سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :2

 

نعت

محمّدؐ تنهنجي مي جو مان ٿيس ميخوار بسم الله،
ڀري ساقي پيالي تي پيالو پيار بسم الله.

شرابِ عشق عربي اڄ پياري مست ڪر اهڙو،
هجي جنهن جو مون کي هر دم نشو نروار بسم الله

گهڙي پل ۾ هتان مون کي گه
رائي وٺ مديني ۾،
اهو ڪو معجزو مرسل ؐؐ ڪري ڏيکار بسم الله.

هئو مشڪل مگر تنهنجي اچڻ کان پوءِ آسان ٿيو،
ڏسي توکي لهي و
ِيَڙا غمن جا بار بسم الله.

سڳوري رات سونهاري ۽ هئي ڪا مهل
موچاري.
ڪيم جنهن رات تنهن جو خواب ۾ ديدار بسم الله.

سڄڻ قدمن مٿان تنهن جي ٿيان قربان لک ڀيرا،
ڪيان معلوم جي تنهن جي اچ
ـڻ آثـار بسم الله.

”امين“ مشڪل اچي ڪوئي ته پڙهه صلوات سيّد تي،
غم و اندوهه مان ٿي ويندا ٻيڙا پار بسم
الله.
23 نومبر 1954ع

 

 

سڄڻ آهيان سندءِ نوڪر انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي،
تو سائين ۽ سخي سرور انهيءَ ۾ ڪو ڪوبه شڪ ناهي.

مان پڻ تنهن
جي ئي دامن کي، جهليو ويٺو اهيان داتا،
ڪيو قادر اٿئي اڪبر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.

محمّدؐ مير مرسل سار لهه ساجهر اچي سائين“
مڙن جي
آهين ڀيڻي ڀر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.

ڏئي شل پاند پنهنجي لطف سان ڍولڻ ڍڪين مونکي،
اهين تون ئي اجهو آڌر، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

خدارا ڪر مدد منهنجي اچي محبوب مولا جا،
نه توريءَ آهي ڪا واهر، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.

سوين خالي ويا حاصل ڪري سڀ ڪجهه سندءِ درتان،
ٻيو ڪو ناهي اهڙو در انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

 

جمالِ يار جو همسر ڀلا ٻيو ڪير ٿي سگهندو،
گهڻو ئي گهٽ مههِ انور، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي،

مدد منهنجي ”امين“ آهي محمّدؐ ڄام سونهار
و،
نه جنهن جو آهي ڪو همسر، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.
13 جولائي 1957 هالا

 

 

غزل


آرزو بيڪار ٿي،
زندگي آزار ٿي.

 

تنهنجو ڪو ناهي رفيق،
تون مڙن جو يار ٿي.

ساقي ڪوثر هٿان،
سُرڪ پي سرشار ٿي.

آسرو ڪنهنجو نه ڪر،
پنهنجو خود غمخوار ٿي.

 

غير سان پڻ ڪر چڱي،
تون نه ڪنهن تي بار ٿي.

پاڻ بد
ڪاريءَ کان بچ،
صاحبِ ڪردار ٿي.

يار جي درتي ”فهيم“
رهڻو ٿئي پينار ٿي.
11، سيپٽمبر 1957،هالا

 

 

آ سڄڻ سائين فقط تنهنجو رهيو ٿم آسرو،
تو سوا ٻيو ڪير ٿيندو منهنجي آڌار
۽ اجهو.

تون فقط هڪ مهرباني ٿي، غير جي پوڪاڻ ناهه،
ڇا ڪندا
اغيار مون کي تواگر پنهجو ڪيو.

سچ پڇين ساٿي سڀئي ويرانگيءَ ۾ ويا ڇڏي،
يادِ ماضي جو حوالو ئي وڃي آهي رهيو.

سال ٿيا پر ڳالهه ساڳي آستائيندو اچين،
هي ستم سهڻا اڃا چؤ ڪيسين تائين پيو ڪبو.

ڏينهن راتيون موسمون بدليون، فضا بدلي مگر،
ڪجهه تفاوت ناهي آيو، تو ۾ ڪو تِرَ جيترو.

دل پريشان
، حال ابتر، چشم گريان، دربدر،
تو بنا اي دلربا شايد وڃان ٿي مان چريو.

اڄ وڃي ڊوڙي ڊڪي ان جي ڪ
ِران قدمن مٿان،
۽ چوان تنهنجو اهيان پو ڇا چڱو ۽ ڇا بُرو.

اڄ پرين تنهنجي رهي ٿي ياد دل ۾ هر گهڙي،
مون کي تو منهنجا ”امين“ هڪڙو به پل وسيرين نٿو.

18 جنوري 1955غ. هالا

 

 

آ، سندءِ انتطار ڪافي آ،
دل تي بيدرد بار ڪافي آ.

جنهن جي هر وقت دل ۾ ياد آهي،
منهنجي لءِ سوئي يار ڪافي آ.

پورو وعدو ڪندين يقين اٿم،
توتي ٿيو اع
تبار ڪافي آ.

سيم و زر جي طمع نه دل ۾ اٿم،
منهنجي لءِ منهنجو پيار ڪافي آ.

آهي ص
ـيّـاد، مرغِ دل حاضر،
حال هيءُ ئي شڪار ڪافي آ.


منهنجي دل جي خبر اٿئي سهڻا،
تنهنجي لءِ بيقرار ڪافي آ.

ڇو ٿو تيغ و تبر تو
ن ڪم آڻين،
تنهنجي ابرن جو وار ڪافي آ.

ڪهڙي ان جي ثنا ڪريان آئون،
ماه روقربدار ڪافي آ.

 راز ڪنهن کان لڪائيندين تو ”امين“
ٿي ويو آ شڪار ڪافي آ.
8 ، مارچ 1957ع
9:00 رات، ٽنڊو آدم

 

آهيان اي يار دست به دامان ڪڏهن ڪڏهن،
آخر وڃو وسايان بيابان ڪڏهن ڪڏهن.

دلبر ٿئي ٿو وصل جو خواهان ڪڏهن ڪڏهن،
پورو ڪري ٿو منهنجو به ارمان ڪڏهن ڪڏهن،

سهڻو ٿئي ٿو منهنجو به مهمان ڪڏهن ڪڏهن،
منهنجي به گهر ٿئي ٿو چراغان ڪڏهن ڪڏهن.

مدّت کان پوءِ مون ڏي نگهه ڪيف زاکنيئين،
هو بي وفا به پاري ٿو پيمان ڪڏهن ڪڏهن.

هن لءِ سدائين آئون پريشان ٿو رهان،
مون لءِ به هو ٿئي ٿو پريشان ڪڏهن ڪڏهن.

 


ٻيو ڪو مريضِ عشق جو درمان نٿو ٿئي،
خود درد ٿئي ٿو درد جو درمان ڪڏهن ڪڏهن.

 

دل ۾ ثنائ يار ته هر دم ڪندو رهيس،
ظاهر ۾ ٿيندو آهيان ثنا خوان ڪڏهن ڪڏهن.

آهن اگرچه اشڪ روان پر ٺري نه دل،
”شبنم به ٿي جلائي گلستان ڪڏهن ڪڏهن.“

قسمت سان يار قرب ڪري ٿو اچي اڱڻ،
مون وٽ ٿئي ٿي محفلِ رندان ڪڏهن ڪڏهن.

شب روز مان ته يادِ صنم ۾ رهان ٿو گم،
مون لءِ به هو ٿئي ٿو پريشان ڪڏهن ڪڏهن.

جو دست چاڪ ٿو ڪري دامن کي اي ”فهيم“
سوئي بچائي ٿو وٺي دامان ڪڏهن ڪڏهن.
6، نومبر
1958ع 9:30 رات _ هالا

 

 

آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،
عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

عشق جي اسرار ۾ ڦاسي پيس،
حسن جي واپار ۾ ڦاسي پيس،.

گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،
”ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس.“

اشڪ اکين ۾ ۽ آهون دل اندر،
مان ته عشقِ يار ۾ ڦاسي پيس.

تنهنجي اکڙين ۾ ڇا ٿو ڏسان،
هن عجب اسرار ۾ ڦاسي پيس.

تنهنجي آئون ديدار لءِ آيس مگر،
برهه جي بازار ۾ ڦاسي پيس.

ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ جي لءِ ”امين“!
ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس.
18، ڊسمبر 1954ع ، هالا


اڄ ڪجن سي جرم جن تي خوب جرمانا هجن،
۽ سڀاڻي هر زبان تي جن جا افسانا هجن.

فڪر ڪهڙو حال جي ڪنهن جا فقيرانا هجن،
دل هجي زنده انهي سان شوقَ شاهانا هجن.

جان جي بازي لڳائن سر تري تي جي رکن،
سي هلن مون ساڻ جيڪي مرد مردانا هجن.

بت شڪن
ِ خواهش جي هر دم هيءَ تمنّا ٿي رهي،
ڪاش! ڪيئي بت هجن ۽ ڪيئي بتخانا هجن.

بندش
ن اهڙي ته آهي سلب آزادي ڪئي،
تنگ ٿي پنهنجا به چاهن ٿا ته بيگانا هجن.


 

شل وري اهڙو اچي ڪو انقلابِ خوشگوار،
ڇوٽ ميڪش پيا گ
همن ۽ قيد مولانا هجن.

لب لبن تي آڻ ڪو جامِ صحت تجويز ڪر،
شرط اهو ناهي ته ڪو هٿ ۾ به پيمانا هجن.

عقلمندن جي اڳيان خاموش رهڻو ٿو پوي،
دل چوي ٿي دلربا جي در تي ديوانا هجن.

اچ هلون گڏجي اُتي جت روح کي راحت ملي،
محفلِ رندان هجي ۽ راز رندانا هجن.

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي،
بره
ه جي باهين اڳيان پر جوش پروانا هجن.

گردشِ ايّام کي روڪي ڇڏيو اي دوستو!
فڪِر فردا ۾ جڏهن مصروف مستانا هجن.
27، جنوري 1981ع 9:00 رات ڪراچي

 

 

اڃا اُن جي اڳيان اي يار! ليلائڻ نٿو ڄاڻين،
رٺل کي
رمز سان ريبي، تون ريجهائڻ نٿو ڄاڻين.

درِ دولت تي ڪ
يئن بي گهر اچوڪن ٿا اجهو حاصل،
جو تون پنهنجي د
ران ڪنهن کي به لوڌائڻ نٿو ڄاڻين.

سڄڻ تنهنجي اهائي مهرباني آهي ڪافي جو،
تون خود
ماري سگهين ٿو ٻئي کان مارائڻ نٿو ڄاڻين.

هو آهي مهربان، بخشي سگهي ٿو هر خطا تنهنجي،
مگر اي بوالهوس تون پاڻ بخشائڻ نٿو ڄاڻين.

نه آهي جاءِ حجّت جي مان ڪئن گستاخ ٿي چوندس،
”رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو ۽ پرچائڻ نٿو ڄاڻين“.


هميشه آهين گڏ، پر تنهنجي صورت کي ڏسڻ مشڪل،
لڪڻ ڏاڍو ٿو ڄاڻين،
پاڻ ڳولائڻ نٿو ڄاڻين.

پرين تنهنجي پناري آهيان، ڪر ڪا نظر نرمل،
ٻڌڻ ۾ آهي، خالي ڪنهن کي موٽائڻ نٿو ڄاڻين.

فهيم“ آهين ڏکويل ڇو، انهيءَ جي ڪنهنکي ڪل ڪانهي،
۽ تون پڻ پنهنجي
حالت ڪنهن کي سمجهائڻ نٿو ڄاڻين.
4، ڊسمبر 1957ع هالا

 

 

اڌ رات ڏکي گذري اڌ رات چڱي گذري،
دلبر جي اڳيان ساعت هيهات چڱي گذري.

هو آخر
ي دم آيو جو نزع جي حالت ۾،
ٻي عمر ته پي گذري، سڪرات چڱي گذري.

تاريڪيءَ فرقت کان هئي رات به اونداهي،
هو آيو گهڙي پل لءِ پرڀات چڱي گذري.

هر رات ستارا هئا، هر رات نظارا هئا،
پر منهنجي
ته قسمت سان ڪا رات چڱي گذري.

ٿيو
ن نيٺ ملاقاتون اکين به رُنو خوش ٿي،
مون لاءِ
ته بي موسم برسات چڱي گذري.

مشڪل نه هئو مشڪل آساني نه آساني،
ڪيئن چئجي ”فهيم“ آخر هي رات چڱي گذري.
29 ، آگسٽ 1959ع 6:30 شام _ وڏو بنگلو هالا

 

 

اسان جي دردِ دل جي حسن وارن کي خبر ڪهڙي،
گل
پژ مردهِ جي رنگين بهارن کي خبر ڪهڙي.

ڪلي، جا گل ٿيڻ کان اڳ گلستان مان ڇني ورتئون،
انهيءَ جي آرزوئن جي بهار کي خبر ڪهڙي.

فسانو، شبنمِ غمگين جي هر دم اشڪ
ِ ريزي جو،
جڏهن گل ئي نٿو سمجهي ته خارن کي خبر ڪهڙي.

اکيون ڇو اوچتو ڀرجو
اچن اشڪِ ندامت سان،
ڀلا هن راز پنهان جي ستارن کي خبر ڪهڙي.

اٿم جا آرزو دل ۾، جهان وارا نٿا سمجهن،
اهو هڪ مسئلو آهي، سو ٻارن کي خبر ڪهڙي.

چوڻ وارن اشارن ۾ چئي ورتو جو چوڻو هئو،
سندس مطلب ته مون سمجهيو اشارن کي خبر ڪهڙي.

”فهيم“ آخر ۾ ڇا گذريو ٻڏڻ کان پوءِ ڪشتي تي،
اهو گرداب کان پڇبو ڪنارن کي خبر ڪهڙي.
1960ع

 

 

اک پٽڻ کان اڳ به آهين منهنجا دلبر مون اڳيان،
هر گهڙي هر وقت ۾ موجود هر هر مون اڳيان.

تون تصوّر جي جهان ۾ ٿو رهين مون ساڻ گڏ،
ڏينهن توڙي رات بس آهين سراسر مون اڳيان.

مان اُٿي، ويٺي، سُتي ۽ جاڳندي، اي مهلقا!
ٿو اکيون پوري ڏسان تون آهين حاضر مون اڳيان.

تون نه مون ڏي ٿو اچين، اي بيوفا! اي سنگدل!
پو به تنهنجو عڪس آ دلبر برابر مون اڳيان.

مون سڪايل جا سهارا، تون جدائي ڪين ڪر،
اچ وري موٽي ته اچ، منهنجا مسافر مون اڳيان.



سخت دل ڇو ٿو ٿيئين جي پ
يار سيکارئيو اٿئي،
چؤ ڀلا سهڻا سڄڻ، ايندين به آخر مون اڳيان؟

مان وٺان آغوش ۾ توکي ڀلا ڪهڙي طرح،
جو فقط موجود آ، تنهنجو تصوّر مون اڳيان.

قرب واري جي برابر ڪير آ دنيا اندر،
هيچ آهن اي ”امين“ دارا، سڪندر مون اڳيان.
4، ڊسمبر 1953ع هالا

 

 

اي امين! تو سان پيار ڪير ڪندو؟
پاڻ کي بيقرار ڪير ڪندو.

ڇو ٻڌايان جهان کي حالِ دل،
رازِ دل آشڪار ڪير ڪندو؟

پاڻ ئي پنهنجي لاءِ روز شب،
تو سان نادان! پيار ڪير ڪندو.

تون ته دنيا ۾ مثلِ خار آهين،
گل ڇڏي پنهنجو خار ڪير ڪندو.
23، مارچ 1959ع هالا

 

 

انهيءَ ئي منهنجي حياتي جو قدر ڪو نه ڪيو،
مون جنهن جي ذات کي هر وقت زندگي سمجهو.

هميشه رات جي اونداهين ۾ مونسان مليو،
مون جنهن جي پيار کي پنهنجي لءِ روشني سمجهو.

جهان پيار جي جلون سان تنهنجي آ روشن،
زماني جنهن جي محبّت کي تيرگي سمجهو.

مون پنهنجو سر نه جهڪايو جو کيس ڏسڻو هو،
انهيءَ عمل کي سڀن آهي همسري سمجهو.

خلوص دل سان ملڻ تو سان منهنجو محفل ۾،
ڏٺو آ جنهن به انهين آهي عاشقي سمجهيو.

جڏهن به شرم کان رخسار سرخ ٿيا تنهن
جا،
طبع جي تنهن کي سڀن تنهنجي برهمي سمجهو.

اسان جو پيار وڃي پهتو انتها کي ”فهيم“
زماني ساري اڃا تائين سرسري سمجهو.
10، ڊسمبر 1980ع 11:00 رات _ ڪراچي

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org