صد آفرين صدام!
شاباس! اي جانباز جري! فرزند اسلام،
صد آفرين صدام!
صد آفرين! صد آفرين!! صد آفرين صدام!!!
صد آفرين صدام!
(1)
حملو ڪري اسلام تي آيا وري ڪفار،
چئوطرف کان يلغار،
نابود ڪندو تن کي خدا واحد و قهار،
اي مرد مڻيادار،
صدام! يهودين جون ڪندين سازشون ناڪام،
صد آفرين صدام!
(2)
آمريڪا جا حامي گهڻا، گڏ ٿي ويا اڪثر،
ڏهه لک وٺي لشڪر،
تون تن سان يگانو ٿي وڙهين يار! يڪي سر،
بيباڪ بهادر!
فرعون ۽ شيطان صفت ”بش“ ٿيو بدنام،
صد آفرين صدام!!
(3)
گڏ اهڙي طرح آهه ٿيو ڪفر ۽ الحاد،
تن جو وڏو تعداد!
”محبوب“ وري ”جنگ صليبي“ ٿي اچي ياد،
دل ٿيو ٿي وڃي شاد!
آهي تو ڦٽائي ڇڏي آمريڪا جو آرام،
صد آفرين صدام!!
ê
”نئين سوچ“ شمارو 5-6، 15 شعبان المعظم 1411هه
خدا جو شڪر آهي جو ٻڌا اڄ جان، من سهرا،
ٿا نور ديدءِ طالب جي سر تي هي سهن سهرا،
ڏسو قرآن جي حافظ وانگي پيا جهولن جهمن سهرا،
خوشيءَ جون آيتون پيا مصحف رخ تان پڙهن سهرا.
حسين چهري تي سهڙا ڄڻ سهاڳو سون تي آهي،
ٿا بيشڪ گهوٽ ٺاهوڪي کي ٺاهوڪا ٺهن سهرا.
مريدان عقيدت سر جهڪائن جئن ٿا مرشد وٽ،
ائين پيا ناز ور جي رخ تي نوڙن نمن سهرا.
ڏسيو سهرن کي هر ڪوئي خوشيءَ جو ٻيو پڙهي ڪلمو،
هي آهن سومنات غم جا بيشڪ بت شڪن سهرا.
چمي ٿو عاشق مهجور جئن معشوق جي خط کي،
ائين پيا چاهه مان هن گهوٽ جو چهرو چمن سهرا.
حسين چهرو نه مرڳو ڪنهن به ماڻهو کان نظرجي پئي،
لڪايو ناز ور کي بد نظر کان ٿا وتن سهرا.
گرامي، طالب المولي ٰ، اسد، شبير، ۽ احسن،
سخن جا ٿا سخنور کي ٻڌن اهل سخن سهرا.
سندس خوش قسمتي جو ڇا بيان ڪوئي ڪري سگهندو!
ٻڌا اڄ جنهن جي آهن سر تي هي سانئن وڏن سهرا.
اهو هن وقت هر گز گهوٽ جي مٽ ڪو نه ٿي سگهندو،
قمر کي فلڪ جي سڀني تارن جا ٻڌن سهرا.
11- چڱي تاريخ اوڻهين جون ۽ ذوالقعد جي ويهين،
مبارڪ منهن تي خاص آيو ٻڌي”محبوب“ من سهرا.
1957ع
ê
”شاعر“ (رفيق حيات خصوصي اشاعت ) سال 1957ع
قطع تاريخ
ويو ڇني زندگي جي قيد جي زنجير غني،
هاءِ ويو محفل ياران جو لڏي مير غني.
دار فاني مان ڪندا ڪوچ وڃن ويراڳي،
ويو ڪري زندگي جي خواب جو تعبير غني.
ڪافيون بيت غزل نظم ۽ مضمون لکي،
خوب ويو سنڌي زبان جي ڪري تعمير غني.
قانع و شاڪر و صابر ۽ رضا تي راضي،
ڪين ڪٿ گردش دوران ۾ ٿيو دلگير غني.
قرب ۽ اخلاص سان هر ڪنهن سان پيش ايندو هو،
جوهر شفقت و الفت جي هو تنوير غني.
دل تي ”محبوب“! سو ”ياد آهه غريق رحمت“
اهل دل ، اهل قلم، صاحب تحرير غني
1979ع
آه! ڊاڪٽر خليل صاحب
1403هجري
تاج الشعرا ڊاڪٽر محمد ابراهيم
1982ع
هو خليل ان جو تخلص، شيخ ابراهيم نام،
”شاعرن جو تاج“ سڏيو ٿي ويو، ان کي مدام،
شخص هڪڙي جا ٻه رخ ها شيخ هو، شاعر به هو!
ڇا لڳي نه ته شيخ ۽ ڇا شاعر شيرين ڪلام!
شيخ صاحب جي زبان مان لفظ ڏاڍا ٿي وڻيا،
”ساغر و مينا صراحي، ساقي و ميخانه جام“.
ڊاڪٽر ”اهل جنون“ جو، ۽ خرد وارن جو دوست،
زندگي هن شخص جي سچ پچ آ حيرت جو مقام!
هن بنائي هڪ ”جميعت شاعران سنڌ“ جي،
ڪافي عرصو، آخري دم تاين هو ”صدر سلام“.
ڪن ادبين، شاعرن هن سان ڏنگايون پڻ ڪيون،
هن قلندر مرد پر ڪنهن کان نه ورتو انتقام.
بي ضرر، مرد فقير ۽ شاعر روشن ضمير،
نيڪ نيت، نيڪ سيرت، نيڪ فطرت، نيڪ نام.
هن ٻٽي پاليسي کان ڀلجي به ڪٿ ورتو نه ڪم،
صبح کي چوندو هو صبح ۽ شام کي چوندو هو شام.
شال خدا مرحوم کي رحمت جي سايه ۾ رکي،
۽ ڏئي شل جنت فردوس ۾ ان کي مقام.
اڄ خليل آهي ويو، سڏ ٻئي کي شايد ٿئي سڀاڻ،
ڪنهن کي آ ”محبوب“ صاحب! فاني دنيا ۾ دوام ؟!
قطع تاريخ شادي
شادي خانه آبادي
خالد ظفر بن”منصور“ ويراڳي
وٺون پهرين الله جو پاڪ نام، محمد صه تي هر دم در ود وسلام.
ٿيا جنهن جا عالم تي احسان عام
اٿم دوست هالا ۾ هڪ دلپذير، اهو آهه ”منصور“ مرد فقير،
گهڻو مهربان لائق احترام
سندس آهه نور نظر جو وهانءُ، اکين ٺار خالد ظفر جو وهانءُ،
وڏو آهي شادي جو اڄ انتظام
مبارڪ سويري ڏني آفتاب، سچو ٿيو اي منصور! خوشين جو خواب،
سدورو سحر ۽ سڀاڳي آشام
خوشي جو اهو وقت آهي عجيب، اچي گڏ ٿيا سڀ عزيز ۽ قريب،
ٻڌا گهوٽ سهرا بصد اهتمام
سندس ڀر ۾ ويٺو هو، منصور آهه، خوشي ۾ هو اڄ اهڙو مخمور آهه،
جو ڄڻ آيو پي آهه پر ڪيف جام
خوشي ۾ ماپن ٿا سڀ دوست يار ڏسن هيج مان گهوٽ ڏي بار بار،
ٿين صدقي صدقي بصد احترام
سڀئي نڪته سنج، نڪته ور نڪته دان، لکي سهرا آيا سي جادو بيان،
هي شاعر سخنور ۽ شيرين ڪلام
خدا شال خوشيون رکي برقرار، دعاگو اسين آهيون منصور يا،
خوشي مان رهو مرڪندا شل مدام
مون هاتف کان”محبوب“ پڇيو سوال، ٻڌائج ڪو في الفور شادي جو سال،
چيائين ته : خالد ظفر نيڪ نام
1986ع
ê
”گلهائي مسرت“ بتقريب شادي خانه آبادي.1986ع
قطع تاريخ سال اشاعت
گهڻو ڪري در ميخانه تي هو تالو لڳل،
سخن جو ساز هو ٽڪرا، صراح جام ڀڳل،
بتي ۽ چمني وسائل، ڏئي جو تيل کٽل،
موالين جو هو محرومين ۾ ذهن ٿڪل،
هي شور ميڪشي! غوغا!! هي نعره رندان!!!
وري به تنهنجي ئي دم سان رهي ٿو ميڙو متل!
تون ميڙي چونڊي وري گڏ ڪيو آ رندن کي،
خوشا نگاهه محبت! خوشاهي طرز عمل،
جو ڪارنامو سندءِ چشم التفات ڪيو،
ڪري سگهي نڪو منتر، نڪي ڪو جادو رمل،
خدارا تون وري ڪم ظرف کي نه جام ڏجان،
ٿين ٿا رند بلا نوش جا اصول اٽل.
ڪڏهن به شيخ نه دنيا ۾ ڇڏيو نام و نشان،
اسان جي عشق جو مظاهر ڏسو ٿا! تاج محل!!
”جميل“ شعر و ادب جي جمود کي ٽوڙيو،
سخن مٿان هو سياست جي شور و شر جو خلل.
مچائي محفل رندان جا ”طالب الموليٰ“
اهو ئي ساڳيو آهي وري به رنگ رتل.
صراحي جام ۽ پيمانه سڀ رهن پرتل،
خدا ڪري وري ڪومائجي نه دل جو ڪنول.
اتر لڳو آ پرين! آءُ سر سڀئي نسريا،
اڃا تون ڪيترو رهندين رٺل اي منهنجا مٺل،
”جميل ابن فهيم ابن طالب المولي ٰ“
جميل طالب المولي ٰ جميل جان غزل!
سن 1407 هجري
ê
”اتر لڳا آءُ پرين“، ڊسمبر 1986ع
سال اشاعت ”انت محبوبي“
خاص الخاص آ خوشخبري،
ڇپجي ويو ”انت محبوبي“
نعت نبي صه جو گلشن هي،
۽ ”جميل“ انهيءَ جو مالهي.
هاتف کان ”محبوب“ پڇي،
تاريخ اشاعت ڪهڙي؟
آيت پڙهيائين خوش ٿي،
”ورفعناڪ ذڪرڪ ،“ جي*
1410هجري
ê
*”انت محبوبي“ سال 1990ع
سال اشاعت
”محبوب سروري“ بحيثيت نٿر نويس
اسان جو دوست هڪ ”شاهه محمد“،
طبيب جو عجيب آ ۽ غريب آ.
ڪتبخانن جو ڪيڙو، بلاشڪ،
ڪتابن جو حڪيم آ ۽ طبيب آ.
محقق ۽ مصنف آ پراڻو،
گلستان ادب جي عندليب آ.
سٺو شعر و ادب جو پارکو آ،
اها خوبي به ٿورن کي نصيب آ.
ڪئيسين نوڪري ڇهه سال گڏجي،
رهيو ڪاليج ۾ مون سان قريب آ.
ڪيائين نظم سان گڏ نثر منهنجو،
سندس بي لوث خدمت هيءَ عجيب آ.
سند ليکي ته هي ”محبوب صاحب“
”عظيم الشان شاعر آ، اديب آ!!“
1992ع
ê
”محبوب سروري“: حيثيت نثر نويس، گلشن
پبليڪشن،حيدرآباد 1992ع
سال اشاعت
”ڪلام محبوب سروري“
(1)
سڀ مڃن ٿا شاعران، عصر حاضر واهوا،
”سروري“ صاحب عظيم الشان شاعر واهوا.
1992ع
(2)
پروردگار پاڪ جي رحمت آ شاعري،
ڪو فائدو وٺي ته ڪا طاقت آ شاعري.
دل جو قرار، روح جي راحت آ شاعري،
دنيا ئي عشق و حسن جي زينت آ شاعري.
سچ پچ ته ملڪ و قوم جي خدمت آ شاعري،
نيت سچي هجي ته عبادت آ شاعري.
جذبو هجي جي نيڪ ته رحمت آ
شاعري،
”محبوب سروري“ جي لئه عظمت آ شاعري.
1992ع
ê
”ڪلام محبوب سروري“ سنڌي ادبي بورڊ 1992ع |