هــائــيــڪــا
ها! پر ڪنهن جي ڪاڻ،
وڻجارا! آندءِ هـِـتي-
ساڻُ کڻي سرهاڻ؟
*
دنيا ۾ ڀـُـونچال
،
ڌرتي! تنهنجي پيٽ ۾-
ايٽم- استعمال!
*
ڪيڏو ٻارُ شريرُ:
تـِـيسو
هرهڪ ڳالهه تي-
ڪاوڙِ هاريو کيرُ!
*
ڪـُـڙميءَ سان هيءَ ڪار!
هـُـن جي پوکيل پوکَ کي-
کائي ويٺي جهارِ!!
*
ڪـُـڙميءَ ساڻ ڪلورُ،
نانگ نپوڙيو ٿو ڇڏي-
جهرڪين کان مجبورُ!
*
ڪـُـڙميءَ ڪهڙا ڀاڳَ؟
ڌَنُ بڻائي ڌوڙ مان-
ميڙي ويٺو ڊاڳَ!
*
ڪـُـڙميءَ ڪهڙو حال،
داڻا
دنيا واسطي-
پنهنجي لاءِ پـَـلالُ!
*
هيڏو- سارو سيءُ،
ٻاهر بوتو
برف جو-
اندرِ کـُـورو جيءُ!
*
بارش: چـِـگدو
- چـِـڪَ،
ٻاهر پيو پارو ڄـَـمـِـي-
اندر، پـَـگهـِـري سـِـڪَ!
*
مٺڙي سـُـرَ ۾ سـِـينڍَ
،
ويٺو ڏِئي ڪو مـَـامَ ۾-
ڪنهن ناريءَ کي نينڍَ
!
*
سائيڪل تي سوارُ،
ماڻهو نڪتو آ، ڪرڻ-
طوطن جو واپارُ!
*
ڪيڏي اَمڙيءَ
ڳـَـڻَ،
گهرِ ٻـَـچڙي کي بـُـک لڳي-
ڏوُرِ سـَـڱويس
ٿڻَ!
*
هي ميلا، هي ميڙَ،
سهرا ڳائڻُ سنڌُ جا-
يارَن جي آ چيڙَ!
*
جوئر جا ٽي سنگَ،
تن کي ڀي ڪاڻي
لڳي-
جـِـيجان! ڀـَـڃُ مارَنگَ
.
*
امريڪي راڪيٽُ،
قادر جي ڪاريگري-
ٿيندي مـَـليا- ميٽُ
!
*
روُسي ميزائيلُ،
ڌرتيءَ وارن خلقيو-
آهي عزرائيلُ!
*
چيني ايٽم- بـَـمُ،
ساري مخلوقات جو-
ڄاڻُ چٿيو هڏُ- چم!
*
چانڊوڪي: چـِـتُ- چورُ،
ڪنهن جي
ڪاريءَ چـَـڳَ تي-
رات نـِـميو
ٿي نورُ!
*
سيجَ سـُـتو انسانُ،
رات رُڪوع ۾ چنڊُ هو-
سانتيڪو
سبحانُ!
*
ڀـَـر ۾ ڀـُـڻڪي مـَـکِ،
ڪنهن جي ڳاڙهي ڳلَ تان-
تـِـرڪي ويئي اَکِ!
*
سانوَل! تـُـنهنجو سـُـنـَـهن،
تـُـنهنجي آڏو ڪيئن ڪڇان؟
نـِـڙگهٽ تي آ ننهن!
*
ڪوٺو: ’ڪان- ڪان‘
ڪانءُ،
باسـِـيم اڄ مانيون مـِـٺيون-
وٺـَـندي تـُـنهنجو نانءُ!
*
ڪانـَـه سـِـرانديءَ ٻانهن،
ڊيلَ بنا رَڙ مورَ جي:
منهنجي دل جي دانهن!
*
بـُـت تي اُچو ڪوٽُ،
قيمت جنٽلمين جي-
هڪڙو ’سائو نوٽ!‘
*
ڇاٽون- ڇپر: ڇيڄُ،
ٻولن ٻالڪ سنڌ جا-
”ڀيڄُ ڀٽائي ڀيڄُ!“
*
گل ڦل، ٻوٽا- ٻورَ،
ڇانئون- ڇـَـپـَـر مـُـلڪ جا:
هاري ۽ مزدورَ.
*پيشانين ۾ نـُـورَ،
ماڻڪ، موتي مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ.
*
خوشبو، واسَ کٿـُـورَ،
چـَـندن، موتيا مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ.
*
سيني ۾ سوَ سـُـورَ،
سـِـسـِـڪيون، سـُـڏڪا مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ!!
*
مون- تـَـن، تنهنجي ڪانڍَ،
مينهوڳيءَ ۾ جيئن هجن-
ڀـِـتِ تي ڪـِـوِليون: لانڍَ
!
*
وَهمن جي ماري:
سادي- سـُـودي اَڻ- پڙهي،
منهنجي گهر واري
!
*
نيشُ ، نئون- نيرِي :
مان شاعر سچ جو-
وهمن جو ويري!
*
پائي ماڻهوءَ ويسُ،
رُئندن کي روئاريئون-
اُڇلي ڳوڙها- گيسُ!
*
دل تي ڪارا داگَ
،
ڇوريءَ ڪـُـکِ چيري ويا-
بديشي
بـُـل ڊاگَ!
*
منهنجي آکاڻي:
اڄ ڀي گهر ناهي مليو-
پئسن تي پاڻي!
*
چـَـهبـُـڪ جهڙي چيلهـِـه،
گوريءَ گهڙو ڪڇ تي-
چالِ وَٽي پـَـئي ميلهـِـه
!
*
سـُـونهن وڌو ساٽو
،
ڇـُـڙڪـِـي
پيو ڇـِـرڪَ ۾-
ڳڀروءَ جو ڳاٽو!
*
سنڌوءَ سـُـونهن مـَـها،
بيهـَـڪ ڇورين بـُـتَ جي-
ٻيٽن منجهه چـَـها
!
*
اربيلي- اَلهڙ
،
وَٽجي ڪـِـريا نينگرا-
ڇورِي يا تـَـلهـَـڙَ
!
*
جيڏو ڇولين- ڇوهه،
ڪنهن ڪنهن چهري ۾ ڏٺم-
تيڏو ماڻو- موهـُـه.
*
جيڏو جبل- روهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مـَـنَ ۾-
تيڏو وڏو ڊوهه!
*
ماڻهن جي چوري
،
شايد بـَـچـِـي ڀـُـونءِ جي-
عمر وڃي ٿوري!
*
مينديءَ جو ٻوٽو،
پـُـورَ
- وَهيءَ جو پيارُ آ-
جنت جو جهوٽو!
*
پـَـٻـُـڻ جو ڏوڏو،
عشق ڪنواري- سـُـونهن جو-
پـِـينگهي جو لـَـوڏو!
*
بازَ جـَـهٽي جهرڪي،
پيرن هيٺـَـان: سوچ جي-
ڀـُـونءِ وئي سرڪي!
*
هئه! ڇو دِل هرڪي
؟
سورهن- ساليءَ ڏي ڏٺم-
پيرُ ويو تـِـرڪي!
*
سانجهيءَ ڏيئي سـَـٽَ،
تيرنهن - تالي
ڪامڻي-
ويئي اُڊيڙي ڦـَـٽَ!
*
مـَـنَ ۾ موهـُـه ۽ مـُـنهن ۾ موشو ،
نارِ هٺيلي! تـُـنهنجي هاٺي
-
گـَـزَ
- لئيءَ جو ڪچڙو گوشو!
*
ڪـَـرڪيون ڇو ڪـُـونجون؟
ياد ڏيارينديون ويون-
جهونگارون ڪنهنجون!
*
ڪـُـونجون ڇو ڪـَـرڪيون؟
اَڄ نه ٻـُـجهن جـُـوءِ ۾-
کيرِن
جون کـَـرڪيون
!
*
ڪـُـونجون ڪـَـرڪيون ڇو؟
پائي ڳـَـل ڳراٽڙي-
روئڻ لاءِ نه ڪو!!
*
وَڻ وَڻ جي ڪاٺي،
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
هئه هئه هڪ هاٺي!
*
خـَـلقَ وڃي گهورِي
،
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
وَهه- وا، هڪ ڇوري!
*
جوڀـَـنَ- اَنڌا ڌُنڌَ،
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
ماريو هڪڙيءَ منڌَ
!
*
ڀٽڪي بيکَ نه منگُ
،
جوڀـَـنُ ۽ لغڙي پـَـنا-
ٻيئي ڦيٽـُـڙ رَنگُ!
*
هيڏيءَ سوڀيا
- سـَـنگِ
،
هلڪي ماڻهوءَ سامهون-
ڳورو هـَـٿُ نه ٽـَـنـِـگ!
*
جوڀن- ٺـِـڪريون ميڙ،
هـِـن- هـُـن ماڻهوءَ جي اڳيان-
هيئن نه هٿ ڊِگهـِـيڙ!
*
ايڏيءَ سوڀيا ساڻُ،
ماڻهو ماڻهوءَ جي هٿين-
وِڪڻ نه پنهنجو پاڻُ!
*
پيارُ ڏئي پيتيون،
پنهنجي ڪايا ڪامڻي!
ڪيئن ڪيئه ڇيتيون
؟
*
آ، ته ڪٿي ويهون،
پو ڏَس: تون
ڪاٿئون ڪـِـري-
ڇوري! ٿينءَ ڇيهون
؟
*
بـُـک- بـَـلا جا ڏَنگَ،
ڏوڪڙ تي ناري ڏَسي-
هـَـڏَ
نه ڏَسڻ جا اَنگَ!
*
حيرتَ ڪانهي حدَ،
ماڻهوءَ کان پاڇو ڊگهو-
ڪوهـُـه
ڪڇين ٿو قدَ؟
*
اَڳڙين- ڀريا پورَ،
ماڻهوءَ کان هاٿي ٿـُـلهو-
ڪوهـُـه ڪرين ٿو تورَ؟
*
پڌرا ڪر نه پاپَ،
ماڻهوءَ کان اُونهو سمنڊُ-
ڪوهـُـه ڪرين ٿو ماپَ؟
*
ڳـَـڻ نه سـَـکڻا ٿانوَ،
ماڻهوءَ کان سو بـَـڙُ
چڱو-
جيڪو ڏئي ٿو ڇانوَ!
*
جهڙو پـَـٻُ جبلُ،
ماڻهو سو مهانُ آ-
جيڪو آهـِـه اَٽلُ!!
*
ڪـُـهٽي
واٽ ويا،
آزاديءَ جي عشق جو-
بانڪا بـَـکُ ٿيا!
*
هاڻي هـِـتِ هئا،
هتان نڪري، هـُـت وڃي:
مـِـنٽن منجهه مـُـئا!
*
هـُـو، جي هـِـتِ هئا،
مرڪي اُٿيا مون وٽان-
سي ڪيئن مـُـڙس مئا؟
*
هـُـو، جي هـِـتِ هئا،
منهنجون ڪـَـوِتائون پڙهي-
وڙهندي مڙس مئا!
*
هـُـو، جي مـُـڙس مئا،
سي سڀ جيجل سنڌ جا-
سورهيه پـُـٽ هئا!
*
امرتا پريتم
!
سنڌ/ پنجاب پريس جو-
آ ته ڪيون ماتم!!
*
هڪڙو خانُ- پٺاڻُ،
اَڌ درجن کن ٻارڙا-
اسڪوٽر تي ساڻُ!
*
هيءُ جو بهاري،
چمڙيءَ کان تنهن کي وَڌڪ-
دَمڙي آ پياري!!
*
ٻارن جي هڪ ٽيمَ،
لـَـڪڙن سان وَل کي سـَـٽي-
ڇاڻن بيٺا شـَـيـِـمَ
!
*
جوڀن واپاري،
ڇوريءَ ڳاڙهي وات ۾-
”شاهي
سوپاري!“
*
سيٺياڻي بيگمَ:
ڳالهائڻ جي وقت ڀي-
چـَـٻي پئي چيگمَ!
*
اَکِ نه کولي تو،
پاڻَ ڏني نيلام ۾-
پنهنجي ٻولي
تو!
*
سـُـڌ نه لڌي تو،
سکڻي ڪـُـني سـِـج تي-
ويهي رَڌي تو!
*
هنيئه ٿاڦوڙا،
ڪنول، ڪينجهر ۾ ڇڏي-
پٽيئه پاٻوڙا!
*
کاڌءِ نه گولي،
چـُـوڙيون پائي ٿو چوين:
”ٻولـِـي ڙي ٻولـِـي!“
*
اَڻ- جـَـهل جوڀنَ جوتِ،
اڄ تون چاهين جيتري-
مون ۾ اچي اوتِ!
*
پياليءَ ۾ جئن چاءِ،
اڄ تون اِئين پاڻ کي-
مون ۾ اچي پاءِ!
*
مهڪي منهنجو ماسُ،
مون ۾ پيهي
رهه اِئين-
ڦوٽن
۾ جئن واسُ!
*
سـِـنڌُ جي سنڌياڻي،
ڪالهه ڪراچيءَ ۾ اچي-
ٿي وَئي َدکنياڻي
!
*
سنڌُ جي هندياڻي،
سالن بعد به هند
۾-
ساڳي سنڌياڻي!
*
مـِـٽيءَ پنوڙا!
”مکِ نه ٿي ماري، مگر-
مـَـکِ جا مـَـروڙا.“
*
ڪيئن کڻي ٿو ڪـَـرُ
؟
نڪُ اُهو ناهي وڏو-
جنهن تي آهي مـَـرُ
!
*
لڳندي آ ڇوٽي،
مـَـرُ
کان آجي نـَـڪَ اڳيان-
’ڪي-ٽوءَ‘ جي چوٽي!
*
پو، جو چاهين بـَـڪُ،
اڳ ۾ سنڌوءَ جـَـل مان-
ڌوئي آ تون نـَـڪُ!!
*
مولا! معافي-
لوڌِ ڪـُـتن جي پوئتان:
اڳتان قـَـذافي !
*
ڪيئن هجي ڪافي؟
ڪوڙئين واڳـُـن وِچ ۾-
هڪڙو قذافي!
*
او بي انصافي!
واهر ڪانهي، ڇا ڪري-
ڪـَـرنل قذافي!!
*
ٿي پـَـئي تلافي،
پـَـر، جي پيدا ٿي پون-
ٻيا ڀي قذافي.
*
اُڏري آيو هوس،
سوُنهن سڏيو، مان سـِـج جئن-
اُڀري آيو هوس!
*
نيئرَ
ڇـِـني نڪتس،
ٻوسٽ ٿي هـِـي سونهن کي،
هيرَ
بڻيس: پهتس.
*
هٿ نه ايندو سانءِ،
سونهن! مون کي
سوگهو پڪڙ،
گم ٿي ويندو سانءِ!
*
ڏاها شيخ اياز!
ڇو نه پروڙيا ڪنهن اڃا-
تـُـنهنجا رِندي راز؟
*
احمد شاهه اُستاد
!
ڇونه اُٿيا تيشا کڻي-
تو وارا فرهاد؟
*
مـُـحسن ڪـَـڪـَـڙائي!
تـُـنهنجي آهه، نه ڇو اڃا-
اُڀَ سان ٽڪرائي؟
*
سـَـرڪش، او سـَـرڪش
!
ڇا، سڀ خالي ٿي ويا-
تـُـنهنجا ڀي تـَـرڪش؟
*
شاعر: قاضي
گـُـل!
ڏَسِ ته ڏياريا شاعريءَ-
توکي ڀي ڪي بـُـل؟
*
|