سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :4

آزاد نظم

 

ڪڏهن مون به ننڊ ۾ ڪو سپنو ڏٺو هو-
ڏِٺو هـُـم ته: مون کي قلم هٿ ۾ آهي،
ڪتابن جو هڪ ڍيرُ آڏو رکيل آ:
۽ سڀني تي ليکڪ جي صورت ۾

منهنجو ئي نالو لکيل آ.
.............................

 

*

مان ته آهيان ئي سدا سـُـونهن کي پوڄڻ وارو-

اهڙو هڪ مـَـستُ- اَلستي شاعر،

جنهن کي هر وقت،

نئين نظم لـِـکڻ لاءِ ڪو عنوان کپي.

تون ته اشراف ۽ پردي واري،

وَڏ- گهراڻي ڪا نياڻي آهين.

مون نهاريو جي کڻي توڏي-

ته حق هو منهنجو،

ڇو ته، مان آهيان ئي هڪ مـَـستُ- اَلستي شاعر.

پـَـر- اِها ڳالهه ته ڏَسِ:

ڪنهن توکي،

ايڏو مجبور ڪيو؟

جو، ڏِسي مون ڏي-

۽ مرڪي ويٺينءَ!

 

(مئي 1965ع)

-----

 

*

اڄ اُٿڻ ساڻُ صبح جو ساجهر:

بند پڃري ۾ پيل هڪ طوطي،

پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيو ڪجهه ويٺي.

ٿورا طوطا-

جي اڃا قيد ٿيا ڪونه هئا،

۽ فضا ۾ ٿي ڪيائون پرواز،

هـُـن جو آواز ٻـُـڌي هيٺ اُڏامي آيا،

هـُـن کان ٿوروئي پري ڀـِـتِ تي اچي سڀ ويٺا.

ها! اُهي ٿورڙا بي پهچ پـَـکي-

قيد ۾ پنهنجو ڏِسي هڪ هم ذات،

سڀ مـِـڙي آيا هئا کيس ڇڏائڻ خاطر.

پـَـر، پـَـکي جيڪي کنڀن جي مـُـٺِ مـُـٺِ:

پنهنجي هم ذات کي آزاد ڪرائي نه سگهيا،

خالي دانهن کان سوا ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيا،

ڏاڍا ڦـَـٿڪيا ۽ لـُـڇيا-

نيٺ اُڏامي ويا!

۽ اُهو قيدي طوطو،

اُن ئي پڃري ۾ اَلاپيندو رهيو:

”ٽـِـيون- ٽـِـيون- ٽـِـيون!!“

(مئي 1965ع)

-----


 

*

اڄ تصور جي نـَـگر ۾ آءٌ گهمندو ٿي وَتيس،

هلندي هلندي: هڪڙي رِڻ- پٽ ۾ وڃي نڪتس- اُتي،

مون ڏٺو:

هڪ ڪامڻي/هيري- ڪـَـڻي

چيڙهـُـه وارن ۾، لـَـٽا ليڙون، بدن سارو ڀـَـڀـُـوت،

پيرَ گهليندي، مٿي ٻانهـُـون کنيو

ڪنهن کي پـُـڪاريندي وتي،

۽ لـُـڙَڪ لاڙيندي وتي!

مون ذرا اڳتي وڌي هن کان پـُـڇيو:

”ڪير آن تون  مائـِـڙي ۽ ڪنهن کي ڳولين ٿي پـَـئي؟“

هـُـن چيو:

”مان سنڌڙي آهيان ٻچا!

ٻچڙن کي ڳوليان ٿي پئي،

جيڪي ويا آهن ڇڏي رِڻ ۾ مون کي.“

مون ٻڌو:

۽ شرم کان منهنجو جـُـهڪي ويو هيٺ ڪـَـنڌُ!

(جون 1967ع)

-----

 

*

مان: جو هـِـڪ سادڙي پوشاڪ ۽ صورت وارو،

ڏينهـَـن پهرئين کان وٺي حـُـسن جو سـِـڪڻو شاعر.

هوءَ اڃا ڦوُهه جوانيءَ کان ٽـَـپـِـي ئي مـَـسَ هئي،

مـُـنهن مان نڪتس ٿي پئي نورَ جا اَڻ- کـُـٽ ڪـِـرڻا،

ڄڻ ته فردوس جي کـِـڙڪي ڪا کـُـلي پئي هئي.

هنڌ ڪـُـنئري جي مٿان-

ٻانهـَـن َڏئي سيرانديءَ:

ڪنهن وڏي راڄَ- ڌياڻيءَ وانگي،

چـُـپ ئي چـُـپِ ناز سان ليٽي پـَـئي هئي.

مانَ الائي ته اُتي ڪيئن وڃي نڪتس ڀـُـلجي،

منهنجون اکيون جي گهڻي وقت کان روزي سان هيون،

ڪو پـَـتو ناهـِـه ته ڪيئن هن جي اکين سان ٽـَـڪريون،

هـُـن به ماڻهن جو ۽ مهڻن جو ڪيو ڪونه خيال،

ساري دنيا جي محبـَـت کي سميٽي/ميڙي-

پنهنجي اکين ۾ وجهي سـُـرمي جئن:

منهنجي نظرن سان ملائي نـَـظرون،

هڪ مـِـٺي مـُـرڪ کڻي منهنجي مٿان گهوريائين!

هڪ گهڙيءَ لاءِ جـُـهڪي عرش ڏنيون-

مون کي چـُـميون.

 

ٻي گهڙيءَ ٽـَـهڪ- وڏا ٽـَـهڪ،

۽ ڪجهه سـُـرٻاٽ:

”هاءِ! ويچارڙي هيءَ پڳلي- مـَـوالڻ آهي.“

۽ مون کي، هـُـن جي اُنهيءَ مـُـرَڪَ مـِـٺيءَ جو سـُـنهن آ،

اِيئن محسوس ٿيو هو تڏهين-

منهنجي پيرن ۾ پيل ڌرتيءَ هيٺان:

ڄڻ ڏَٻو ڏاند(1) ڪڍي سـِـڱُ ۽ ڀڳو هو ڪيڏانهن،

۽ عرش ڪڍي چيٻارا منهنجا-

مون کان جيئن پوءِ تـِـئين ُڏورِ ويو ٿي ٿيندو!!

 

(نومبر 1967ع)

-----

 

*

تو چيو:

”منهنجي سنگت کـِـيرَ جيان پاڪ ۽ صاف آهي“

مون چيو:

”کير ته اَڪسيرُ به آ/ پيرُ به آ،

”کـِـيرَ مان نيٺ مکڻ ئي جـُـڙندو-

”۽ اُهو سارو مـَـکڻ توکي وَرائي ڏيندس.“

پر-

وقت کان اڳ ئي،

اُنهيءَ کيرَ ۾ ويو پئجي ”ڪـَـٽـَـرُ(1) !“

(ڊسمبر 1969ع)

-----

 

*

سائنسي دَورُ-

سـُـجاڳيءَ جو زمانو آهي،

منهنجو ”جوهر“ به پيو آ جاڳي:

مان هينئر بڻجي چـُـڪو آهيان ”ٽائيم بم“

وقت ايندو ته-

مان ڦاٽـِـي پوَندس.

............!؟

(مارچ 1981ع)

-----

 

*

هيٺ ٻارَن جو وڏو ڊَنبڪو،

مـَـٿي سـِـرڻين جو ميڙ.

اَڌ- اُگهاڙا، نڪ بـِـينا (رنگُ دانگيءَ جو تـَـرو)

شيدين جا ٻارَ،

ڪجهه هـَـڏيون، ڇـِـڇڙا، ٽـُـڪر آنڊن جا-

۽ بيڪار گوشتُ،

ٺينگَ ڏئي، اُڀ ڏي پيا اُڇلن،

مـَـٿان سـِـرڻيون جـَـهٽينديون پيون وڃن.

راند ٻارَن جي-

پکين جو روزگار!

 

(جون 1985ع)

-----

 

*

هڪ پـَـنو بيڪارُ:

جنهن تي ٿا وڃن لـِـکجي ڪڏهن-

ڪي چڱا چـُـونڊيل اکر،

جـَـن ۾ ڪو پيغام،

ڪو مقصد،

يا منزل جو پـَـتو-

ٿو اچي ڪنهن کي نظر.

سو، تڏهن:

آسماني ڪنهن صحيفي جو ورق-

ٿو ڀانئجي!!

(ڊسمبر 1985ع)

-----

 

*

”هيلي ڪومـِـٽ(1) “/پـُـڇڙُ تارو-

پنهنجي ڀونءِ جي اُڀَ تي اچڻو آهي،

اُڻويهه سـَـو ڇهاسيءَ جي پهرئين مهيني ۾.

پـُـڇڙُ تارو:

ڏِسبوآهي اُڀ تي جڏهين،

دنيا ۾ ايندو آ ڦيرو(2) .

انقلابي ماڻهو، اُٿو!

وقت مناسب آيو آهي،

پـُـڇڙ تاري جي اُهڃاڻن سان-

سڀ گڏجي ساٿُ ڏيو!

(ڊسمبر 1985ع)

-----

 

*

قومن ۾ ڇـَـڪتاڻ وڃي ٿي وڌندي.

اهڙي ڪائي ڪنڊ نه آهي،

جاٿي ڪوئي سک هجي ۽ سانت هجي،

ڀونءِ مٿان هڪ ڀانت هجي،

ڪنهن کي، ڪنهن جو اونو ناهي،

پنهنجي وَڏيرپَ مڃرائڻ لئه-

دنيا ۾ رَتَ- ڇاڻَ وڃي ٿي وڌندي!!

(ڊسمبر 1985ع)

-----

 

*

ڪڏهن مون به ننڊ ۾ ڪو سپنو ڏٺو هو.

ڏٺو هـُـم ته:

مون کي قلم هٿ ۾ آهي-

ڪتابن جو هڪ ڍيرُ آڏو رکيل آ -

۽ سڀني تي ليکڪ جي صورت ۾ منهنجو ئي نالو لکيل آ -

۽ آهن اُنهن ۾ رڳو منهنجون سوچون ۽ لوچون سـَـهيڙيل.

وڏو ميڙُ ماڻهن جو چوڦير آهي:

۽ مينديءَ رَتا هٿ اڳتي وَڌن ٿا -

۽ مالها گـُـلن جي ڳچيءَ ۾ وجهن ٿا.

۽ پنهنجي بـُـڪن تي وٺڻ ٿا گـُـهرن مون کان آٽوگراف -

۽ نعرن جي هـُـل ۾-

نئين نسل جا سـُـورما ٿا ٻـَـڌائن پيا مون کي پڳ!

هي سپنو ڪڏهن ساڀيان نيٺ ٿيندو،

هي سپنو سدائين ته سپنو نه رهندو!!

(ڊسمبر 1985ع)

-----

 

*

هوءَ هڪ ننڍڙي نياڻي:

جيڪا رانديڪا وٺڻ بازار ۾ آئي هئي -

۽ بم ڦاٽڻ جي ڪري،

ساري سـَـڙي ٿي ڪوئلا.

 

او بـَـم ڇوڙيندڙ دَرندا!

خاڪ اُن جي-

مون کي آڻي ڏي، ته مان:

سـُـرمي جيان،

پنهنجي اکين منجهه پائيندو رهان.

۽ ٻـُـوٿَ تـُـنهنجي تي مـَـليان،

ڪارَنهن جيان!!

(جولاءِ 1987ع) *

                                              -----

* 14- جولاءِ 1987ع: ڪراچيءَ ۾ بم- ڌماڪي تي چيل آزاد نظم.

 

غـَـزل

 

”شاعر آهيان، ڪافر ناهيان،
ڪيئن چئو ٿا؟ ”بـُـت نه ڊاهيان.
سرجڻهار وڏي سـَـگهه وارو،
ٽٻڪن مان ٽانڊاڻا ٺاهيان.“

 

 


 

*

موتَ سان اڄ مقابـِـلو آهي-
زندگيءَ جو معامـِـلو آهي.
(1)

سوچجي ڇو کـَـٽڻ ۽ هارڻ تي،
ڀاڳَ جي هٿ ۾ فيصـِـلو آهي.

ماڳَ پنهنجي ڏي ٿو وڃي هلندو،
هي دِليرن جو قافـِـلو آهي.

خير سان، شل خدا ڪري گذري!
ڏورِ ڏاڍو مفاصـِـلو آهي.

او ڳـَـلي يارَ جي خدا حافظ!
تو وٽانَ اڄ تبادِلو
(2) آهي.

شاعريءَ ۾ شباب جون ڳليون،
منهنجو محبوب مشغـِـلو آهي.

عشـقُ: آثم! جـَـهلئي نه ٿو جـَـهلجي،
عشق هوندوئي باوِلو
(3) آهي!
-----

 

*

منهنجي دل ۾ آ ٺاهـَـه جي خواهش،
توکي ناهي نـِـباهه جي خواهش.

تـُـنهنجي، مون کي ائين ضرورت آ،
جسم کي جيئن آ ساهـَـه جي خواهش.

هڪ بکئي کي هميشه هوندي آ،
هڪڙي مانيءَ گـِـراهـَـه جي خواهش.

تارِ- تانگهو(1) طلبَ اڳيان ڇاهي،
هوءَ رکي ٿي اَٿاهـَـه(2) جي خواهش.

سونهن سان پيارُ: جي گناهه آهي،
بهتر آ، هـِـن گناهه جي خواهش. (3)

تـِـيرَ تاڻيو- تڪيو هڻين ٿو، پـَـر-
مون کي ڪانهي پـَـناهـَـه جي خواهش.

ذهن ۾ ٿي رهي سدا آثم!
ڪنهن نـَـشيلي نـِـگاهـَـه جي خواهش.

 

بيوفائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!
ڏِسُ، چـَـريائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!

پاڪبازي لـِـڪڻ جي شيءِ ناهي،
خود- ثنائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!

ڪنهن جي اُميد جي عمارت کي،
ڌوڙِ- ڇائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!

حـُـسن پنهنجو ڏِسي نه ٿي مغرور،
خود نـُـمائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!

ها، وَڏائي خدا کي سونهين ٿي،
تون وڏائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!

ڏينهـَـن- ٻـِـن جي وقار لئه آثم!
ڪا لڙائي نه ڪر، او منهنجا مـَـنَ!!
-----

 

*

ڇـِـني توکان ڇڏيان ناتو! اِها ڪجهه ڳالهه ڳوري آ،
ذرا سمجهائجو سائين! اِهو حڪم آ، يا زوري آ؟

جدا توکان رهي ڦـَـٿڪان، لـُـڇان، وَڍجان پيو تولئه،
سزا جيڪا ڏني آ تو، مان سمجهان ٿو ته ٿوري آ.

بـُـلندي توڙي پـَـستـِـي منهنجي، تـُـنهنجي دَم سان ئي آهي،
اُڏامڻ ڏين يا اُٽلائي وجهين هـَـٿِ تـُـنهنجي ڏوري آ.

مڃان ٿو پهچ منهنجيءَ کان مـَـٿي تـُـنهنجو مقام آهي،
تون آهين چنڊُ ڌرتيءَ جو ۽ منهنجي دل چـَـڪورِي آ.

مڪمل رنگ تـُـنهنجي ۾ وڃان َرڱجي ته پو وڃجان،
اَڃا تائين ته هـَـستـِـي منهنجي مـَـس مـَـس ڪجهه ڪـَـڪورِي آ.

چيو تو: ”نانگ تي ڪو پيرُ تنهنجو شل پوي آثم!“
ته توسان عشق ٿي ويو، تـُـنهنجي پـِـٽَ(1) ڀي ڪا سـَـدوري (2) آ!!
-----

 

*

مـَـئڪدي جو عجيب آ دستـُـورُ،
وڃ ته سالم ۽ اَچ ته چـَـڪنا چـُـورُ!

عشق سنت خدا جي آ واعظ!
عشق کان ايترو نه وڃ وَهلـُـورُ.

سـَـڏ نه مون کي تون قيس ۽ فرهاد،
مان نه آهيان چـَـريو، نه ڪو مزدُورُ.

حـُـسن- حـُـسن آ، اگر رهي محفوظ،
ويندو اُڏري جي کولبو ڪافورُ.

 

تيرُ تـِـرڇي نظر جو ڇا لڳندو!؟
سامهون وارُ ڪر تـَـڪي ڀرپـُـور.

ٺاهـُـه آثم سان تـُـنهنجو مشڪل آ،
تون به مغرور مان به ڪجهه مغرُورُ!
-----

 

(1) هڪ لوڪ روايت آهي ته، ڌرتيءَ کي َڏٻو ڏاند پنهنجي سـِـڱَ تي جهليون بيٺو آهي. (ليکڪ)

(1) ڪـَـٽـَـرُ = مـَـکِ يا ڪا ٻي شيءِ.

(1) هيلي ڪومـِـٽ = 1986ع ۾ اُڀرندڙ پـُـڇڙتاري کي ”هيلي ڪومـِـٽ“ نالو ڏنو ويو هو. (ليکڪ)

(2) عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن به پـُـڇڙ تارو اُڀرندو آهي، تڏهن ملڪن ۾ سياسي ۽ اقتصادي تبديلي ايندي آهي. ڪجهه حڪمرانن جو موت به ٿيندو آ. (ليکڪ)

(1) هيءُ ٻئي سـِـٽون محسن ڪڪڙائي جون آهن.

(2) تبادلو = بدلي ٿي وڃڻ/ڇڏي وڃڻ.

(3) باوِلو = چـَـريو مستانو.

(1) تارِ- تانگهو = تراکڙو، ٿورڙو.

(2) اَٿاهه = بي اَنت، اَڻ- کٽ.

(3) اصل فارسي شعر جو ترجمو شعر هيءُ آهي:

گرگناه است ديدنِ خوُبان،
روز و شــــب ايـــــن گــــــنــــاه بايـد کـــرد.

(1) پـِـٽَ = پاراتو، بـَـددعا.

(2) سدوري = سڀاڳي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org