان ”امين“ آئون نيڪار سهڻا سائين
19، نومبر 1953 هالا
ڪافي 31
ٿل
”موٽ مسافر اکڙيون اڃايون“
اچ ته وري دل، دل سان ملايون
1- جاني جياپو جيءَ جو آهين
دور تون منهنجي دل کان ناهين،
وري به وڇوٽيون وچ جون وڃايون.
2- جي لائق آئون ناهيان نسورو
پر نه سڄڻ ڪر نينهن ۾ ندورو،
هڪ ٻئي کي ويهي سور سڻايون
3- ڪاهيان ڪنهن ڏي، ڪنهنجو ٿيندس
توکان سوا ٻيو ڪنهن ڏي ويندس،
درد جون آهن گهڙيون آيون.
4- ڇا کان مونکي ٿو ڌڪارين
منهنجا مٺا پيو دور گذارين،
قرب ۾ ڏسبيون ڪين ڪچايون.
5- هاڻ ڪجي ڇا ڪهڙو گس آ
توکي آڻيان منهنجو نه وس آ،
تنهنجي ”امين“ ڪل واٽون وڃايون،
موٽ مسافر اکڙيون اڃايون.
1، جولاءِ 1955 هالا
ڪافي 32
ٿل
نهاريان ٿو هر وقت تنهنجي گسن ۾،
ڪڏهن ايندين سهڻا تون صحنِ چمن ۾
1- هي
الفت جو دستور ڊاهين يا ٺاهين،
ڪري ٿو سگهين يار جيڪي به چاهين،
آ مارڻ جيارڻ به تنهنجي هٿن ۾.
2-
جڏهن داغ فرقت جو دل تي هڻين وئين،
بهاري به ڄڻ پاڻ سان ٿي کڻي وئين،
”اڳوڻو مزو ناهي گلشن گلن ۾“.
3- مان دردِ جدائي کان دانهون ڪريان ٿو،
۽ تنهنجي اچڻ جون ئي راهون ڏسان ٿو،
مٺا مل اچي مونسان هالن نون ۾.
4- صد افسوس ٿو پنهنجا واعدا وسارين،
اچڻ جا اڃا پڻ نٿو قول پارين،
اٿئي ياد! تو ڇا لکيو هو خطن ۾.
5- سڄڻ تون ته مونکي وساري سهگين ٿو،
جدا پڻ خوشي ساڻ گهاري سگهين ٿو،
”امين“ تو سواءِ ڪيئن گذاري غمن ۾.
22، ڊسمبر 1954ع هالا
ڪافي 33
ٿــل: ويئي وهامي رات،
ڄڻڪ بني سڪرات
1- تـوريءَ جــانـــي ســاري خـــدائــــي
تــون بــه وئــيــن پــر ڀــات
2- ياد ڪري ڪي تنهن جا اشارا
اهـــــڙي پــئـــي بـــرســات
3- رات رنگين ۽ مست نظارا
تــــون به وئــيـــن پــرڀـــات
4- شمس و قمر ۾ شام و سحر ۾
تـنـهـنــجــي رهـــي آ تـــات
ڪنهن
به ”فهيم“ نه توڙ نڀائي
ڏيــئــي فــقــط فــڪـــرات
ســــتــــــــارا گـــم ٿــــي
ويـــا
ســهــــارا گـــــم ٿـــــي
ويــــــا
منهن جي نظر ۾ آهي اجائي
نـــظـــــارا گـــــم ٿـــــي
ويــــــا
منهن جي اکين ۾ يار پيارا
ڪـنــــــارا گـــــم ٿـــــي ويــــــا
تنهن جي هئڻ سان سڀ هئا پيارا
نــــظـــــارا گـــــم ٿـــــي
ويــــــا
توکي ڏسان ٿو شاخ و شجر ۾
اڌارا گــــــــــــم ٿـــــــــي
ويـــــــا
واهه جي ڪيائون وعدي وفائي
نــــظـــــارا گـــــم ٿـــــي
ويــــــا
28 مارچ 1959 11.45 بجي شب وڏو بنگلو هالا
ڪافي 34
هنئي دل جي بازي اٿم بيوفا سان،
ڪئي دل جي نيازي اٿم بيوفا سان.
1-
جدا ٿو رهين مون کان منهنجا جا مٺا ڇو،
وفادار دلبر ٿئين بيوفا ڇو.
اها روز آزي اٿم بيوفا سان.
2-
هو هر دم وڙهي ٿو، مان خاموش آهيان،
فقط انجي الفت ۾ مدهوش آهيان.
رکي صلح سازي اٿم بيوفا سان.
3-
سڄڻ تان مان هر دم فدا ڇو نه ٿيندس،
سندس
در تان منهڙو مٽي ڪو نه ويندس.
عجب عشق بازي اٿم بيوفا سان.
4-
سڄڻ ساڻ منهنجي سچي دِل لڳي آ،
اهو عشق ۾ منهنجي لءِ غزنوي آ
”امين“ دل ايازي اٿم بيوفا سان.
17 فيبروري 1954ع هالا