سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :2

 

نــــظــــم

 

سوچن جي ساگر ۾ اڪثر-
ٽٻندو، ٻڏندو، ترندو آهيان.
هرهڪ ڪاريءَ رات جي ڪـُـکِ مان-
بڻجي باکَ اُڀرندو آهيان.

 

*

اِهو ڪير آهي؟ جو سامهن اچي ٿو: نه غمگين آهي نه مسرور آهي،
اَٻالو اَٻالو، بکيو ۽ اُگهاڙو، ڪمائيءَ کان لڱُ لڱُ سندس چور آهي،
فرشتن جو مسجود، آدم جو اولاد، ماڻهوءَ جي نالي سان مشهور آهي،
مگر، ڪي بـُـري سوچ وارا چون ٿا ته: ”هي هڪڙو ٽڪي جو مزدور آهي!“

هي: جهوپن ۾ رهندي ۽ ويران ڌرتيءَ کي آباد رکندي به برباد آهي،
هي: دنيا کي هر حال ۾ شاد رکندي به افسوس جو پاڻ ناشاد آهي،
قلندر به آهي، تونگر به آهي، حياتي گذارڻ جو اُستاد آهي،
اَميري- فقيريءَ جي جهڳڙن کان آجو، گهڻي ڊيگهه کان اڄ به آزاد آهي.

اِهوئي ته آهي، جو مسڪين هوندي به، سوچي رهيو آهه سڀ جي ڀلائي،
اِهوئي ته آهي، جو ادنيٰ سڏائي، اميرن جي ظاهر ڪري ٿو وَڏائي،
اِهوئي ته آهي، جو ”لـِـلــٰــهيت“ ۾ ۽ ”فرعونيت“ ۾ ڪري ٿو جـُـدائي،
اِهوئي ته آ، جنهن جي دَمَ ساڻ آهي، هتان جي خدائن جي يارو! خدائي.

اي سرمايه دارو! ڏسان ٿو، ته هن تي اوهان هر طريقي سان شدت ڪيو ٿا،
اوهان جهڙوئي هي به انسانُ آهي، اوهان ڇو ڀلا هن کان نفرت ڪيو ٿا؟
جي تذليل/تحقير هن جي ڪيو ٿا، ته جهڙوڪ توهينِ قدرت ڪيو ٿا،
هي دولت جي نـَـشي ۾ ڪيڏي نه انسانيت سوز هر وقت حرڪت ڪيو ٿا!

اوهان جي ئي پيٽن ڀرڻ لاءِ شب- روز محنت ڪري ٿو، ڏکن ۾ ڳري ٿو،
اوهان جي پيئڻ لا
ءِ، هي پنهنجي رَت ۽ پگهر سان اوهان جا پيالا ڀري ٿو،
اوهان جي ڍَڪڻَ لاءِ تـَـندن ڪچين مان هي اطلس ۽ زربفت پيدا ڪري ٿو،
اوهان جي جيئڻ لئه جئي ٿو اي مـُـحسن ڪـُـشو! ۽ اوهان جي مرڻ لئه مري ٿو.

نه نفرت ڪيو هـِـن کان سرمايه دارو! هي عزت
محبت جو حقدار آهي،
هي دنيا جي ”ميوزم“ ۾ او بيوقوفو‍! رکيل دستِ قدرت جو شهڪار آهي،
حـَـق
َيقت جي نظرن سان جاچي ڏِسو هن کي، انسانيت جو هي معمار آهي،
اوهان ڇا ٿا سمجهو ا
ِنهيءَ کي الائي؟ هي منهنجي نظر ۾ ته اوتار آهي!


                                                    (مئي 1963ع)

-----

 

*

منهنجي اُن ڪم ۾ رُڪاوٽ نه وجهو اي يارو!
جنهن جو بـُـنياد صداقت تي رکيو ويو آهي،
اهڙو آوازُ دَٻائڻ جي ڇڏي ڏيو ڪوشش،
جيڪو حق- سچ جي حمايت ۾ کڙو ٿيو آهي.

منهنجي چـُـر-پـُـر تي، ڪا بندش ته اوهان وجهندءُ، پر،
منهنجي جذبن کي، اوهان ڪونه دَٻائي سگهندا.
منهنجا سڀ دوست، اوهان مون کان کسي سگهندءُ، پر-
منهنجو فن مون کان، اوهان ڪونه ڇڏائي سگهندا.

پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ لئه مون وٽ:
هڪ قلم ئي نه رڳو آهه، زبان ڀي آهي.
منهنجي نيڪيءَ جو عوض، مون کي ڏيڻ لئه تيار-
هي جهان نانـِـهه، ته ٻيو هڪڙو جهان ڀي آهي.

ٿي سگهي ٿو ته وڃي جسم فنا ٿي منهنجو،
روح کي ڪوبه رسائي نه سگهي ٿو نقصان،
ڄڀ پاڙئوُن جي اوهان منهنجي پـَـٽي ڀي وٺندا،
منهنجو آواز فضائن ۾ به هوندو رقصان.

جيڪو آواز دَٻائڻ ٿا گـُـهرو منهنجا دوست!
نيٺ هڪ ڏينهن ضميرن کي اُٿاري وجهندو.
۽ سڄي ملڪ ۾ طوفانُ بـَـپا ٿي ويندو،
اهڙو طوفان جو مـُـردا به جياري وجهندو.

منهنجي اُن ڪم ۾ رُڪاوٽ نه وجهو اي يارو!
جنهن جو بـُـنياد صداقت تي رکيو ويو آهي.


                                           (جولاءِ 1963ع)

 

*

نگاهن سان، نگاهن جي ملڻ تي،
ڪئي منهنجي اکين هڪڙي تقاضا.
ڪيو هـُـن جي اکين هوڏانهن وعدو:
”مـِـلي وڃبو سـِـگهو تو ساڻ پيارا!“

اچي ٿي هـُـن طرف کان پيئي خوشبو،
ملڻ جون خاص تياريون ٿيون ڏِسجن.
هـَـوا پيغام آمد جو ڏئي ٿي،
اُمنگون ٿيون نچن / ڳائن ۽ جهومن.

عموماً چنڊ جي موجودگيءَ ۾،
ستارا جهانورا / مـَـڌم رهن ٿا.
مگر، هن چنڊ سان گڏ کوڙ تارا،
چـُـنيءَ تي ٽمٽمائيندا اچن ٿا.

ٿـِـڙن ٿا پيرَ، ٿڙڪي ٿو بدنُ پيو،
وِکون جئن پوءِ تـِـئن رُڪبيون وڃن ٿيون،
مگر ڀاڪر ۾ آڻڻ لاءِ هن کي-
ٻـَـه ٻانهون اڳتي ئي وَڌنديون وڃن ٿيون!

ٻـَـه ڪوسا ساهه هڪٻئي ساڻ گڏجي،
وڇوڙي جي گـَـهڙين کي ٿا جـَـلائن،
ڇهي هڪٻئي کي چـَـپَ منهنجا ۽ هـُـن جا،
دلين جي ڌڙڪڻن کي ٿا مـِـلائن.

فضا خوشين جون جهوليون ٿي ورهائي،
ڪيو سينگار مخلوقات آهي،
لڳي هر جهـُـوپڙي ٿي محل جهڙي،
وَسـِـي پـَـئـِـي نـُـورَ جي برسات آهي.

اڄوڪي رات، پياري رات آهي،
ٿيا پيارن کي حاصل پيارَ آهن،
ٽڙيون آهن تمنائن جون مکڙيون،
طلب جا ٽهڪ اڄ گـُـلبارَ آهن.

”ڪراماً ڪاتبينو!“ اڄ اوهان ڀي-
ڪيو هڪڙي اسان تي مهرباني،
وڃو ڪجهه وقت ٻاهر، جو مـِـلي آ،
جوانيءَ ساڻ شرميلي جواني!


                              (مارچ 1964ع)

-----

 

*

دنيا ۾ هجي ها نه جي ايڏو انڌيرُ،
پـَـڪ آ ته، پو پيدا ٿي پوي ها ڪو شيرُ،
او شمس(1) ! او منصور! او سرمد صوفي!
ڏاڍن کان وٺي جيڪو اوهان جو ها ويرُ(2) .

او شمس! خدا تـَـرس ذرا ڏينم ته ڪـَـلَ(3) ،
ڇو، توتي نه اُن وقت پئي ڪنهن کي ڪـَـهل؟
مـُـردي کي جياري، تو بچايو جن کي-
گڏِجي ٿي اُنهن تـُـنهنجي جڏهن لاٿي کـَـلَ.

منصور! او مظلوم، خدا جا ساسي!
ڏاڍن سان خطا ڪهڙي هئي تو باسـَـي؟
حق توکان ”انالحق“ ٿي چـَـوايو- تـِـو چيو،
ان ڳالهه تي ڪيئن توکي ڏنائون ڦاسي؟

ها، عشق جي هڪ آهـِـه اها ڀي سرحد:
معبود کي سجدا ٿا جتي ڪن عابد،
تو، پنهنجي ”اَڀي چند“ کي پوڄيو ٿي، ته پ
وءِ-
تلوار سان توکي ڇو ڪـُـٺائون سرمد؟

چئبو ته اڃا ننڊ پيو آ احساسُ،
انسانُ اڃا آهـِـه اُهوئي راڪاسُ.
ليڪن، نه ٿيڻ گهرجي اوهان کي مايوس،
بيداد
(1) جي ٿي ويندي اَوَس سـَـتياناسُ.

هڪ ڏينهن زماني ۾ اچي ويندو ڦيرُ-
گجگار ڪري اُٿندو جڏهن ڪوئي شيرُ،
اُن وقت او مظلوم! اوهان پـَـڪَ ڄاڻو:
ڏاڍن کان اوهان جو ئي وتو ويندو وير.


                            (سيپٽمبر 1964ع)

-----

 

*

ڪجهه ڏهاڙن کان ڏسان ٿو، ته تون هوري هوري،
منهنجا محبوب! مون کان ڏوُر وڃين ٿو ٿيندو،
جيڪڏهن ڏوُر گذارڻ جي رهي ايئن رفتار،
تـُـنهنجو ديدار به مون لئه ٿي مهانگو ويندو.

او رُسڻ وارا! رُسڻ جو ڪو سبب ڀي آهي؟
ڪا خطا، وهم، ڪوئي خوف، يا ڪا مجبـُـوري!
ڇا چيئه؟ ”هاڻ فقط تـُـنهنجو رهيوئي ناهيان-
هر بشر ساڻ اٿم پيار“، تڏهن آ دوري!!

هي غلط آهـِـه چـَـوڻ تنهنجو، او منهنجا محبوب!
ذاتِ انسان سان اِن لاءِ اٿم دلچـَـسپي:
مان به انسان ئي آهيان ۽ ڏسان ٿو جڏهين-
ڪوبه انسانُ ڏُکن ۾، ته پوان ٿو تڙپي.

روح جو توسان، ٻين ساڻ آ رَت جو رشتو،
توسان عشق آهه، ٻين ساڻ اَٿم همدردي،
ايتري فرق جي هونـَـدي به اگر تون مون کي-
هيئن اڪيلوئي ڇڏي ويندين هليو بي دردي:

دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين!
ڌَڙڪندي پيئي مگر پوءِ به اُبتي سـُـبتي،
منهنجي دل ناهـِـه ڪا مومل، جو رُٺل راڻي لئه-
هجر جي ڏاگهه ۾ بـُـل ڏيئي سـَـڙِي ٿيندي ستي!

ها، رڳو ايترو ٿيندو ته انهيءَ حالت ۾،
منهنجي مقصد جي مون کان ٿيندي ُڏکي ڪجهه تڪميل.
آدميت جي حفاظت ۽ ترقيءَ جو نظام-
ذهن ۾ رهندو، مگر دير سان وٺندو تشڪيل.

تون نه ڇڏ، تنهنجو هجي ساٿُ، ته تـُـنهنجي ڏَڍَ(1) تي،
مان پهاڙن جا جگر چيري ۽ ڦاڙي وجهندس.
اڄ، جا انسانَ غلط واٽ وڃي ورتي آ-
مان انهيءَ واٽ کان انسان کي لاڙي وجهندس!


                                (فيبروري 1966ع)

-----

 

*

ٻـُـڌم ته: تـُـنهنجي ڏهاڙن ٻه- ٽـَـن ۾ ٿي ويندي-
شهر کان ڏوُر ڪٿي، هڪ جوانَ سان شادي.
ڏِٺم ته: تـُـنهنجي پـَـرڻجي وڃڻ کان پوءِ جلدي-
ٻـِـئي غريب جي هـِـت ٿي وئي آ بربادي!

اڳي به پنهنجي ئي پيءُ- ماءُ جي ڏِسي مرضي،
ڳـَـنڍيو هـُـئو تو ”قريبي عزيز“ سان ناتو.
هينئر به پنهنجي اُنهنِ وارثن جي لـڄ خاطر:
نه چاهيندي به ”نئون ڳٽُ“ ڳچيءَ ۾ تو پاتو!

اڳيون سـُـڃو هو، مگر تنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي:
ڏِئي ها پنهنجي حياتيءَ جا واسطا وِڪڻي،
هـِـتي ته تـُـنهنجا وِڪامي ويا حقوق سڀئي-
سڄي ڄـَـمار اِنهيءَ ”مـُـلهه“ ۾ وَهـُـه پئي سـَـکڻي!

اڳئين کي زهر پيارڻ کان اڳُ، ائين توکي-
ٻئي سان کيرَ پيئڻ جو ذرو به حق نه هـُـئو،
جـَـي تـُـنهنجو ايترو وَسُ ڀي هـَـلي نه ٿي سگهيو،
ته توکي جـَـڳَ ۾ جيئڻ جو ذرو به حق نه هـُـئو.

گـُـڏِي رَٻڙ جي، او گـُـگدام ڀينڙي منهنجي!
اي ڪاش! توکي خدا ڪا زبانَ ڀي ڏئي ها!!
                                (جولاءِ 1966ع)

 

*

اي ڪراچي! مـُـلڪ ساري جي سـَـڀـِـن شهرن جي حـُـور!
اي ڪراچي! تـُـنهنجو جـَـلوو، ڄڻ ته ڪـَـنهن گوريءَ جي گـُـهور،
اي ڪراچي! حـُـسن جا ساگر ۽ رومانن جي نـَـهر،
اي ڪراچي! پيارَ جي پالوٽ ۽ مستيءَ جي لـَـهر،
اي ڪراچي! روشنين جي کاڻ ۽ ٽـَـهڪن جا بـَـحر،
اي ڪراچي! رنگَ جا سيلاب، خوشبوئن جا شـَـهر،
اي ڪراچي! مورڙي جي حوصلن جا داستانَ،
اي ڪراچي! سـِـنڌ ۽ سنڌين جي عظمت جا نشانَ،
تون ”ڪلاچيءَ واري ڪـُـنَ“ مان اوچتو نڪتينءَ تري،
ڇانئجي وئي آ هينئر دنيا تي تـُـنهنجي بـَـرتـَـري،
تـُـنهنجو هر هڪ روڊ اهڙو، ڄڻ ته آ هيرَن جو واهـُـه،
تـُـنهنجو هرهڪ موڙُ موٽائي وجهي مـُـئلن ۾ ساهـُـه،
ٽيڪسين، جيـِـپـُـن جي هيءَ هڪٻئي پـُـٺيان لـَـنبي قطارَ،
چـِـلڪڻي ڳـَـل ڪنهن جي تي، ڄڻ پئي هـَـلي لـُـڙڪن جي لارَ،
نارِيـَـل ۽ سـَـرَو جا وِک وِک تي وَڻ اِيئن ٿا لڳن،
ڄڻ محاذِ جنگ تي سـَـنبريا سپاهي ٿا وڃن،
الغرض: هر چيز آ موجود تـُـنهنجي گود ۾-
۽ بظاهر آ سـُـڀـِـن ماڻهن جو بوتو(1) بود(2) ۾.
پر، جـِـتي تو ۾ هي چـَـهه- ِٻـَـهه/چـَـهچـَـٽو، چـُـٽڪو به آ،
ذهن منهنجي کي اُتي توڏانهن هڪ کـُـٽڪو به آ:
تـُـنهنجي ڀاڪـُـر ۾ اچي ڪو پيڙبو رَهندو ته ناهـِـه؟
تـُـنهنجي دامـَـن ۾ رهي ڀي سوُرَ ڪو سـَـهندو ته ناهـِـه؟
ايريا تـُـنهنجيءَ ۾ ڪو تـَـسيا به ڪاٽيندو ته ناهـِـه؟
ڪو اَگهو، ڪنهن جهوُپڙيءَ ۾ خون ٿوُڪيندو ته ناهه؟
گرم موسم ۾ اُگهاڙو جسم ڪو ٽچڪيو ته ناهـِـه؟
سردين ۾ ساهـُـه ڪنهن جو سيءَ ۾ ٿـَـڙَڪيو ته ناهـِـه؟
تـُـنهنجي جهوليءَ ۾ جـَـهلي ڪنهن گـُـل ڪڏهن گولي ته ناهـِـه؟
ڪنهن اَمڙ جو ”پينگهو پالهو
(1) “ ۽ لـُـٽيل لولي ته ناهـِـه؟
تـُـنهنجي ماڙين ۾ جـَـهليندو ڏَنگُ آ، ڇا ڪوئي ڏِيلُ؟
ڪنهن سـَـتيءَ جو ”پياڪ“ پي وٺندا ته ناهن سـَـتَ ۽ سيلُ؟
جي اِئين آهي، ته تـُـنهنجي هاڪَ ڪهڙي هاڪَ آ،
راتِ- ڀـَـر درياهه تي وَسندي رهي ڄڻ ماڪَ آ،
جي ائين آهي، ته توتي هيءَ وڏي هڪ چوٽَ آ،
تـُـنهنجي شهرت، تـُـنهنجي عظمت ۾ اڃا ڪجهه کوٽِ آ.

اي ڪراچي! روپ - راڻي! شل رهين سـُـهڻي سدا،
پنهنجي هن مهمان شاعر جي ٻـُڌي ڇڏ التجا:
”آئيندي جي لاءِ پنهنجي شانَ جي پارَت هجئي،
مرڪزِ اقوام! هر انسانَ جي پارَت هجيئي!“


                                   (ڪراچي، آڪٽوبر 1967ع)

-----

 

*

هـُـن ڪنڌيءَ تي سـَـچُ سوُريءَ سانبـُـرو(1) ،
هـِـن ڪنڌيءَ ماڻهو ۽ اُن جي آبرو،
وچ ۾ درياهـُـه ڪارو ڪوُڙ جو،
تيز وَهندو ٿو رهي ڌڌڪا ڪندو:

ڇوڙ اُن جو آهـِـه اهڙي جاءِ تي،
جنهن هنڌان ڪا شيءِ نه ٿي موٽي اچي،
وهڪرو اُن جو تـِـکو- اهڙو تـِـکو،
ڪيترا چـَـٽانَ لوڙهي ٿو وڃي،
شورُ ان جو ايترو پـُـرزور آ،
ڪيترا آوازَ ٻوڙي ٿو ڇڏي.

پو به آ انسانَ جي ڪوشش اِها:
سـَـچ تائين، ڪيئن به، پر پـُـڄجي ضرور،
پو به آهي سچَ جي خواهش اِها:
آبرو انسانَ جي قائم رهڻ گهرجي ضرور!

۽ پيو انسانُ ڪاهي آ ڪـُـنن ۾ دل ڪري:
تيزُ تـَـرندو ٿو وڃي، هٿ- پير هڻندو ٿو وڃي،
سچَ کي سوريءَ تان لاهڻ واسطي.

سـَـچُ ٻئي ٻانهون ڊگهيڙيو بيٺو آ:
وقت کان وڇڙي وَيل انسانَ پنهنجي دوست کي،
پنهنجي ڇاتيءَ ساڻُ لائڻ واسطي.


                                        (جنوري 1969ع)

-------

 

*

آويءَ آويءَ ٻرندو آهيان.
پـَـل پـَـل منجهه پـَـڄرندو آهيان.

ڏهه َڏهه ڀيرا ڏينهن سـَـڄي ۾،
جيئندو آهيان مـَـرندو آهيان.

سوچـُـن جي ساگر ۾ اڪثر،
ٽـُـٻندو، ٻـُـڏندو، تـَـرندو آهيان.

ڪيڏيءَ مهل، الائي ڪاٿان،
ڪنهن لئه واپس وَرندو آهيان؟

هرهڪ ڪاريءَ راتِ جي ڪـُـکِ مان،
بڻجي باکَ اُڀرندو آهيان.

ويڻ ٻـُـڌي وِهـُـه جهڙا ڪنهن جا،
سرنديءَ آ هر ٽرندو آهيان.

ڪڏهين پربت وانگر اَڻ- ٽـَـرُ،
ڪڏهين ڳـُـڙَ جيان ڳـَـرندو آهيان.

ڏاڍن کان ڏَرُ ناهي ٿيندو،
ڏٻرن کان مان َڏرندو آهيان!


                (جنوري 1975ع)

-------

 

*

مون کي رَتُ رُئارڻ وارا،
شل توکي ڀي نـَـڪـِـهير اچي!

دل ۾ ٻارَڻُ ٻارڻَ وارا-
مون کي رَتُ رُئارڻ وارا!

ايڏو ڏور گذارڻ وارا-
ڏِسُ منهنجي مـَـنَ جا جهير اچي!

مون کي رَتُ رُئارڻ وارا-
شل توکي ڀي نڪهـِـير اچي!


                (جون 1982ع)

 

 

 

-----

 

*

تـُـنهنجي دل تان، منهنجي ڇا تصوير ڊَٿي،
دنيا جي تختي تان ئي مـِـٽجي ويو هان،
ڄڻ ڪنهن بـَـمَ سان مندر جي تعمير ڊٿي!
تـُـنهنجي دل تان منهنجي ڇا تصوير ڊٿي!!

ٺـَـهندي ٺـَـهندي منهنجي هر تدبير ڊَٿي!!
پنهنجي واتان، پاڻ ئي پـِـٽجي(1) ويو هان،
تـُـنهنجي دل تان منهنجي ڇا تصوير ڊَٿي-
دنيا جي تختي تان ئي مـِـٽجي ويو هانَ!


                        (اپريل 1984ع)

-----


 

(1)  شمس = شمس تبريزي، جنهن لاءِ روايت آهي ته هن هڪ بادشاهه جي مئل پٽ کي ”قـُـم باذني“ چئي جياريو هو.

(2) ويرُ = بدلو.

(3) ڪـَـلَ = خبر

(1) بيداد = بي انصافي (ظلم).

(1) ڏَڍَ = آسرو، دلجاءِ، طاقت.

(1) بوتو = بدن، جسم.

(2) بود = سـُـک، موج، مستي.

(1) پينگهو پالهو = پينگهو خالي ٿيڻ.

(1) سوُري سانبـُـرو = سوريءَ جي ويجهو ڦاهيءَ تي چڙهڻ وارو.

(1) پـِـِـٽجي وڃڻ = بد دُعا، لڳي وڃڻ.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org