سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :7

*

ڪونه ڪـَـڇي ڌَڪَ هڻبا آهن،
اهڙا موقعا بـَـڻبا آهن.

جيوت- جاڳرتا جي جـُـڌَ(1) ۾،
گهاوَ نه پنهنجا ڳـَـڻبا آهن.

سورهيه ڄـَـمندي ڄـَـمندي، ڪڏهين -
ڪانــئر پيٽان ڄـَـڻبا آهن.

قرضَ ته نيٺ اُڳاڙي وٺبا،
جنهن کان، جي بـِـه، لـَـهڻبا آهن.

پيارن سان گڏ آثم! تـِـن جا -
بارَ وِرهائي کڻبا آهن.
-----

 

*

سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي،
بازي ويو سقراط کٽي.

گهورِي جانِ، وڃي ته وڃي،
ماڻهو مقصد کان نه هـَـٽي.

اڄ، ڪنهن جي دَرشن جي بک،
سـِـڪَ جو پـَـئي ٿي هانءُ چـَـٽي.

سامـُـنهن: نيڻ- نهارَ نه ڪا،
ڪيئن اڄوڪي سانـَـجهـَـه ڪـَـٽي؟

داڻو- داڻو ڌار نه ڪر،
ساٽي! دل جو سـَـنگُ سـَـٽي!

ڏاهپَ ڏاڍا ڏَنڀَ ڏنا،
ڏاتِ ڀريا ٿم ڏُک ڏَٽي(1) .

اهڙو ڪو چـَـنجورُ هجي،
پـِـيڙائن جي پاڙَ پـَـٽي.

آثم! سچ جو ساٿ ڏِجانءِ،
جيونُ جيڪي ڏِينهـَـن ٻه- ٽي!!

 

*

تـُـنهنجي چپَ تي مرڪ ته آ، پـَـر مـُـنهـَـن ۾ ڪوئي موهـُـه نه آهي،
نانءُ ڏِجي ٻيو ڪهڙو ان کي نيٺ، اِهو جي ڊوهـُـه نه آهي؟

ڪوڙُ لـِـڪائڻ سان به نه لـِـڪندو، ڪنهن تي ڪو ڪاوڙجي ڇالئه،
ڌوڙ پيل مـُـنهن ميرو ڏِسبو، آئيني جو ڏوهـُـه نه آهي! (1)

مـِـٽون ڦوڪي، مـُـڪون تاڻي، تون ڇو مون تي ڪاهه اچـَـين ٿو؟
پنهنجي تاريءَ آءٌ تڳان ٿو، تنهنجو مون تي توهه نه آهي.

ميڻ - بتيون ٿو ٺاهيان ويٺو، اونداهيءَ ۾ ٻاري رکندس،
ڊڄ نه ڊيڄو ميڻُ آ هٿ ۾، مـُـٺِ ۾ لـِـڪل لوهـُـه نه آهي!

ڏاتِ اسان جي: سنڌو- ڌارا، ڪانه مـُـڪي(2) آ، ڪانهي مـُـڪڻي،
ڪوبه نه سوچي وِهڪـَـڻ(3) جو، هي رِڍَ- ٻڪريءَ جو اوهـُـه نه آهي.

جئن ٿا سوچون، تيئن ڪبو ڀي، چئلنج ساڻ چئون ٿا سڀڪجهه،
سـَـکڻو لفظن منجهه لڪائي، ڇـَـنڊڻو ڪنهن تي ڇوهه نه آهي.

آثم ڪونه اڪيلو پـِـڙَ ۾ غدارن سان ويڙهه وڙهي ٿو،
سڀرا(4) سورهيه ساڻ اٿس سڀ، اَڀرن جو اَنبوهه نه آهي!

 

*

هيءُ ڏونگر: ڏُکيا ۽ ڏِنگا - ڏانگڙا،(1)
وَڌ- اورانگهـِـه! سڀئي لـَـڪيون، لانگهڙا.

کيتُ کايو وڃن پيا سمورو مـَـڪـَـڙ،
سي بچايون، رهيا جي ٻه ٽي ٽانگڙا(2).

اڄ ته ڪنهن جي اچڻ جو نه امڪان آ،
ڇو لـَـنوين ٿو ڪنڊيءَ تي پيو ڪانـِـگڙا.

آءٌ فولادُ، يا ڪو جبل آهيان،
ڏنگَ مون کي هڻي ڇا ڪندين نانگڙا!؟

تون ته آثم! تـَـرڻ  تار مان ٿو گهرين،
هي ته تڙَ سڀ لڳن ٿا پيا تانگڙا(3)!
-----

 

*

شاعر آهيان، ڪافر ناهيان،
ڪيئن چئو ٿا: ”بت نه ڊاهيان!“

سرجڻهار وڏي سگهه وارو،
ٽٻڪن مان ٽانڊاڻا ٺاهيان.

اکين- ٻـُـوٽ، مـَـشـِـيني ماڻهو!
توکي ڇا معلوم ته ڇاهيان.

ڪو به ڪري نه سفارش ڪنهن جي،
منهنجي مرضي جنهن کي چاهيان.

روزُ سڙان ٿو، روز ڦـُـٽان ٿو،
شايد آءٌ به ”ققنس(1) “ آهيان.

قرض مٽيءَ جا اَڻ - کـُـٽ آثم!
ڪهڙا لاهي- ڪهڙا لاهيان؟
-----

 

*

اڄ ته پرين! ا چ ڊوڙَ ڀري،
منهنجي پـِـنبڻين پيرَ ڌَري!

مون وٽ، توکان اڳُ، تـُـنهنجو،
واسُ، پڳو آ پنڌ ڪري.

تيسين مـُـرڪن- ماڪ وَساءِ،
جيسين مـَـنَ جو مچ ٺري!

باکَ ڦـُـٽڻ تي آهي، پر،
نيڻن کان آ ننڊَ پري.

گهاڻي جهڙيون هيءُ گهڙيون،
ٽانڊو- ٽاڻو ڪيئن ٽري؟

پيارُ: پريتم ريءَ آثم!
ناکي(1) ريءَ نه ناوَ(2) تـَـري!
----


 

*

آدم ۾ الله ٿو ڳوليان،
پنهنجو مان ويساهـُـه ٿو ڳوليان!

اڳ جو ابراهيم(1) مٿان ٿيو،
باغُ، اُهو آڙاهه ٿو ڳوليان.

لڙڪ اُگهي، ڦـَـٽَ چيٺي(2) ڪنهن جا،
اهڙو ڪو اُتساهه ٿو ڳوليان.

ڪيئن، ڪڏهن؟ هو مون سان ڪنهن کي،
چئن گهڙين جو چاهه ٿو ڳوليان.

واهڻ- واهڻ، ويڙهي- ويڙهي،
سرهو ڪوئي ساهـُـه ٿو ڳوليان.

اُڊڪن(3)، اوسيئڙن کان آجو،
وَنين جو وَنواهـُـه ٿو ڳوليان.

ماڪَ ڦـُـڙا! مان آثم آهيان،
ڌوپڻ لئه درياهـُـه ٿو ڳوليان!

 

*

اوءِ ماڻهو خوبصورت! ڇا ڪجي؟
ٿي وئي توسان محبت ڇا ڪجي!

سونهن ڪمزوري آ منهنجي مـُـنڍ کان،
سونهن وارن ساڻ حجت ڇا ڪجي؟

هر نموني توتي ظاهر ڪئي اَٿم،
تون نه ٿو سمجهين حقيقت، ڇا ڪجي!

ڪئن نظرَ- گستاخُ مان توڏي کڻان؟
غيرتـن(1) کي ايندي غيرت، ڇا ڪجي؟

تون ئي ڪا مون لئه سزا تجويز ڪر،
پاڻ سان پاڻهئي بغاوت ڇا ڪجي!

واٽ ويندي، پر به، ڳالهايئه ته ڪجهه،
حڪم ڪر هاڻي، ته خدمت ڇا ڪجي؟

مون چيو: ”خط ڀي نه ٿو ڪڏهين لکين،“
هـُـن چيو: ”ڪانهيم فرصت، ڇا ڪجي!“

اڄ به آثم! دوستُ هڪڙو ڪاوڙيو،
سچ چوڻ ڀي آ مصيبت، ڇا ڪجي!

 

*

اُجرو مـَـنُ مدينو آهي،
ڪارِي دل ۾ ڪـِـينو آهي.

ٻيڻ مهانگ آ: عين عبادت،
هي رمضانُ مهـِـينو آهي!

مـُـلڪُ مسلمانن جو پنهنجو،
سيٺ مگر بي- دينو(1) آهي.

سحريءَ ويلي سـُـڪي ماني،
افطاريءَ تي ’اِينو(2)‘ آهي!

’بجـَـٽ‘ مهيني کان پو ايندي،
پهتو اَڳُ پـَـسـِـينو آهي.

نـَـڪَ ڪـُـنڍو، ڪو، پنڌ وڃي پيو،
’هـُـنڊا(3)‘ تي هڪ بينو(4) آهي.

ايل.ايل.بي پـُـٽ منهنجو پيارو،
ڪورٽ ۾ ’اسٽينو(5)‘  آهي.

ڦـَـٿڪـِـي ڦـَـٿڪـِـي ڦيهـُـه نه آثم!
ڦڪڻا(6) سارو سينو آهي!!

 

*

ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي،
ته مون لئه الائي ته ڇا ٿي پوي؟

غزل مان لکان: تون ڪڍين پيو چـُـڪون،
اِئين هڪ دفعو شل اَلا! ٿي پوي.

تون مـُـرڪي، پو پنهنجو ارادو ڏَسين،
ته منهنجي به مرضي اُها ٿي پوي.

مـِـلي پاڻَ: پنهنجي شـَـڪن تي ٽـَـليون،
ته، هر ڳالهه جيڪر صفا ٿي پوي.

ٿـَـڌا ساهـَـه ئي، پـَـر، جي گڏجي کڻون،
ته ڌرتي تتل هيءَ ڳڙا ٿي پوي.

جي ماڻهو سڀئي هڪ- ڪرا(1) ٿي پون،
ته، دنيا سڄي ’واهه- وا‘ ٿي پوي.

ٽـِـجوڙين ڀرڻ جي نه مـِـرگهي هجي،
ته مرضن گهڻن جي دوا ٿي پوي.

ڏُکي ناهـِـه تقدير بدلي سگهڻ،
مگر، شرط آ، ’ٺا ۾ ٺا‘ ٿي پوي.

وڃي ڪنڌُ ڪـَـپجي وطن جي مٿان -
ته، هڪ قرض آثم! اَدا ٿي پوي!

 

*

ماڻهوءَ رَتُ پـِـيئڻ ٿو چاهين،
مڇر جيئن، جـِـيئڻ ٿو چاهين!

منهنجا حق ڦٻائي، پو ڀي-
منهنجو ڀاءُ ٿـِـيئڻ ٿو چاهين!

گهوگها ڏيئي، مون کي ماري،
منهنجو ڀـَـت(1) کـِـيئڻ(2) ٿو چاهين!

’ڪي- ٽوءَ‘ جي چوٽي تي ويهي،
مون سان هٿ ڏيڻ ٿو چاهين!

ڌرتيءَ مايا، ڌرتيءَ اندر -
اوقارون! نيئڻ(3) ٿو چاهين.

رڳن(4) وارا ٽوپا ٽوڙي،
سـَـڳـَـن ساڻ سـِـيئڻ(5) ٿو چاهين.

دوستُ اِئين ڪيئن ٿيندءِ آثم،
جـِـئن تون دوست ٿـِـيئڻ ٿو چاهين!

 

*

دَر کي بند ڪرڻ جو مطلب؟
گهر ڏي ڊوڙَ ڀرڻ جو مطلب؟

”پاڳل- پاڳل- پاڳل آهي،“
ڪنهن تي ٽوڪ ڪرڻ جو مطلب؟

ايندي- ويندي، هڪ شاعر کي،
اهڙو تنگِ ڪرڻ جو مطلب؟

”آثم! آثم! بيهـُـه ته آثم!“
پويان سـَـڏ ڪرڻ جو مطلب؟

هـُـن- هڪ نالي جي اکرن ۾:
طرحين رنگَ ڀرڻ جو مطلب؟

مـُـلهه مهانگن رُومالن تي،
لـِـڪي ڀـَـرتَ ڀـَـرڻ جو مطلب؟

ٿـَـڌڙا ٿـَـڌڙا، ڏاڍا ٿـَـڌڙا،
سـُـڏڪـِـي ساهـَـه ڀـَـرڻ جو مطلب؟

دل- ديول جي دروازي تي،
ايڏي ڇـِـپَ(1) ڌَرڻ جو مطلب؟

 

*

زهر ڀريا ها اَنگَ اوهان جا،
ياد اٿم سڀ ڏَنگ اوهان جا!

جـُـهـُـڙ لٿو ۽ غائب ٿي ويا،
انڊلٺ جهڙا رَنگَ اوهان جا.

جئن جئن لهندي ويئي قلعي،
ظاهر ٿي پيا زَنگ اوهان جا.

نقلي چارڻ! اصلي ناهن،
چپَ اوهان جا، چنگَ اوهان جا.

پنهنجا هنجهه اَڇي(1) جا هيرڪَ(2) ،
ڪائي- کائـِـڪ(3) ڪـَـنگَ اوهان جا.

گهوٻيون ۽ چالاڪيون آهن،
’مـِـرگهيون‘ ۽ ’اَڌ رَنگ‘ اوهان جا.

بڻجي پيا ناسورَ سماجي،
لـَـڇـَـڻ: لـُـچ- لـُـفنگَ اوهان جا.

سمجهي ويو آ سياستدانو!
آثمُ ڍَڪيل ڍَنگَ اوهان جا.

 

*

ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا،
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا!

تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي:
هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا.

اکين مان ٿا چغلي کائن،
لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا.

اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي،
پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا!

رِيتـِـن(1) منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن،
”وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا!!

”اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو،
ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا.

اڄ کان آثم لکندو رهندو،
گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا!

 

*

مون سان: تـُـنهنجو ساٿ سڄڻ! هجڻو سخت ضروري آ،
تو ريءَ منهنجي ڪابه گهڙِي پوري ناهـِـه اَڌوري آ.

تنهنجو مون کان ڏوُر ڀڄڻ ۽ منهنجو ڊوڙي پهچڻ،
شايد: تـُـنهنجي ۽ منهنجي اهڙي ڪا مجبوري آ.

ماڻهوءَ جي ناتي سان، جي ڪنهن جي ٿي تعظيم ڪجي،
موٽَ ۾: موٽي ماڻهوءَ کي مـِـلندي ڇو مغروري آ؟

سچ ۽ پيارَ جي لاءِ هتي اهڙا ئي انعام ڏٺم،
يا ته اَڏِي ۽ ڪنڌُ آهي، يا ته سـِـسـِـي ۽ سـُـورِي آ!

مارَ پوَئي! رُت پـَـن- ڇـَـڻ جي، تون ڇو آئينءَ، تـُـنهنجي آئي -
ڪنهن به ٻـَـٻـُـر ۾ گـُـل ڪونهي، نم ۾ ڪانه نـمُورِي آ.

جا ٿي هوندو باغُ، اُتي واسُ به ويجهو هوندو، پر،
ڪوهين ڏور به آثم جـِـي مـُـلڪن ۾ مشهوري آ.
-----


 

*

هر اکرَ منجهه زندگي آهي،
منهنجو هر گيتُ روشني آهي.

پنج- وقتي نماز آ تـُـنهنجي،
پنهنجو هر مـِـنٽ بندگي آهي.

ٻارُ ننڍڙو رُنو پي پاڙي ۾،
رات ساري نه اکِ لڳي آهي.

ڇيرِ ڇـِـڻڪـِـي، ڳليءَ ۾ خوشبو آ،
ڪنهن ڪنواريءَ، ڪا وِکَ کنئي آهي!

ڀـُـونءِ جي سـُـونهن تي ٿو ڳالهائي،
مون کي نـَـئينِ نسل تي خوشي آهي!

جيڪا ڪـَـوِتا ٿي سـَـچُ لڳي توکي،
ڀانءِ، آثمَ اُها لـِـکي آهي!!
-----

 

*

اُڀُ اُکيڙڻ بند ڪر،
ڊَپُ پـَـکيڙڻ بند ڪر.

بڪَ: بـَـڪڻ وارو، اِهو،
نارُ گيڙڻ بند ڪر.

تون سـِـبڻ ناهين سـِـکيو،
ڦٽَ اُڊيڙڻ بند ڪر.

آئينو هٿ سان ڀڃي،
ڀورَ ميڙڻ بند ڪر.

روءُ، ڪنهن جي سـُـورَ تي،
ڏندَ ٽيڙڻ بند ڪر.

مون کي، منهنجي واٽ تان،
دوست! ٿيڙڻ بند ڪر.

ڪالهه جـِـي: آثم اڳيان،
ڳالهه ڇيڙڻ بند ڪر!
-----

 

*

جـَـنتـِـن جي جستجـُـو جاري رهي،
دل ۾ اهڙي آرزو جاري رهي.

”ليس الانسان“ تي مضمونَ لـِـکُ،
شعر ۾ ”لاتقنطو“ جاري رهي.

جنگِ پنهنجي ’ڪاز‘ جي جـِـيتڻ جي لئه،
لـِـڱ لـِـڱ مان ڀل لهو جاري رهي.

سنڌ جي مـِـٽي ۽ پاڻي پاڪ سان،
تـَـيـَـممُ توڙي وضو جاري رهي.

چپ رهڻ آهي علامت موت جي،
ڪانه ڪا، پـَـر، گفتگو جاري رهي.

ناوَ کي وِچ- سـِـيرَ ۾ ڇڏڻو نه آ،
هٿ هلن تڪڙا، چـَـپوُ(1) جاري رهي.

ڪوڙَ جي مـُـنهن ۾ هميشه واسطي -
يارَ آثم! ”آخ - ٿو
(2) “ جاري رهي!


 

*

اندر اَجگر(1) ظاهرُ ماڻهو،
هوندو ڪوبه نه شاعرُ ماڻهو.

جيڪو ڪنهن وٽ جـُـهڪندو ناهي،
ليکيو ويندو ڪافر ماڻهو.

ناجائز کي جائز سمجهي،
تـِـنهن کي چئبو آمـِـرُ ماڻهو.

”هڻندن پويان، ڀـَـڄندن آڏو،“
ڪـِـرت ڪندو آ ڪانئر ماڻهو!

ٻـَـل نه ٿيندو، ساٿُ نه ڏيندو،
واڪـِـرُ(2) ، واتـِـرُ(3) ، وائـِـرُ(4) ماڻهو.

”ڪوڊ وَرڊ(5) “ ۾ ڳالهائڻ جو،
آثم آهي ماهر ماڻهو!
-----


 

*

بـُـرقعو لاهي، بازَر منجهه، ‘شرافت بانو’!
شرم- حيا جو، ڪيئن هنيو تو مون کي طعنو(1)؟

بـُـک بـُـري آ، منهنجي ويٺي، منهنجي هـَـٽَ تان(2)،
ڪانءُ کڻي ويو زوريءَ، ڇـِـڪي مان هڪ آنو(3).

ڊُؤهر، ڪـُـتِ مٿان ۽ هيٺان آري(4) - پالـُـر(5) ،
پوءِ به اوٽَ جهڳيءَ جي ٿـِـئي ٿو سـَـرَ جو ڪانو.

منهنجا گيتَ ڪتابن بدران، ڪاش! ٿين ها -
ڪنهن جي ڳـُـتَ جي سڳي، ڪنهن جي ڳلَ جو ڳانو.

آثمَ جهڙو آسودو ٻيو ڪوبه نه هوندو،
جنهن وٽ جڳَ جون ڳڻتيون- هورا ڍيرَ خزانو!
-----


 

*

سـُـئي ڪا ’مليريا‘ جي هنئي ڪنهن مـَـڇـَـر آ،
پـُـسائي ڇڏيو جسمَ سارو پـَـگهـَـر آ.

نهاري ته مون ڏي ٿي پئي دير کان، پـَـر-
جا، ڪايا کي پلٽي نه هيءَ سا نظرَ آ.

وِڌو هـُـن هو ڪلهه ڪنهن کي ڀاڪر ڀـِـچائي،
اِها، هـُـن جي سـَـرتين ۾ اڄ ڀي پـَـچـَـرَ آ.

وڏو وقتُ وڇڙئي ٿيو توکان سـَـرتي!
اڃا يادِ سيني ۾ تنهنجي سڄرَ آ.

چيائونس: ”آثم پـَـساهن ۾ آهي.“
چيائين ته: مون کي اڳي ئي خـَـبـَـر آ!


 

(1) اجگر = ڪوراڙ، ازدها (خوفناڪ بلا).

(2) واڪـِـرُ = واڪا (رڙيون) ڪرڻ وارو.

(3) واتـِـرُ = گهڻو ڳالهائيندڙ.

(4) وائـِـرُ = وائـِـڙو (هـَـوائي).

(5) ڪوڊ وَرڊ = ڳـُـجهن لفظن ۾ ضروري پيغام ڏيڻ.

(1) طعنو = آوازي قافيو.

(2) هـَـٽَ تان = دُڪان.

(3) آنو = ڪـُـڪـِـڙ جو.

(4) آري = ننڍڙي سـُـوجي- ڪاٺ ۽ لوهه ڪپڻ جي ڪارائي.

(5) پالـُـر = پـَـنَ (سـَـر جا ڊگها تـِـيلا) هٿن ۾ چير وجهندا آهن.

(1) جـُـڌ= يـُـڌُ،  جنگِ، لڙائي.

(1) ڏٽي ڀرڻ  = لتاڙي ڀرڻ (گهڻو ڀرڻ).

(1)           ”سچ بات مانِ ليجئـي چهري په دهول هي،

              الزام آئينون پــه لــگـــانـــــا فــضــول هي.“

(2) مـُـڪي = ختم ٿي.

(3) وِهڪي وڃڻ  =  کير ڏيڻ بند ڪري ڇڏڻ.

(4) سڀرا = سگهارا.

(1) ڏِنگا- ڏانگڙا = وَر- وَڪڙ.

(2) ٽانگڙا= ٻوڙا، تـِـيلا.

(3) تانگڙا= ننڍي پاڻيءَ وارا.

(1) ققنس= اُهو پکي، جيڪو پنهنجي ئي راڳ (لات) تي سڙي رَک ٿيندو آهي ۽ انهيءَ ئي رَکَ مان وري نئون جنم وٺندو آهي. (ليکڪ)

(1) ناکي = ناکو (ناکئو) ٻيڙي هلائڻ وارو.

(2) ناوَ = ٻيڙي.

(1) ابراهيم = حضرت ابراهيم عليه السلام

(2) ڦٽ چيٺي = ڌوئي پوئي مـَـلم وغيره لائڻ.

(3) اُڊڪڻ = آئيندي جا ڊپ، کـُـٽڪا، ڳڻتيون.

(1) غيرتن = غيرتمندن کي.

(1) بي دينو= بي دينُ (جيڪو دينَ سان سچو نه هجي).

(2) اِينو= قبض ڪـُـشا، فروٽ سالٽ.

(3) هـُـنڊا = موٽر سائيڪل.

(4) بينو= ڦـِـٿل (ننڍي) نـَـڪ وارو.

(5) اسٽينو= اسٽينوگرافر.

(6) ڦـُـڪڻا= ڦـُـوڪڻا.

(1) هڪ- ڪرا = هڪجهڙا- برابر.

(1) ڀت = ختمي جي ماني.

(2) کيئڻ = کائڻ (کـِـيئڻ ڏکڻ سـِـنڌ جو لهجو).

(3) نيئڻ = کڻي وڃڻ.

(4) رڳن = رَت جا رشتا.

(5) سـِـيئڻ = سـِـبڻ (سيئڻ سرائڪي لهجو).

(1) ڇـِـپَ = وڏو (ڳرو) پـَـٿر.

(1) اَڇي = اَڇو  (صاف) پاڻي.

(2) هيرڪ = هيراڪ.

(3) ڪائي = سينور. ڪائي کائڪ= ڪائـِـي کائڻ وارا.

(1) ريتن = رسمون- رواجَ.

(1) چـَـپـُـو = ٻيڙي هلائڻ جو هٿيار (ونجهه).

(2) آخ - ٿو = ٿوڪارَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org