ضميمو
دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم (غزل)
صفحه نمبر – 78
ڪوئٽه ۾ ساءِ جن [قبلا طالب الموليٰ
سائين] کي معلوم ٿيو ته مون شاعري شروع
ڪئي آهي – پاڻ طرح ڏنئون، ان تي هي غزل
لکيم
7- جولاءِ 1954 بولان هوٽل ڪوئٽه.
دل کي عاشق تون بيقرار نه ڪر (غزل)
صفحه نمبر – 75
محبوب [محمد بچل محبوب سروري] جي ڏنل طرح
تي لکيل
21 – جولاءِ 1954 هالا
وڃڻ بعد هر ڪنهن جون خوبيون ٿيون ڏسجن
(غزل)
صفحه نمبر – 148
هي غزل مرحوم ڏاڏا مولوي مخدوم غلام حيدر
صاحب جن جي انتقال بعد لکيو ويو.
20 آگسٽ 1954 هالا
محّمد صه تنهنجي مي جو مان ٿيس مئخوار بسم
الله
(نعت)
صفحه نمبر – 3
اڱاري جي خوش نصيب ڏينهن خواب ۾ حضور اڪرم
صلي الله عليه وسلم جن جو ديدار نصيب ٿيو،
ننڊ مان اُٿي هي نعتيه غزل لکيو ويو.
23 نومبر 1954 حيدرآباد سنڌ.
محبت جي عوض ڪنهن وٽ محبت ڪا نه ٿي ڏسجي
(غزل)
صفحه نمبر – 111
في البديه مشاعرو بنگلي تي ڪيو سين، غلام
قادر [حسرت] طرح ڏني،
اڌ ڪلاڪ ۾ لکيل غزل.
14 – ڊسمبر 1954 هالا
آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس (غزل)
صفحه نمبر – 16
هالن ۾ في البديه مشاعرو ڪيونسون، پندرهن
منٽ وقت رکيل هو، محبوب، حسرت، ساقي ۽ مون
غزل لکيا، گره وارو شعر منهنجو ۽ محبوب
صاحب جو بلڪل هڪ جهڙو ٿيو.
18 ڊسمبر – 1954 هالا
ڪين تون پنهنجي جفائن جي ڪرين ٿو ڪار بس
(غزل)
صفحه نمبر – 105
في البديه مشاعرو بنگلي تي ڪيو ويو – اڌ
ڪلاڪ اندر لکيل غزل.
20 ڊسمبر 1954 هالا
نهاريان ٿو هر وقت تنهنجي گسن ۾ (ڪافي)
صفحه نمبر – 245
في البديه مشاعري ۾ غلام قادر حسرت جي ڏنل
طرح تي اڌ ڪلاڪ اندر لکي ويئي
22 – ڊسمبر 1954ع هالا
ڪرين ڇو ٿو سهڻا ستائڻ جي ڪوشش (غزل)
صفحه نمبر – 98
رفيق ڪمپني هالا ۾ سائين جن جي زير صدارت
هڪ في البديه مشاعرو ٿيو. سڀني کان طرحون
ورتيون ويون، مون به طرح ڏني جا سڀني پسند
ڪري منظور ڪئي اُن تي سڀني ڪلاڪ اندر غزل
لکيا سائين جن، اختر حاحب [هالائي]، محبوب
صاحب [محمد بچل محبوب سروري]، انور، [محمد
شفيع انور هالائي]، ساقي صاحب [سيد علي
احمد شاهه ساقي سروري] ۽ ٻيا به ڪيترا
شاعر هئا جن غزل لکي پڙهيا هي منهنجو غزل
محبوب پڙهيو.
26 ڊسمبر 1954 هالا
منهنجي ڦاسڻ لئي بنيو هڪ دام خاص (غزل)
صفحه نمبر – 138
ڪراچيءَ ۾ سائين جن وٽ سر شار عقيلي صاحب
آيو [محفل احباب جو مشاعرو هئو] طرح مصرع
ڏئي ويو – اُن تي مون به غزل لکيو – منهجو
غزل سائين جن [قبلا طالب الموليٰ سائين]
پڙهيو! پنجون شعر سرشار جي پٽ ٽيپو جي هڪ
شعر سان ڪافي مليو ٿي.
1 جنوري 1955 ڪراچي سنڌ
ٻڏڻ وارن لئي دلداري سنڌي ساحل به ڪجهه
ناهي (غزل)
صفحه نمبر – 41
سائين جن وٽ في البديه مشاعرو ٿيو – طرح
مصرع پاڻ ڏنئون – پاڻ [طالب الموليٰ
سائين]، اختر، انور، محبوب ۽ مون غزل
لکيا.
16 – جنوري 1955 هالا
مون کان نه ڪو آهي ڏوهه ٿيو پر مست نظر
مجبور ڪيو
(غزل)
صفحه نمبر – 129
سائين جن هيءَ مصرع طرح ڏني، سائين جن ۽
مون غزل لکيا، شايد محبوب، به لکيو – هي
غزل محفلِ احباب ڪراچيءَ ۾ مون خود پڙهيو
– اهو پهريون دفعو هو.
17 – جنوري 1955
ڪوجها، ڪنڙا، قياس جهڙا (بيت)
صفحه نمبر – 251
منهنجي شاعريءَ ۾ بيت جي شروعات مٿين چئن
بيتن کان ٿئي ٿي، جي ”ڪچڪول“ ڪتاب پڙهندي،
ان کان متاثر ٿي لکيا ويا.
16 – مئي 1955 هالا.
”مشترڪه غزل“
صفحه نمبر – 278
1955ع ۾ دريا جي ٻوڏن سبب حيدرآباد لڏي
وڃڻ ٿيو – اُتي بئريج ڪالوني ۾ فرسٽ نمبر
انسپيڪشن بنگلي ۾ رهڻ ٿيو – هڪ رات ڪچهري
ڪندي خيال ڪيوسون ته گڏجي غزل لکجي – پوءِ
حسب ذيل غزل مون ۽ علي احمد شاهه لکيو، هڪ
ڪلاڪ وقت رکليل هو.
2 – آگسٽ 1955 هالا
يا خدا! او مهربان!! منهنجا خدا!!! منهنجا
خدا
(مناجات)
صفحه نمبر – 265
هالن ۾ مون ۽ مهر عليءَ وزن مقرر ڪري اُن
تي اڌ ڪلاڪ اندر غزل لکيا.
2 – آڪٽوبر 1955 هالا
اسان جي شهر هالن کي بچائج يا رسول الله!
(مناجات)
صفحه نمبر – 263
هالن کي دريا جي پائڻ کان سخت خطرو هو –
هي هڪ التجا لکي وئي.
21 – ڊسمبر 1955 هالا
منهنجي اکين ۾ لڪل منهنجو ئي هڪڙو يار آ
(فرد)
صفحه نمبر – 273
شهدادپور جي مسافريءَ تي وڃڻ ٿيو – ڌني جي
ڀِٽ ۾ دعوت هئي – حسين بخش خادم هڪ مصرع
طرح کڻي آيو ته ان تي سڀ هڪ هڪ شعر لکن ته
غزل ٿئي – مون مٿيون شعر لکيو – ٻين به ان
تي جدا جدا شعر لکيا.
25 – مارچ 1956 ڌني جي ڀِٽ.
ساقي رڳو شراب پيارڻ ۾ محو آ (فرد)
صفحه نمبر – 275
علي احمد شاهه ساقي ڏي هي شعر موڪليو ويو.
6 – مئي 1956 هالا
چگُو جو مون کي مليو درد پنهنجي دلبر جو
(قطعه)
صفحه نمبر – 172
هي قطعه بخار ۾ لکيو ويو – حسن شاهه [حسن
الهاشهي] ۽ گل محمد موجود هئا.
22 – آگسٽ 1956 هالا
اوهين جنهن کي ٿا سمجهون خار، سويَرَ خار
ڪونهي ڪو
(غزل)
صفحه نمبر – 29
هيءُ غزل هالا هاءِ اسڪول ۾ لکيو ويو.
20 – آڪٽوبر 1956 هالا
سڄڻ آهيان سندءِ نوڪر انهي ۾ ڪو به شڪ
ناهي (نعت)
صفحه نمبر – 4
7 – سيپٽمبر 1957 رات جو هوسڙيءَ ۾ ”محفل
سروري“ پاران مشاعرو ٿيو – جنهن ۾ مون هي
غزل پاڻ بيهي پڙهيو – مائيڪ تي بيهي پڙهڻ
جو اهو پهريون اتفاق چئجي.
مريضِ عشق جيڪو لادوا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو
(غزل)
صفحه نمبر – 125
نواب شاهه ۾ طرحي مشاعرو ٿيو – منهنجو هي
غزل خادم [حسين بخش] ترنم سان پڙهيو.
20 – آگسٽ 1957 هالا
سو سهڻو سدا دل ساري (ڪافي)
صفحه نمبر – 227
سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڊرامه ”ليلا
چنيسر“ ٿيو – ان لاءِ هيءَ هڪ ڪافي مون
کان به ورتي وئي ڪنئورو جي پارٽ لاءِ –
ڊرامه منهنجي نگراني هيٺ ٿي گذريو – آئون
ايف – اي ۾ هوس.
12 – نومبر 1957 هالا
جڏي جندوري شال جياري (ڪافي)
صفحه نمبر – 214
اڇ وڃڻ ٿيو – رات جو ڪافيءَ جو في البديه
مشاعرو ڪيو سون – مون، ساقي سروري ۽ خادم
سروري ڪافيون لکيون.
20 – نومبر 1957 – اڇ 9.30 رات
ڪيڏو نه لطف آهي شبِ انتظار ۾ (غزل)
صفحه نمبر – 125
ڪرم جي ڳوٺ في البديه مشاعرو ڪيوسون –
ساقي، خادم ۽ حسرت به غزل لکيا
8 – ڊسمبر 1957 ڪرم جو ڳوٺ 10 کان 11 رات
حضورِ يار ۾ هر دم سرِ تسليم خم ٿي ويو
(غزل)
صفحه نمبر – 65
جمال ڏهري ڏي تترن جو شڪار هو – رات جو
ڪاليج ۾ مشاعرو ٿيڻ وارو هو – ان لاءِ
شڪار کان بعد غزل لکيم.
12 – ڊسمبر 1957 جمال ڏهري ڳوٺ
يا مونکي علمبردار نه ڪر، يا منهنجو ڪو
خالي وار نه ڪر
(غزل)
صفحه نمبر – 158
قاسم ٻگهئي جي ڳوٺ ڊرامه ۽ مشاعرو سائين
جن جي صدارت هيٺ ٿيو – مون اڳواٽ غزل ڪو
نه لکيو هو – اتي فقط پندرهن منٽ اڳ
[مشاعري کان] ماني کائيندي هيءَ غزل حسرت
کي لکائيندو ويس.
21 – ڊسمبر 1957 قاسم ٻگهئي جو ڳوٺ
کلن خوش ٿي خير سان شل سڄڻ سونهارا (بيت)
صفحه نمبر – 253
هي بيت لڪياري آباد ۾ لڪيا ويا – اتي
شاديون هيون شاهن جون ۽ اُن موقعي تي وڃڻ
ٿيو هو [جڙيل شاهه دونهائي واري جي ڀائٽين
جون شاديون هيون.]
7- فيبروري 1958
رڳو ساقي! تون هل مون سان پو مئخوانا لڀي
پوندا (غزل)
صفحه نمبر 82
بنگلي تي في البديه مشاعرو ڪيوسون جنهن ۾
مون، خادم، ملازم [شهباز ملازم سروري] ۽
ساقي غزل لکيا – طرح ساقي ڏني.
9 – فيبروري 1958 15-11 رات
خوش هجين يار سدا تنهنجي حياتي جو خير
(غزل)
صفحه نمبر – 70
حاجي علو ”واڱڻ“ [جڏهين به حاضريءَ تي
ايندو هئو يا وڃڻ وقت موڪلائيندو هئو] کي
چئبو هؤ ته: چڱو حاجي! ته پاڻ چوندو هئو،
”تنهنجي حياتي جو خير“ سندس اهو جملو رديف
طور ڪم آندو ويو.
11 – فيبروري 1958 هالا
ڏيڻ دل آهي آسان، پر وٺڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
(غزل)
صفحه نمبر 79
بنگلي تي في البديه مشاعرو ڪيو سون – خادم
۽ ساقي غزل لکيا – هڪ ڪلاڪ وقت رکيل هو.
3 – مارچ 1958 هالا – 10 رات
خدا ڄاڻي ته پورو هجر وارو غم ڪڏه ٿيندو
(غزل)
صفحه نمبر – 69
سائين جن ناري مسافريءَ تي هئا – آئون حڪم
موجب ٻن راتين لاءِ ويس – هڪ رات حاجي فتح
الدين شاهه جي دعوت هئي ۽ ٻي را حاجي مير
خان شاهه جي دعوت – اُتي في البديه مشاعرو
ڪيو ويو – مصرع طرح سائين جو مقرر ڪئي –
سائين جن مون، خادم ۽ جانثار مومن ڪلاڪ ۾
غزل لکيا.
10 – مارچ 1958 ٽنڊو مٺا خان
منهنجو رشڪِ ماه تاب – اڄ وري ٿيو بي نقاب
(غزل)
صفحه نمبر – 133
هي غزل هالن ۾ في البديه [فقط ڏهن منٽن
اندر] لکيو ويو.
24 – مارچ 1958 هالا
رندن تي روز و شب روئي رڙي وَرَ کي
ورائينديس (ڪافي)
صفحه نمبر – 222
راڻي ٻگهئي جي ڳوٺ فتح محمد شاهه جي مڪان
تي جڙيل شاهه وٽ مشاعرو رکيو ويو هو –
جنهن لاءِ ڪافيءَ جي طرح به مقرر هئي – ان
لاءِ هي ڪافي لکي وئي، جا اُتي خادم پڙهي.
2 – اپريل 1958 هالا 00-12 رات
عشق جا ٻارڻ ٻريا، ڪي هِن طرف ڪي هُن طرف
(غزل)
صفحه نمبر – 94
بزمِ طالب الموليٰ شاخ هالا طرفان اٺاس ۾
مشاعرو ٿيو – ان لاءِ هي طرحي غزل لکيم.
آئون امتحانن تي حيدرآباد ويو هوس – غلام
قادر حسرت مشاعري ۾ منهنجو غزل پڙهيو.
17 – اپريل 1959 هالا 00 – 12 رات
ڀلاسا ڪهڙي محفل، جنهن ۾ هو رشڪه قمر ناهي
–
(غزل)
صفحه نمبر – 47
هالن ۾ بنگلي تي في البديه طرحي مشاعرو
ڪيو سون – جنهن ۾ مون، خادم، گل محمد
مهجور ۽ دين محمد شيخ غزل لکيا – ڪلاڪ وقت
مقرر ڪيل هو.
4 – سيپٽمبر 1958 هالا 20 – 12 رات
ڪمندِ زلفِ دوتا جي گلا وري نه ڪبي (غزل)
صفحه نمبر – 100
هالن ۾ سائين جن وٽ في البديه مشاعرو ڪيو
ويو جنهن ۾ سائين جن، مون، خادم ۽ مومن
طرحي غزل لکيا.
11 – آڪٽوبر 1958 هالا 00-10 رات
چڱو جو واعظِ بي پير نڪتو (غزل)
صفحه نمبر – 59
وڏيري انڙ خان وٽ شڪار تي وڃڻ ٿيو – رات
جو مصرع طرح مقرر ڪري في البديه مشاعرو
ڪيو ويو – سائين جن، مون، خادم ۽ مومن غزل
لکيا.
29 – نومبر 1958 سري مڪان ڳوٺ وڏيرو انڙ
خان
گهڻو دلبر لڪئين ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي ورتو
(غزل)
صفحه نمبر – 109
شام جو بنگلي تي سائين جن وٽ بزمِ طالب
الموليٰ هالا جو مشاعرو ٿيڻ وارو هو –
آئون ۽ جانثار سائين جن جي بنگلي ۾ ويٺا
هئاسون – ڳالهين ڪندي جانثار چيو ته ڏسڻ
وارن ڏسي ورتو – رديف سٺو هٿ آيو ۽ ان تي
غزل لکيم.
12 – جنوري 1959 هالا
سڄڻ کي ڏٺم ۽ قمر ياد آيو (غزل)
صفحه نمبر – 88
بزمِ طالب الموليٰ شاخ هالا جي مشاعري
لاءِ مون، خادم ۽ گل محمد في البديه غزل
لکيا – هن طرح تي لکيل سائين جن جي غزل جو
هڪ شعر هو: خدا ياد آيو – خدا ياد آيو ۽
جڏه مون کي شانِ بشر ياد آيو.
14 – جنوري 1959 هالا
جڏه دنيا سڄي کان دور ٿياسين (غزل)
صفحه نمبر – 59
بزمِ طالب الموليٰ شاخ هالا جو طرحي
مشاعرو ٿيو – اڳ ۾ غزل لکيل نه هو مشاعري
هلندي لکيم.
22 – مارچ 1959 اٺاس بنگلو هالا
باغن ۽ بهارن ۾* توريءَ نه سري سهڻا
(ڪافي)
صفحه نمبر – 207
هن ڪلام جي طرز مون خود ٺاهي – مون کي
پسند آهي [هيءَ ڪلام جي پهرين طرز آهي
جيڪا مون ٺاهي آهي] دين محمد کي ياد ڪرايم
– منهنجو هي پهريون ڪلام آهي، جو ريڊيو تي
نشر ٿيو ۽ دين محمد ڳايو.
23 – مارچ 1959 هالا
وري مون ڏي نگاهِ سرمه ساٿي ها ته بهتر
هو. (غزل)
صفحه نمبر 151
رمضان ڪاڪي جي شاديءَ تي ڀليڏني ڪاڪي جي
ڳوٺ وڃڻ ٿيو – اُتي مصرع طرح مقرر ڪئي وئي
۽ ٻي رات مشاعرو رکيو ويو – ان لاءِ هي
غزل لکيم – ٻي رات ڦل ڪاڪي جي ڳوٺ مشاعرو
ٿيو – گهڻن ئي شاعرن غزل پڙهيا – مثلاً
خادم، مخمور، اشرف شاهه جو پٽ، شاهه محمد
شاهه ۽ مصري ڪاڪو مائل وغيره
14 مئي 1959 ڀليڏنه ڪاڪي جو ڳوٺ
نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو (غزل)
صفحه نمبر – 139
پير رسول بخش جي شاديءَ تي وڃڻ ٿيو –
موٽندي رستي ۾ غزل لکيو ويو – هي غزل
ڀاگيسري ۾ ڳايو ويندو آهي – طرز مون خود
ٺاهي ۽ ڏاڍي سٺي به ٿي آهي.
1 – جون 1959
بت پرستي مان ئي آخر هڪ خدا حاصل ڪيم
(غزل)
صفحه نمبر – 35
ڪراچيءَ ويندي خادم هڪ مصرع ٻڌائي – جنهن
تي سندس ڳوٺ ۽ راز باڊهه واري وٽ مشاعرو
ٿيو هو – طرح پسند آئي – غزل لکيو ويو.
21 – جون 1959 حيدرآباد کان ڪراچي سنڌ.
ناز پرور آهي بيشڪ ”ناز باغ“ (قطعه)
صفحه نمبر – 183
قاضي احمد وڏيري شاهه نواز انڙ جي پٽ جي
شادي تي وڃڻ ٿيو – ”ناز باغ“ ۾ رهائش ٿي –
علي نواز خان وزيٽرس بڪ ڏنو ته ان تي
پنهنجا تاثرات لکجن، ان تي پهرين پهرين
سائين جن جي چند شعرن سان ابتدا ٿيل هئي –
مون به مٿيان شعر لکيا – خادم به ڪجهه
لکيو.
28 – جون 1959 قاضي احمد
بخدمت فيض درجت اعليٰ عظمت (خط)
صفحه نمبر – 267
هي منظوم خط سائين جن (قبله طالب الموليٰ
سائين) لنڊن اسريا هئا، تڏهن لکيو ويو.
نظر اداس، ادا بيقرار، بي چيني (قطعه)
صفحه نمبر – 184
(حضرت قبلا طالب الموليٰ سائين)
جھکی
جھکی
نظریں
اور ایک
خاموشی
مگر ھزاروں
تمنائیں
دل میں
ہیں
بیتاب
یہ
حسن سادگی
شوخی
یہ
چاند سا مکھڑا
وہ بے
نقاب ہے
لیکن
حجاب ہی
ہے
نقاب
(فهيم)
نظر اداس ادا بيقرار بيچيني
خوشيءَ کي پرده غم جو حجاب خوب رهيو
لبن تي مهر خاموشي ۽ دل ۾ ڪيئي خيال
اکين ۾ اشڪ محبت جو آب خوب رهيو
(خادم سروري)
معصوم نگاهن ۾ ڪهڙي نه فريبي آهه
بس تو ڏي نهارڻ سان دل هٿ مان وڃي نڪريو
هيءَ تنهنجي حجابائي ڪهڙو نه ڪمال آهي
جيڪو به نهاري ٿو تعجب ۾ وڃي پئجيو
مٽيارين ۾ ڄاموٽ صاحب [سردار محّمد علي
شاهه] جي دعوت تي وڃڻ ٿيو – سائين اڳ ۾ ئي
اُتي هئا – آئون پوءِ پهتس. ڄاموٽ صاحب هڪ
رسالو ”السٽريٽيڊ ويڪلي آف پاڪستان“ سائين
کي ڏنو، جنهن تي هڪ خوبصورت ڪنوار جو فوٽو
هو – ڄاموٽ صاحب چيو ته انهيءَ تي ڪي
اشعار لکي ڏيو – پاڻ مون کي به حڪم
فرمايئون ۽ خادم به لکيو – اهي ٽئي قطعه
مٿي لکيل آهن.
10 – سيپٽمبر 1959 مٽياري
اي بيقرار، اي بيڪس نظر اداس نه ٿي (غزل)
صفحه نمبر – 30
في البديه مشاعرو ڪيوسون – طرح تي ڪلاڪ ۾
امين فهيم – خادم ۽ ساقي غزل لکيا.
19 – آڪٽوبر 1959 هالا
صفا! چئج سڄڻ کي، ساري سو سَوَ سلام (بيت)
صفحه نمبر – 256
ناري جي مسافريءَ تي وڃڻ – تُڪيءَ وارن
انڙن جي دعوت تي صبح جو هي بيت لکيا ويا.
2- فيبروري 1960
صبا! چئج سڄڻ کي. سنهيا ساري – (بيت)
صفحه نمبر – 257
هي بيت دلي جذبات تحت لکيل آهي – بيت
لکندي اکين مان بي اختيار آب اچڻ لڳو ۽ هڪ
عجيب ڪيف ۽ سرور حاصل ٿيندو رهيو.
2 – فيبروري 1960
تعلق آهي اهڙو ئي نظر جو ناز وارن سان
(غزل)
صفحه نمبر – 48
ناري جي مسافريءَ ۾ بزمِ طالب الموليٰ جي
طرفان مشاعرو رکيو ويو – طرح مصرع ڪافيءَ
جي مقرر ڪئي وئي هئي – طرح هئي:
”عمر هيءَ پرت منهنجي شل، پري ايندي
پنوهارن سان“
سائين جن به ڪافي لکي، سرشار صاحب، خادم
وغيره انهن به ڪافي لکي، مون ۽ حسن شاهه
لکيو ڪافي جي ڪوشش ڪيم پر لکي نه سگهيس.
12 – فيبروري 1960 ٿوڻ نارو
قصئه غم کي آشڪار ڪبو (قطعه)
صفحه نمبر 178
اڄ رات جو ادا خليق مشارع رکيو هو
[خانگاهه بنگلي ۾] طرحي غزل نه لکيم هئم –
ان تي هڪ قطعو لکيم ۽ هڪ ٻيو قطعو به محفل
جي دوران لکيو ويو – سائين جن به مشاعري ۾
چند اشعار پڙهيا.
20 – آڪٽوبر 1974 00-11 بجه رات هالا.
جام ڀر ساقيا جام ڀر ساقيا (نظم)
صفحه نمبر – 196
هالا کان ڪراچي ايندي سُپر هاءِ ويَ تي
لکيو ويو.
ٿيو دور خزان ختم بهار آئي چمن ۾ (مشترڪ
نظم)
صفحه نمبر – 270
رات جو سائين جي بنگلي تي آيا. وٽن
اسدالله شاهه، محبوب، خادم ۽ جانثار مٿي
حاضريءَ ۾ ويا. آءٌ ويٺو هوس. ميون اعجاز
حسين به هو. ماني آئي ماني کائي آءٌ به
سائين وٽ ويس. ميون اعجاز حسين سمهي رهيو.
سائين جن وٽ ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿي رهي
هئي. (جانثار جي غزل تي تبصرو ٿي رهيو
هو.) هو گهٻرائجي رهيو هو ته متان ميون
اعجاز حسين اچي نه وڃي. خير! پوءِ سائين
جن هڪ مصرع طرح ڏني ته سڀ گڏجي مسدس لکون.
سڀني سواءِ جانثار جي لکڻ شروع ڪيو. ڏاڍي
رواني سان لکندا وياسين. جاويد هزار ڪوشش
بعد به لکي نه سگهيو. مسدس ختم ڪرڻ کان
پوءِ به سڄي رات ڪچهري شروع هئي ۽ بخير
صبح ٿيو. صبح جو بٺوري شڪار لاءِ روانگي
ٿي.
24 فيبروري 1961
امين منزل حيدرآباد
مبارڪ اڄ ٻڌي آيو سندم جانِ جگر سهرا
(سهرو)
صفحو – 280
برادرم ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان لاءِ سندس
شادي جي موقعي تي لکيو ويو.
(پورو ٿيو).