سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :5

*

تون ساٿُ ڏين ته عشق مجازي ڪري وٺان،
ڪافر مزاج دل کي نمازِي ڪري وٺان. (1)

اکِ ساڻ اکِ ملائي وري هڪ دفعو ته کـِـلُ،
وابسته(2) توسان ياد ڪا، تازِي ڪري وٺان.

او فڪر روزگار جا! ڪو پـَـلُ ته وڃ ٽـَـري-
پنهنجي رُٺل حبيب کي آزي(3) ڪري وٺان.

سرڪار! هـَـٿُ چـُـراند(4) نه مون سان ڪيو، متان-
مان ڀي اوهان سان دَست- درازي(5) ڪري وٺان.

محمود(6) ڪوبه وقت جو حاڪـُـم نه ٿي سگهيو،
مان ڪنهن جي آسري تي اَيازِي ڪري وٺان؟

سوچيان ٿو هٽلري شڪن آثم! ڪو اهڙو حـَـلُ،
جنهن سان فنا جهانَ جا ’نازي‘(7)، ڪري وٺان!
-----

 

*

ڪـُـڏ(1) ڏئي ڪجي دلين جو واپارُ، سو ڏُکيو آ،
جئن ڪو گهري، اُئين ٿئي وَهنوار، سو ڏُکيو آ.

تارَن تي پهچي وڃبو، ساگر جو اَنتُ لـَـڀندو،
پـَـر، ڪو اَٽوٽ(2) ڏسجي هت پيارُ، سو ڏُکيو آ.

هـُـن جي پـَـوي نه مون سان، منهنجي لڳي نه هـُـن سان،
هڪ- ٻئي سان ٿئي اسان جو سـَـهڪارُ، سو ڏُکيو آ.

لـَـکَ ڀيرا مان ته قاصد هـُـن ڏانهن موڪليان، پـَـر،
هـُـو ۽ ڪري اَچڻ جو اقرارُ، سو ڏُکيو آ!

ماڻهوءَ کان، ماڻهو خوشيون بيشڪ کسي سگهي ٿو،
ماڻهوءَ جو، ماڻهو ميٽي آزارُ، سو ڏُکيو آ.

هر لوچَ ٿي سگهي ٿي بلڪل ڪو ڪارنامو،
هر سوچَ ڀي سڏائي شهڪارُ، سو ڏُکيو آ.

ڪو ساهـَـه کان به پيارو جي سـِـرُگـُـهري ته آثم!
اُن سان ڪجي سـِـڌو- سنئون انڪارُ، سو ڏُکيو آ.
-----

 

*

سورَ ورهائي وٺندو ڪيرُ؟
مون وٽ آهن: هيڏو ڍيرُ!

اڄ مان آهيان اُن منزل تي،
جا تي ڪنهن جو ايرُ نه ڀيرُ.

ڪالهه لنگهي ويو ڪو، جنهن گـَـسَ تان،
اڄ ڀي سـُـرهو آ سو سيرُ.

ڄاتل ماڻهو هو ڪو شايد،
پـَـڌرو بيٺو آهي پيرُ.

هرهڪ اَکِ جو آٽو(1) آهي،
ٻيرِ سڄيءَ مان ڳاڙهو ٻيرُ.

مـُـنهن کي مـَـهٽي ڌوتئه، ڇا ٿيو!
مـَـن جو ڌوِئي ڇڏجي ميرُ.

ڪاتيون پاڻهئي ڪـُـسجي وينديون،
اڳ ۾ وَڍ اندرَ مان ويرُ.

ويري ٿيءُ نه ڪنهن به وَنيءَ جو،
بڻجي پـَـئـُـه نه سـَـسـُـيءَ جو ڏيرُ.

آثم ڳالهه ڪندو آ سچي،
جنهن ۾ ڪوئي ڦندُ نه ڦيرُ!

 

*

جي مان چـَـوندو آهيان سـَـچُ،
توکي لڳندو آهي مـَـچُ.

پـَـر، مان مورُ نه مـُـڙڻو آهيان،
بيشڪ پيو تون پـَـل پـَـل پـَـچُ.

سـَـچُ سدائين سـُـڏڪا ناهي،
ڪـُـڏندو ڪونه هميشه ڪـَـچُ.

ڪـُـوڙَ! ٻُـڌين جي تون ڪنُ لائي،
ڳالهيون توکي ٻـُـڌايان ڳـَـچُ.

منهنجا گيتَ اَٿئي بـَـم- گولا،
ڪيسيتائين بـَـچندين- بـَـچُ!

منهنجي سرَتي آ، هيءَ ڌرتي،
ٿيندو ڪير آ ڏاهـَـر، چـَـچُ!

ماڳُ اڃا ڪجهه ڏوُرِ لڳي ٿو،
ساهـَـه! نه ٿيءُ هينئر ئي هـَـچُ(1).

او، ڙِي منزل! آثمَ آڏو-
پائي پر اُڏامي اَچُ!

 

-----

 

*

هـَـٿَ هـَـٿَ منجهه اُماڙي آهي،
ماڻهو ماڻهو ڪـُـهاڙي آهي.

جو بـِـه پـُـٺي ڏَئي پـِـڙَ مان ڀـَـڄندو،
مـُـڙس نه آهي، ڀاڙِي آهي.

مذهب ساڻُ منافق! تو، ڇو-
پنهنجي ذاتِ سـَـلهاڙي آهي؟

روزاني جي بـَـڪ بـَـڪ تـُـنهنجي،
غير ضروري ڄاڙِي آهي.

تـُـنهنجو هر اعلانُ اسان لئه:
اکين منجهه اُماڙِي آهي.

تـُـنهنجو هرهڪ ساٿي: تو جئن-
ڪـُـوڙو آهي، ڊاڙِي آهي.

ڪـُـوڙي ماڻهوءَ، ڪڏهين آثم!
پنهنجي پـَـتِ نه پاڙِي آهي.

 

 

-----


 

*

ناراض مون تي گرچه هميشه فـَـلڪُ هئو،
تڏهين به شينهن هوس مان شـَـهپر کي پـَـڪُ هئو.

مان پنهنجي قوم کي ٿو سجاڳيءَ جو ڏيان سـَـبقُ،
ڌارَينِ کي منهنجي لاءِ مگر ٻيو ڪو شـَـڪُ هئو.

موٽيا نه مورڙي جا اَدا(1) ، ڪهڙو تن جو وَسُ،
ڪنهن ڄـَـورَ جو ته ڪونه هو، واڳوءَ جو چـَـڪُ هئو!

ڀـَـنڀٽُ جتي به ظلم جو ڀڙڪي پيو، اُتي-
منهنجو وجود ڏاگـَـهه ۾ ڄڻ ڪوئي ڏَڪُ(2) هئو.

جي مان لکان ها ’الف‘ جي بدلي ۾ ’ب‘ ته پوءِ،
منهنجي قلم جي ساکَ کي ڪيڏو نه ڌَڪُ هئو!

روشن خيال اديب ڪو مـَـرندو ته چـَـوندو لوڪ:
”ليکڪ چڱو هو يارَ! مگر ناسـِـتڪُ(3) هئو.

ٻـُـڌندءُ ته ماڻهو چوندا ائين اَڌ صديءَ کان پوءِ،
”آثم“ سڀا جي سونهن ۽ ساهت جو نـَـڪُ هئو!
-----


 

*

منهنجو خوابُ تون،
لا جـَـوابُ تون.

هوشُ ڪيئن هجي؟
بي نقابُ تون!

هر خيال ۾،
انقلابُ تون.

گامَ گامَ تي:
ڪاميابُ تون.

مان گناهـُـه هان،
۽ ثوابُ تون.

مان ٻـُـڙي ٻـُـڙي،
بي حسابُ تون.

منهنجي سامهون:
ڄڻ جنابُ تون.

سـَـوَ سوالَ مان،
هـِـڪُ جوابُ تون!

 

 

-----

 

*

ڪـُـٽيءَ جو وَٽو هين-
چڱو چٽپٽو(1) هين!

ڪچهريون مـَـتل ٿـِـي،
وڏو چهچٽو هين.

سچو ناهين ساعت،
ڏهاڙي ڏَٽو(2) هين.

اندرُ پيو ٿو ڏِسجئي،
ڪو سـَـنهڙو لـَـٽو هين.

جي اڳ ۾ مـِـٺو هـُـئين-
ته اڄ ڇو کـَـٽو هين؟

ڇڏيئه رَتُ سـُـڪائي،
مـَـڃيم: مـَـسُ - چـَـٽو(3) هين.

وِئين پـِـسجـِـي آثم!
اِئين: ڄڻ اَٽو هين!

 

-----

 

*

رڳو ”آپُ(1)“ آهين،
آڙيڪاپُ(2) آهين!

تون ڪيئن سـَـرڳ ويندين،
مـَـها- پاپُ آهين!

ڀـَـڳل بـَـنسريءَ جو،
ڪو آلاپُ آهين.

ڪيئه ڄڀَ ڪاڏي؟
جو، چـُـپِ- چاپُ آهين.

نه آهين وِڇوڙو،
نه ميلاپُ آهين.

نه ڪو وِرهـُـه آثم!
نه وَرلاپُ آهين.
-----


 

*

جيڪي ماڻهو مورَ ٿين ٿا-
سي ئي دل جا چورَ ٿين ٿا.



ڪي ڪي ڪاڳرَ مـَـنَ تي اُڪريل،
باقي هٽَ تي تورَ ٿين ٿا.

هيڪڙ- ٻيڪڙ ماڻهو ڏِسجن،
ٻيا سڀ ڍانڍا- ڍوَر ٿين ٿا.

ٽـَـرڙا- سـَـرڙا ماڻهو، پنهنجي-
پاڇولي تان گهورَ ٿين ٿا.

جـَـن جي رَتَ ۾ جوتِ(1) نه آهي،
ڀـِـترن وانگر ڀورَ ٿين ٿا.

جـَـن جي مـَـنَ ۾ آ مرَيادا(2) -
سـَـچُ پـَـچُ سي شهزورَ ٿين ٿا.

هڪُ مـُـئو: ته پٽيندا هڙئي،
ڪيڏا ڏاها نورَ(3) ٿين ٿا!

ڀـَـرجي ڪونه سگهن ٿا آثم!
اهڙا ڀي ڪي پورَ ٿين ٿا.
-----

 

*

ماڻهو سـُـهڻا مورَ اَچن ٿا،
ٽـُـرندا پيارِي ٽورَ اچن ٿا.

لـِـڪندا- ڇـَـپندا، لؤڻا هڻندا:
پـَـڪ دِلين جا چورَ اچن ٿا.

کـِـنوندا- کجندا، رم جـِـهم وَسندا:
بادلَ ڪي گهنگهورَ اچن ٿا.

شيشي جهڙا ٽاڪـُـنئڙا بـُـتَ،
پاءُ- گـُـلن جي تورَ اچن ٿا.

نيڻ وِڇاءِ اُٿي او آثم!
اڄ هـُـو تـُـنهنجي اورَ(1) اچن ٿا.
-----


 

*

ضد نه ڪر او سامري!
شاعري- پيغمبري.

گانءِ کي گابو ڪري-
ڏَسِ نه پنهنجي ساحري.

شينهنَ جي کل ٿي رڳو،
دل رکين ٿو ٻاڪري.

پاڻ کي وڻندي نه آ -
سچ چوڻ ۾ ڪانئري.

هر گهڙي: هر دَور جي،
ٿا لکون پيا ڊائري.

ٿـِـي اسان آڏو جـُـهڪي،
آمـِـرن جي آمري.

هوءَ نه ليليٰ نجد جي، (1)
۽ نه مان قيس عامري. (2)

نيٺ آثم! نڪرندي،
پنهنجي ڀي ڪا لاٽري!

 


 

*

ٽريڪٽر جـِـئن مون کي وَهرائن پيا،
ڪوئي ڦاسـِـي گهاٽُ ٺـَـهرائن پيا!

جـَـن ڪـُـڇيو، ڪـُـڻڪيو: اُهي ڪـَـؤڙا(1) جهلي-
ٽـِـڪٽـِـڪيءَ تي کل لهرائن پيا.

بي گناهن ڪيترن کي زورَ مـَـسَ،
جيل جي پوشاڪ پـَـهرائن پيا.

اَنَ تي قبضو ڪرڻ جي واسطي-
هـُـو ڍَڳن کان ڳاهـُـه ڳـَـهرائن پيا.

مون قلم جو قدر آثم! ٿي گهريو،
مون کان ماڻهو ڪـِـيڻِ(2) ڪـَـهرائن پيا!
-----

 

*

اسڪوٽر سان رڪشو ٽـَـڪريو،
ٽـِـنڊڻ سان ماڪوڙو ٽـَـڪريو.

ڀنڀـُـوريءَ سان ڀؤنر لـَـڙي پيو،
پوپـَـٽ سان هڪ شـُـعلو ٽـَـڪريو.

عشقُ اِئين ٿيو دل ۾ داخل،
هرڻيءَ سان ڄڻ چيتو (1) ٽـَـڪريو.

موتيا ۽ رابيلَ بچي ويا،
چنبيليءَ سان ”چوٽو(2) “ ٽـَـڪريو.

اڳرائيءَ تي: پاڻ وڏي سان،
ننڍڙو هڪ نينگرڙو ٽـَـڪريو.

ايوانن ۾ جهٽڪا آيا،
دانشورَ جو جـُـملو ٽـَـڪريو.

وقت وقت جي ڳالهه آِ، آثم!
ڪاسائيءَ سان ٻـَـڪرو ٽـَـڪريو!!
-----

 

*

”چـُـونڊن ۾ آ بيٺو سـَـوٽُ(1) ،
آءٌ انهيءَ کي ڏيندس ووٽُ!“

انڌا! ڪـِـرندين، آڏو کـَـڏَ ٿـَـئـَـي،
بيٺي- پير اِتان ئي موٽُ.

”کاٽو پٽ(2)“ جي فائل تي آ،
”ويري گـُـڊ!“ افسر جو نوٽُ!

نوٽن ساڻ ٽـُـٻيا ٿس کـِـيسا،
منهنجا پئسا، هـُـن جو ڪوٽ.

ڪلهه جنهن مون تي ٺونشو تاڻيو،
منهنجو- پنهنجو هو ماروٽ
(3) !

آرڊر ساڻ اُٿي ۽ ويهي،
شاعر ناهي ڪو روبوٽُ!

جيسين ڪونه هـَـٿوڙو هڻندين،
آثم! ڀڄندو ڪيئن اَکڙوٽ؟
-----

 

*

تـُـنهنجي بدن تي هڪ هنڌ هرڻيءَ جو پيرُ آهي،
بيمانُ شوقُ منهنجو پيو بڻجي شيرُ آهي.

تعريف تنهن خدا جي، جنهن توکي ويهي ٺاهيو،
پـُـوڄي نه توکي، اهڙو ڪافر به ڪيرُ آهي!

چوٽيءَ کان چيلهه تائين جـُـهڳٽو گـُـلن جو آهين،
توکي ڏِسڻ به ڄڻ ڪنهن گـُـلشن جو سيرُ آهي.

تـُـنهنجي رُسڻ کان پو دِل ٿي ‘لـِـيڪ- وِيڪ’ پئي آ،
باقي ٺـَـلهي بـَـدن ڏي بلڪل ئي خيرُ آهي!

بـَـس، پيارُ، ڏاتِ، ڏاهپ گڏجي ٿا ڪجهه بڻائن،
آثم! اِئين ته ماڻهو مـِـٽيءَ جو ڍيرُ آهي!!
-----

 

*

اَزل کان اچون پيا، اَبد ڏي وڃون پيا،
زمين آسمانن جون خبرون ڏِيون پيا.

زماني ۾ وڻندڙ شيون جي به آهن،
سڀن کان مـَـٿي، سونهن کي ٿا مـَـڃون پيا.

ٻيا ڳـُـجهه ته ظاهر ڪيا ٿئون گهڻا، پـَـر،
جيئڻ جي ڳـُـجهارت اڃا ڳولـِـيون پيا.

اسان ٻي طرح عام ماڻهن کان آهيون،
ڏِسون ڏُک ڪنهن جو ته ڦـَـٿڪـِـي پئون پيا.

پـَـڙهي گيت پنهنجا رسالن ۾ ڇاپيل،
خيالن ۾ دنيا نـَـئين هڪ اَڏيون پيا.

مـَـتـَـل مـَـچ ماڻهن جي مـَـنَ جا اُجهائي،
اسان پاڻ آويءَ(1) ۾ آثم! اَچون پيا!

 

-----

 

*

سڀڪو ماڻهو ڳـَـهلو ناهي:
جوڪر ، گولو، ڏَهلو ناهي. (1)

سـَـچُ پـُـڇو ته پـِـرينئڙا! پنهنجو،
ڪو پيغام ڪـُـمـَـهلو ناهي.

شاعرُ سرڪش ٿي ته سگهي ٿو،
ليڪن، هـُـو بي- ڪهلو(2) ناهي.

سـُـورُ سـَـرير ٽـُـڪيندو آهي،
سـُـورُ: سـُـرو آ مـَـهلو(3) ناهي.

آثم ساڻ ضميرُ وڙهيو آ،
ٻيو ڪو خاص مـَـلهـَـلو(4) ناهي!
-----

 

*

لـِـکندي مـَـرُ،
گيت- اَمرُ.

سـَـهـُـه نه پيو،
ڏاڍُ- ڏمر.

منزل ڏور،
سخت سـَـفرُ.

اُڃَ وَٺئي،
پيءُ پگهـُـر.

رات کـُـٽاءِ،
ڳولِ سـَـحرُ(1).

گـَـهـُـر نه ڊَهي،
ڏينـِـسِ پـَـڃرُ.

زلفَ نه ڀانءِ،
ڇانوَ- ڇپرُ(2).

پيارُ اَٿئي،
ٻارُ نـِـٺرُ
(3) .

آثم، تون،
يارَ! نه کـَـرُ
(4) !!

 


 

*

چـَـوڻ جي وقت ڄڀَ هلي ڇوهي(1) ،
عمل جي وقت ٿا ڪيون گوهي.

پـُـڄڻ به ماڳ تي گهـُـرون ٿا، ۽ -
ٽـَـپون به ڊِڄَ جي ڀـِـتِ نه ٿا لوهي.

لڳي ٿو: ڄڻ ته ڪو ڪـَـلـَـرُ ميڙي:
مـِـٽي ملائڪن اَٿئون ڳوهي!

اچو ته دوستو! وَڌون اڳتي،
اُٿو به سـِـنڌ جي اَٿوَ ڊوهي(2) .

معاشري ۾ ننڍَ- وڏائيءَ جو،
نظام- مـَـملڪت به آ ڏوهي.

ٻـُـڌءِ ته ڀـُـونءِ ڇا چيو آثم!
”ڏِسو ته سـُـڃَ ته ناهـِـه سـَـوَ ڪوهي(3)!!“
-----

 

*

نه مـُـٺِ ۾ مصالو، نه مـِـٽَ(1) ۾ اِلاچي(2) ،
ڪراچي، اسان لاءِ ناهي ڪراچي.

نه نـُـوريءَ نئون ڪو جنم ئي وتو آ،
نه ڪو پاڻ بڻجي سگهيا هون تماچي.

اسان جي نظر کان نه دنيا ڳـُـجهي آ،
اسان ڇو رکون گـَـهر ۾ ‘ٽي-وي هـِـٽاچـِـي؟’

سـَـنيها نـَـئين نسل ڏي سـَـوَ مـُـڪاسين،
مگر ڪنهن به پنهنجي چـِـٺي ڪونه واچـِـي(3)!

ضروري نه آ ماڳُ ماڻڻ لئه آثم!
هجي لانگ هيٺان ڪا گهوڙي يا ڏاچـِـي.
-----


 

(1) ٻئي سٽون محسن ڪڪڙائيءَ جون آهن.

(2) وابسته = لاڳاپيل.

(3) آٰزي = مـِـنٿ.

(4) هٿ چراند = کؤنس.

(5) دست درازي = هٿ اُلاري ويهڻ (وڙهي پوڻ).

(6) محمود = محمود غزنوي.

(7) نازي = جـَـرمن تنظيم، ظالم.

(1) ڪـُـڏ = ٽپو ڏئي (مطلب آ: تڪڙو ٿي).

(2) اَٽوٽ = اڻ ٽٽ، نه ٽٽي سگهندڙ.

(1) آٽو = ضد- اَنگل.

(1) هـَـچُ ٿي پوڻ = سـُـست ٿيڻ، ٿڪجڻ.

(1) ادا = ڀائر.

(2) ڏَڪُ = ڪاٺيءَ جو ٽـُـڪرو.

(3) ناستـِـڪَ = بي دين.

(1) چٽپٽو = مزيدار.

(2) ڏٽو = ڪوڙُ، گشو.

(3) مس چٽو = مـَـسُ سڪائڻ وارو پيپر- اُهو پنو جيڪو مـَـسُ چـُـوهي وٺندو آهي.

(1) آپُ = پاڻَ مان- مان ڪرڻ وارو.

(2) آڙيڪاپُ = ٺـَـڳَ، طرزباز.

(1) جوتِ = طاقت، روشني.

(2) مرَيادا = لـڄ، شرم، غيرت.

(3) نورُ = هڪ ننڍو جانور، چـَـون ٿا: جڏهن ڪو نور مرندو آهي، ته ڀر- پاسي جا سڀ نور اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ رُئندي- پـِـٽيندي، انهيءَ جو جنازو کڻي وڃي پوريندا آهن. (ليکڪ)

(1) اورَ = طرف، پاسي (هندِي لفظ)

                جيئن هڪ هندي گيت جا ٻول آهن:

                                ساجن بڙا چـِــت چــور- سکهيري

                                رُوَت رُوتَ رين بتاؤن

                                 آيا نه مــــوري اور- سکهيري (ادارو)

(1) ليليٰ = عرب جي نجد علائقي جي هئي.

(2) قيس = (مجنون) عامري قبيلي جو هئو.

(1) ڪــَـؤڙا = هـَـنٽر (چمڙي جا پٽا).

(2) ڪيڻِ = مـِـٽي گڏ ڪرڻ يا ٻنيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جو آڳاٽو ديسي اوزار.

(1) چيتو = هڪ جهنگلي جانور.

(2) چوٽو = وارن جو.

(1) سـَـوٽُ = چاچي جو پٽ.

(2) کاٽو پٽُ = کٽڻ، ڪمائڻ وارو، رشوت وٺڻ وارو.

(3) ماروٽ = مامي جو پـُـٽَ.

(1) آوي = نـِـهائين: جنهن ۾ ڪـُـنڀر ٿانوَ پچائيندا آهن.

(1) جوڪر، گولو، ڏهلو = سڀ تاسَ جا پتا.

(2) ڪهلو = بي رحم، بي ترس.

(3) مـَـهلو = هڪ جيت جيڪو پوک کي نقصان پهچائيندو آ.

(4) مـلهلو = مرحلو، بـِـگڙيل لفظ: (اصل ۾ مرحلو) واقعو، واردات.

(1) سحر = صبح.

(2) ڇانوَ- ڇپرُ =  سينگارِ بڻاءِ

(3) ٻارُ نـِــٺرُ = ڏِنگو- ضدي.

(4) کـَـرُ = کري پوڻ مان (کـَـرُ).

(1) ڇوهي = تـَـڪڙي.

(2) ڊوهي = قـَـسمُ.

(3) ڪوهي = پـَـري پـَـري تائين (سـَـوين ڪوهن ۾).

(1) مـِـٽَ = واتَ جي اندر هڪ پاسو (گـِـرڀَ).

(2) اِلاچي = اِلائچي (ڦوٽا وکر).

(3) واچي = پـَـڙهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org