سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :3

اوهان جي اٿم ياد، شب روز جاني،
ڪڏهن ڪا اچڻ
جي ڪريو مهرباني.

ٻئي نيٺ جهٽ پٽ ۾ ٿي وينديون فاني،
عجب آهي دنيا عجب زندگاني

نه مٽ سج سندس ۽ نڪي چنڊ همسر،
ڀلا ڪير سهڻي جو ٿي سگهندو ثاني.

ڪريو ڪا ورڻ واري پرديس وارا،
وڃي ٿي وهاميو شبِ زندگاني.

نه ڪنهن تي ڪجئين يار! تون ڀروسو ڪو،
زمانو به فاني، جواني به فاني.

نه غفلت ۾ ڪو دم به خالي وڃايان،
خدايا اها خاص ٿئي مهرباني.

کنيا قتل لءِ دلربا پاڻ سان اڄ،
اهن تي
ر مژگان ۽ ابرو ڪماني.

”امين“ هن زماني ۾ خاموش رهجين،
متان ڪم اچي پيار ۾ بي زباني.
15، جنوري 195
8ع هالا

 

 

اوهين جنهن کي ٿا سمجهو خار سوئي خار ڪونهي ڪو،
اهو تيرِ نظر گل جو اٿو بيڪار ڪونهي ڪو.

مخالف جي ڪري ئي پنهنجي حالت ٿيندي آ بهتر،
نه سمجهو يار ئي هنکي، مگر اغيار ڪونهي ڪو.

مون پنهنجي زندگي ۾ نيٺ هي جانچي ڏٺو آهي،
ته مون جهڙو ڪو ٻيو منهنجو جهان ۾ يار ڪونهي ڪو.

ازل کان مون اوهان جي در جي درباني قبولي آ،
جي گهر جي سر به حاضر آهي، ڪو انڪار ڪونهي ڪو.
20، آڪٽوبر 1956ع هاءِ اسڪول هالا.

 

 

اي بيقرار اي بيڪس نظر اداس نه ٿي،
اجهو ته آيو هو رشڪِ قمر اداس نه ٿي.

جي تنهنجي آه ۾ ناهي اثر اداس نه ٿي،
اٿي ڪا جستجو ٻيهر به ڪر، اداس نه ٿي.

غمن جي رات ڏسي دل نه لاهجان راهي،
ڪڏهن ته ٿيندي خوشين جي سحر اداس نه ٿي.

جدائي درد و الم مهنجي حصّي ۾ آهن،
ڇڏي ڏي حال تي مونکي قمر اداس نه ٿي.

نه آيو يار هي منهنجي ئي ڪم نصيبي آ،
اي شمع! رونه اجايو سحر! ادا
س نه ٿي.

”فهيم“ توکي ته پنهنجي ئي پيار سان ڪم آ،
ڀلي هو تو کان رهي بيخبر ، اداس نه ٿي.
19 آڪٽوبر 1959ع 9:00 رات هالا

 

 

اي دلِ ناشاد هر گز تون ڏکن کان غم نه ڪر،
تنهنجي دردن جو ڪو ٿيندو نيٺ درمان غم نه ڪر.

چند روز آهن خزان جا باغبان غمگين نه ٿي،
”فصلِ گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.“

جو ڍڪڻ وارو آ، هر ڪنهن کي ڍڪي ٿو پاند ڏئي،
ڪيئن ڇڏيندو سو ڀلا هڪ توکي عريان غم نه ڪر.

صاحبِ ڪون و مڪان جي درپيو تو دان
جهان،
سو ڪندو سڀ تنهنجا مشڪل آخر آسان غم نه ڪر.

دل جي ڪشتي جو اگر تو نا خدا مرسل ؐ ڪيو،
خاطري ڪر پوءِ آهين پار، انسان غم نه ڪر.

توکان منزل دور ناهي ۽ نه آ مشڪل ر
َسڻ،
تنهنجو رهبر آهي اعليٰ، اي مسلمان! غم نه ڪر.

هو ته مڙني کان مٿاهون، آ، سندءِ رهبر ”امين“،
خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثنا خوان غم نه ڪر.
16 جنوري 1957ع ميرپور بٺورو

 

 

اي دوست! حياتي ڪو ڳجهو راز نه آهي،
هي آهي اهو دم، جو جو سدا ساز نه آهي.

پنهنجي ته محبّت جو ازل کان ئي جنم ٿيو،
ڇو دور گذارين ٿو، هي آغاز نه آهي.

جو سنگِ در
ِيا رتي سجدي ۾ ڪري پيو،
سو ڪيئن ٿا چئو واعظو! حقباز نه آهي.

دنيا جي ستم، وصلِ صنم ۾ وڌي رنڊڪ،
مان دور، مگر دل ته اڃا باز نه آهي.

اڄ هر ڪو پکي عرش تي پهچڻ جي ڪري ٿ
و،
افسوس جو ميدان ۾ شهباز نه آهي.

اڄ وصل صنم ٿيو نه رهي ڪا ئي اداس
ي،
سو دم نه رهيو باقي جو دم ساز نه آهي.
24، مئي 195
8ع هالا

 

 

اي سڄڻ، منهنجا مٺا! توکان جدا مان ڪيئن رهان،
منهنجي دردن جي دوا ڪر، لا دوا مان ڪيئن رهان.

مون ڏي سهڻا منهن ڪري گهورن ڏئي گهائي وڌئي،
دل کسي بي دل ڪيئي پو دلربا! مان ڪيئن رهان.

تو ڌڪاري ٿو ڇڏين پر منهنجي مجبوري به ڏس،
توکي پنهنجوئي بنائڻ کانسوا مان ڪيئن رهان.

جيئن مڇي پاڻيءَ بنا ڦٿڪيو ٿي ڦٿڪي دلربا،
تو سوا منهنجي
به حالت آ اِها، مان ڪيئن رهان.

قرب تنهنجي آهي مون کي اي قريشي! قيد ڪيو،
دور تو کان يا محمّدؐ مصطفيٰ مان ڪيئن رهان.

 تون تعلّقدار ماڻهن سان هلين ٿو بي حجاب،
پو فقط محروم توکان چئو ڀلا مان ڪيئن رهان.

مون ٻڌو آهي ڪرين ٿو درد مندن جي مدد،
تنهنجي در مايوس پو مشڪلشا مان ڪيئن رهان.

ٿا چون بعد
ِ فنا ٻيهر به ملبو، پر ”امين“!
پنهنجي پيار يا
ر کان جيئري جدا مان ڪيئن رهان.
12، مئي 1954ع هالا

 

 

بت پرستي مان ئي آخر هڪ خدا حاصل ڪيم،
هيءُ سندم خوش قمستي جو ڇا مان ڇا حاصل ڪيم.

جت خرد جو ٿيو ڪمال ات عشق ۾ رکيم قدم،
ٿي جڏهن هڪ انتها، ٻي اب
تدا حاصل ڪيم.

منهنجي ساري زندگي جو پورو مقصد ٿي ويو،
پنهنجي سهڻي جي نگاههِ سرمه سا حاصل ڪيم.

ساري دنيا کان گذاريان ٿو جدا، پرمست و خوش،
هي سبب آهي جو دل، درد آشنا حاصل ڪيم.

ذرو ذرو مست ۽ سرشارو بيخود ٿو ڏسان،
پنهنجي ساقيءَ جي نگاهِ ڪيف زا حاصل ڪيم.

هن جهانِ رنگ و بو ۾ واهه جو سودو ٿيو،
پاڻ، قيمت ۾ ڏئي هڪ باوفا حاصل ڪيم.

دلربا کي نيٺ مون پنهنجو بنايو اي”فهيم“
زيست جي بدلي ۾ دُرِبي بها حاصل ڪيم.
21، جون 1959ع حيدرآباد

 

 

بيوفا دنيا سان ناتو نيٺ مشڪل ٿي ويو،
جنهن کي مون، آسان ڄاتو نيٺ مشڪل ٿي ويو.

پهرين پهرين محفلون محبوب سان ڪافي هيون،
پر جدائي پير پاتو نيٺ مشڪل ٿي ويو.

منهنجو هو ماهِ لقا، مونکي ڇڏي ويو ڇو ڀلا،
مون نه هينءَ هر گز ٿي ڄاتو، نيٺ مشڪل ٿي ويو.

حسن وارن کي محبّت جو صفا احساس ناهه،
کوٽ ۾ هي آهي کاتو، نيٺ مشڪل ٿي ويو.

جنهن فريبِ حسن سان گمراهه سڀ ماڻهو ڪيا،
مون به ان سان پيچ پاتو نيٺ مشڪل ٿي ويو.

ڏس ”امين!“ سيني ۾ ڪيئن سانڍيو هليئن ٿي صاف دل،
ڪنهن نه پر توکي سڃاتو! نيٺ مشڪل ٿي ويو.

2، آگسٽ 1955ع هالا

 

 

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
آ
ه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سيم تن سرو قد صنم ايندو،
جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
24، آگسٽ 195
8ع 9:30 رات، هالا

 

 

بي وفا کي وفا جي ڪهڙي خبر،
هن کي لطف و عطا جي ڪهڙي خبر.

ڪنهن چيو ٿي ته ڏينهن هي ڏسبو،
هاءِ قسمت! قضا جي ڪهڙي خبر.

ڇا کان دورِ جهان خلاف ٿيو،
مونکي تنهن ب
يوفا جي ڪهڙي خبر.

ڇو ٿو واعظ نوا مان نڪرين تون،
توکي منهنجي خطا جي ڪهڙي خبر.

جن جي تاريڪ ٿي چُڪي دنيا،
تن کي ماهِ لقا جي ڪهڙي خبر.

ابتدا ٿي خوشين سان آهي ”فهيم“
عشق ۾ انتها جي ڪهڙي خبر.
26، جولاءِ 1957ع هالا

 

ٻٽي گهڙيون گڏ گذاري آخر سڀن اڪيلو ڇڏيو سفر ۾،
سواءِ درد والم جي هاڻي رهيو ڇا باقي دل و جگر ۾.

اهو زمانو ئي ختم ٿي ويو جو ڪنهن سان ڪنهن ڪا وفا ڪئي ٿي.
اي هم نشين
! هاڻ اهڙو انسان ڪو نه ڏسبو ڪو جهنگ جهر ۾.

نظر نظر سان ملي نصيباً ڪيا مگر هُنَ هزارين احسان،
ڏئي خزانو ويو پيار وارو ۽ ٿيو اضافو دلي ثمر ۾.

عجيب مستي ۽ رنگ سان، هر گهڙي تصّور ۾ آئين مون وٽ،
نظر تون هر شئي ۾، هر ستاري ۾ آئين، توکي ڏٺم شجر ۾.

متان وسارين اي پيارا پرديسي، پيار الفت جون چار گهڙيون،
جي گڏ گذاريون سين کلندي کلندي شبِ جدائي کان پو سحر ۾.

مون پنهنجي ڌن ۾ ئي مست و خوش پي سدا گذاريو مگر اي قسمت،
نگاهِ نازڪ مان تير آيو سڌو اچي سو لڳو جگر ۾.

گهڻئي وساريم مگر نه وسري سا رنگين محفل ”فهيم“ جنهن ۾،
ڪمندِ ذلف
ِ دوتائ دلبر وڪوڙي ورتو هو پنهنجي ور ۾.
6، سيپٽمبر 195
8ع 9 بجه رات _هالا

 

ٻڏڻ وارن لءِ دلداريءَ سندو ساحل به ڪجهه ناهي،
مرڻ وارن جي سر تي خنجر
ِ قاتل به ڪجهه ناهي.

عجب قانون الفت جا ڏسي مونکي لڳي حيرت،
نه آهي ڪا به آساني وري مشڪل به ڪجهه ناهي.

ڏنو آ عشق حضرت هي سبق صحرا نورديءَ جو،
مسافر واسطي اڄ، جاده
ء منزل به ڪجهه ناهي.

صراحي، ساغر و
مينا، ڏٺم مئخوار ويڳاڻا،
سوا تنهنجي اي ساقي! رونق محفل به ڪجهه ناهي.

شرابِ ارغواني طور، خونِ دل پيئڻ گهرجي،
نشو جيڪا نه چا
ڙهي نينهن جو سا دل به ڪجهه ناهي.

ضرورت ناهي مونکي ڪا به تعريفن ڪرڻ جي اڄ،
”صنم جي رخ اڳيان يارو! مههِ ڪامل به ڪجهه ناهي.“


دلاسو درد مندن لءِ امين عربيؐ جو ڪافي آ،
اڳيان محبوب مرسلؐ جي سندم مشڪل به ڪجهه ناهي.
16، جنوري 1955ع هالا

 

 

پڇو ڇا ٿا اي يارو! پنهنجي گل جو خار آهيان مان،
انهيءَ سان منهنجو ڇا، جيڪر ٻين تي بار آهيان مان.

هميشه يار سان گڏ پر جهان وارن جي نظرن ۾،
فقط هڪڙو ئي گلشن ۾ رهيو بيڪار آهيان مان.

سندم هونئن ڪابه وقعت ڪا نه دنيا ۾ رهي ها پر،
طفيلِ يار ئي هردم رهيو نِروار آهيان مان.

ٻين سان دل لڳڻ مشڪل رڳو هن ڳالهه کان ٿي وئي،
جومي عشقِ صنم کان هر گهڙي سرشار آهيان مان
.

سحر هڪڙي طرح گذري، بدلجي شام
آئي آ،
جهان جي هن دورنگي دور کان بيزار آهيان مان.

پڇيم تنهنجي چمڻ لءِ ڇو هزارين منتظر آهن،
چيئين ان لاءِ جو پيارن سندو پ
يزار آهيان مان.

 

مزاجِ يار جو اهڙو ”فهيم“ آهي اثر مون تي،
ڪڏهن اقرار آهيان مان ڪڏهن انڪار آهيان مان.
ڊسمبر 1956ع

 

 

پڙهيو مون قرب جو جيئن پي ڪتاب آهسته آهسته،
ويس ٿيندو انهيءَ مان فيضياب آهسته آهسته.

گنهگاري جي حد تي مان جڏهن يارو وڃي پهتس،
ٿيو پيدا تڏهن شوقِ ثواب آهسته آهسته،

گلن جي بو، مٺي محفل، صبا جي هير ٿڌڙي ۾،
”هلايو يار اڄ دورِ شراب آهسته آهسته.“

لبن تي مُرڪَ سهڻي جي مونکي، اينهين نظر آئي،
ٽڙي مکڙيءَ منجهان ڄڻ پيو گلاب آهسته آهسته،

ڪيم اقرار لءِ حيلا هزارين ميڙ ۽ منّت،
مليو انڪار جو آخر جواب آهسته آهسته،

رقيبن ٿي وڌارو
لا مگر بيسود سڀ ٿي ويا،
”امين“ جو عشق ٿي ويو ڪامياب آهسته آهسته.
19، نومبر 1953ع 3:30 رات

 

 

پنهنجي دلدار ساڻ ملڻو آ،
خوش ٿي هر حال تنهن سان هلڻوآ.

ڪين ڪنهن
کي به حال ڏيندس مان،
دل جو دلبر سان سور سلڻو آ.

واٽ جيڪا وٺي سڄڻ ويڙو،
انجي نقشِ قدم تي هلڻو آ.

عشق عربيءَ جي آگ لاتي آ،
جوش جولان تنهن ۾ جلڻو آ.

دائما اي ”امين“! محمّدؐ جو،
عشق جهوليءَ ۾ پائي جهلڻو آ.
19 ڊسمبر 1953ع
هالا

 

 

پيار ۽ تنهنجو پيار ڇا چئجي!
مست نظرن جو وار ڇا چئجي!

تنهنجو وعدو
۽ وعدو مون سان ڪيل،
پو به هي اعتبار! ڇا چئجي!

توکي ماڻهن جي روبرو جاني!
دوست، محبوب، يار ڇا چئجي!

دل جي ويراني  ۾ به تون آهين،
توکي جانِ بهار، ڇا چئجي!

بي وفائي، وفا جي بدلي ۾،
شرم، ڪاوڙ يا آر ڇا چئجي.

بي وفا کي، حسين لفظن ۾،
اي دلِ داغدار، ڇا چئجي!

تنهنجي هوندي به دل جي تڙپڻ کي،
بيقراري؟ قرار؟ ڇا چئجي!

منهنجون راهون پيو هو ڏسي اڄڪلهه!
حسن ۽ انتظار ! ڇا چئجي!

جن کان سانوڻ جا مينه
َن شرمائن،
سي اکيون ا
شڪبار! ڇا چئجي!

فڪر ۽ فڪر پاڻهي پنهنجو ”فهيم“،
پاڻکي بار بار، ڇا چئجي!
23، جون 1961ع 3:30 رات، هالا

 

 

ڀلا سا ڪهڙي محفل جنهن ۾ هو رشڪِ قمر ناهي،
انهي کي هڪ شبِ تاريڪ چئو جنهنجي سحر ناهي.

سرِ
تسليم خم بس هڪ ئي پنهنجي يار وٽ ٿيندو،
جهڪي جو جابجا سو همنشين! هي منهنجو سر ناهي.

هيم جيڪي سو تنهنجي پيش خدمت مون ڪيو سهڻا،
محبت کان مٿي مون وٽ ٻيو ڪو ئي ثمر ناهي.

ڪيو تو قيد هڪڙي ئي نظر جي ناز سان دلبر،
جهان ساري ۾ ٻيو ڪنهن کي به تو جهڙي نظر ناهي.

سڄڻ پنهنجي لءِ هڪڙو نئون جهان دل ۾ بنايو ٿم،
جتي شاخ و شجر ناهي جتي شام و سحر ناهي.

”فهيم“ ان کي ٻڌائين ڇو ٿو درد
ِ دل جو افسانو،
هجئي معلوم توکان تنهنجو دلبر بي خبر ناهي.
4 سيپٽمبر
1958ع

هالا

 

 

تعلّق آهي اهڙو ئي نظر جو ناز وارن سان،
ٿئي ٿو ربط جهڙي طرح لهرن جو ڪنارن سان.

ڪڏهن هيئن ڪو نه ٿيو آهي، جو گل دامن ۾ اٽڪي پئي،
مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.

شبِ فرقت ۾ هي رئندا رهيا هو ڦٿڪندا رهيا،
ڪئي رشڪِ قمر ڪهڙي نه تارن ۽ ستارن سان.

نه گل ۾ بو نه رنگيني جي هو ناهي ته ڪجهه ناهي،
طب
يعت ڪيئن لڳي آخر بهارن سان نظارن سان.

عجب جهڙا ٿين ٿا رشتئه تقدير دنيا ۾،
تعلّق
ٿئي خزان سان ٿو محبت ٿئي بهارن سان.

 

گذاري رات ساري ميڪشن بيگانگي ۾ ئي،
نه ساقي آيو محفل ۾، نه اڀريو چنڊ تارن سان.

گلِ خوش رنگ آخر پنهنجي فطرت تي ئي خوش ٿيندو،
اهو سوچي مان پنهنجو گهر سجايان ويٺو خارن سان.

ڪنڊن جي قرب تان صدق
ي خزان ۾ پڻ جهليئون دامن،
اهي ئي وقتِ مشڪل ٿا نڀائن درد وارن سان.

”فهيم“  آهي محبت جو اثر ميدانِ الفت ۾،
زمين جي خاڪ هوندي گڏ رهون ٿا ماه پارن سان.
21، فيبروري 1960ع

 

 

00-11 رات ڳوٺ مٿوڻ نارو

تو ته ڪنهن سان وفا نه ڪئي آهي،
مون ۾ دلبر وفا گهڻئي آهي.

قيمتي شيءِ فقط محبّت آ،
ٻي ته هر چيز ڄڻ
ڪ رئي آهي.

ڪو نه موٽئين سڄڻ وڃڻ کي وئين،
توبه وهه جي وفا ڪئي
آهي.

ڇو ٿو وعدا وفا جا مون کان وٺين،
تون سان الفت سڄڻ اڳئي آهي.

هر ڪلي اشڪِ غم سان سينگاريم،
مالهيءَ سمجهو ته ماڪ پئي آهي.

جان جي وئي ته ڇا ٿي پيو اي ”فهيم“،
دل به پنهنجي هٿن مان وئي آهي.
 

12، اپريل 1959ع

9:00 رات_ هالا

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org