سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :1

پيغام

مخدوم محمّد امين ”فهيم“

 

مصنف طرفان

          منهنجي شاعري جي ابتدا هالن ۾ ٿي. هالن جو ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان قبله والد صاحب جن جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي انهيءَ طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو.

          اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جي دوران اڪثر ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو هو ۽ مختلف شعرا جو ڪلام آهسته آهسته سمجهه ۾ اچڻ لڳو ۽ پوءِ پاڻ به شاعري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي هئي.

          هڪ ڀيرو هالن ۾ هم عمر ۽ هم خيال دوستن سان ويٺا هئاسون ته اهو فيصلو ٿيو ته اچو ته شاعري ڪريون. اسان ۾ سينيئر شاعر محبوب سروري هو، جنهن هڪ مصرع طرح ڏني. انهي تي اسان سڀن لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ علي احمد شاهه، امير علي شاهه، خورشيد شاهه، محبوب صاحب ۽ آءُ شريڪ هئاسون شايد ڪو ٻيو دوست به هجي ۽ اڳتي هلي نالو ذهن ۾ اچي وڃي. اهڙي طرح منهنجي شعر و شاعري جو سلسلو جاري رهيو، مختلف وقتن تي ڪڏهن ڪا مصرح طرح رکي انتي في البديه غزل لکندا هئاسين ته ڪڏهن وري مصرع طرح رکي باقاعده مشاعرو ڪندا هئاسين، ان وقت اسان جي حلقي ۾ بهتر شاعر محبوب سروري هو، ابتدا ۾ آءُ محبوب کي ضروري اصلاح لاءِ پنهنجو ڪلام ڏيکاريندو هئس. آهستي آهستي ڳالهه سائين وڏن تائين پهتي ته مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ منهنجو حلقهء احباب هي (اڳ ڄاڻايل) آهي، آئون سمجهان ٿو ته 1954ع جي گرمين واري موسم ۾ سائين وڏا مون کي پاڻ سان گڏ ڪوئٽه وٺي هلايا اتي ذڪر نڪتو ته آئون شاعري ڪريان ٿو، مون عرض ڪيو ته ”سائين جن مون کي باقاعده استادي ڏين“ پاڻ مهرباني ڪري اها گذارش قبول ڪيئون ۽ منهنجي شاعري جو باقاعدا اصلاح ٿيڻ شروع ٿي ويو. ڪوئٽه (بولان هوٽل) ۾ ئي سائين وڏن مون کي هڪڙي مصرع طرح ”يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم“ ڏني ۽ فرمايائون ته ”هن تي غزل لکو“ مون لاءِ وڏي پريشاني جو باعث ٿيو ته لکان ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان، ڇا جي ڪري جو غزل لکي سائين جن کي ڏيکارڻو هو ۽ اهو غزل عشقيه لکڻ کان گهٻرايم پي، آخرڪار هي غزل لکيم ”دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم“ پاڻ غزل ڏسڻ کان پوءِ همت افزائي ڪيئون ۽ بحرووزن وغيره جي سمجهاڻيءَ سان گڏوگڏ ٻه چار اهم نڪتا پڻ سمجهايائون، مثلاً

(1)  ڪلام ۾ ڪي به غير ضروري لفظ (يَرَوغيره) زوريءَ ڪم نه آڻجن.

(2) شاعري ۾ پاڻکي مظلوم، بيمار، ضعيف ۽ بيوس وغيره نه سڏ جي بلڪ هميشه حقيقت ۽ هر ڳالهه جو خوشگوار رخ بيان ڪجي وغيره.

آئون پهرين”امين“ تخلص طور استعمال ڪندو هئس ليڪن بعد ۾ سائين وڏن تخلص ”فهيم“ تجويز فرمايو، انهيءَ کان پوءِ ”امين فهيم“ ادبي نالو ٿيو.

1955ع ۾ اسان (امين فهيم، علي بهادر عڪس، علي احمد شاهه ساقي، امير علي شاهه امير، خورشيد شاهه ساغر، مهر علي تابع سروري وغيره) گڏجي ”بزم امين“ قائم ڪئي، ان جو آئين ٺاهي عمل ۾ آندو سين ۽ باقاعده طرحي، غير طرحي ۽ في البديهه مشاعرا ڪندا هئاسين، انهيءَ دور ۾ ادا علي بهاردر عڪس به پوري شوق سان شاعري ڪندو هو ۽ هر مشاعري ۾ حصو وٺندو هو، سندس ڪلام جو هڪڙو شعر بطور نمونه هتي ڏجي ٿو:

بيحال ”عڪس“ آهيان، ڪيئن مان اميدون لاهيان

تنهنجي دوا ٿو چاهيان، جاني! وڃو جياري

          اڄڪلهه علي بهادر عڪس، امير علي شاهه امير ۽ خورشيد شاهه ساغر شاعري ڪونه ڪن البته ساقي سروري ۽ تابع سروري اڃا به شعر و شاعري ڪن ٿا ۽ قبلا سائين جن وٽ تقريباً هر مشاعري ۾ شريڪ هوندا آهن.

          مون پنهنجي شاعري ۾ غزل، قطه، نظم، ڪافي ۽ ڏوهيڙن وغيره کان علاوه قومي جذبات وارا نظم به لکيا، 1965 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، آل سنڌ قومي ترانه جو مشاعرو ڪرايو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شاعرن حصو ورتو ۽ مون به هڪڙو نظم (اي وطن اي جانِ من) لکيو جيڪو منهنجي خيال مطابق بيحد سٺو نظم هو ۽ انهيءَ کي ڪهنه مشق شاعرن تمام گهڻو پسند ڪيو. اتفاق سان اهو نظم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ويو ۽ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر جي اهليه بيگم نياز مون کي باقاعده پهريون انعام ڏنو، آءٌ نهايت نهايت خوش ٿيس، ان کان پوءِ چند مختلف شاعرن، خاص طرح سان هڪڙي دوست جنهنجو تعلق سکر سان آهي انهيءَ سخت تنقيد ڪئي چيو ويو ته ”مون اهو نظم پاڻ نه لکيو آهي، ڪنهن کان لکرايو آهي، طرفداري ڪئي ويئي آهي، ججن جو پئنل جيڪو هو سو طرفدار هو ۽ ٻين جو حق ماري مون کي غلط نموني سان پهريون انعام ڏنو ويو آهي.“ مون کي ان جو شديد ڏک پهتو ۽ مون تي انجو ايترو اثر ٿيو جو انهيءَ کانپوءِ قومي نظم، قومي غزل يا قومي جذبات تي ٻڌل ڪجهه به لکڻ ڇڏي ڏنم.

          هڪڙي دفعه ”ڄام ڏاتار“ تي سائين وڏن جي سالگره مبارڪ ملهائي وئي ۽ هڪ شاندار مشاعري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو، انهيءَ وقت مون هي ڪافي لکي ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ۽ جرات اها ڪيم جو قبلا سائين کان اصلاح ڪرائڻ بغير ئي ڪافي مصري فقير کي ڏنم ته محفل ۾ ڳائي، مشاعري دوران قبلا سائين، ميون محبوب علي، گرامي صاحب، اسد الله شاهه، احسن الهاشمي، فقير سرشار عقيلي وغيره اسٽيج تي ويٺل هئا پر مشاعري ختم ٿيڻ تي قبلا سائين سان گڏ سامهون وڃي ويٺا (مون لاءِ سائين حڪم ڏنو ته آءُ اسٽيج تي ئي ويٺو هجان) محفل شروع ٿي، جنهن مهل انهيءَ ڪافيءَ جو وارو آيو ۽ مصري فقير اها ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪافي ڏاڍي لڳي، مون ماٺ ڪري اسٽيج تان جائزو پي ورتو ته رد عمل ڇا آهي، ڏٺم ته سائين جن ڪافي کي تمام گهڻو پسند پي ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته ميون محبوب علي  ۽ گرامي صاحب وغيره هڪ ٻئي ۾ چه مگويون پيا ڪن ته اهو ڪلام ڪنهن جو آهي، جڏهن ڪافي پوري ٿي ۽ نالي واري مصرع آئي ته سائين جن پڇيو ته اهو ڪنهنجوڪلام آهي جڏهن معلوم ٿيو ته اهو ڪلام منهنجو آهي ته قبلا سائين جن اسٽيج تي چڙهي آيا اچي منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ”بابا، واهه جي ڪافي لکي اٿئي اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ“؛ قبلا سائين طرفان ايڏي سنَدَ ملڻ تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي.

          منهنجي ڪلام مان چند غزل، چند شعر يا چند قطعا منهنجي پسند جا آهن ۽ وڻندا اٿم انهن کي ورجائڻ ڪونه ٿو چاهيان سڄو ڪلام پڙهندڙ جي ذوق تي ڇڏڻ چاهيان ٿو.

شعروشاعري جو سلسلو اڃا به جاري آهي، وقت ماحول ۽ صحبت جي لحاظ کان ڪڏهن غزل ڪڏهن قطعا ڪڏهن ڪافي ۽ ڪڏهن اردو شاعري به ڪئي اٿم، وقت سارو اردو شاعري جدا شايع ڪبي، هن وقت جيڪي آهي سو حاضر آهي.

 

امين فهيم

1_ فيبروري 1991ع

جمعو،

8 - اَي لطيف آباد

 

تحرير خاص

          مخدوم امين فهيم منهنجو وڏو فرزند جنهن تي منهنجي پڙڏاڏي مرحوم مخدوم امين محمّد صاحب ”امين“ جو نالو رکيل آهي تنهنڪري اسين ۽ سروري جماعت توڙي اسانجا راڄ کيس ”ڏاڏا سائين“ ڪري چوندا آهيون، مگر ٻاهرين دنيا ۾ پاڻ مخدوم امين فهيم جي نالي سان سڏبو آهي کيس به پنهنجي خانداني ورثي ۾ شاعري ملي آهي يعني مخدوم نوح سرور عليه الرحمته شاعر هئا سندن پوٽو لاکو لطف الله به شاعر هو ڳنانِ پوءِ به سروري خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا، جن مان ڪن جو احوال مون پنهنجي تصنيف ”ياد رفتگان“ ۾ ڏنو آهي.

مخدوم امين محمد صاحب ”امين“، 12 سجاده نشين پنهنجي همعصرن ۾ سٺو شاعر هو، وري مخدوم مرحوم غلام محمد، 15 سجاده نشين به شاعر هئا ۽ تخلص مغموم هون اهڙي طرح آئون(طالب الموليٰ) 16 سجاده نشين به پنهنجي وقت جي سٺن شاعرن مان هڪ شاعر آهيان. امين فهيم به پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ جديد ۽ قديم شاعري جو رنگ موجود آهي جو پڙهندڙن کي نهايت محظوظ ڪندو. پاڻ اڪثر غزل ئي لکيو اٿس ۽ بهترين لکيو  اٿس.

          مون کي هن ڳالهه تي خوشي سان گڏ فخر به حاصل آهي ته پنهنجي وڏي فرزند امين فهيم جي ڪلام جي مجموعي ”پيغام“ تي ڪجهه لکيو اٿم، دعا ٿو ڪريان ته”الله ڪري زورِ قلم خوب و زياده“

 

طالب الموليٰ

5 جمادي الاول 1411هه

4 ڊسمبر 1990ع اڱارو

هالا

 

ناشر جو نوٽ

شاعري اڪتسابي عمل ڪونهي پر الهام جو نمونو آهي. ان جو ثبوت جناب مخدوم محمد امين فهيم صاحب جن جي زير نظر ڪلام ”پيغام“ مان ملي سگهي ٿو.

          مذڪوره بالا شخصيت نهايت مصروف عمل سياستدان آهي. سياست هر وقت متحرڪ رهڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. سياست جا نشيب و فراز، محروميون ۽ حاصلات، سدائين هڪجهڙو نه رهڻ جي باوجود هڪ تسلسل رکن ٿا پر جيئن ته اسانجي هن محترم سياستدان کي شاعريءَ ۾ به ملڪو حاصل آهي، جيڪو پنهنجي طبعي ۽ فطري عمل سان مصروف رهيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه تخليق ڪندو رهيو آهي سو پيغام ۾ ”مشت نمونو خروار“ جي مصداق موجود آهي.

جناب مخدوم امين فهيم صاحب کي جيڪي ادبي ذوق جا ماڻهو بحيثيت شاعر جي سڃاڻن ٿا، تن جي اها شڪايت بجا هئي ته موصوف جي فرزند ارجمند جو ڪلام هن کان اڳ زيور طباعت سان آراسته ٿي داد حاصل ڪري چڪو آهي، مگر ”فهيم“ صاحب جو ڪلام انتظار ئي ڪرائيندو رهيو.

”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ سنڌي ادبي بورڊ سان هن  ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي رهي آهي ۽ ڪلام کي مجسم پيغام بنائي چار چنڊ لڳائي، سيبائتي نموني ڇاپڻ ۾ آزاد ڪميونيڪيشن وارن به گهٽايو ڪونهي.

          آءُ احسان مند آهيان، ادب پرور ۽ اديب نواز شخصيت قبله چيئرمن صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ۽ سندن بورڊ آف گورنرس جي فاضل ميمبرن جو، جن جي خاص هدايتن ۽ رهنمائيءَ ۾، مونکي هيءَ سعادت حاصل ٿي. اسان ايئن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته:

 

گهڻو دلبر لڪيئن ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي ورتو
رخِ انور کي سهڻا نيٺ مون پارن ڏسي ورتو.

 

ولي محمد رونجھو(ولي سروري)

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

3 ڊسمبر 1990ع

ڄام شورو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org