امرتا پريتم چـَـواڻي
ٿـُـوهـَـر جي رَسُ، جهڙي ڪـَـؤڙي:
سـَـچَ جي سـُـرڪ به تـِـهڙي ڪـَـؤڙي.
ٿـُـوهـَـر جو جـِـئن ٻـِـجُ نه آهي-
سـَـچَ جو ڀي تـِـئن ٻج نه آهي،
پوءِ به ٿـُـوهـَـر جوءِ جـَـهجهيءَ
۾،
پوءِ به سـَـچَ آ ڀونءِ سڄيءَ ۾.
ٿـُـوهـَـر جا ڪجهه ٻـُـوها اُڏري-
جوءِ اندر جنهن هنڌِ ڪـِـرن ٿا،
تا ٿي: پنهنجو پاڻُ ڦـُـٽـَـن ٿا.
سـَـچُ ڀي پاڻَ کي پـَـرَ لڳائي-
جڏهين اُڏري پوندو آهي،
هـِـتِ- هـُـتَ اُڀري پوندو آهي.
هـُـو ڀي ڪـَـوڙو، هي ڀي ڪـَـوڙو،
جـَـڳ ۾ هيءُ نـِـرالو جوڙو.
هـُـو ڀي ڪنهن کي ڪونه وڻي ٿو،
هـِـي ڀي ڪنهن کي ڪونه وڻي ٿو،
پو به وَڌن پيا، سڀڪو چوندو-
دنيا کي ڀي مـَـڃڻو پوندو.
(جولاءِ 1985ع)
*
چيائون: ”بـُـکئي- پيٽ، اَنگين اُگهاڙا.....؟“
چيم: ”ها، اُهي اڄ به چـِـپجنَ پيا ٿا.“
چيائون: ”ته سـُـکَ جا ڪي ڏِسبا ڏِهاڙا....؟“
چيم: ”ها، اُهي ٻارَ نـِـپجن پيا ٿا.“
چيائون: ”ته ونڊَ- ورڇ وارا پـَـهاڙا
.....؟“
چيم: ”ڇاپـِـخانن ۾ ڇـَـپجـَـن پيا ٿا .....“
چيائون: ”ته آثم! ڀلا هـُـو ڪهاڙا....؟“
چيم: ”او چـَـريا! سي ته ٺـَـپجن پيا ٿا.“
(آڪٽوبر 1985ع)
-----
*
او گڏيل قومـُـن جا اڳواڻو ٻـُـڌو!
حـَـق انسانن جا ٻوڙيو ٿا پيا،
باهمي دسـُـتور
ٽوڙيو ٿا پيا!
سـَـچَ جا بيـَـنر ٽنگي، جلسا ڪري-
ڪـُـوڙ جا راڪيٽ ڇوڙيو ٿا پيا!
ڏيڍ سـَـوَ کان ڀي مٿي ٺاهي جهنڊا-
ڀـُـونءِ جي ڇاتيءَ ۾ کوڙيو ٿا پيا!
امن جو ٻـُـوٽو لڳائي، پو وري-
پاڻ اُن جا پـَـنَ روڙيو ٿا پيا!
ميڻُ جي بوتي جو، جاڏي ٿا گـُـهرو،
اوڏهين مـُـنهن اُن جو موڙيو ٿا پيا!
حـَـق انسانن جا ٻوڙيو ٿا پيا:
لوڙڻو پوندُءَ ۽ لوڙيو ٿا پيا!
او گڏيل قومـُـن جا اڳواڻو بـَـچو!!
(نومبر 1985ع)
*
هڪڙو هـَـٿُ: هزارين ڳـِـچيون گهوگها ڏيئي گـُـهٽي
ٿو،
چـُـونڊي چـُـونڊي مـُـڙس مـَـٿيرا تـِـن کي تيرَ
چـُـٽي ٿو،
لاهي- پاهي/ حـَـد لتاڙي: لوئيءَ لـَــڄُ لـُـٽي
ٿو.
ساڳيو هـَـٿُ: ٻين جي هـَـٿَ مان گـُـل ڦـُـل
گئونچ ڦـُـري ٿو،
ڳاٽَ کڻڻ جي قيمت ڳاٽو، گـُـرکـِـي
گـُـرگ
گهـُـري ٿو،
آزاديءَ جو ڀـُـوري بـُـتَ تي چـِـچـِـڙ جيئن
چـُـري ٿو:
سو، آمـِـر جو هـَـٿَ، سو قاهر جو هـَـٿَ.
هڪڙو هـَـٿُ: ٻين جي هٿ ۾ تـَـن- مـَـن، ڌَنُ ڏِئي
ٿو،
”اوتون جوتون“
جهڙو پيارو هڪ ڪتاب ٿـِـئي ٿو،
زهر- وَٽو ٽـُـٻٽار تـِـريءَ تي هڪڙيءَ ڳيـِـت
پـِـئي ٿو.
ساڳيو هـَـٿُ: لکڻ لئه، مـَـسَ جي ڪـُـپڙي ڪونه
کڻي ٿو،
ڪاغذ ڦاڙي، چـُـهنب قلم جي ڇاتيءَ منجهه هڻي ٿو،
گيتَ گلابي آزاديءَ جا لـِـکندي، ڇا ته وڻي ٿو!
سو، شاعر جو هٿ.
(ڊسمبر
1985ع)
-----
*
ساٿي سـَـڀ ڀـَـڄي ويا آهن،
تاڙيون- طاق وَڄـِـي ويا آهن.
هاڻي آءٌ اَڪيلو آهيان،
سـِـجُ وڃي ٿو لـَـڙندو منهنجو-
پوياڙيءَ جو ويلو آهيان.
”منهنجي ننڍپڻ وارا جيڏا!
ڏِڪي- ڏَڪـَـر منجهه، اوهان کي-
جيءَ
ڏنا مون کيڏي، ڪيڏا.“
”پـِـڙَ ۾ بيهي راند رچايو،
آڳيئڙي
کي تيڪائڻ لئه-
”اِٽيءَ
کي ڪو اُڀُ گهمايو.“
”جوانيءَ وارا- ڀـَـنڀي ڏاڙهـِـي،
”منهنجا سنگتي! پـِـڙَ ۾ پهچو-
”جوڙا جوڙا: ڀيچي /هاڙهي!
”مـُـچي ٺاهي، هٿ سـَـلهاڙي،
پـُـٺيون- پـُـٺين ساڻُ ملائي-
کيڏو بيهي چورَ - ٻـِـلهاڙي
.“
پـَـر، هـُـو اڄ نه گـَـڏُ ٿين ٿا،
ڏاڍا واڪا / سڏ ڪياٿم-
ڪونه مون کي ڪو سـَـڏُ ڏين ٿا.
ساٿي سـَـڀ ڀـَـڄي ويا آهن-
منهنجا طاق وَڄـَـي ويا آهن!!
(ڊسمبر 1985ع)
-----
*
ٽهڪُ: ڪنهن جي لـُـڙڪَ جو مـُـلهه ڪونه آ.
لـُـڙڪُ: ڪنهن جي سوُرَ جي ناهي دوا.
سوُرُ: ڪنهن پيڙا مان پيدا ٿو ٿـِـئي.
پيڙَ: ڪو ماڻهو ئي ڪنهن کي ٿو ڏِئي.
پيڙَ ڪنهن کي جي نه ڪو ماڻهو ڏِئي،
سوُر ڪنهن جي دل ۾ پيدا ڪونه ٿـِـئي.
لـُـڙڪَ ڪنهن جي سوُرَ تي ڳاڙي نه ڪوبه،
ٽـَـهڪَ جي لئه واتُ ڀي ڦاڙي نه ڪوبه.
پيڙَ وارو پاڻَ پنهنجي سوُرَ تي:
لـُـــڙڪَ ڳــــــاڙي-
ٽـــَـهڪَ ڏِئــــــي-
مرضي سندس!
(ڊسمبر 1985ع)
-----
*
”ڪير ٻـُـڏي ويو؟“
ڪـُـوڙ ٻـُـڏي ويو / ٻـُـڏندو آهي.
”ڪير لـُـڏي ويو؟“
تـَـخت لـُـڏِي ويو / لـُـڏندو آهي.
”ڪير اُڏي ويو؟“
سـَـچ اُڏي ويو / اُڏندو آهي.
(ڊسمبر 1985ع)
-----
*
مان ڀي هڪڙو ماڻهو آهيان،
تون ڀي هڪڙو ماڻهو آهين.
مان توکي جيءَ ۾ جاءِ ڏيان ٿو-
توکي ڇاتيءَ لايان ٿو.
مان جانِ به تـُـنهنجي لاءِ ڏيان ٿو-
توکي پيارو ڀانيان ٿو.
پـَـر،
تـُـنهنجو مون کان مـَـن جـَـلي ٿو-
مون کي ڏِسندي وڦلين
ٿو،
۽ توکي جـِـئن ئي وَجهه مـِـلي ٿو-
مون کي اوجـَـهڙِ اُڇلين ٿو.
پوءِ به تولئه گيت سدائين-
گڏجاڻين ۾ پڙهندس مان،
تـُـنهنجي ُڏک- سـُـک لئه او سائين!
ڦاهيءَ تي ڀي چڙهندس مان .
تون ڀي هڪڙو ماڻهو آهين!
مان ڀي هڪڙو ماڻهو آهيان!
(جنوري 1986ع)
-----
*
لـَـوَ 1986
آڻ کـَـٿـِـي-
لاَهه ڪـُـنو!
ويهـُـه هتي:
روپ مـَـتي!
نرم بدَن،
”هڻ ته چـَـتـِـي!“
چاءِ کپي،
کيرُ- پـَـتي.
کولِ بـَـٽڻَ،
ٻار بـَـتي.
تنگِ ڳلي-
راند متي.
چنڊُ لـَـڙيو-
چوٽ ڪـَـتـِـي،
ويڙهه چـُـني-
رنگَ- رَتي،
پاءِ وَڳو-
وَڃُ سـَـتي!
پيارُ پـُـنو-
بـُـک لٿي!!
(مئي 1986ع)
*
اڃا نه وڃ-
اڃا نه وڃ-
چيو ته مـَـڃُ!
ڇـُـهان نه ٿو-
ته ڍَءُ ڪري:
ڏِسڻُ ته ڏي.
سـُـران نه ٿو-
گهڻو، ته ڪجهه:
چـِـسڻ
ته ڏي.
اِتي ئي هـُـج:
وِٿير ڪـِـي-
پـَـري پـَـري.
”وڃان- وڃان“
نه چـَـئه پـَـئـِـي-
تـَـڪڙ ڪـَـري.
جي آئي آن،
تون اڄ ٻـَـه/ٽي-
وِکون کڻي:
ته آسَ جي-
گـُـڏيءَ جي
ٿـُـڏا هڻي-
مـُـنڍي نه ڀـَـڃُ!
اڃا نه وَڃُ!!
اڃا نه وَڃُ!!
(مئي 1986ع)
-----
*
چـُـونڊ ڪر-
ڇا چڱو؟
ڪو نـَـوان چيچڪا پيو ڇـَـٽي،
ڪـــــوئي ڄاوَل سـَـلا پيو پـَـٽي،
هـُـن جي هٿ ۾ به ”ڪوڏار“ آ-
هـِـن جي
هـَـٿ ۾ به ڪوڏار
آ: غور ڪر/ چـُـونڊ ڪر،
ڇا چڱو؟ ڇا
بـُـرو؟
ڪو، ٿو اوندهه ۾ ٻاري ڏيئا،
ڪوئي اُڇلي جـُـهڳن تي اُلا،
باهه هـُـو ڀي ٿو ٻاري ڪٿي-
باهه هـِـي ڀي
ٿو ٻاري ڪٿي: غور ڪر/چـُـونڊ ڪر،
ڇا چڱو؟ چا
بـُـرو؟
ٻــــارَ کيــڏن ڦٽاڪا ڇڏي،
مرد ويندا ڌماڪا
ڇڏي،
هوءَ بــــه بارود جي راند آ-
هيءَ به بارود جي راند آ: غور ڪر/ چـُـونڊ ڪر،
ڇا چڱو؟ ڇا بـُـرو؟
ساڙَ
۾ ڪو سـَـڙي ٿو پيو،
سـَـچ لئه ڪو لـَـڙي ٿو پيو،
هوبه هڪ ڏينهن مرڻو ته آ-
هي به هڪ
ڏينهن مـَـرڻو ته آ، غور ڪر/چـُـونڊ ڪر:
ڇا چڱو؟
ڇا بـُـرو؟
(جولاءِ 1986ع)
-----
*
مان شاعر هان -
يا:
ڪاريگر هان؟
زيرِ- زَبر زنجير بڻائي -
ڏاڍا/ڏائڻ، ديوَ ڪـَـڙيان ٿو،
لفظ رِجائي، ڏيئا ٻاري -
جُملي- جـُـملي جوتِ جـَـڙيان ٿو،
آزاديءَ جي گـَـس تي بيٺل -
ڀالا تاڻي، ڀـُـوتَ تـَـڙيان ٿو،
تون سمجهين ٿو شعر انهن کي -
مان ته پيو هٿيار گهڙيان ٿو.
مان شاعر هان -
مان:
ڪاريگر هان!
(سيپٽمبر 1986ع)
-----
*
اچان پيو پنهنجي واٽ سان مان -
مـِـلڻ ٿيو هڪڙي آدميءَ سان.
پـُـڇئين ته: ”چاچا! اچين پيو ڪاٿان؟“
چـَـيم ته: ”روضي لطيف جي تان.“
چيئين ته: ”چاچا! لطيف ڪهڙو؟“
چـَـيم ته: ”اُجري ضمير جهڙو.“
چـَـيئين ته: ”چاچا! لطيف ڪيئن آ؟“
چيم ته: ”جـِـيجل جي ٿـَـڃَ جـِـئن آ.“
چـَـيئين ته: ”چاچا! لطيف ڇاهي؟“
چيم ته: ”اُن جو ڪو اَنت ناهي.“
چيئين ته: ”چاچا! لطيف ڪنهن جو؟“
چيم ته: ”ڀاٽيا! لطيف منهنجو.“
چـَـيئين ته: ”بس! آ لطيف تـُـنهنجو؟“
چيم ته: ”منهنجو، ته ڀانءِ پنهنجو.“
چـُـيئين ته: ”اسم آ لطيف رَبَ جو،“
چيم: ”تـَـڏهن آ لطيف سـَـڀَ جو.“
چيئين ته: ”چاچا! مون ڪونه سمجهيو.“
چيم: ”پـَـڙهيو هين، مگر نه پـُـرجهو.“
چيئين ته: ”کولي خبر نه ڏيندين!“
چيم ته: ”سمجهي ئي ڪونه سگهندين.“
ته ايتري ۾ ٻه- واٽو آيو،
۽ شخص هـُـن مون کان موڪلايو.
نه ڪو ته هـُـن منهنجي واٽ ورتي،
نه ڪو ته مون هـُـن جي واٽ ورتي.
الڳ هـِـي منزل اسان ٻنهي جي-
الڳ ٿـِـي منزل اسان ٻـِـنهي جي!
(مارچ 1988ع)
-----
*
سيٺ وڏا-
او آدم صاحب!
ڇو ٿو پاڻ پـَـڏائين پنهنجو؟
تون- مان ٻئي برابر آهيون.
تووٽ دولت نوٽ پـَـنن
جا،
مون وٽ سچا لفظ لکن جا.
مان آثم آهيان ۽ تون آدم-
مون کي ڏِسُ اچي تون ويجهو:
تـُـنهنجو منهنجو رنگ به ساڳو-
ڍَنگ به ساڳو.
هاٺي ساڳي، هانءُ به ساڳو-
ڪويل ساڳي، ڪانءُ به ساڳو-
قـَـد به ساڳو، ڪاٺُ به ساڳو-
پوڄا ساڳي، پاٺُ به ساڳو-
ڀونءِ به ساڳي، ڀاڻُ به ساڳو-
ماپو ساڳو، ماڻُ به ساڳو-
ٿانءُ به ساڳو-
تنهنجو- منهنجو نانءُ به ساڳو.
مون وٽ سچا لفظ لـَـکن جا،
تو وٽ دولت نوٽَ- پـَـنن جا.
تون آدم آهين ۽ مان آثم-
فرق رڳو آ ”دال“ ۽ ”ثي“ جو:
هونءَ نه ته ٻيئي همسر آهيون.
ڇو ٿو پاڻُ پڏائين پنهنجو؟
او
آدم
صاحب-
ســــيـــٺ وڏا!
(اپريل 1989ع)
-----
(وڌيڪ پڙهو) |