سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :6

*

ڪيڏا پاڻَ اَناڙي هئاسين،
ڀـُـوري مـُـنهـَـن تي ڀـُـلجـِـي پياسين!

موٽَ مـِـلي نه مـِـلـَـڻ ئي جهڙي،
خالي - پيلي پـَـڌرا ٿياسين.

ٿي نه سگهياسين ويجها هـُـن کي،
توڙي حيلا کوڙ ڪياسين.

پنهنجي لئه جي صرف جيئن ٿا،
ناحق تـِـن جي لاءِ مـُـئاسين!

لـَـکَ ڪمانون ڇڪجي ويئون،
جيئن ئي ٿورو ڪجـُـهه اُڏياسين.

رُڃَ جا جـَـهلڪا ها، پر، آثم!
اُڃَ نـِـهوڙيا ڊوڙي وياسين!!
-----

 

*

اَڻ ٽـَـر- اَرڏا، هاتـِـڪَ(1) ، هوڏا(2)،
هڪ ٻئي ساڻُ اچي ٿيو اوڏا
(3) .

لاڙَ سـِـري کان پهچو، گـَـڏُ ٿيو،
شهري، ديهي
(4) ، هـِـيپي، روڏا.

ڪـَـرٽ، ڪـُـهاڙا، ڪـِـيڻون آڻي،
سـِـڌ ڪيو
(5) سڀ لانگها- لوڏا.

آڏو ڇـِـپَ به هجي ته اُنهيءَ جا،
ڇانگهي لاهيو ڇيتيون، ڇوڏا.

ٻنين، وَنين ويريءَ وِکَ جا،
گهوٻاٽن سان ڀـَـڃجن گوڏا.

ديدَ- بـُـرو
(6) جو ديدي(7) ، تنهن جا،
دونالين سان ڪڍجن دوڏا.

آثم! پو نه بـُـکن ۾ مـَـرندا،
ڪاڇي- ٿـَـر ۾: ڏاچيون، توڏا!

 

*

عرضُ اَگهيو سـَـربـَـستو(1) ناهي،
ڀاڳُ مليو برجـَـستو(2) ناهي!

جنهن سان آءٌ وڃان پيو، شايد،
گـُـهربلَ گهـَـر جو رَستو ناهي.

مان به مڃان ٿو ديسُ اَملهه، پـَـر،
ساهـُـه به سائين! سـَـستو ناهي.

ڪوڙِ(3) ڪتاب هجن ٿا هن ۾،
سينو، سوڙهو بسـَـتو(4) ناهي.

منهنجو گيتُ: جي گـُـرز آ چاچا!
تو وٽ ڀي گـُـلدسـَـتو ناهي.

پين- پـَـنو آ منهنجي هـَـٿ ۾،
ڪوئي فوجي دَستو ناهي!

سـُـورِهيه- شاعر آهي آثم،
ڌوڪيباز دُدَستو(5) ناهي!!

 

*

ڪي ڪي يادون ڪـِـرڻا ڪـِـرڻا،
ڪي ڪي اَکيون جـَـهرڻا جـَـهرڻا.

ڪي ڪي آسون اَڻ جـَـهل، اَڻ- ٽر،
ڪي ڪي وعدا ڦـِـرڻا- گـِـرڻا.

هانوَ ٻـُـڏل ۽ ٽـِـڙڪيل شيشا،
ٻيهر مشڪل تـَـرڻا، ڀـَـرڻا.

هـُـن بن ڪهڙي هيءَ حياتي،
ٻاڙا/ ٻوڙا پـَـرڻا- اَرڻا.

جيڪي عشق اُجاريا آثم،
سي انسانَ نه کـَـرڻا، مـَـرڻا!!
-----

 

*

ڪو هانءُ ساڙيندو ويو،
ڪو لـُـڙڪَ لاڙيندو ويو!

’هوءَ‘ نڪ ڇنڊيندي ٿي وئي،
’هو‘ گـِـگ ڳاڙيندو ويو!

ڪنهن ڀـُـونءِ کي ڀاڪـُـر وِڌو،
ڪو اُڀ ڦاڙيندو ويو.

ڪو، شاعري منهنجي ٻـُـڌي:
تقرير جهاڙيندو ويو.

هـُـو، منهنجو انٽرويو ڪري،
مون کي اُگهاڙيندو ويو.

هڪ اجنبي ويندي- گهڙيءَ -
سڀ قولَ پاڙيندو ويو.

جو، پنهنجو ٿي ڀانيم، اُهو،
آثمَ لـَـتاڙيندو ويو!
-----

 

*

جتان سـُـهڻا سـُـهڻا قدم ٿي ويا هـِـن،
بيابانَ سي سڀ اِرمَ ٿي ويا هـِـن.

مون جـَـن جـَـن کي پـُـوري سچائيءَ سان پـُـوڄيو،
خدا، سي سمورا صـَـنم ٿي ويا هـِـن.

ڊُڪيا جيڪي ’عنقا(1)‘ جي پويان هميشه،
سي موجود هوندي، عدم ٿي ويا هـِـن.

مـُـڪئه خط جي ڇاتيءَ ۾ خنجرُ کـُـپائي،
پـِـرين! تنهنجا ٿورا پدمَ ٿي ويا هـِـن.

لـِـکڻ جـَـنِ گهـُـريا تـُـنهنجي ماضيءَ جا قصا،
اُهي ڪـَـنڌَ اڪثر قلـَـم ٿي ويا هـِـن.

جو چاهيم، سو ڪنهن دَور ۾ ڪونه پاتـِـم،
اِئين منهنجا ڪيئي جنمَ ٿي ويا هـِـن.

سـَـنئين سوچ آثم! پني تي پـَـکيڙي،
قلـَـم جا ڪروڙين ڪرمَ ٿي ويا هـِـن!
-----

 

*

هوري- ڏاڍي، ڍَرڙو، تـَـڪڙو،
ڌِڪبو رهندو جيونَ- ڇـَـڪڙو.

وؤنڻ: ڪپهه ۽ ڌاڳا، ڪپڙو،
پوءِ به پـِـيڙيو گهاڻي ڪڪڙو!

چيرَ ڏئي وئي ’چـِـين- چـِـين‘ هـُـن جي،
ڪانوَ جـَـهٽيو جهـَـرڪيءَ جو ٻـَـچڙو!

دنيا آ ديوَن جي بـَـسـِـتي،
شاعر جو مـَـنَ ڪومـَـل، ڪـَـچڙو.

ڀـُـونءِ ’پـَـري(1) – گهرُ‘ آ، پـَـر اُن لئه،
جيڪو جادوگر آ تڪڙو(2).

اکِ نه ٽـِـڪي ٿي هـُـن جي مـُـنهن تي،
چـِـهرو: پاري(3) جهڙو لـَـسڙو.

ڊوهـُـه ڊَهڻ تي آهي آثم!
ٿورو ٿيلهو(4) ، هلڪو ڌَڪڙو!!

 

*

ڪا شيءِ، ڪنهن جي ڪاڻ اَمـُـلهه آ،
ڪـَـوِتا مـُـنهنجي ڪاڻِ اَمـُـلهه آ.

مون لئه پيارُ وڏي وَٿ آهي،
ناڻو تنهنجي ڪاڻِ اَمـُـلهه آ.

آدِ- جگاد اُنهيءَ تي لعنت،
ڪيـِـنو(1) جنهن جي ڪاڻِ اَمـُـلهه آ!

ديس پسندي، قوم پرستي،
پيارا! پـَـنهنجي ڪاڻِ اَمـُـلهه آ.

رَتُ اَڇو ٿي ويو آ جنهن جو،
وِسڪي تـِـنهن جي ڪاڻ اَمـُـلهه آ.

دل تي چـَـرٻي، اَنڌُ اکين ۾،
سڀڪنهن سهنجي(2) ڪاڻ اَمـُـلهه آ.

همدرديءَ جو هٿ هـِـنئين تي،
آثم! اَهنجي(3) ڪاڻِ اَمـُـلهه آ.

 

*

ڪنهن جو ٿورو پير ٿـِـڙيو آ،
ماڻهن جو اَنبوهه مـِـڙيو آ.

چؤڏِس چانڊوڪي ٿي ڏسجي،
چاهت جو ڪو چنڊ کـِـڙيو آ.

ڪالر ۾ گل ڪونه هنيو ٿم،
منهنجي دل جو زخم ٽـِـڙيو آ.

جنهن کي ڀي مون سـَـچ چيو، سو -
منهنجو يارُ ضرور چـِـڙيو آ.

پاليل پنهنجو: شينهـُـن قلم جو،
ڪنهن ڪاريگر سان نه ڪـِـڙيو(1) آ.

سچ چـَـوڻ جو ڏوهي، هرهڪ -
سـُـورهيه گهاڻي منجهه گـِـهڙيو آ.

نگري نگريءَ، چؤ يارين ۾،
آزاديءَ جو سازُ ڇـِـڙيو آ.

امن هجي، اُن لاءِ ته آثم،
عمر سڄي پئي وِيڙهه وِڙهيو آ.

 

*

ڇوٽا ماڻهو، لنبا پاڇا،
ڏِينهـُـن به رَنگ ڏَسي ٿو ڇاڇا!

ماڻهن- پاڇن ساٿ سدائين،
گهٽ - وَڌ ٿيندا رهندا ڪاڇا(1) .

ڪڏهين ’ڪابـُـولي‘(2) وَڻ وانگي،
ڪڏهن کـُـنڀين جيڏا پاڇا.

سج - لـَـڙئي ۽ اُڀرئي ڏِسجن،
قـَـد کان ٻيڻا ٽيڻا پاڇا!

جـِـئن جئن چوٽيءَ سـِـجُ چڙهي ٿو،
پيرنِ منجهه رُلن ٿا پاڇا.

رات پـَـئي ته اَلائي ڪاڏي،
جـِـنن وانگر گم ٿيا پاڇا!

ماڻهوءَ ماپَ نه بيٺي ساڳي،
ڪـَـمِ آندا سڀ، آثم، ڪاڇا(3) !

 

*

’هـِـهڙي- تـِـهڙي‘ هيءَ نـِـڌڻڪي-
اکِ، ڇو  تـُـنهنجي مـُـنهـَـن تان تـِـرڪي!

راتِ- سـَـمي ۾ سـِـج اُڀري پيو،
تو جـِـئن جهاتيو(1) کولي کـِـڙڪـِـي.

اڄ مون توکي ياد ڪيو آ،
توکي آئي هوندي هـِـڏڪي!

راتاڪون برسات وسي ٿي،
مـَـن ۾ ماضيءَ جي وِڄ چـِـمڪي.

خوابن منجهه هڻن ٿا دَڙَها(2)،
ساڀيائن جا گهوڙا هـِـڻڪي.

مايوسيون ٿيون مـُـرڪن ويٺيون،
آشائون ٿيون روئن ڍِڍِڪي(3)!

”آثم“ کي هي گـُـهرج مـَـلم جي،
دنيا مـَـهـِـٽي ڦـَـٽَ تي ڦـِـٽڪي!
-----

 

*

ڪجهه رواجي ۽ واجبي(1) ماڻهو،
ڪن ٿا اهڙا به صاحبـِـي ماڻهو!

هڪڙا جراح، هڪڙا ڪاسائي،
کوڙ قسمن جا ڪاسبي(2) ماڻهو.

ڪي خريدن ضمير، ڪي وڪڻن،
ڪئن به، دولت ڪمائـِـبي. ماڻهو!

منهنجي نظرن ۾ محترم آهن،
اوڏَ ، ڪوري ۽ ڪارِبي(3) ماڻهو.

قوم لئه شاعري ضروري آ،
پنهنجي تاريخ ٺاهـِـبي، ماڻهو!

اَڄُ مرڪي ڏٺو تو آثم ڏي،
جيڪا گهرندين بـَـها
(4) ، ڏِبي، ماڻهو!
-----


 

*

واءُ ڪوئي ٿـَـڌو وَرڻُ گهرجي،
ٽـِـچڪندِي زندگي ٺـَـرڻ گهرجي.

رات جي ٻاٽَ ٿي وڃي وَڌندي،
لاٽَ هر واٽ تي ٻـَـرڻ گهرجي.

ڇوهـُـه ڇولين کي ڪيترو به هجي،
ناوَ(1) هر حال ۾ ترڻ گهرجي.

امن ۽ شانتيءَ جي دشمن کي،
مارجي، يا ته خود مـَـرڻُ گهرجي.

منهنجي واکاڻ ساڻُ گڏ، يارو!
مون تي تنقيد ڀي ڪـَـرڻُ گهرجي.

نـِـينهن- جي شينهن کي نـِـپائڻ لئه،
سوُنهن سـَـنگم جو ٿو هـَـرڻُ گهرجي.

ڪا ته ساعت سـُـڪونَ سان مولا!
تـُـنهنجي آثم جي ڀي سـَـرڻُ گهرجي!!
-----


 

(1) هاتـِـڪَ = سياڻا، پارکو، اصل لفظ حاذق آهي.

(2) هوڏا = هوڏيرا، ضدي.

(3) اوڏا = هوويجهو.

(4) ديهي = ڳوٺائي.

(5) سڌ ڪيو = سـِـڌا، سـَـنوان.

(6) ديدَ- بـُـرو = بـُـري نظر وارو.

(7) ديدي = نظر وجهي، نـِـهاري.

(1) سربستو = سمورو.

(2) برجستو = مضبوط، چـُـست.

(3) ڪوڙ = ڪوڙين (ڪروڙين) گهڻا.

(4) بسـَـتو = ڪتابن رکڻ جو ٿيلهو.

(5) دُدَستو = ٻـِـن هٿن وارو (سگهارو) عام معنيٰ ۾ ڄـَـٽُ، بي سمجهه.

(1) عنقا = هڪ فرضي پکي (خيالي صورت).

(1) ڀـُـونءِ پـَـري = پرستان. پرين جو مـُـلڪ

(2) تـَـڪڙو = طاقتور، چالاڪ.

(3) پاري = پارو وَکر، (سيماب).

(4) ٿيلهو = ڌِڪو.

(1) ڪينو = ساڙُ، بغض.

(2) سهنجي = سکيو.

(3) اَهنجي = ڏُکيو، ايذايل.

(1) ڪـِڙيو = ڪيڙائڻ (ڪنهن خاص ڪرتب جي سـِـکيا ڏيڻ) هيرائڻ.

(1) ڪاڇا = ننڍائي- وڏائي (ڪڇَ- ماپ).

(2) ڪابولي =  ٻٻر جي وَڻ جو هڪ قسم، جنهن جون سڀ ٽاريون مٿي سڌيون وينديون آهن ۽ گهڻو ڊگهو ٿيندو آهي.

(3) ڪاڇا = ڪـَـڇڻ ۽ ماپڻ جا اوزار.

(1) جهاتيو = نهاريو، جهاتي پاتي.

(2) دَڙَها = گهوڙا زور زور سان پٽ تي پير هڻندا آهن.

(3) ڍِڍِڪي = سـُـڏڪا ڀري روئڻ.

(1) رواجي ۽ واجبي = نالي ماتر، معمولي

(2) ڪاسبي = پيشاوَر.

(3) اوڏ، ڪوري ۽ ڪاربي ماڻهو = هنرمند ماڻهو (ذاتيون).

(4) بـَـها = قيمت، مـُـلهه.

(1) ناوَ = ٻيڙي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org