محبت جي عوض ڪنهن وٽ محبّت ڪا نه ٿي ڏسجي،
عجب آهي زماني ۾ عدالت ڪا نه ٿي ڏسجي.
ڏسڻ ۾ مڙس ٺاهوڪا، مگر سڀ قرب ۾ ڪوڙا،
الا جي ڇو انهن ۾ ڪا به الفت ڪا نه ٿي ڏسجي.
صبا جي هنج ۾ جيڪي نوان گل ناز سان نپنا،
خزان جي خوف، تن ۾ نيازِ نوڙت ڪانه ٿي ڏسجي.
نڪو احساس آهي ڪنهن جي الفت جو هتي ڪنهن کي،
”زماني ۾ سچائي ۽ صداقت ڪا نه ٿي ڏسجي.“
ارادو ڪر، يقين محڪم رکي چؤ ”ٿي“ ته ٿي پوندو،
مگر تو ۾ اڃا اهڙي لياقت ڪا نه ٿي ڏسجي.
وئي آسرد ٿي محفل رهاڻيون رس ويا نڪري،
محبت جو متل مچ آ، حرارت ڪانه ٿي ڏسجي.
هو پنهنجي عاشقن وٽ پڻ وڃڻ کي عيب ٿا سمجهن،
حسينن ۾ نزاڪت سان سخاوت ڪانه ٿي ڏسجي.
وفا جي آسري هن وٽ رکين ٿو دل امانت پر،
صفا ثابت امينن وٽ امانت ڪانه ٿي ڏسجي.
14، ڊسمبر 1954ع هالا
محّبت سندم مہ جبينن کان پڇجو،
هلت ۽ چلت جو قريبن کان پڇجو.
سڄي عمر جن ساڻ مون گڏ گذاري،
طبيعت سندم تن حبيبن کان پڇجو.
رهاڻيون مون جن سان ڪيون رات ڏينهان،
شرافت سندم تن عزيزن کان پڇجو.
ڪيم قرب جن ساڻ هن وقت تائين،
حقيقت اها تِن حسينن کان پڇجو.
شب و روز ڪهڙي طرح ٿا گذران،
اهي درد دکڙا غريبن کان پڇجو.
دوائون اوهان جون ٿيون بي اثر ڇو،
حڪيمن کان پڇجو طبيبن کان پڇجو.
جفائن جي بدلي وفائون ڪيم ڇو؟
اِهو عشق جي ڪِن امينن کان پڇجو.
29، سيپٽمبر 1953ع
محّبّت سندءِ تي وڏائي اٿم،
اها ڳالهه توکي ٻڌائي اٿم.
جڏهن تو سان دلڙي لڳائي اٿم،
ٻي سنگت سموري ڦٽائي اٿم.
زماني ۾ ناهي وفادار ڪو،
اِها ڳالهه پڻ آزمائي اٿم.
ڇڏي ڪوڙ، ڪلفت سندو هي جهان،
محبّت جي دنيا وَسائي اٿم.
رقيبن کي هر دم ڪريان ٿو دعا،
ڪئي واه جي، بي ريائي اٿم.
وجهي پير الفت جي دنيا اندر،
ڏٺي بس رڳو بيوفائي اٿم.
اچي عشق جي پاڪ محفل اندر،
ڪئي ڪانه ڪڏهين ڪچائي اٿم.
امين! اهڙي نيبهه محبت ٿيم،
”سڄي رات روئي وهائي اٿم“
16، سيپٽمبر 1953ع
محبّت کي دل ۾ وسائن نه آيو،
رُٺل مــه لقا کي مڃائڻ نه آيو.
مان درتي ويس انجي ديدار لءِ پر،
خدا کي انهي سان ملائڻ نه آيو.
ڪشش دل جي هئي جو هو مون وٽ اچي ويو
مگر سنگدل کي کلائڻ نه آيو.
وفا بعد جيڪو ڪري ٿو جفائون،
انهي کي ته ناتو نڀائڻ نه آيو.
فقط هجر ۾ دلربا مون کي ڇڏيو،
اڃا مهربان کي ستائڻ نه آيو؟
”امين“ شوق ان کي ستائڻ جو آهي،
پر ان کي اڃا ئي ستائڻ نه آيو.
22، جولائي 1954ع هالاٿم.
پڇجو.،ڏسجي.،ـجي.رتو.
محبوب بنا هي روشن راتيون، چنڊ تارا ڪين کپن،
جي پيار ڏئي پو ڌار ڪندا، سي سهڻا سهارا ڪين
کپن.
وڃ تون به ته گس پنهنجي سان قمر مون ساڻ ڀلا
تنهنجو ڇا هي؟
تنهنجي ته ضرورت ڪانهي ڪا، هي تنهنجا نظارا
ڪين کپن.
مان پنهنجي ۾ ئي پورو اهيان ڇو چورين ٿي تون
بادِ صبا.
ڇو ساهه سڌارڻ ٿي چاهين تنهنجا ته سڌارا ڪين
کپن.
ڀل طوفان ۽ گرداب ۾ اڄ مون کي به هلي ڇڏ پاڻ
سٺو،
هي ظلم، ستم ۽ سورن سان ڀرپور ڪنارا ڪين کپن.
پو ڇاهي ڀلا جي مان به هليس تون شاد هجين آباد
هجين،
شل روح کي هردم ياد هجين ٻيو قبر و منارا ڪين
کپن.
ڏس رنگ جهان جا ڪيئن بدليا الله جو نالو ياد
نه آه،
هي دنيا فانيءَ جا مون کي رنگين نظارا ڪين
کپن.
بيڪار زماني وارا سهارا مهروفا يا لطف و ڪرم،
بس ڪين کپن ڇڏ ڪين کپن، ڇڏ مون کي خدارا ڪين
کپن.
اڄ تون ئي ”امين“ اچ منهنجي اڱڻ ڪر روشن روح
اچي رهبر،
ير تون ئي ڌتاريندي دلڙي ٻيا دل جا دلارا ڪين
کپن.
17، مئي 1956ع هالا
محبوب گهڻئي ڏنو درد والم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه
وسري ويو،
ڪيئن
گذريو زمانئه رنج و غم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو.
هي ڪانهي خبر اڄ تائين گهڻا مون ڳوڙها ڳلن تان
ڳاڙيا اهن،
ڪنهن وقت
کان آهن اکيون نم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.
اڳ سارو فسانو ياد هئو ڏک درد ستم جو هن دل
کي،
پرهاڻ ته بعد از وصلِ صنم، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه
وسري ويو.
هڪ مدّت کان دل ماندي هئي اڄ نيٺ وصال جو واءُ
وريو،
ڪيو جرح
فراق جو ڪنهن مرهم! ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو.
اي راههَ زنو ڇڏيو منهنجي پچر مان خود ئي
پريشان جال آهيان،
جو راههِ
وصال جو پيچ و خم، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو.
هر روز قسم شڪني ٿي ٿئي ۽ روز ٿي مي کان توبه
ڪجي،
گهڻا ڀيرا
ڀڳو مون پنهنجو قسم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو.
اڄ نيٺ ويس گلشن ۾ هليو ڪنهن جذبئه دل کان
بيخود ٿي،
ڇو مون کي
ڏسي ٿي رنو شبنم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.
اي ”فهيم“ تون مونکي ٻڌاءِ کڻي ته حقيقت ڪيئن
آغاز ۾ هئي،
مون کنيو
يا نٿي کنيو پنهنجو قدم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه
وسري ويو.
29، مئي 1958 هالا
محبوبِ من! هو تنهنجا اشارا ڪٿي رهيا،
منهنجي ضعيف دل جا سهارا ڪٿي رهيا.
جن روح کي ٿي روز نئين تازگي ڏني،
ڄاڻي خدا سمورا نظارا ڪٿي رهيا.
دستِ جنون ۽ منهنجو گريبان به ويا ٺهي،
ڪهڙي خبر انهن جا خسارا ڪٿي رهيا.
راهون تڪيندي رات سڄي ختم ٿي وئي،
مون تان کِليا ٿي جيڪي ستارا ڪٿي رهيا.
آخر به منهنجي ڀر ۾ هلي آئين، دلربا،
تو جي ڪيا ٿي مونکان ڪنارا ڪٿي رهيا.
سوراه رو، ئي منزلِ مقصود تي رسيو،
رهبر ٿيو جنهن جو يار، اڌارا ڪٿي رهيا.
الفت جي ڪشتي ڪافي پري نڪري وئي اي دوست،
دنيائ رنگ وبو جا ڪنارا ڪٿي رهيا.
درياءُ پائي پائي ڪٿان جو ڪٿي رسيو،
اي يار پاڻ وارا ڪنارا ڪٿي رهيا.
تنهائين جي وقت پڇيو دل ”فهيم“ کان،
ڀيرا ڪندا هئا جي ڀلارا ڪٿي رهيا.
14، آگسٽ 1958ع 11.30 شام
محفل جو مير مرتبت اعليٰ اچي پيو،
اڄ با ادب ٿي بيهو معلّيٰ اچي پيو.
بيشڪ ٿيا ڀاڳ پنهنجا ڀلارا اچي پيو،
اڄ با ادب ٿي بيهو معلّيٰ اچي پيو.
گلشن کي حڪم ٿيو ته سڀئي گل ٽڙي پون،
مولا ڏٺو ته طالبِ مولا اچي پيو.
ٿي دست بست ۽ سرِ تسليم خم ڪري،
خادم اوهان جي حڪم تي قبله اچي پيو.
گهر منهنجو رشڪِ جنّت فردوس ٿو لڳي،
مون وٽ رهڻ لءِ طالبِ مولا اچي پيو.
جنّت منجهان شرابِ طهور کڻي اچو،
”اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو.“
ملڪن ڏٺو جو مير ته سجدي ۾ پيا ڪري،
حورن چيو ته هاءِ خدايا اچي پيو.
هي آهي رشڪ ديرو حرم ٿي ويو ”فهيم“،
”اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو.“
19، آڪٽوبر 1958ع ڪراچي.
مريضِ عشق جيڪر لادوا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
مخالف جي ڀلا آب وهوا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
کپي لطف و ڪرم هن جو ٻين جو واسطو ڪهڙو،
جهانِ رنگ
وبو مون کان خطا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
رهن ٿا زندهو جاويد حضرت عشق وارا سڀ،
سندن جي
ظاهري بوتو، فنا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
اسين ويٺا نڀايون ۽ نڀائيندا ئي رهنداسون،
جي سهڻو
سنگدل ۽ بي وفا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
توّڪل برخدا آهي ته ٻيڙا پار ٿي ويندا،
اگر گرداب ۾ طوفان بپا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
سرِ تسليم خم آهي، فقط هڪڙي خدا آڏو،
جي مخلوقِ
خدا مان ڪو خدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
مٺي محبوب منهنجي جو جهان ۾ ڪو نه ٿيو همسر،
ڀلا جي ٻيو به ڪو ماهِ لقا ٿي پيو ته ڇا ٿي
پيو.
پِرين پرديس ڏي ويڙا سي موٽن خير سان واپس،
”امين“ تي
هي به احسان يا خدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.
20، آگسٽ 1965ع هالا
مون چيو جيڪي به ڪن ۾ يار کي،
سا خبر ڪهڙي ڀلا اغيار کي.
ڪو وڃي چئي هي اکين جي ٺار کي،
ڏينهن ڏاڍا ٿي ويا ديدار کي.
دل ويچاري پاڻ وٽ ڇا ڇا رکي،
يار کي منٺار کي دلدار کي.
هئي ته ڏاڍي قيمتي پر ڇا ڪجي،
دل هٿن سان ڏئي ڇڏيم دلدار کي.
ڪاروبار مئڪده هلندو مدام،
مي اگر ملندي رهي مئخوار کي.
دار کي منصور بخشي آبرو،
”آبرو منصور بخشي دار کي.“
ڳالهه آهي حق ۽ انصاف جي،
ووٽ ڏينداسون اسين تلوار کي.
وصل ٿِئي بهتر جدائي کان گهڻو،
ميٽي ڇڏ اقرار سان انڪار کي.
”نحن اقرب“ جو مسئلو دلفريب،
ڪو پروڙيندو انهي اسرار کي.
دل خدا جو گهر ته آهي پر ”فهيم“
ڪيئن ڪڍان دل مان خيالِ يار کي.
15، اپريل 1983ع هالا
مون کان نه ڪو آهي ڏوهه ٿيو پر مست اکين مجبور
ڪيو،
”صحبا کان
ڪڏهن ڪو ڪيف نه ٿيو ساقيءَ جي نظر مخمور ڪيو“.
آزاد پکي ٿقدير کڻي هڪ قيد ۾ آهي قابو ڪيو،
نازڪ ۽ نرالن جذبن کي بي درد قفس ڪافور ڪيو.
مون عشق جي ڀڙڪيل باهه اندر ٽپ آهي ڏنو پرواهه
نه آه،
مان آگ
اندر جي اجهايان پيو اشڪن سان اکيون ڀرپور
ڪيو.
غم درد کان دلڙيءَ دانهن ڪئي آزار نه ان کان
پو به لٿو،
اڄ نامِ خدا محبوب ملو هي عرض کڻي منظور ڪيو.
آ، راز ٻڌايئين کولي ”امين“ اي يار پو ڪج
انصاف ڀلي،
بي درد تو دردن سان دل کي ڪئن آهي چڪنا چور
ڪيو.
17 جنوري 1955 هالا
مون کي اچي ٿو جذبئه الفت وري وري،
توسان ملڻ جي ٿو رکان جرئت وري وري.
جو محو حسنِ يار ۾ دنيا کان دور آه،
ناصح! ڪندي ڇا تنهنکي هدايت وري وري.
پيارين نه پيارين يار! مگر پيو صدا ڪندس،
ساقي! پيار جامِ محّبت وري وري.
منهن جي اوهان سان ڪابه ته حجت نٿي هلي،
پنهنجي ڪريان ٿو پاڻ شڪايت وري وري.
جلدي گهراءِ مون کي مديني ڏيا يا نبيؐ،
مونکي ڪراءِ پنهنجي زيارت وري وري.
پنهنجي غريب طالبِ ديدار ڏي به ڏس،
سهڻا پساءِ تنهن کي تون صورت وري وري.
تنهنجي ئي نام جو آ سدا طالبو فهيم،
توکي آ تنهن غريب جي پارت وري وري.
آگسٽ 1954 هالا
مون گهڻئي راهون ڏٺيون پر التجا پوري نه ٿي،
بره جي بيمار جي آخر دوا پوري نه ٿي.
واٽ تنهنجي تي اهيان ۽ تنهنجو ئي آهي انتظار،
ڏينهن گذري ويا گهڻا پر مدّعا پوري نه ٿي.
مون ڪيو تنهن جي ملڻ جو پئي تصوّر دلربا،
جارٿي مون ڳالهه دل ۾ دلربا پوري نه ٿي.
هن جون سختيون ۽ ستم سڀ صبر سان سهندو رهيس،
دل جلي ويئي مگر جورو جفا پوري نه ٿي.
منهنجي آهي عشقِ ڪامل جو اهو ڪافي ثبوت،
بيوفائي کي ڏسي منهنجي وفا پوري نه ٿي.
مون ته سمجهيو ٿي ته مون وٽ اڄ هلي ايندين
عجيب،
آرزو اهڙي مگر اي مهه لقا! پوري نه ٿي.
ٻيا سوالي ڪو نه ٿو خالي ڇڏين سهڻا مگر،
اڄ فقط تنهنجي گداگر جي صدا پوري نه ٿي.
نيم بسمل آخري دم تي چيو روئي ”امين“،
منهنجي قاتل جي اڃا شايد رضا پوري نه ٿي.
11، مئي 1954ع هالا
منهنجو رشڪِ ماهتاب،
اڄ وري ٿئي بي نقاب.
ڪنهن سان گهر ويٺي ملڻ،
هڪ وڏو آهي ثواب.
تون بنئين منهنجو صنم،
خوبتر ٿيو انتخاب.
فرقتِ رشڪِ قمر،
هڪ وڏو آهي عذاب.
نزع جي حالت اٿم،
جلد ٿي تون بي نقاب.
کڻ نظر ڪا ناز مان،
اوچتو عالي جناب.
دل صراحي ڪئي اٿم،
خون ٿيو آهي شراب.
ان جي آڏو شرمسار،
ماهتاب و آفتاب.
ٻيو سڄو علمِ جهان،
عشق جو هڪڙوئي باب.
تون امين آهين ”فهيم“!
فيصلو ڪج لا جواب.
24، مارچ 1958ع 12.25 رات – هالا
منهنجو مسجود جنهن جو در آهي،
سو رهيو مون کان بي خبر آهي.
شرمندو جنهن اڳيان قمر آهي،
ان جو هر چيز تي اثر آهي.
اشڪِ فرقت بنيو گهر آهي،
تنهنجي ئي پيار جو اثر آهي.
تنهنجي هڪ ياد، چار اشڪِ غم،
بي ثمر جو اهو ثمر آهي.
سامهون جو آيو، برق وشَ ساڙيو،
هن جو هر ناز ڄڻ شرر آهي.
عصر پڙهندي ئي فجر ٿي وئي قضا،
”زلف ڄڻ شام رخ سحر آهي.“
اي دِل زار ڪو به خوف نه ڪر،
تنهنجو الله ڀيڻين ڀر آهي.
مونکي گهرجي نه ڪجهه ٻيو ليڪن،
تنهنجي درڪار هڪ نظر آهي.
هن جهان ۾ ”فهيم“ ٿي نه فهيم،
فهم اڄڪلهه وڏو ضرر آهي.
8، اپريل 1958ع 7.35 رات، هالا
منهنجي ته خوشي تو سوا منٽن ۾ هلي وئي،
دل جي به صدا دل جي ئي ڌڙڪن ۾ هلي وئي.
توسان نه اگر وقت تي منهنجو ڪو ملڻ ٿيو،
منهنجي سا مٺا هر گهڙي دردن ۾ هلي وئي.
منهنجي ٿي وئي ڇا جي ڪري تو سان محبّت،
ڇا کان هي سڄي زندگي صدمن ۾ هلي وئي.
بلبل جي خوشي آهي بهارن ۾ هميشه،
اڄ بادِ خزان ڇو ڀلا گلشن ۾ هلي وئي.
هڪ ڏينهن ڪيم دانهن ”امين“ جوش جنون مان،
سا منهنجي صدا تير ٿي سهڻن ۾ هلي وئي.
8، آڪٽوبر 1953ع
منهنجي ڦاسڻ لءِ بنايئين دام خاص،
سنگدل جو ٿيو تڏهن آ، نام خاص.
ٿيو پيڻ کان اڳ ئي مستانا وڃون،
”ساقيءَ گلفام آندو جام خاص.“
دل ۾ بيتابي اکين کي انتظار،
جو اٿم ڪنهن ساڻ اڄ انجام خاص.
هن جهان وارا ته آهن ننڊ ۾،
ٿي ويو انسان لءِ آرام خاص.
رنگ ساڳيو وڻ اهي، سج پڻ اهو،
مير مرسل ؐ جو ٿيو آ، گام خاص.
هاڻ ڪيئن ويهان هتي هڪ پل ”امين“
خط ۾ مون ڏي آهي هڪ پيغام خاص.
1، جنوري 1955ع
ڪراچي
نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو،
خزان رسيد بهارن وڏو فريب ڏنو.
رهيا نه مون سان جدائي ۾ همدم و غمخوار،
سحر ٿي ويئي ستارن وڏو فريب ڏنو.
وري ته آسري دنيا جي ڪو نه لڳندس مان،
سدائين هن جي سهارن وڏو فريب ڏنو.
مون بيقرار کي خالي ڏنائون دلداري،
وري به پنهنجي ئي يارن وڏو فريب ڏنو.
غمن ۾ کلندو رهيس پر خوشين رئاڙي ڇڏيو،
هميشه آهي بهارن وڏو فريب ڏنو.
سکن جو ساٿ ڇڏڻ لازمي نظر آيو،
قدم قدم تي قرارن وڏو فريب ڏنو.
پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو،
نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو.
حياتي ساري بتن جي ئي پيار ۾ گذري،
”فهيم“ نقش و نگارن وڏو فريب ڏنو.
1، جون 1959ع
نظر ويئي ستارن تي گمان ڪافي پري پهتو،
مگر عاشق تصّور ۾ هتان ڪافي پري پهتو.
بظاهر درد وغم کي عشق جي ٿا انتها سمجهن،
مگر اي دوست هي رازِ نهان ڪافي پري پهتو.
تڏهن سمجهيم ته رازِ دل ڪرڻ ڪنهن سان چڱو
ناهي،
وڃي جڏهن محّبت جو بيان ڪافي پري پهتو.
فقط سوچڻ مان ڇا ورندو قدم هڪدم کڻڻ گهرجي،
پري پنڌ
ناهي ڇا ٿيو جو جهان ڪافي پري پهتو.
گهڻئي طوفان اٿيا گردو غبارن انتها ڪئي پر،
اسان جي
عشق وارو ڪاروان ڪافي پري پهتو.
صبا، ٻڌندي رِهي، تارن ٻڌو ۽ آسمان سمجهو،
اسان جي
عشق و الفت جو بيان ڪفي پري پهتو.
گل و بلبل ۽ خارو خس ته ڇا، دنيا کي معلوم آه،
اسان رندن جي دل جو داستان، ڪافي پري پهتو.
وفائن تي خدا جي ذات پڻ تحسين ڪئي آخر،
بحمدالله محّبت جو بيان ڪافي پري پهتو.
اکين مان اوچتو نڪتو ڪريو دلبر جي دامن تي،
گهڙيءَ ۾
ئي ”فهيم“ اشڪِ روان ڪافي پري پهتو.
سال 1960ع
نگاههِ ناز سان دل آشنا وري به ڪبي،
اسيرِ زلف ٿبو هيءَ خطا وري به ڪبي.
ڀلي تڙائي ڪڍي پنهنجي در تان سائل کي،
جو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو صدا وري به ڪبي.
سڄڻ جو نقش قدم بار بار چمندو رهيس،
”اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي.“
ڪمندِ زلف ۾ قابو اچي ٿيس ازخود،
”اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي.“
شهيدِ ناز جي حالت ڏسڻ لءِ ڇو موٽيو،
اها ئي شوخ ادا جي گلا وري به ڪبي.
ثنائ اهلِ جهان مونکان يار ٿي نه سگهي،
ثنائ مردِ خدا بارها وري به ڪبي.
نگاهه ناز جي بسمل تي وار ڪر ٻيهر،
حسين قاتل کي التجا وري به ڪبي.
17، آڪٽوبر 1958ع هالا
نه بخشيو نيٺ دنيا جي رواجن،
وڃون پيا غرق ٿيو رسمِ جهان ۾.
اسان جي پيار جي اڄ رسم قل آ،
ڪيون ٿم بجليون گڏ آشيان ۾.
هٿن سان قرب جي ڪشتيءَ کي ٻوڙيم،
پوڻ چاهيم نٿي ڪنهن امتحان ۾.
طريقو آهي ٿيندو پنهنجو پنهنجو،
سو فرق ايندو نظر هر مهربان ۾.
رکو گلشن جي هر ڪا شي سنڀالي،
اسان جو ڇا؟ اوهان جي گلستان ۾.
محّبت کي ڇڏيو سون فرق خاطر،
اهو ئي عيب ظاهر ٿيو اسان ۾.
ڇڏيو جهڙا سڄڻ تهڙائي آهيون،
ڪو فرق آيو نه ڪو ايندو اسان ۾.
اسان جي پيار جون ڳالهيون ڪندو جڳ،
اسان جو تذڪرو ڪون و مڪان ۾.
”فهيم“ آهي تعّجب هن جو مون کي،
اهو ٿي ويو نه هو جيڪي گمان ۾.
22، جولائي 1974ع ڪراچي
واهه ڙي منهنجا مٺا او دلربا! شابس هجئ!
نيٺ وئين مون کي ڪري جاني جدا شابس هجئي!
هي خيال و خواب ۾ ئي ڪو نه هو مونکي ڪڏهن،
تون ڪري ويندين پرين جيئري جدا شابس هجئي!
هاءِ اي بي درد! پنهنجا پاڻ واعدا ياد ڪر،
سڀ وساري تو ڇڏيا آهن صفا شابس هجئي!
هونئن ته اهڙو ڪونه هئين، پر هاڻ توکي ڇا ٿيو،
منهن مٽي هڪدم وئين مونکا مٺا شابس هجئي!
مان ته ڏک سک ۾ ئي پنهنجو وقت ڪاٽيندس پيو،
بس سڄڻ!
تون ئي هجين شل خوش سدا! شابس هجئي!
مون نه هو سمجهيو ته هيئن گرداب ۾ ويندين ڇڏي،
ڪشتيء اميد جا اي ناخدا شابس هجئي!
مون نٿي ڀانئيو ته ڪو هيئن تون ڇڏي ويندين
هليو،
پر اکيون کليون! ڇڏي وئين بيوفا شابس هجئي!
جنهن نزاڪت سان ڪيو تو پاڻ کان مونکي پري،
مرحبا صد مرحبا! صد مرحبا!! شابس هجئي!!!
نيٺ قسمت وانگي اڄ پڻ تون وئين هلندي ڇڏي،
باوفا اڄ تون به ٿي وئين بيوفا! شابس هجئي!
18، سيپٽمبر 1957ع
11 بجه رات، هالا
وڃڻ بعد هر ڪنهن جون خوبيون ٿيون ڏسجن،
رڳو تن جون ياديون ۽ ڳالهيون ٿيون ڳڻجن.
خدا شال هر ڪنهن کي راضي رکي ۽،
جهان وارا هر وقت خوش حال پسجن.
عجب دور مونکي آ قسمت پسايو،
رفيقن جون اڄ صرف ڳالهيون ٿيون ٻڌجن.
اچي يادگيري اوهان جي رئاڙيو،
ڪري دامن آلو ڇڏيو آهي اشڪن.
ڪچهري ۾ ٻيا سڀ کلن خوش ٿين ٿا،
مگر منهنجي دل جو نٿا حال سمجهن.
رسڻ جو ته اهڙو سبب ڪو به ڪونهي،
ڪيو ڪم هي منهنجي ڪچاين ۽ عيبن.
ڏسان صبر ڌاران نٿو ڪو به چارو،
مگر هي ڏکن جون گهڙيون ڪيئن ڪٽجن.
مون کي ياد آهن اهي ڳالهيون سڀ،
جي اڄ ڪلهه فسانن ۾ ٿيون روز پڙهجن.
هئا مرد ميدان ۾ پر ويا هليا اڄ،
رڳو تن
جون اڄ ڪلهه ڪي ڳالهيون ٿيون ٻڌجن.
ڪري رحم مونتي اچي محب موٽي،
”امين“ شال ٻيهر اڱڻ منهنجا ٻهڪن.
20، آگسٽ 1957ع هالا
وڃڻ ويلي روئي تنهنکي چيم دلبر! خدا حافظ،
اڃا ڪَي ڳالهيون توسان ڪيان ها پر خدا حافظ.
جڏهن محفل منجهان نڪتس ته دل مان دانهن هيءَ
آئي،
”اي ميخانه! صراحي! ساقيا، ساغر! خدا حافظ.
ڪيم ڪهڙي خطا جو هر ڌڪاري ٿو ڇڏي در تان،
مگر سهڻا ٿين ٿا بيوفا اڪثر، خدا حافظ.
مون سمجهيو ٿي وفا ڌاران ٻيو ڪجهه ڪين ٿو
ڄاڻين،
مگر اي بيوفائي ۾ وڏا ماهر خدا حافظ.
اچي ٿيو تنگ منهنجي شاعرانه عرض کان سهڻو،
چيائين وڃ هتان فورًا چيم حاضر خدا حافظ.
ڏٺو نظرن ٿي تنهنجي راهه کي پر ڪين تون آئين،
اجايو ٿو اسان کي تون رئاڙين ير خدا حافظ.
وسارين يا ڌڪارين ته به مان توکان منهن نه
موڙيندس،
بظاهر پيو ڀلي تون چئو ”امين“ هر هر خدا حافظ.
15، ڊسمبر 1953ع هالا
وري مون ڏي نگاهِ سرمه ساٿئي ها ته بهتر هو،
مريضِ عشق جي جيڪر دوا ٿئي ها ته بهتر هو.
مڪين مون وٽ به جيڪر دلربا ٿئي ها ته بهتر هو،
هي بختِ نا رسا، بختِ رسا ٿئي ها ته بهتر هو.
حياتي ظلمتِ فرقت ۾ پڻ گذري رهي آهي،
جي مون سان همنشين هو مهلقا ٿئي ها ته بهتر
هو.
سزا گُل کي ملي اڄ يار جي قدمن ۾ چپچڻ جي،
مقرّر منهنجي لءِ ساڳي سزا ٿئي ها ته بهتر هو.
ڀلا بيدرد ڪنهنجي دردِ دل جو حال ڪيئن سمجهي،
سڄڻ سهڻو اگر درد آشنا ٿئي ها ته بهتر هو.
وساري تون به ويٺين دلربا، دنيا ته مٽجي وئي،
جفا سڀ
ڪنهن ڪئي، ڪنهن کان وفا ٿئي ها ته بهتر هو.
سڄڻ مونکي گهرائي بخشي ها، پنهنجو بنائي ها،
خطا مون کان به جيڪر ڪانه ڪا، ٿئي ها ته بهتر
هو.
رٺين تون ۽ رٺي قسمت، رٺو سارو جهان دلبر،
رهي هڪ زندگي سا پڻ خفا، ٿئي ها ته بهتر هو.
14، مئي 1959ع
ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا
(وڌيڪ
پڙهو)