متفرقات
اسان جي شهر هالن کي بچائج يا رسول الله،
سڀئي مشڪل غريبن تان هٽائج يار رسول الله.
غريبن جا اجها ۽ آسرا محبوب مولا جا،
دکايل درد وارن کي کلائج يا رسول الله.
اسان سڀ ڪجهه ولهن وارث ڪيو تنهنجي حوالي
آ،
سڀن جي حالتن تي گاڏو هلائج يار رسول
الله.
سوا تنهنجي ٻيو واهر وسيلو ڪير ٿيندو سين،
ڀلارا تون نه هرگز ئي ڀلائج يا رسولله.
فقط تنهنجي ئي دامن کي جهلينداسون اسين هر
دم،
خدارا تون نه دامن کي ڇڏائج يار رسول
الله.
توّڪل برخدا چئي راهه تنهنجي ڏي وڌيا
آهيون،
سنئين رستي تي هاڻي تون هلائج يا رسول
الله.
اي رهبر آسريتنهنجي تي هلندا ٿا هلون هر
دم،
اسان کي تون ئي منزل تي رسائج يا رسول
الله.
امين جو سائين تون رهبر به تون ۽ آسرو پڻ
تون،
قدم پنهنجا ڪڏهن ان وٽ گهمائج يا رسول
الله.
21، ڊسمبر 1955ع
هالا
يا خدا! او مهربان!! منهنجا خدا!!! منهنجا
خدا!!!
پنهنجي هڪ ناچيز بندي جي به سڻ اڄ التجا.
مان پريشان حال آهيان ڪر کڻي منهنجي مدد،
تو
سوا ڪنهن ڏي مان ڪاهيان ڪر کڻي منهنجي
مدد.
ڇا ڪجي ٻي واٽ ڪانهي ڪا رهي توکان سوا.
حال ڪونهي ڪوئي مون ۾ آهيان بيحال مان،
گردشِ افلاڪ کان بيزار آهي جسم و جان،
اي ولهن وارث وري ڪر درد مندن جي دوا.
منهنجي هيڻي حال تي ڪو رحم ڪر منهنجا ڌڻي،
مان گنهگار آهيان مون کي تون پنهنجو ڪر
کڻي،
تنهنجي بخشش جي نه ٻڌجي ٿي ڪڏهن ڪا انتها.
شوم بختي کان ويا آهن سڀئي ساٿي ڇڏي،
دل اداسي ٿي انهن کي سوز مان ساري سڏي،
ڇا اُنهن جو حال هوندو، جن کان ٿيا جاني
جدا.
مان
نه پنهنجي وس رهيس مون تي ئي پنهنجو وس
هلاءِ،
ڪِينَ پنهن ڪِنَنِ ڪوجهن تان ٻيو ڪوئي
کلاءِ،
مهر سان مالڪ مٺاٰ! پنهنجي ”امين“ جي سڻ
صدا.
2 آڪٽوبر 1955ع
هالا
خط
بخدمت فيض درجت اعليٰ عظمت
بخدمت قبلئه من ابرِ رحمت
بخدمت مرشدِ ڪامل مڪمل
بخدمت روحِ محفل رونقِ دل
بخدمت قبلئه ڪونين اطهر
بخدمت ڪعبهء دارين اطهر
گهڻن ادبن، نيازن بعد عرض آه
قدم بوسي ۽ پيارن بعد عرض آه
بحمد الله! هتي ڪل خير آهي
سبب الڪي ڪرڻ جو ڪوبه ناهي
اميد آهي آهي ته سائين هوندا خوشتر
۽ صحت هوندي فضل رب بهتر
سلامت ساٿ سارو رکندو موليٰ
نظر کي آهي هردم جنهنجي ڳولها
سندم پيرِ مغان، پير ڪرامت
خدا رکندو سلامت تا قيامت
ڀلي ڪن ناز ”لنڊن“ جون هوائون
ڀلي ڪن ناز ”يورپ“ جون فضائون
سڄڻ هردم هجو آباد و شادان
بچائيندوَ خدا ڪوسي هوا کان
سندم پيرِ مغان جت پير پائي
بهاري ات نئين سر رنگ لائي
ٿي لنڊن ۾ بهاري ويئي برپا
گلن خوش ٿي وڳا ۽ ويس پاتا
خزان ۾ ڪيئن ملي انکي بهاري؟
مٺي محبوب جو اُت واڳ واري!
فقط هڪ ڳالهه دامن گير آهي
ته ويو پرديس منهنجو پير آهي
خدان ديس کي آباد رکندو
اتي جو ذرو ذرو شاد رکندو
ڪرڻ ظاهر جي چاهيان دل جو احوال
ته خط لکندي وڃي گذري سڄو سال
نظر کي جستجو هر دم رهي ٿي
ملي خط ٿو ته دل بي غم رهي ٿي
هتي دريا به ڏاڍوئي چڙهيل آه
مگر مضبوط بندن ۾ ڪڙيل آه.
سبب ڪنهن خوف خطري جو نه آهي
هتي سڀئي ڪريون ويٺا دعائون
ته سائين خوش هجن، ٺرنديون نگاهون
سڀئي خادم، ملازم، دوست همدم
چون ٿا بندگيون ۽ نياز هردم
زياده عشق ٻيو ڪل خير آهي
”امين“ جو تو سوا ٻيو ڪير آهي.
17 آگسٽ 1959ع
هالا
مشترڪ نظم
حضرت طالب الموليٰ
خادم
بيخود
فهيم
محبوب
حضرت طالب الموليٰ
حضرت
طالب الموليٰ
بيخود
بيخود
محبوب
حضرت طالب الموليٰ
محبوب
محبوب
حضرت طالب الموليٰ
ٿيو دورِ خزان ختم بهار آئي چمن ۾
هڪ لَهرَ خوشيءَ جي ٿو ڏسان سرِوَ سمن ۾
عيد آهي نئين سر ٿي بپادشت و دمن ۾
ماحول بدلجي ويو سڄو چشم زدن ۾
لبريز ڏسان جام ٿو ساقيءَ جي هٿن ۾
اڄ رنگِ جواني به آهي چرخ ڪُهن ۾
گلشن جي صحن کي ٿي صبا روز ٻهاري
بلبل به خوشيءَ مان ٿي گلن ساڻ گذاري
سنبل ٿو وريو زلفِ پريشان کي سنواري
نرگس ٿي کنيو ناز ڀريا نيڻ نهاري
لب پنهنجا صراحيءَ رکيا ساغر جي لبن تي
عاشق ٿي ڏني ڄڻڪ چمي چاهِ ذقن تي.
بهتر جو هينئر واعظِ بي پير نه آهي
۽ پائ جنون ۾ به ڪو زنجير نه آهي
خادم
فهيم
محبوب
بيخود
حضرت طالب الموليٰ
محبوب
بيخود
خادم
حضرت طالب الموليٰ
حضرت طالب الموليٰ
فهيم
فهيم
محبوب
خادم
فهيم
محبوب
سڀ خوش ٿو ڏسان هاڻ ڪو دلگير نه آهي
شب آهي، مگر نالئه شبگير نه آهي
ٿي يار جي موجودگي سوني تي سهاڳو
ڀاڳن سان ٿو اهڙو ڪو ملي وقت سڀاڳو.
رات آهي يا محبوب جا هي زلفِ پريشان
رخسار ياهي نورِ سحر آهي نمايان
دلبر جي جبين آهِ ياهي ماهِ درخشان
هي مست اکيون يار جو يا چشمِ غزالان
مستي ۾ سنڀاليو جو اچي يار جي بازن
غيرن جي دماغن جو ويو بگڙي توازن
شرمائي گلن کي ٿي سندس رخ جي گلابي
غنچن به سڄڻ کان ئي سکيو ناز نقابي
ڪن مت سڀن کي ٿا سندس نيڻ شرابي
هي نيٺ ڪرائينديون اکيون خون خرابي
رفتار سندس آهي قيامت تي قيامت!
گفتار سندس شانِ فصاحت ۽ بلاغت.
حضرت
طالب الموليٰ
بيخود
حضرت طالب الموليٰ
حضرت طالب الموليٰ
بيخود
خادم
حضرت طالب الموليٰ
محبوب
فهيم
خادم
حضرت طالب الموليٰ
بيخود
هڪڙو به سندس تيرِ نظر ڪو نه خطا
ٿئي
جنهنکي ٿو لڳي، انکي حياتي ٿي عطا ٿئي
ڪاوڙ
جي تڏهن پڻ ٿو سندس وعدو وفا ٿئي
پرچي ته وري پاڻهي ئي دردن جي دوا
ٿئي
ڪنهن
تي به ڪڏهن جورو ستم ڪو نه ڪري ٿو
ڪيڏا نه سڄڻ قرب ڪري پير ڀري ٿو.
هو ”طالبِ مولا“ جي محبّت جو نگهبان
”محبوب“ مليو دل جا ٿيا پورا سڀ ارمان
ٿو
حسن ”فهيم“ انجو ڪري حسن کي حيران
”خادم“ تي ڪري يار ٿو احسان تي
احسان
هو ”طالبِ مولا“ جو خدا آهي مجازي
”بيخود“ ٿا نَمَنِ جنهنکي سدا ترڪ ۽ تازي.
24، فيبروري 1960ع حيدرآباد
ڪي اهڙا سبب پيدا ٿي پيا جو يار رٺل ئي
ڇڏڻو پيو
هي
پنهنجو پيارو ديس ڇڏي پرديس ڏي هڪدم لڏڻو
پيو
22، سيپٽمبر 1956ع هالا
منهنجي اکين ۾ لڪل منهنجو ئي هڪڙو يار آ
ڇا جهان ڄاڻي ته هي ڪهڙو عجب اسرار آ.
25 مارچ 1956ع ڌني جي ڀِٽ
اسان کي عشق و محبت ۾ همنوا ڏسندي
چراغ رشڪ ۾ جلندي اجهامي ويو آخر.
8 مارچ 1960 11.20 شب هالا
تو ڦٽي دلڙي مٺا هڪ ئي نظر جي تير سان،
قيد هر دمَ ٿو ڪرين تون زلف جي زنجير سان.
دل ڏنم توکي سڄڻ پنهنجي فقط آرام لاءِ،
تو ڏنا سَوَ ڏک مٺا بس صبح توڙي شام لاءِ.
تون ته آهين وقت پنهنجي جو حسين منهن جا
مٺا،
ڪو به مٽ تنهنجو نه آهي مهه جبين منهن جا
مٺا.
تون ڀلي وٺجان هميشه منهنجو مٺڙا امتحان،
مان ڪندس محبوب توتان هر گهڙي قربان جان.
قدر هن وٽ ناهه منهنجي درد غم ارمان جو،
اي امين! اُن کي کپي ٿو خون ئي انسان جو.
16 آگسٽ 1953
جيڪي رٿيو مون دل، انهي مان ته ڪجهه نه
ٿيو
جيڪي نه ٿيڻو هو، سو خدا خود ڪري ڇڏي.
ساقي رڳو شراب پيارڻ ۾ محو آ،
ڇا ڄاڻي اي ”امين“ ته وفادار آهي ڪير.
6، مئي 1956ع هالا
حسين پنهنجي هٿن ساڻ اڄ کڻي موڪل
امين بنجي امانت ڪري جواب سڄڻ
7 اپريل 1955 هالا
هو اسان خطاب
ڇا؟ هوا تون پڻ ڪرين ٿي عشق جو رلندي وتين
بي خبر! ڪهڙيون نيون جايون گهٽيون گهمندي
وتين
هر ڪنهن جي لءِ چڱي وائي سدا گهرندي وتين،
ڪنهن جي جهوريءَ ۾ الاجي جهنگ جهر جهرندي
وتين.
سک ڪري ويهڻ صفا توکي نه ٿيو نصيب،
ديس ۽ پرديس ۾ بس هر گهڙي هلندي وتين.
تون ستائين ٿي وڻن، ٻوٽن، گلن کي بي سبب،
ڪن کي جهورين ڪن کي ٽوڙين جوش ۾ جلندي
وتين.
جهڙي ديوانيءَ ۽ مستاني چري ۽ چاڳلي،
پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندي ۽ ڇا جو ڇا چوندي
وتين.
ڪنهن جون واٽون ٿي نهارين ڪنهن سان تنهنجو
عشق آ،
ڪنهن جي ڪارڻ روز شب پنڌ پيچرا پڄندي
وتين.
خوش نما سانوڻ جي بادل کي ٻڌائي دردِ دل
ڪيئن نه تنهن کي ٿي رئاڙين پاڻ پڻ رئندي
وتين.
ترس ٿڌڙي هير او باد صبا! ڪجهه ترس ترس،
ڏي خبر همراز ٿي مون کان به ڇو ڀڄندي
وتين.
”هوا جو جواب“
ڇڏ کڻي هن ڳالهه کي اي عشق جا کاڌل
”امين“!
تون به خود آهين ڪُٺل مون کان وري ڇا ٿو
پڇين،
جا پڇين ٿو ڳالهه مون کان، پاڻ کان سا پاڻ
پڇ،
هي جواب آهي خدا حافظ! زيادهه ڪين ڪڇ.
21، ڊسمبر 1953ع هالا
مشترڪ غزل
ساقي بلندي
تي ڪيو بيهي مون اقرارِ وفا يارو
زمين وارا مگر مونکان ٿين ڇو ٿا خفا يارو.
امين
عجب آزادگي آخر اٻوجهن کي ملي آهي
اها ئي مهرباني تن مٿي ڪئي خدا يارو
ساقي خدا
جي واسطي هي ظلم ڇڏيو پنهنجي بندي تي
سندم هڪ آه سان ويندا ڏڪي ارض و سما يارو.
امين
پري کان ئي پرينءَ جو مون ڪيو ديدار اڄ
آهي،
اکين هڪ طرف گهائل ڪيو، ڪٺو ابرو و جدا
يارو.
ساقي
جي هن کي قتل ڪرڻو هو ته پو اڳ ۾ ٻڌائي
ها،
ٻڌائڻ جي سوا هينئن ڪبي جورو جفا يارو.
امين
هي هڪڙو آهي سر، جو پڻ سندس قدمن مٿان
قربان،
اگر هڪ لک هجي ته به گهوريان ڏهه مرتبا
يارو.
ساقي ادائن
سان، جفائن سان ۽ تيرن جي نگاهن سان،
ڪئي مونسان سڄڻ آ بيوفائي، با وفا يارو.
امين
سڄڻ رشڪِ قمر سان اوچتو اکيون مليون همدم،
ڏسڻ سان ئي سندم دل ٿي وئي مونکان جدا
يارو.
ساقي
سندم دلبر، سندم جان و جگر، هو سنگدل
سهڻو،
ڪيان ٿو ياد مان هردم، انهي کي اي مٺا
يارو.
امين
ستارن کي ڳڻيندي رات ڪيئن گذري ٿي عاشق
جي،
گهڙي هڪ هڪ به اُن جي لاءِ ٿيندي آ بلا
يارو.
ساقي مسيحا
کي گهرايو ورنه منهن جو ڪو بلو ناهي،
انهي کان ئي دلِ بيمار جي ٿيندي دوا يارو.
امين
ڏکڻ ڏي دلبر منهنجو هوا آهي اُتر ويندڙ
مخالف هي به ٿي ويئي ڪير پهچائي صدا يارو.
ساقي
سڄي محفل ۾ مون کي هڪ سڄڻ سهڻو نظر آيو،
انهي سهڻي ڪري سارو سمان آ دلربا يارو.
امين
رڳو ساحل ته ڇا دريا جي هڪ هڪ موج خوش
ٿيندي،
سندم دلدار جي مونسان ملائي ناخدا يارو.
ساقي
پريشان ٿي ڏٺو ”ساقي“ کي محفل جي اندر
ماڻهن،
جڏهن ٿي ختم ويئي اُن جي دل جي هر صدا
يارو.
امين
سندس ئي يادگيري آ جو اُن ريءَ بيقرار
آهيان،
”امين“ جي عشق جي ڏاڍي سٺي ٿي ابتدا يارو.
12، سيپٽمبر 1955ع حيدرآباد
سهرا
مبارڪ اڄ ٻڌي آيو سندم جان جگر سهرا
مبارڪ صد مبارڪ جلوه گر ٿيا زيب و سهرا
ٻڌا پنهنجي هٿن سان جيڪي اڄ ههڙي پدر سهرا
اهي ذي مرتبت سهرا، اهي ئي معتبر سهرا
مٿن قوس و قزح قربان، ثريا معترف ليڪن
سندن ئي حسن بي پايان کان آهن بيخبر سهرا
رخ روشن تي ڪا ميري نظر ڪنهن جي متان پهچي
ڪيو بيٺا آهن، اهڙي طرح سينو سپر سهرا
نگهه جا تير سهرن جي ڪمين گاهن مان پيا
نڪرن
حسينانِ جهان بچجؤ، اٿَوَ هي پُر خطر سهرا
لب و رخسار کي اينهين پيا چهٽي چمن هردم
سوين سالن کان هن لمحي لئي ڄڻ هئا منتظر
سهرا
جهڪي ڏاڍي ادب سان ٿا چمن محبوب جي صورت
رکن آداب محفل خوب ٿيا مد نظر سهرا
گلن سان گڏ آهن پوتل سڀيئي لمحاتِ آزادي
بجا هي خوبصورت، خوبتر ۽ معتبر سهرا
چمڪ سونهري تارُن جي ۽ رنگت گل جي، نرگس
جي
ڪڏهن شمس و قمر سهرا، ڪڏهن لعل و گُهر
سهرا
مريض عشق جي حالت تڏهن کان غير ٿي آهي
ٻڌي آيو جڏهن کان پنهنجي سر تي ڊاڪٽر سهرا
ڏسڻ سان ئي اها بي ساخته دل مان صدا آئي
ٿا سونهن گهوٽ گوهر کي هي خاصا خوبتر سهرا
ڪتابي رخ سهرن کي ڏسي اينهين لڳو مونکي
ورق قرآن جو آهي، مٿس زيروزبر سهرا
هجن رشڪ چمن توڙي هجن رشڪِ ثريا پر
رهن ٿا گهوٽ جا هر وقت محتاج نظر سهرا.
فيبروري 1983ع هالا شريف