تو ڪيو ايڏو ستم منهنجا مٺا ڇا جي ڪري،
دل کي
ڏنئي درد و غم منهنجا مٺا ڇاجي ڪري.
مون چيو محبوب! دل کي ڏنم آرام لءِ،
پر ڏنئي ٻيڻو الم منهنجا مٺا ڇاجي ڪري.
ٿي گداگر سئين دلبر مون ملڻ جي لءِ هئين.
تو ڪيو
مونتي ستم منهنجي مٺا ڇاجي ڪري.
تو کڻين
چئو ڇو ڀلا هي سور سختيون پيو سهان،
حال هيڻو ٿيو اٿم منهنجا مٺا ڇا جي ڪري.
اڄ رئان ٿو ياد ڪنهن جي ۾ ”امين“ آهي عجب،
۽ رئن ٿا مس قلم منهنجا مٺا ڇا جي ڪري.
4 سيپٽمبر 1953ع
تون هر وقت منهنجي ئي دل ۾ رهين ٿو،
تڏهن پڻ ڪرين ٿو نٽائڻ جي ڪوشش.
سدا ساهه سارئي ٿو پرديس وارا،
اچي نئين طرح ڪر نڀائڻ جي ڪوشش.
تصوّر ۾ دلبر جا پيزار آهن،
ڪريان پيو لبن سان لڳائڻ جي ڪوشش.
مون دل ۾ جڏهن کان ملڻ تان ڪئي بس،
تڏهن کان صنم ڪئي گهرائڻ جي ڪوشش.
جڏهن مون ڪئي بس تڏهن کان ئي دلبر،
ڪئي خوب مونکي سڏائڻ جي ڪوشش.
”امين“ پنهنجي لءِ ڪافي آهي فقيري،
متان تون ڪرين سَر سڏائڻ جي ڪوشش.
18 فيبروري 1956ع 3:30 رات هالا
ٿيندو رهيس پراڻو محبّت ڪري ڪري،
پٿر جو بت بنيس مان عبادت ڪري ڪري.
سارو جهان جنهن جو مخالف رهيو سدا،
گذري حياتي تنهن جي حمايت ڪري ڪري.
لمحات زندگي جا گزاريم لڪي لڪي،
اي خوش نصيب تنهنجي زيارت ڪري ڪري.
گذرن ٿا صبح و شام اسان جا فراق ۾،
قرآنِ رنج و غم جي تلاوت ڪري ڪري.
تو زندگي به ختم ڪئي پنهنجي اي صنم،
مون جهڙي بي وفا سان محبّت ڪري ڪري.
شارح هزار موت جي وادي ۾ ويا هليا،
عنوانِ زندگي جي وضاحت ڪري ڪري.
ڪعبي منجهان به ڪو نه مليو گوهرِ مراد،
ٿڪجي پيا سون نيٺ عبادت ڪري ڪري.
افسانئه حيات ڪبو ختم اي ”فهيم“،
يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.
1976ع ڪراچي
جدائي گهڻو آهي جيءَ کي جلايو،
خدارا وطن ڏانهن واڳون ورايو.
ڪڏهن منهنجا ايوان آباد ٿيندا،
۽ چئبو ته اڄ محب مولا ملايو.
سندم دل ٿي واجهائي جنهن لاءِ هر دم،
نه تنهن کان سوا اڄ به آرام آيو.
وساري نه تنهن کي تون ڇڏجان اي سهڻا!،
جو ويٺو آ تو لاءِ سڀ ڪجهه لٽايو.
عجب آهي، افسوس ڇو ڪونه ٿيندو،
جوڪاري ڪڪر آ قمر کي لڪايو.
بدلجي وري نيٺ اُن ڏي ئي وربو،
اٿئون عشق جنهن سان ازل کان اڙايو.
اچي اوچتو نيٺ صيّاد ٻيهر،
اڳي وانگر هي آشيانو جلايو.
محمّدؐ، امين کي نه اڄ، پر ڪڏهن کان
زبان تي رڳو تنهنجو ئي نام آيو.
8، سيپٽمبر 1956ع
1:12 رات _ هالا
جڏهن دنيا سڄي کان دور ٿياسين،
تڏهن ئي يار وٽ منظور ٿياسين.
جڏهن آخر دوئي کان دور ٿياسين،
تڏهن ئي نيٺ رشڪِ طور ٿياسين.
وري آيو چڪائڻ جرح فرقت،
حياتيءَ ۾ ئي اڄ مسرور ٿياسين.
کڻي ويو دل سڄڻ سمجهي امانت،
اسين محبوب جا مشڪور ٿياسين.
”فهيم“ آهي محبت راهبر ٿي،
”شراب عشق پي مخمور ٿياسين.“
22، مارچ 1959ع
10:00 رات _ هالا
جي پنهنجي واسطي بهتر خدا گهريو ته ملنداسون،
متان دلگير ٿين دلبر! خدا گهريو ته ملنداسون.
اُميد
آهي اڳي وانگر، هلي ايندو سڄڻ مون وٽ،
اڱڻ شل ٻهڪندو ٻيهر خدا گهريو ته ملنداسون.
دلِ
مضطر
۾ هر دم آرزو آهي ته اي جاني!
رکان پيرن تي تنهنجي سر خدا گهريو ته
ملنداسون.
اميد اهي ته روز وِصل، ايندو جلد هُو دلبر!
نه پوندو وقت وچ ديگر خدا گهريو ته ملنداسون.
جدا ٿيندي سڄڻ فرمايو ملنداسون نه دل لاهج،
چيم، جيئن
چئو، تيئن ئي بهتر! خدا گهريو ته ملنداسون.
”فهيم“ آخر ته آهُون ڪو اثر پيدا ڪري رهنديون.
کُلي پوندو دعا جو درخدا گهريو ته ملنداسون.
”فهيم“ اڳتي ته هن کي مون سان ملڻو آهي دنيا
۾،
اثر آهُون ڪنديون آخر خدا گهريو ته ملنداسين.
26 فيبروري 1958ع
11:55 رات _هالا
چڱو جو واعظ بي پير نڪتو،
هي منهنجي آه جو تاثير نڪتو.
ٿجئين مسڪين جي واهر اي دلبر،
جو تنهنجي در اچي دلگير نڪتو.
وري اڄ آيو رشڪِ مهر تابان،
پراڻي خواب جو تعبير نڪتو.
هزارين ٿي ويا بسمل گهڙي ۾،
”نگاهِ ناز ٿي هڪ تير نڪتو.“
سڄڻ موٽيو ٻڌي آهون ۽ دانهون،
اسان لءِ اشڪِ غم اڪسير نڪتو.
اڃا خط مس پڙهي پورو ڪيو مون،
اچي خود صاحبِ تحرير نڪتو.
همه گير آهين تو اي ناز وارا،
بچي تو کان نه ڪو نخچير نڪتو.
ڪيم جنهن سان مقدّر جي شڪايت،
اهو ئي ڪتابِ تقدير نڪتو.
”فهيم“ آخر محبّت راهبر ٿي،
وڃي منزل تي اڄ ره گير نڪتو.
9، نومبر 1958ع
سري مڪان ٿاڻو بولان خان،
ڳوٺ وڏيرو انڙ خان
ڇا عشق آهي شڪوه شڪايت جي واسطي
منهنجي به آهي ماٺ عدالت جي واسطي.
ابرو جي سيف ساڻ ڪندس اڄ مقابلو،
هر دم تيار آهيان شهادت جي واسطي.
هڪ پَلَ ۾ ئي رقيب جي ڇڏيان ڳچي پٽي،
پر ترسيو آهيان تنهنجي اجازت جي واسطي.
گلشن ۾ خوب بادِ صبا
ٿي
گهمي مگر،
بادِ خزان به آئي بغاوت جي واسطي.
غم، درد، سوز رنج و الم بيقرار دل،
ڪافي ثمر آ، روز قيامت جي واسطي.
هن ڏي نياز نامه کڻي اڄ لکان مگر،
آڻيان ڪٿان مان لفظ عبارت جي واسطي.
تعريف حسن آهي عبادت سچي پچي،
انسان ٿيو آ پيدا عبادت جي واسطي.
اڄ تشنه
لب کي جامِ محبّت پيار تون،
آهيان اميدوار عنايت جي واسطي.
منهندار
مدني مير محمّد ؐ، امين کي،
هر دم رهي ٿو شوق زيارت جي واسطي.
سمجهي امين توکي ڏنم پنهنجي دل کڻي،
عزت اها ئي آهي امانت جي واسطي.
پرده نشين کي چئجو محمّد امين روز،
آيو ٿي صبح و شام زيارت جي واسطي.
17 آگسٽ 1954ع
هالا
حاصل جڏهن به عشق جي منزل ڪئي اٿئون،
مخلوق پنهنجي عزم جي قائل ڪئي اٿئون.
فرصت جي وقت ۾ به ميسّر نه ٿيو سڪون،
هر وقت ويهي مشقِ مسائل ڪئي اٿئون.
گرداب پنهنجي جان ۾ جايون ڏئي ڇڏيون،
قربان جڏهن کان قربتِ ساحل ڪئي اٿئون.
خونِ جگر جو خوف نه مقتل جو ڊپ رهيو،
منزل وڃي به ڪو چئهِ قاتل ڪئي اٿئون.
آخر لبن تي مهرِ خموشي ڪيائون ثبت،
آهُن جي ذميدار وڃي دل ڪئي اٿئون.
فڪرِ جهان ڇڏي وڃي ويٺاسين ڪنڊ ۾
”مدّت کان پوءِ اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.“
ڪنهن کي
قصور وار سڏيون ڪنهن سان ضد ڪريون.
دل پنهنجي، پنهنجو پاڻ ئي گهائل ڪئي اٿئون.
تاريخ آ گواه ته حالات
ڇا رهيا.
قوّت جڏهن به قوم جي زائل ڪئي اٿئون.
همّت کان ڪم وٺون ته ڪو مشڪل ته حل ٿئي،
حالت اجايو رحم جي قابل ڪئي اٿئون.
پنهنجو ته ڪنهن نه ذڪرِ
تغافل ڪيو ”فهيم“،
غيبت سدائين نقصِ وسائل ڪئي اٿئون.
24 ڊسمبر 1981ع
ڪراچي
حضورِ يار ۾ هر دم سرِ تسليم خم ٿي ويو،
اهو هڪ خاص خالق جو مٿم لطف و ڪرم ٿي ويو.
ڪيان ڪهڙي طرح اُن جو بيان هو بي مثال آهي،
نه آهي ڪا به طاقت مونکي ۽ بيوس
قلم ٿي ويو.
ڪئين مهمير ماريا دلربا تلوارِ ابرو سان،
”جو آيو عشق جي مقتل ۾،اُن جو سرقلم ٿي ويو.“
ڪڏهن سهڻو سڏي ويجهو وهاري ٿو، ڪڏهن نفرت،
الا جي ڇو رههِ الفت ۾ آهي. پيچ و خم ٿي ويو.
زياده ڇا ٻڌايان، هن جي باري ۾ ڀلا آئون،
شهيدِ ناز جو پهرين نظر سان پورو ڪم ٿي ويو.
جڏهن کان يار جي
ديدار جو مونکي
شرف مليو،
تڏهن منهنجو پراڻو ۽ نئون ڪافور غم ٿي ويو.
”فهيم“ ان
جي ئي آمد جي ڪري پنهنجو ڪکائون گهر.
خزان ۾ اڄ بدلجي آهي سو باغِ
ارم ٿي ويو.
12، ڊسمبر 1957ع
4:30 شام ڳوٺ جمال ڏاهري
حڪمرانن کي ڏسي دست و گريبان عنقريب،
ٿي وڃن شايد اوهان جا هوش
حيران
عنقريب.
دورِ حاضر جو وڃي پيو شمس مغرب جي طرف،
ٿيندو مشرق کان نمايان ماههِ تابان عنقريب.
ڪو ڪندو پورا سمورا عهدو پيمان عنقريب،
”ايندو وايندو غيرتِ رشڪِ غزالان عنقريب!!“
بيڪسي جي دور مان گذري ڪنداسون ڇيهه نيٺ،
ٿيندو بيشڪ عظمتن جو دور دوران عنقريب.
ظلم ۽ زوري جا هٿ ڪاٽي ڇڏڻ لءِ دوستو!
ڪونڪو اڳتي هلي ايندو اسان مان عنقريب.
صبحدم ظلم و تشدّد جي ڪئي ٿن انتها،
رنگ لائيندي وڃي شامِ غريبان عنقريب.
ڪوڙ ۽ ڪلفت جا آخرڪار ٿيندا دربدر،
سچ اچي پنهنجو سنڀاليندو قلمدان
عنقريب.
عجلتن کان ڪم وٺي هر ظلم نافذ ٿا ڪريو،
حڪم پنهنجي تي اوهين ٿيندئو پشيمان عنقريب.
اڄ اسان کي جيڪو ناممڪن ڏسڻ ۾ ٿو اچي،
هر فساني جو اهو ئي هوندو عنوان عنقريب.
رات اونداهي وڃي پهتي آ پنهنجي اوج تي،
صبح نو، آڻيدو رشڪِ مهرِ تابان عنقريب.
تنگ نظري جو اسان مان جيڪي ٿي ويندا شڪار،
فيصلن تي پنهجي ٿي ويندا پريشان عنقريب.
گلستان ۾ ڪيترو رهندا ڀلا زاغ و زغن،
”ايندو ايندو غيرتِ رشڪِ غزالان عنقريب.“
سال سينگاريندي گذري ويا درو
ديوار کي،
ڪنهن چيو هو آئون ٿيندس تنهنجو مهمان عنقريب.
رنگ لائيندو وڃي هڪ ڏينهن ذوقِ آگهي،
پاڻ پنهنجي پاڻ ۾ ٿيندو نمايان عنقريب.
اي دلِ
پڙ
مردهه آزادي جي خواهش خوب ڪر،
حبَسِ
بيجا مان ڪڍڻ جو ٿيندو سامان عنقريب.
جستجو تنهنجي
۾ آئون نڪران پيو اي جاِن بهار،
منهنجي پيرن کي چميو خارِ مغيلان عنقريب.
ليلئ شب جوش مان کولي ڇڏي شايد ”فهيم“،
ماٺ جي ماحول ۾ زلفِ پريشان عنقريب.
15 آگسٽ 1983ع
ڪراچي
خدا ڄاڻي ته پورو هجر وارو غم ڪڏهن ٿيندو،
سڄڻ هن خائنه دل ۾ مڪين هر دم ڪڏهن ٿيندو.
روان اشڪِ مسرّت، تومان چشمِ نم ڪڏهن ٿيندو،
خبر ڪانهي دلِ مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو.
وٺيو پيو جادهء منزل وڃان اميد
تي
ليڪن،
پتو ناهي ته هن جوپورو پيچ و خم ڪڏهن ٿيندو.
سِٽيو
واعظ وڏو منصوبو آهي مي پرستن لءِ.
خدا گهريو ته سوئي درهم و برهم ڪڏهن ٿيندو.
جدائي،درد و غم آخر ڇڏي ويندا نه ٿي غمگين،
۽ توتي يار جو لطف و ڪرم پيهم ڪڏهن ٿيندو.
متان دلگير ٿين هر گز، جدائي ۾ ”فهيم“ آخر،
ڪرم فرمائي رشڪِ مهوشان همدم ڪڏهن ٿيندو.
10 مارچ 1958ع
10
بجه رات ٽنڊو مٺا خان
خوش هجين يار، سدا تنهنجي حياتيءَ جو خير،
منهنجا اي ماه لقا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
تنهنجي ئي لطف و ڪرم مون کي بنايو بهتر،
شل ڪري منهنجو خدا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
زندگي مون سان نڀائي نه نڀائي سهڻا،
مونکي بس گهر جي مٺا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
مونکي تو پنهنجو ڪرين يا نه ڪرين پر هردم،
دل ڪندي توکي دعا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
مون گداگر تي ڪيئي قرب ڏنئي پيار پرين،
دل جي شاهي جا خدا تنهنجي حياتيءَ جو خير.
آسري تنهنجي رهيو آهي سدائين هي ”فهيم“،
منهنجا اي ماهِ لقا تنهنجي حياتي جو خير.
تو ”فهيم“ آهي نماڻن تي نظر فرمائي،
ختم ٿيا رنج و بلا تنهنجي حياتي جو خير.
11 فيبروري 1958ع ،هالا
داغِ دل داغِ جگر،
هجر ۾ ٿيا ديده ور.
نازنين! تنهنجي نظر .
مست ڪُن ۽ با خبر.
حالِ دل، حالِ جگر،
مان ڪيان
ڪنهن سان مگر.
نالئه وقتِ سحر،
شل نه ٿي سو بي اثر.
يار جو تير نظر،
تيز تر کان تيز تر.
12 اپريل 1960ع
11:10 رات
ليٽن روڊ ڪوئيٽه
دلبر جي در کان بهتر ٻيو در نظر نه آيو،
دنيا ۾ ڪو به انجو همسر نظر نه آيو.
هرسُو سڄڻ کي ڳوليئون، سر جي لگائي بازي،
ليڪن ڪڏهن به ڪنهن کي، دلبر نظر نه آيو.
ڪجهه ڪنهن دران ٿيو حاصل، ڪجهه ڪنهن هنڌان
مليو پر،
سڀڪا جتان ٿي پوري، سو در نظر نه آيو.
سهڻو ٿيو هو ساقي، مخمور آئون مي کان،
اهڙو حسين منظر اڪثر نظر نه آيو.
پنهنجو بنائي آخر جو دل کسي ويو دلبر،
هڪ مرتبه ڏٺم پر ٻيهر نظر نه آيو.
جانچي ڏٺم جهان ۾، مون کان اي همنشينو!
بهتر گهڻا ئي آهن، ابتر نظر نه آيو.
تيرِ نظر هو دلبر جنهن دم ”امين“ کڻي ٿو،
گهائل گهڻا ٿين ٿا بهتر نظر نه آيو.
جنهن دم ”فهيم“ هنجي قاتل نظر کڄي ٿي،
گهائل گهڻا ٿين ٿا بهتر نظر نه آيو.
28، جون 1957ع
00-2 رات – هالا
دلربا! تنهنجو رهي ٿو انتظار،
ياد تنهنجي ٿي ستائي بار بار.
نازنين! تنهنجو نهارڻ ڇا چوان،
ماهه رو! مرڪي وري مون ڏي نهار.
حالِ دل ڪنهن سان ڪجي توکان سوا،
منهنجو توريءَ ڪو به ڪونهي رازدار.
دل ۾ تون آهين مڪين اي دلربا،
شال، هينءَ هر دم رهين تون همڪنار،
يار گل رُخ توکي مون سان گڏ ڏسي،
خارکائن ٿا سدائين مون تي خار.
21، اپريل 1960ع 50-1 رات ليٽن روڊ ڪوئٽه
دل کي عاشق تون بيقرار نه ڪر،
بيوفا سان ڪڏهن به پيار نه ڪر.
توکي ويجهو اچڻ کان جيڪو ٽهي،
انجي خاطر تي ڪوئي بار نه ڪر.
تون هميشه جي لاءِ گل ٿي رهه،
پاڻ ڪڏهين به مثلِ خار نه ڪر.
جنهن مان جيءَ جان کي رسي جوکو،
”ايترو ڪنهن جو انتظار نه ڪر.“
رخ نٿو ڏين ”امين“ کي جيڪر،
پنهنجي دل تي مگر غبار نه ڪر.
21، جولائي 1954ع هالا
دل کي دلبر جو گهر ڪري ورتم،
قصيﱟ کي مختصر ڪري ورتم.
حالِ دل تو سان بي حجابانه،
هو ته مشڪل مگر، ڪري ورتم.
مونکي سڀني کان دور ٿيڻو پيو،
ڪنهنکي پنهنجو مگر ڪري ورتم.
هر خبر دوستن جي يارن جي،
پاڻ کي بيخبر ڪري ورتم.
انتقاماً ڇڏيم محبت کي،
پيار کي دردِ سر ڪري ورتم.
هُئي نهارڻ تي ڪافي بندش پر،
هن ڏي هڪڙي نظر ڪري ورتم.
لفظ ٿورا مگر حقيقت ۾،
حالِ دل سر بسر ڪري ورتم.
اک جو اک ۾ ”فهيم“ بند رکي،
اشڪِ غم کي گُهَر ڪري ورتم.
15، فيبروري 1961ع ٽنڊو قيصر
(وڌيڪ
پڙهو)