سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :8

 

ڪافيون

ڪافي 1

 

(پهاڙي)

ٿــل: بـــاغــن ۽ بــهـــارن ۾،
1- ڪرڪا وطن تي يار ورڻ جي،
رنــگــيــن نـــظـــارن ۾،
2- گل ڦل تنهنجي راهه نهارن،
پُــر ڪــيـــف بـــهــارن ۾،
3-       محب مٺا اڄ سڀ ڪين آهي،
شوقن ۽ شڪارن ۾،
4- پکي پکڻ سڀ گڏجي ڳائن،
هڪ منهنجي هزارن ۾،
5- هيئن نه مناسب توکي هو پيارا،
اڄ لالــــــــه زارن ۾،
6- پنهنجي ”فهيم“ کي يا د ڪري ڏس،
دل جي ته قرارن ۾،
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا   
پيارا پرين آهي مهل ملڻ جي
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا   

 

تـــو لـئــي رچــايــو رنــگ نــظــارن
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا   
توکان سواءِ ٻيو ڇا هت ناهي
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا   
ماڻهو ملي ٿا خوشيون ملهائن
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا

ويٺين وساري محب موچارا
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا   
منهن جو جهان آباد ڪري ڏس
تـــو ريءَ نــه ســــري ســـهــڻـــا


 

23، مارچ 1959ع

5 بجي شام هالا

 

 

ڪافي 2

 

ٿل:    تنهن جا ڀاڳ خدا ڪيا ڀلارا،
سخي سرور سچارا، سوڀارا.

 

1-            تنهن جو مٽ نه آهي ساري جهان ۾،
آهي حقيقت هن منهنجي بيان ۾
ڪــيــو قـــادر ٿــئـــي قــائــم قـــرار،
2- سنڌ، هند ڇا، ساري بشر کان،
آهن اعليٰ شمس و قمر کان،
پــــاڪ پـــــيـــزار تـنـهـنـجـــا پــيــارا.

3- پير مغان تون، شاههِ جهان تون،
ساري ملڪ ۾ آهين عيان تونن،نگ نظارنهه نهارن،سري سهڻافڪار

1-ڄڻيي
تنهن جا نوڪر نه سونهن ستارا.
4- تنهن جو ڪم همسر ڪو نه ڏٺو سون،

اهڙو ٻيو انور ڪو نه ڏٺو سون.

آهـــيـــــن پــــيــــرن جـــــو پــــڳـــــدار پــــيــــارا.
5- دشمن نواز تون قدرت جو راز تون،

آهين فياض تون ۽ ڪار ساز تون        
بخشيون ڏاتر ٿئي ڏاتيون ڀلارا.
6- جنهن فقط سڄڻ، ڀري تنهن جي غلامي،
سوئي حقيقت تي آهه مدامي،
ڀاڳ تنهنجا مڙن کان ڀلارا.

 

7- سوئي پار ٿيو، خوش بار بار ٿيو،
نزديڪ، يار ٿيو ۽ آشڪار ٿيو،
جيڪو پيو تو پناري پيارا
سخي سرور سچارا سوڀارا
13، سيپٽمب 1957ع هالا

 

 

ڪافي 3

(ڀيروي)

ٿل تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
        انهي رمز سان روح ريجهائينديس.
1-       جيڪي چار گهڙيون گهاريون اٿم
         
تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم
2-       تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،
         
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ
3-       تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،
          جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،
4-       منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
         
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون
5- وڃي ويهي رهئين مونکان ڏاڍو پري،
          تون ”امين“ ٿي اچ نصاف ڪري،
          ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.
مان ته پنهنجي پريت پچائينديس.
تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.
توسان ناتو نيئي نڀائينديس.
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.
ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.

ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس

 

 

ڪافي 4

ٿل     تنهنجي ياد ستائي    موٽ تون واڳ ورائي

1-راهون رويو روز نهاريان
وَرَ ڏئي تنهنجون واٽون ٻهاريان

 

پاند ڳچيءَ پائي
2-ياد ڪري پيو دل کي ڌتاريان
پيارا توکي ساريو ساريان
مولا شال ملائي
3-پلپل تنهنجي لاءِ پڪاريان
        هجر ۾ هر دم هنجهڙيون هاريان
آهون ڪير اونائي
4-پنهنجي فهيم سان محب اچي مل
        جنهنکي ڪيو تو گهور سان گهائل
پنهنجا ڀال ڀلائي

 

ڪافي 5

(ڪلاوتي ڪلواڙو)

ٿل توکان جدا. دلربا ڳڻتي ڳاريو ڳاريتوکي ساهه ٿو ساري، همنوا
1-توکي ڀلا ڇا! ويٺي وساري،
هجر ۾ هت ڪو ڪيئن ٿو گهاري
2- عاشق راهون زور نهاري،
تنهنجي تصور ۾ ئي گذاري

 

3- هيئن نه فهيم کي ويهه وساري،

ڪنهن ته گهڙي اچ واڳڙيون واري
16 جنوري 1960ع

ڀلاڻن جو ڳوٺ ديهه ”ٻوٻي“ نارو

 

 

ڪافي 6

(تنلگ)

 

ٿل     ٿڪيءَ تي ڪنهن ٿوري،

آ تون سڄڻ يار اوري.
1-تون جي اچين هڪ وار اڱڻ تي،
گهور ڏيان سر گهوري،
ڪيئي اميدون آهن ملڻ تي،
آ تون سڄڻ يار اوري.
2-سور سٺم ڪَيئن سر تي نيارا،

ڏونگر ڏي ڏوري ڏوري
پير پٿون ڪيا پنڌ پيارا،
آ تون سڄڻ يار اوري.
3-نازڪ تنهنجي ناز نياري
چت ڇڏيو آهي چوري
پرت جو پاڪ پيالو پياري
آ تون سڄڻ يار اوري.
4- جاني جدائي کي اچ ڊاهي،
ڪجهه ته تڪي ڏس توري،
دور رهڻ ۾ دلبر ڇا هي،
آ تون سڄڻ يار اوري.
27 جولاءِ 1957ع هالا کان حيدرآباد

 

 

ڪافي 7

(ڀيروي)

 

ٿل جڏي جند وري شال جانب جياري،
        ٿين سانگ سرها وطن واڳ واري.

 

1- او سرتيون اکين کي اڃا ننڊ ناهي،
اڪنڊي سندي آس آريءَ ۾ آهي.
سڪايل کي سرڪي پرين من پياري.
2- انهي جي اچڻ جي اٿم انتظاري،

محبت جي ماري رئان رات ساري،
سڄڻ مون کي ڪو هڪپل سنڀاري.
3- مان هيڻي هو حاڪم، ڪا حجت نه آهي،
سگهان ڪئن ٿي ساجن اڳيان سينو ساهي
ڪري قرب پنهنجو اچن شل اوطاري.

4- سڄڻ ساڻ هردم هٿن جوڙ آهي،

محبت مٺي محب لئي کوڙ آهي،
سندس وس ٿيس مان جياري جي ماري.
5- ڪرم پاڻ پنهنجو ڪندو قرب وارو،
اچي نيٺ سختي ۾ ڏيندو سهارو،
وٺي نال نيندو وڳر ساڻ واري.
6- خدارا اي سرور! اچي ٿيج ساڻي،
ڪُنن جا وڏا ڪڙڪا، ٻيڙي پراڻي،
مٺا مير مرسل صه ڪڍي ڪر ڪناري.
7- ”فهيم“ آهيان ڪانه، پارت ٿئي منهنجي،
رهي دور منزل ۽ ٻي راهه اهنجي،
رڙهان پئي رَندن تي، سڄڻ تو سهاري.

 

20، نومبر 1957ع 9.30 رات اڇ شريف

 

 

ڪافي 8

(ڀيروي – ڪلواڙو)

 

ٿلچئج صبا سڄڻن کي
ڪا هاڻي ته لهجو سارَ
1-روح کي هردم آهي اوهان جي
2- ڪين سونهين ٿو ڪو به عجيبا
3- ڪهڙو قرار انهن کي هوندو،
4- سنجهي صبح بس آهي امين کي،
تات طلبَ ۽ تارَ
ڌڻ ڌناران ڌارَ
جن کان جدا ٿيا يارَ
پيارا اوهان جي پچارَ
2، نومبر 1959ع 11 بجه شب هالا

 

ڪافي 9

 

ٿل     خطادار آهيان خطادار آهيان،
مگر توسان هر دم وفادار آهيان
.
1- جڏهن پهرين توکي پري کان ڏٺو مون
تڏهن کان ئي تيرِ نظر آ سٺو مون،
صدائن ڪرڻ کان مان لاچار آهيان.

- مان تنهنجي ملڻ لاءِ رڻ پٽ رلان پيو
ڪچهري سندءِ لاءِ سختيون سهان پيو،
سڏڻ ۾ تڏهن پڻ جفاڪار آهيان.

3- ڪشش جي ڪري گز ڪمان کان آ نڪتو
سڌو ئي سڌو سو ته دل تي آ پهتو،
مان پنهنجي خطا جو سزاوار آهيان.
4- حقيقت جي توکي مان پنهنجي ٻڌايان
رئاڙي رئاڙي وري مان رئاڙيا،
سلڻ سور پنهنجي ۾ هوشيار آهيان.
5- جڏهن ڪو به وڇڙيل مون وانگي ڏسين تون
وسارج نه تنهن دم محمّد امين تون،
مان ڪهڙو به آهيان سندءِ يار آهيان،
خطادار آهيان خطادار آهيان،
2، نومبر 1954ع
هالا

ڪافي 10

(ڀيروي – ڪلواڙو)

ٿل     ڇو ڇڏي وئين ڇني ناز وارا
ڪرڪرم ڪو وري تون قرارا
1- آسرو آهي تو ۾ وري پڻ
ڳائي ڪهڙو مان ڳايان سندءِ ڳڻ
پيو ڪندين تون ڀلايون ڀلارا

2- حال ڪونهي مان بيحال آهيان
توکان غافل ڪڏهن يار ناهيان
ڪر جدا ڪين مونکي خدارا

3- منهنجا محبوب آهين اسانجو
هي سڳر، ساهه، سڀ اوهان جو
تو سوا ويا کٽي چلڻ وارا.

4- قرب جي ڪشتي تو آسري آَ
شل نه تڪليف تنهن کي اچي ڪا
ڏس کڻي دور ٿي ويا ڪنارا

5- پاربو قول ”قالو بليٰ“ جو
ٻي سان رستو نه ”ها“ جو نه ”لا“ جو
ڪين گهرجن دنيا جا سهارا

 

6- ڇو نه چشمن تي رکيا چمي سي
خاص آهن محمّد امين جي
پاڪ پيزار پرين جا پيارا

30 جولاءِ 1955 هالا

 

ڪافي 11

(ڀيروري- ڪلواڙو)

ٿل دل ڦري وئين هليو ڇو پيارا
سهڻا سائين سندم جيءَ جيارا
1- ونگ واسينگ وانگي وجهن ٿا قرب سان يار دل قيد ڪن ٿا
وَرَ ڏئي وره جا وار ڪارا

2- نيڻ نازڪ سندءِ جت به ايندا
ماٺ ئي ماٺ ۾ من کسيندا
اهن بيشڪ ٻئي ڪار وارا

3- ياد آهن سندءِ سهڻيون ساريون
دل تان وسرن نه ٿيون لطف واريون

دلبري جون هو ڳالهيون دلارا

4- آسرو آهي موٽي تون ايندين
مون کي پنهنجي ڪري نال نيندين
غرق ٿيندا غمن جا غبارا

5- مان اڪيلو جو راهون ڏسان پيو
درد، دکڙا سوا تو سهان پيو
رات ساري کلن ٿا ستارا

6-  آ، ”امين“ ڏي سگهو يار هيڪر
سوال ساڳيون ڪريان ٿو هي ٻيهر
مل اچي مون سان منهنجا موچارا

30 جولائي 1955 هالا

 

ڪافي 12

رَندن تي روز شب روئي رڙي وَر کي ورائينديس،
خدا گهريون ته ناتو نينهن جو نيئي نڀائينديس.
جدائي ۾ جلڻ لءِ هو مَٽي مُئي کي ويا آهن،
امر جيڪو عجيبن جو، مان ويٺي جي جلائينديس.
اي سرتيون حال هيڻي جي خبر ڪهڙي ڪريان آئون،
سوا هُن سر جي سائين جي نه ٻي ڪنهن کي ٻڌائينديس.
وطن مولا، مٺيءَ جي حال جو حامي ڪڏهن موٽي،
ورائي ڪاڪِ تي ڪر هو ته مان گهورون گهمائينديس.
خطا بخشائينديس پنهنجي، ڳچيءَ ڳل پاندڙو پائي،
”اميد آهي رُٺل راڻي کي منٿن سان مڃائينديس.“

 

وڏا وس مان ڪنديس هن کي ورائڻ جا مري منهن ڏئي
”اميد آهي رُٺل راڻي کي منٿن سان مڃائينديس.“
يا ربّ العالمين وَرَ پنهنجو مون کي ڏي وطن واري،
ڪروڙين تنهنجا اي قادر ڀلاريون ڀال ڀائينديس.
اول خير ايندو هو ٿورا ڪري منهنجي اڱڻ ڪڏهين،
سندس پيزار پيارا مان لبن سان روز لائينديس.
انهيءَ جي آهيان توڙي وساري ويو سڄڻ مون کي،
”فهيم“ آئون ته ساري عمر سهڻل جي سڏائينديس.
2، اپريل 1957ع

12 بجه رات هالا

 

 

ڪافي 13

(ڪنئوسيو- ڪلواڙو)

رويو تنهن جون مان راهون نهاريان
ڏيو دلاسا پيو دل کي ڌتاريان
1-موٽي مهل ملڻ جي آئي،
تو دير ڀلا ڇو لائي
تو سوا ڪيئن گهڙي آءُ گهاريان
2-روئي ڪڪرن ڪيا ويس ڪارا،

منهن جي من ۾ رهيا مونجهارا
تنهن جي لءِ تاڙي وانگي تنواريا.
3-ڏيئي پيار تو پنهن جو بنايو،
مون کي توريءَ نه آرام آيو
تو لءِ پلپل ٿو پيارا پڪاريان
4-دل درد ڪئي ديواني،
تنهن جي محبّت جي پئي ڳل ڳاني
تنهنجي الفت ۾ جيءُ پيو جياريان
5-تنهن جي فڪر ”فهيم“ بنايو،
تنهن جو ٿي مون سڄڻ ڪجهه ڪمايو
تو لءِ هر دم ٿو هنجهڙيون هاريان.
30 مارچ 1959

 

 

ڪافي 14

ٿل سج لٿي تائين ڏٺم پي يار تنهنجي راهه کي،
        هوس رستي مان ويٺو، ٿي ڌتاريم ساهه کي.

 

1-  دلربا تو ڇو ڇڏيا پنهنجا وساري واعدا،
    
ترڪ هڪدم ڇو ڪيا تو قرب جا ڪُل قائدا،
هاءِ ڀڙڪائي ڇڏيو تو برهه واري باه کي.
2- ڇا مٺا توکي ملڻ ۾ ڪو ٿيو ٿي اڄ گناهه،
     ڇا خدا کان وصل پنهنجي لاءِ گهريئي ٿي پناهه،
تو نه سمجهيو آهي، شايد دل سندم جي آهه کي،
3-  مون کي تنهنجي قول ۽ اقرار تي هو ڀروسو.
     تو ته سمجهيو هي ”امين“ جو اهي هڪڙو وسوسو،
۽ نه سمجهيئي دلربا هئي هئي جگر جي باهه کي.
19، آگسٽ 1953

 

 

ڪافي 15

ٿل سدا يار پيارا، توکي ساههُ ٿو ساري
ساهه ٿو ساري، ڀلا! ڪيئن وساري
1- رات گذاريان تنهن جون راهون نهاري، ايندين ڪڏهن تون منهنجي اوتاري

منهن جي اوتاري...وڃ ڪي گهڙيون گهاري... ساهه ٿو ساري

2- اچ تون اڱڻ منهن جي واڳڙيون واري، تنهن جي سڪان ٿو ناز نياري

ناز نياري... تنهن جي پيس پناري... ساهه ٿو ساري

 

3- مست نظر جا پُرڪش جام پياري، دلڙي ڌڪي ويئن اک جي اشاري

اک جي اشاري... هر هر آبرو الاري... ساهه ٿو ساري

4- تار مان تاري آئين جاني جياري، هاڻ ڇڏين ڇو ٿو، لائي ڪناري

لائي ڪناري... وڃ نه مفت ۾ ماري... ساهه ٿو ساري

5- چِتُ چريو ڪيو تنهن جي نوري نظاري، تو لءِ ”فهيم“ ٿو پلپل پڪاري

پل پل پڪاري... هر دم هنجهڙيون هاري... ساهه ٿو ساري

9 سيپٽمبر 1958

9 بجي رات وڏو بنگلو هالا.

 

ڪافي 16

1-  سو سهڻو سدا دل ساري
جنهن لءِ ساهه ٿو سڪي،
2- مان مونسان ملي هو سڄڻ گلبدن
گهوري سرڙو ڏيان، من قبول پوان،
3- شل نصيباً سڄڻ سان ملان هڪ دفعو،
منهن جو ماههِ لقا، دل سندو دلربا،
          ڪيئن محب مٺي کي وساري
ارواح ٿـــــو ســڪـــي ...
مان فدا جنهن مٿان، ڪيان سر، ساهه تن،
وٽ ساٿ ڌڻي سونهاري...
هن حياتي جو مقصد ڏسان هڪ دفعو،
من چار گهڙيون گڏ گذاري...
2 نومبر 1957 هالا

 

ڪافي 17

(ڀيروي)

ٿل سهڻا سانگ ڪري ويڙا پري  ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
1- اوري مانَ اچن جن کان سوا ڪانه سري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
2- مونکي وساري مون پري، پيارا پير ڀرين، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
3- جن جي ملڻ لءِ من ۾ ٻارڻ روز ٻري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
4- ماري مون مسڪين کي، آڻي عشق اري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
5- ويندي ويرم نه ڪيئون، هليا ڪين هري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
6- ڏاڍن ڏاڍايون ڏسو، ڌوٻڻ ڌار ڌري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
7- هيڪلڙيءَ جو حب ۾، ڏک کان ڏيل ڏري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
8- ”امين“ آريءَ ڄام لءِ، ماندي مست مري، ويڙا پري، ڪڏهن وري موٽي سي ملندا
16 آڪٽوبر 1956 هالا

 

 

ڪافي 18

(پهاڙي – ڪلواڙو)

ٿل     عشق اڻانگو آهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
1-پروانن جان پاڻ پچائي، محبت جو ميدان ملهائي
سِرَ جو سانگو لاهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
2-حاصل ڪر ڪو حالِ حقيقي، واٽ نه وٺجان ورهه بنا ٻي،
حرص هوس کي ڊاهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
3-مرد ٿي محڪم ماه ۾ مانجهي، ساجن سارج صبح ۽ سانجهي
سندرو ٻڌ جان ساهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
4-لاشڪ لوچي لالڻ لهندين، سور جڏهن سَوَ سِر تي سهندين
لوڪ لڳاپا لاهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
5-پاءِ پرين کي پاڻ ۾ پيهي، ويسلو هرگز ٿيج نه ويهي
وار وٿي ڪا ناهي، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾
6-عاشق ”امين“ ٿي عشق ڪمائج، پير نه پٺتي، پڙکان پائج،
هت رکيو ٻيو ڇا هي؟، رس ڪاهي ڪاهي، مرد ميدان ۾.
12 اپريل 1957

10 بجي رات هالا

 

ڪافي 19

 

عشق اکين ۾ ڳوڙها سمايا،
نينهن رئاڙي نار وهايا.
گجندا گڙندا بادل آيا،
وڃن وري ٿي ساز وڃايا.
آهي محبت روءِ مٽائي،
قرب هي ڪارا ڪڪر گهاريا.
ساهه ٿڌا هئا بادِ صبا جئن،
اشڪِ هجر ڪئين ڪنول سجايا.
برهه بهاريون بيحد لاتيون،
سوز گڏي سو سهڻا سڏيا.
آيا ”امين“ ڪي آرمان ابرو،
ناٿ اچي جن نيٺ نمايا.
11، اپريل 1955ع هالا

 

 

ڪافي 20

ٿل عــشــق ٿــئــي آفـــت ادا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
1-ڀڄ پري کان ڪر سـلام
هن پکيڙيو آهي دام
ٿي نه انــجــو تــون غـــلام
شــــل
بــچـــائــيــنـدئـي خـــدا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
2- هوش ڪرتون هوش ڪر
ره نـــه هـــرگـــز بــي خـبـر
هــي اٿــئــي مــشـڪـل ســفـــر
ســــڻ اهـــا مــنـهــنـجي صـــدا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
ســـور ســهـنــديــن لاجــواب
ســـور ڪــر عـــالــي جــنــاب
درد، دکـــڙا بــــي حــســـاب
ٿــي نــه ڪـنـهـن تـي تون فـدا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
4-عشق جي لهرن اندر
تون نه مر منٽن اندر
دائمي دردن اندر
حوصلو رکجان سدا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
5-رونه هاڻي راهرُو
پنهنجي عزت آبرو
ڪونه ملندءِ ماه رُو
ڇڏ نه ٻوڙي تون ڀلا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
6- هوش سان هلجان ”امين“
پاڻ ٿي پنهنجو معين
پوءِ ملندءِ مهه جبين
پنهنجو پاڻ ئي ناخدا
عــشــق ٿــئـــي آفـــت ادا
24 آڪٽوبر 1963 هالا

 

 

ڪافي 21

ڪنهن جي ڪانه ٿي هيءَ دنيا فاني
         
          آهي هت وفا بدنام.... ڙي....
ڪنهن کي ڪو نه مليو آرام.... ڙي....

 

هر ڪنهن ڳالهه کي دل ۾ ڳڻجي
قدم قدم هت سوچي کڻجي

 

دنيا دوئيءَ جو دام....ڙي....
ڪنهن کي ڪو نه مليو آرام ....ڙي....
لالڻ کي تون لهجان لوچي
ڳولا ڪج پر سوچي سوچي
ٿي نه پوين ناڪام....ڙي....
ڪنهن کي ڪو نه مليو آرام....ڙي....
6 جولاءِ 1958 هالا

 

ڪافي 22

(پهاڙي)

ٿل ڪهڙي سبب مون کي ويٺين وساري
ساهه ٿو سهڻل توکي ساري
1- هيڏي ڪڏهن تو دير نه لاتي

مولا ڪري هجئي وڏڙي حياتي
قرب ڪري وڃ منهنڙو ڏيکاري
2- توکي نه ساريان ٻيو ڪنهن کي ساريان.
ڪنهن لئي ڀلارا هنجهڙيون هاريان
توريءَ ڪير ٿو دلڙي ڌتاري

 

3- پيارا وڃي پرديس وسايئ
ياد وطن جي نيٺ نه آيئي
توکان سوا ڏک ڏيل ٿو ڏاري
4- تنهنجي فهيم کي تات ۽ تاري
هجر ۾ ڳڻتين دلڙي ڳاري
تنهن جي پيارا پيس پناري
18 نومبر 1959

10 بجي شب هالا

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org