ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ٻوليءَ جي سـُـريلي شاعر ”آثم“ ناٿن شاهيءَ
جي شاعريءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي ماحول، رسم و رواج،
حالات و واقعات سميت پيار ۽ محبت جا دل لڀائيندڙ
عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا. آثم ناٿن شاهي بنيادي طرح
فطرت جو شاعر آهي. هن جا خيال، جذبا ۽ احساس فطري
لقائن ۽ مظهرن جو سنگم آهن. هن شاعر پنهنجي
شاعريءَ ۾ جدت کي نه، پر قومي ترقيءَ جي روشن
پهلوءَ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ‘آثم’ جو
پڪو ايمان آهي، ته جدت ڪا شيءِ نه آهي، جدت جي عمر
بنهه ٿوري آهي، پر اصل ڳالهه انساني ترقيءَ جي
آهي. شاعريءَ ۾ اهڙن جذبن ۽ احساسن کي اهميت ڏني
وڃي، جنهن سان انساني ترقي ۽ وقار جو بول بالا
ٿئي.
بورڊ جنهن وقت آثم ناٿن شاهيءَ جو ڪتاب شايع ڪري
رهيو آهي، اُن وقت اسان جو هيءُ پيارو شاعر صحت جي
حوالي سان اگهائيءَ جي حالت ۾ آهي. اسان پنهنجي
شاعر جي صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ ڌڻيءَ جي در دعاگو
آهيون، پر جيڪڏهن اسان سڄي جڳ جي شاعريءَ مان ڪي
بنيادي نوعيت جا پيغام حاصل ڪرڻ چاهيون، ته اسان
کي ان سلسلي ۾ هڪ سنيهو اهو به ملي ٿو، ته هر
انسان هن دنيا ۾ مسافر آهي، پر تخليقڪار پنهنجي
تخليق جي صورت ۾ هن جڳ اندر موجود رهي ٿو. اها
ابديت ئي ادب جي وڏي وٿ آهي. بورڊ پنهنجي شاعر جو
هيءُ مجموعو، اندر جي اُڪير مان شايع ڪندي،
مانوارن پڙهندڙ جي خدمت ۾ ان اميد سان پيش ڪري ٿو،
ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي ٻلوان شاعر جي هن تازي
تحفي کي، دل و جان سان قبول ڪندا.
ڄام شورو، سنڌ
اعجاز احمد منگي
اربع، 3 - رمضان المبارڪ 1427هه سيڪريٽري
بمطابق 27- سيپٽمبر 2006ع سنڌي
ادبي بورڊ
مهاڳ
روشني
مان خيرپورناٿن شاهه کان موڪلائي، خير سان، جڏهن
ڪراچيءَ سان اچي مليس، ته ڪراچيءَ جهڙي منَ-
موهڻيءَ محبوبا سان منهنجي ملاقات به، مون کي
پنهنجي جنم- ڀوميءَ جي وڇوڙي جي غم کان ٻاهر نه
ڪڍي سگهي. ڪيترا ڏينهن مان به اُداس اُداس رهيس ۽
منهنجي شاعري به مون کان رُٺي رُٺي رهي، پر پوءِ
هوري هوري هانءُ هـِـرندو ويو، ۽ جڏهن ڪراچيءَ سان
ڪجهه ٺاهه ٿيو، تڏهن شاعري به مون سان پرچي پئي، ۽
اُن سمي کان اڄ تائين، هن نئين- سر جيڪي رنگ روپ
ڏيکاريا ۽ سالن جا سانڍيل راز سـَـليا، اُهي اوهان
جي آڏو آهن.
هتي هڪ ڳالهه ڪندو هلان: مڃان ٿو ته ڪراچي ڏاڍي
ڏاڍي وِندر ۽ ورونهن واري نازنين آهي، پر، منهنجي
ميري سيري، سادڙي ۽ سٻاجهي جنم- ڀوميءَ جي ياد،
مون کان هميشه هميشه لاءِ کسي وٺڻ، ڪراچيءَ جي
وَسَ کان وڏي ڳالهه آهي.
ان کان سواءِ، هن مجموعي ۾ اُها شاعري به شامل
آهي، جيڪا مون پنهنجي شهر خيرپورناٿن شاهه ۾ رهندي
پئي ڪئي آهي. جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جي ماحول جا عڪس،
نـِـجُ، ٺيٺ ۽ اصلي ڳوٺاڻي ٻولي، اُتان جي رسمن ۽
رواجن جا خاڪا ۽ اُتي وقت بوقت جنم وٺندڙ واقعن ۽
وارتائن جون ڪهاڻيون به آهن. پوين ڪجهه ڏهاڪن ۾
لنبي- چوڙي مارشل لائن جي دَور جا اولڙا، ون- يونٽ
خلاف ليکڪن جي سر- ٽوڙ ڪوششن ۾ منهنجو تخليقي
ڪردار ۽ ’ايم. آر. ڊي‘ (1983ع) تحريڪ جي عرصي ۾
انتظاميا پاران انسانن جي چير- ڦاڙ جا قصا به ان
شاعريءَ ۾ موجود آهن. جنهن لاءِ پنهنجي يادداشت کي
جاڳائڻ ۽ ذهن کي ماضيءَ ۾ وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي.
هن ۾ مون پنهنجي ڪجهه شروعاتي شاعري به اِن ڪري
شامل ڪئي آهي، جو اُها به منهنجي شاعري آهي-
منهنجي سوچ جو سفر، منهنجي ذهن جو پورهيو- پنهنجي
پورهئي کي کڏَ ۾ ڪيئن ٿو اُڇلي سگهجي؟ اهڙي
شاعريءَ تي، منهنجي همعصر ساٿاري شاعرن جو ڇانورو
۽ جن ٻولين جي (عربي- فارسي) ٿوري گهڻي تعليم مون
کي ملي، انهيءَ جو اثر لڪو ڪونه آهي، پر اُهو اثر
ايترو به ڪونهي، جو منهنجي امڙ جي زبان جو ساءُ ۽
سڀاءُ ئي غائب ٿي ويو هجي. مون ان ۾ انهيءَ ڳالهه
تي ڌيان ڏنو آهي، ته منهنجي شاعريءَ جي ٻولي، صاف
۽ سڻائي هجي ۽ منهنجي اها شعوري ڪوشش اڳتي هلي،
وقت ۽ تجربي سان ملي، ٻوليءَ کي نج، سـُـهڻو ۽
سڻائو بڻائيندي وئي آهي.
هي جو هن صديءَ جي ڏهين ڏهاڪي جي شروع کان وٺي،
چڱا چڱا، نئين سوچ رکڻ وارا نوان- نيٽي شاعر رِيسَ
جي رَيسِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جن جي ڳاٽي تي
هڪجهڙائيءَ جو جـِـنُ چڙهي ويو آهي، هڪ ئي بحر-
وزن، هڪ ئي ردمَ، هڪجهڙي سٽاءُ جا قيدي بڻجي، ساڳي
زمين ۽ ساڳي آسمان ۾ شاعري ڪري رهيا آهن. ائين لڳي
رهيو آهي، ته ڄڻ هڪٻئي جو نقل پيا ڪن، ساڳين ساڳين
موضوعن ۽ ساڳي ساڳي ڳالهه کي ٿورن گهڻن اکرن جي
مـَـٽا سـَـٽا سان شاعريءَ جي شڪل ڏيندا ٿا رهن-
ته هن ڪتاب جي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو ورجاءُ نظر نه
ايندو. نه رڳو هلندڙ ڏهاڪي جي شاعريءَ تي، پر
گذريل ٽيهن- ٻٽيهن سالن ۾ ٿيل شاعريءَ کي ڏسجي، ته
هن شاعريءَ جو آواز بنهه نيارو، لهجا نوان، انداز
الڳ، نوان نوان موضوع، ڪيترائي بحر- وزن ۽ سٽاءَ
ڏسڻ ۾ ايندا. ماڊرن شاعرن واري رِيسَ ۽ هڪجهڙائي
بلڪل ڪانه آهي.
سنڌي ٻولي ايتري وڏي، ايڏي گهڻي ۽ اهڙي موڪري آهي،
جو شايد ئي دنيا جي ٻي ڪا ٻولي هن جي برابري ڪري
سگهي. هن ۾ لفظن جو ايترو خزانو آهي، جنهن جو ڪاٿو
ڪرڻ مشڪل ٿو لڳي. خاص ڪري ٻهراڙين ۾ اهڙا نـِـج،
ٺيٺ اصل لفظ ڳالهايا ٿا وڃن، جن جي معنيٰ ۽ مقصد
جي خبر، شهرن ۾ پيدا ٿيل نئين نسل جي پيڙهين مان
ڪنهن ڪنهن کي ئي هوندي، سڀ ڪنهن کي آهي ئي ڪانه.
تنهنڪري ڪتاب ۾ جتي جتي اهڙا لفظ آهن، اُنهن جي
معنيٰ ۽ مختصر سمجهاڻي ڏيڻ ضروري هئي، سو انگن جا
نشان ڏئي، فوٽ نوٽ (حاشيي) ۾ انهن کي سمجهڻ جوڳو
بڻايو ويو آهي. ڪجهه سنڌي لفظ اهڙا به آهن، جن جون
ڪيتريون ئي پڙهڻيون ٿي سگهن ٿيون. جهڙوڪ: ”ڪـَـري،
ڪـِـري، ڪـُـري، ڪـَـرِي، ڪـِـرِي“ يا ”لـَـکُ،
لـِـکُ، لـُـکَ، لـِـکَ“ وغيره. اهڙن اکرن تي
جيڪڏهن زيرون زبرون نه ڏنيون وڃن، ته جملي/ شعر جي
اصل معنيٰ تائين پهچڻ ڏکيو ٿيندو. سو، اهڙن لفظن
تي زيرون زبرون لڳايون ويون آهن، جيئن پڙهڻ وارو
صحيح طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي، تڏهن اُنهن جو ساڳيءَ
صورت ۾ ڇپجڻ به تمام ضروري آهي.
مان جدت (نواڻ) کي نه، پر ترقيءَ (اڳتي وڌندو رهڻ)
کي مڃيندو آهيان، ڇو ته جدت ڪابه جدت ڪانهي، جدت
(نواڻ) جي عمر ٿوري ٿيندي آهي. هن ڪتاب جي شاعري،
سچ، سونهن ۽ نياءَ جي طرفداريءَ ۾ ڪيتري ڪـَـڙي،
تـِـکي ۽ اڳتي وَڌِي لکيل آهي، تنهن جو اندازو
انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، ته هيءَ شاعري وقت جي
رسالن، اخبارن ۽ ميگزينن ڪنهن امڪاني خوف کان،
ڪڏهن به ڇاپڻ جي همت نه ڪئي آهي.
مون کي اميد آهي، ته هيءُ ڪتاب ڇپجي، حقيقي
پارکـُـن جي آڏو ايندو ۽ اُهي هـِـن ۾ ڏنل مواد
(شاعري) جي سـَـچائيءَ ۽ ڪـَـچائيءَ تي دل کولي
لکندا.
هن ليکَ جي پڄاڻي، انهيءَ چٽائيءَ سان، ته مان
پنهنجي ڪتابن جي مهاڳ ۾ گهڻي ريڙهه- پيڙهه ۽
اينگهه- ڊيگهه کان بچڻ لاءِ، لاطيني، اطالوي،
آمريڪي، فرانسيسي، يوناني، روسي، چيني، ۽ جپاني
اديبن جا حوالا هروڀرو نه ڏيندو آهيان، نه اُنهن
سان ڀيٽ ڪندو آهيان. هونئن به مان انگريزي پڙهيل
ئي ناهيان، ته انگريزي ادب جي حوالن جو سوال به
ڪونه ٿو پيدا ٿئي. مون وٽ خالص پنهنجون سوچون،
پنهنجا جذبا ۽ پنهنجا خيال آهن، ۽ بس!!
”يورپ جو پينوُ ناهيان،
سنڌي اديب آهيان.“
آثم ناٿن شاهي
ڊسمبر 1994ع
بـِـهار ڪالوني، ڪراچي
ڇـَـلڪيا نيڻ
۽
ڪٽورا تـُـنهنجا،
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا!
تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي:
هي سڀ هورا
۽
کورا تـُـنهنجا.
(آثم)
تهدل سان:
جن سچ، سونهن،
۽ سنڌ لاءِ پنهنجا سر ڏنا
۽
اُنهن سڀني سورمن جي نانءُ.....!
(آثم)
|