نه ٿو موتَ مرين،
ڳوٺَ اُجاڙي، ڀونءِ جو-
پيو ٿو پيٽُ ڀرين!
*
راوَڻَ ڪري رَنڀَ،
ڳوڙهو ڳيري کي هنيو-
کنڊڙي ويا کـَـنڀَ!
*
تئن ٿو وِرهه وَڍي،
’ڪاٺَ- ڪـُـٽو‘
جئن چهنب سان-
وَڻَ ۾ ٽـُـنگَ ڪڍي!
*
چانڊوڪيون راتيون،
چـَـنڊ- چـُـمڻ جون خواهشون،
ڪاسائن- ڪاتيون!
*
راتيون چانڊوڪيون:
ياد پيون تـُـنهنجون پرين!
ڀاڪـِـيون
ڪالهوڪيون.
*
راتيون اونداهيون:
پر، هـُـن پهاڙيءَ پٺيان-
ٽـِـمڪن ٿيون باهيون.
*
اونداهيون راتيون-
۽ هي ڪاڙهو
ٿو ڏَسي:
پونديون برساتيون.
*
جـُـهڙياليون راتيون:
ساگرَ منجهه سـِـپيون لڳن-
بوندن لئه آتيون!
*
راتيون جـُـهڙياليون:
مون نه اڳي، اُڀَ جون ڏٺيون-
هيئن اکيون آليون!
*
ها! پـَـر ڪنهن جي ڪاڻِ،
وَڻجارا! آندءِ هتي-
ساڻُ کڻي سرهاڻِ؟
*
تون ته چوين ٿو: ”پاءِ-
ڦاهي پنهنجي ڪنڌَ ۾،“
”ها! پر ڪنهن جي لاءِ؟“
*
ڪـُـڪڙ! ”ڪـُـڪـُـڙوڪـُـون“:
ٻانگون پوئين رات جو-
ڏَسِ! ڇو ڏين ٿو تون؟
*
ڪـُـڪـَـڙ! ”ڪـُـڪڙوڪون“،
ٻانگون ڏيندي رات جو-
ڇا ٿو سوچين تون؟
*
ڪڪڙ! ”ڪڪڙوڪون“-
سـُـتا، اُٿندا ٻانگَ تي:
ڇا ٿو ڀانئين تون!
*
اُڀَ تي ڇاهي نيٺ؟
ماڻهن سان مـِـل- جـُـل اچي،
چنڊ! لهي آ هيٺ!
*
اُڀَ ۾ ڇا هي نيٺ؟
مون سان گڏجي گـُـهم اچي،
چنڊَ، لهي آ هيٺ!
*
چـَـنڊ! لهي آ هيٺ،
ڀونءِ ڀـَـلي آ اُڀ کان-
اُڀَ ۾ ڇاهي نيٺ؟
*
چنڊ! لهي آ هيٺ،
بـَـس، ڪجهه تارن کان سوا-
اُڀَ تي ڇاهي نيٺ؟
*
ڊَپَ، اَڙي او ڊَپ!
ڇو، هي مـُـڪئه مـُـلڪ ۾:
ساهـَـه- پياڪـِـا
سـَـپَ؟
*
خوفَ، اَڙي او خوفَ!
آندءِ منهنجي مـُـلڪ ۾-
ڪيئن ڪلاشنڪوفَ؟
*
گهوڙا ڙي گهوڙا!
موتَ به گهر گهر ۾ وِڌا-
ڪيڏا ٽاڪوڙا!
*
ڌرتيءَ جو گولو:
اوندهه ۾ ڀٽڪي پيو-
بارودي شـُـعلو!
*
ڪـَـهلَ....؟ ڪٿان آئي!
ڌرتي ڌاڻيون ٿي ٿـِـئي،
اُڀُ تماشائي!!
*
توريءَ ڪيئن ڪـُـڏان؟
آءٌ هـِـندورو، ڏورِ تون-
لوڏو ڏي ته لـُـڏان!
*
تنهنجي ڪهڙي باتِ؟
تون مـُـکڙين جي پيٽ ۾،
۽ مان واڳن- واتِ!
*
منهنجي ڪهڙي ڳالهه؟
آءٌ نسورو لوهه، تون-
پارس روپي
- ٿالهـِـه.
*
منهنجو ڇا مقدارُ؟
مان چشمو، تون
پئسفڪ
-
تـُـنهنجو آرُ نه پارُ!
*
تـُـنهنجو ڪهڙو دَنگُ؟
اَڻ- کـُـٽ، اَڻ- مـِـٽ تون سدا،
منهنجو ڦيٽڙ
رَنگُ!
*
تنهنجي ڪابه نه حـَـدَ،
تـُـنهنجي آڏو ڇوٽـِـڙا-
سڀ قداور قـَـد!
*
ڪارا نانگ ڪـَـکنِ
:
کاهوڙِي تـِـنهن جـُـوءِ ۾-
خطرو ڪونه لکـَـنِ
!
*
رِڇن- رِيهاڙيون:
کاهوڙنِ تنهن جـُـوءِ ڏي-
قطارون لاڙيون!
*
بـَـگهڙ ٿا باهـِـن
:
کاهوڙي تـِـنهن جهنگ ۾-
لـَـڏا ٿا لاهـِـن!
*
چيٽـِـن- چـِـنگهاڙون:
کاهوڙيِ تـِـنهن جهنگ جون-
کوٽـِـن پيا پاڙون!
*
کـَـٽڻ ۽ هارڻ،
تڏهن: جڏهن تون سـِـکين-
مـَـرڻ ۽ مارڻ!
*
لالُ ڪڏهن پيلي:
ڏِسجي ٿي هوءَ ڇوڪري-
چڻنگائي تيلي!
*
ٽـِـم- ٽـِـم ٽانڊاڻا:
هـُـو ڏِسُ، هيڏيءَ ٻاٽَ ۾-
ڪيڏا چانڊاڻا!
*
آئي فون هـُـئي:
حاضر گهرَ ۾ ڪانه هـَـس-
تڏهين آءٌ مـُـئي!
*
نـِـينڍَ ته آئي هي،
ٻَرَ، مون پيرن کي تڏهن-
ميندي لائي هـِـي!
*
ماڻهو مـُـڪو هو-
تو، پـَـر: گهرَ جو دَرُ تڏهن،
بند ٿي چـُـڪو هو!
*
ڏوراپا نه ڏِجانءِ،
منهنجون ڪوتاهيون سڀئي،
مـَـنڙا! معاف ڪجانءِ!
*
آءُ، اچي ٻـُـڌ تون،
سـَـرتي! تـُـنهنجي سوُنهن تي:
گيتَ لـِـکيا هـِـن مون.
*
آءُ: اچي پـَـڙهه تون،
تـُـنهنجي جوڀـَـنِ تي لـِـکيل-
منهنجو ڪوتائون.
*
آءُ، اچي ڏِسُ تون،
تصويرون تـُـنهنجون سوين،
ٺاهيون آهن مون!
*
تولئه تـَـنُ تانگهي،
چاهيان ٿو: توڏي اچان-
آڙَهـَـه اورانگهي!
*
سـُـڃَ ڇڏي وئي آ:
پاڙي مان پاڙيسرڻِ-
ڪالهه لـَـڏي وئي آ!
*
جانِ جلي وئي آ،
هوءَ، جا ڇـَـنڊو هانوَ تي-
سابه هـَـلـِـي وئي آ!
*
ڪانوَنِ- ڪانگيرو:
نانگُ ٻـَـچا کائي ويو-
اُجڙيو آکيرو!
*
گـِـهنگهـُـرو ڇڻڪن ٿا:
نـَـنگُ ڇڏيو، جـَـتَ پيا وڃن-
ڪـَـرها
ڪڻڪن ٿا!
*
سـِـينا سـَـلجن
پيا،
گـَـهوڙا! پنهنجي ڀـُـونءِ تي-
دشمن پـَـلجن پيا!
*
اَکئين عينڪ بارُ،
پوڙهو اَسي سالَ جو-
سائيڪل تي سوارُ!!
*
جـَـر ۾ جئن ڪـُـوڻيون:
مـَـنَ ۾ تـُـنهنجون، تـِـئن ڦـُـٽيون-
ساجن! سارُوڻيون!
*
ٽـَـنگئين ڪونه ٽـُـئو
،
ڀيـِـنگئي مالڪ جو گڏهه-
ٽـَـچڪـِـي اُسَ- مـُـئو!
*
فهمي
البيلي!
اڱڻِ مـَـهڪئي نازبـُـو-
چوٽي- چنبيلـِـي!!
*
سڀ لـِـڱ واسيا ٿي:
پنهنجا راز ڳـُـجها سڀئي-
مون سان باسيا ٿي!
*
هي جو تنهنجو خـَـطُ:
ڪـَـمُ ڪيو آ تـِـيرَ جو-
ڇا ته قلم جي قـَـطُ!
*
آسَ پـُـڄي ٿي ڪانه،
گورِي! ٿوري دير لئه-
منهنجي گـَـهرِ ڀي آ نه!
*
ڪـُـڪـِـڙ آري
تي:
واهيو
ويٺو آ مٿان-
ڪـُـڪڙُ کاري تي!
*
ڀـُـورو- ناسي رَنگُ:
ويهي منهنجي هـَـٿ تي-
ڏينڀوءَ ٺوڪيو ڏَنگُ!
*
تـُـنهنجو ڪهڙو ديسُ؟
پـَـٿرَ تـُـنهنجو هانءُ، ۽-
ريشم تـُـنهنجو ويس!
*
هڪ حيرت، ٻيو آنءُ،
هوءَ جا ڪـَـڙي پير جي-
اِنڊلٺ اُن جو نانءُ!
*
جنهن جو نعرو ”آنءُ“:
سمجهـَـه اٿس نـَـنهن جيتري-
آنڊي جيڏو نانءُ!
*
ڪاڳر ۾ ماني،
”اوڙي! اوڙي!“ پيو چوي-
مون کي مڪراني.
*
هـُـو،جو ذهن خسيس،
نالي ۾ نوشيروان-
اندر ۾ ابليس!
*
چاپـُـڙَ جهڙا انانَ :
ٻـَـڙڪيل ديڳ تـَـنور،
۽-
ٻوُٽين جهڙا خانَ
!
*
مـَـڙهين
جو محتاجُ،
پاڻَ بڻائي موُرتيون-
پوُڄي پاڻ سماجُ!
*
هي جو آهـِـه سماجُ،
ريتين
جي واپار جو-
آهـِـه ڪندو ڪـَـمُ- ڪاجُ!
*
اهڙي ڪنهن جي حاجَ؟
جيئن لکان پيو هائڪا-
توتي آءٌ سماجَ!
*
ڇا لئه ساڙُ سماجَ!
ڏات- ڌڻي ناهن ڪڏهن،
شهرت جا محتاجَ.
*
منهنجو ڪهڙو وَسُ؟
تـُـنهنجو، ساري ڳوٺ ۾-
ڪونه ڏنو ڪنهن ڏَسُ!
*
ڪونه هلي ٿو وَسُ،
بڻجي ويو آ پـُـلصراط-
تـُـنهنجي گهرَ جو گسُ!
*
رَئيس وڏو کـَـٽَ تي،
ٻيا سڀ ماڻهو ڳوٺ جا-
جوُتن جيان پـَـٽَ تي!
*
نڪُ بصر جي بـُـونڊ،
هڪ هڪ مـُـڇ رَئيس جي-
هاٿيءَ جي ڄڻ سوُنڊ!
*
لـُـڙڪ ڇٽيا آڪاشَ،
اوندهه، آڌِي رات، ۽-
چار ڄڻا، هڪ تاشَ!
*
هرڪا اکِ سوالُ،
ڪـِـرڪـِـٽ: سـَـت- اَٺ ڇوڪرا،
گـَـٽر ۾ ويو بالُ!
*
ٽالهيون، گهاٽي ڇانوَ،
آيا آکيرا اَڏڻ-
ڪانويليون ۽ ڪانوَ.
*
مـِـينهن نـِـمون ڌوتيون،
چـُـهنبون چـُـهنبن سان مليل-
طوطا ۽ طوطيون.
*
ڪالهه سـُـڪا ڇوڏا،
اڄ اُهي سڀئي کجيون-
ڏوڏا ئي ڏوڏا.
*
موسم جا دوڏا:
سـَـکر، ميرس،
روهڙي-
جوُءِ سڄي ڏوڏا.
*
مـَـروئيءَ
- مهڪارَ،
ڳائن ڳيچ ٿريليون-
ڌوُڻي ڄارين- ٽارَ.
*
سـَـرتي ڪيئن سـِـکي؟
ڪابه ”مـَـروئان
“ ڪانه آ-
”ڪـَـجليو
“ ڪير لـِـکي!؟
*
هـُـن جي ڪـُـل موڙي،
جهڙو اُڀ تي ڏانگڙو
-
ڪـُـولهڻ جي چـُـوڙي.
*
مـُـنهن نه موهـِـيڙا،
هيل به ٿـَـر ۾ ڪونه ٿيا-
ساوا روهيڙا!
*
عورت سيرانديءَ،
مرد هميشه آ رهيو-
کـُـٽَ جي پيرانديءَ.
*
ويٺو هين وِهنجي،
پر، هوءَ ايندءِ ڪونه اڄ-
گهـُـرج اَٿئي جـِـنهنجي!
*
ايڏو ڪـُـوڙو پيارُ!
دل مان اِينءَ ڪڍي ڇڏيئه-
جيئن مـَـکڻ مان وارُ.
*
ڏاها ڀـَـلئون- ڀـَـلَ،
پر، ڇا ڪوئي وارَ تان-
لاهي سگهندو کـَـلَ؟
*
بيهه اِتي بادَلَ!
مون کي اُن وٽ هـَـلُ کڻي-
جنهن جا کنوڻيون ڳـَـلَ.
*
روءُ نه او ڪـَـڪـِـري!
ساگر- ڌَڻ سان مـِـلُ ڊُڪي-
هيڪلڙي
ٻـَـڪـِـري!
*
چــنبڙيس چيلاٽو،
ٻارَ ڪيون ايڏيون رَڙيون-
هانءُ پـِـئي ڦاٽو.
*
ويندن سان ويڙهاندِ،
ڏُڪين ڏُڪين ڏيڪريون-
”ڦـِـرڦـِـر سوٽي“ راندِ!
*
ريڌل
سارو راڄُ،
ڪاڻ نه ڪنهن جي سي ڪڍن-
ڪـُـوڪڙ
جن جو کاڄُ.
*
ڀـِـمرين،
جا ڀـُـونڀٽَ،
ٿر ۾ سندر سوکڙيون-
ڪوڪڙ ۽ ڪـُـونڀٽ
.
*
ڪجهه ڌيئون، ڪجهه ڌِڱ،
سيءَ ۾ گڏ تـِـڙڪول
تي-
ويٺا سيڪن لـِـڱ.
*
ڪجهه مايون، ڪجهه مـِـيتَ،
گرميءَ ۾ گوڇارَ
تي-
گڏ پيا ڳائن گـِـيتَ.
*
ڇوريون، ڇيلا- ڇانگَ
،
سـِـينن تي چاڙهيل سـِـڱيون-
پـُـٺيان لڙڪيل نانگَ!
*
لاڏوُ- اُٺ، قطارَ،
نـَـڪين ناڪيليون پيل-
جـَـت جي هـَـٿِ مـَـهارَ.
*
لاتي مـِـينهنَ جهڙي،
ڪاڇي ۾: ميها/ونگا-
رُپئي منجهه ڌَڙِي
.
*
جامَ ٿيون جـُـواريون،
بيٺيون پيـِـهـِـن تي چڙهي-
جهارِ تـَـڙن ڪـُـنواريون.
*
ريڀـَـڙ
۽ رانهان-
ڪاڇيو وَسيو ڪيچ ٿيا-
گدرا ۽ ڇانهان.
*
کـُـنڀيون، چڀڙ، چوڙَ،
ڇاتـِـي ڦاڙي ڀـُـونءِ جـِـي-
نڪري پيا ڀـُـون
- ڦوَڙ.
*
هرڪا جـِـند وَسي،
سڀني جـِـندڙين جا ڌڻي!
ساري سنڌ وَسي!
|