منهنجو وطن
جنهن ملڪ جا نيڪ هجن،
عزت لئي جين، عزت لئي مرن،
جت درويشن جا دونهان دکن،
جت شاهين رهن شهباز ڄمن،
جنهن ملڪ کي پاڪستان چون،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
جو ملڪ آ رشڪ باغ عدن،
جنهن جي آ مٽي ڄڻ مشڪ ختن،
جت ماڻهو اوچي ڳاٽ هلن،
الله سراءِ ٻئي در نه جهڪن،
جنهن ملڪ جو گهر جي مونکي ڪفن،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
اسلام لئي حاصل ٿي جا زمين،
سو ملڪ مقدس ارض حسين،
جت عالم ۽ درويش مڪين،
”اقبال“ جا جت اقوال زرين،
جنهن ملڪ ۾ ” شاهه“ جا بيت پڙهن،
سو منهنجي وطن سو منهنجو وطن.
جنهن ملڪ جا ماڻهو غيرت مند،
بي باڪ بهادر، امن پسند،
اسلام جو جت آشان بلند،
الحاد جو دروازو آ بند،
الله تي جت ايمان رکن،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
جو نقشئه دنيا تي ٿو ٺهي،
ڪنهن غير جي ڊاهڻ سان نه ڊهي،
جنهن ملڪ ۾ ٿو مهراڻ وهي،
شاداب سدا سرسبز رهي،
جنهن جي پوکن تي پيا ملڪ پرن،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
سو ملڪ عزيز آ مون کي سدا
اسلام جي نالي ٿيو جو عطا،
هڪ ڀيري چيو محبوب خطا،
”مشرق“ کان لڳي ٿڌڙي ٿي هوا“
جنهن ملڪ مان هي اهڃاڻ،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن،
جنهن ملڪ ۾ سنڌ جي عظمت آ،
پنجاب جي جنهن ۾ طاقت آ،
سرحد جي جنهن ۾ قوت آ،
گڏ جنهن سان بلوچي غيرت آ،
ڪشمير جون واديون جنهن ۾ وڻن،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
جنهن ملڪ جو محور آهه مڪو،
اسلام جو جزبو ٿئي نه جهڪو،
اتحاد جو نعرو آهه يڪو،
”محبوب“ انهي سان پيچ پڪو،
”اسلام جو قلعو“ جنهن کي چون،
سو منهنجو وطن سو منهنجو وطن.
ê
1-”نئين زندگي“ آگسٽ
–سيپٽمبر 1979ع
2-”وحدت افڪا“ اسلام آباد 1988ع
3-:المسلم“ مخزن87-1988ع
....مگر موٽ پهرين صدي ڏني زمان!
ٿيا چوڏهين سن جا پراڻا فسانا،
هي پندرهين صدي جا ڏسو شادمانا!
مگر موٽ پهرين صدي ڏسي زمانا!
ڪڏهن وقت ڪهڙو ڪڏهن دور ڪهڙو،
ڪڏهن رنگ ڪهڙو، ڪڏهن طور ڪهڙو،
عجب ان جي قدرت جا هي ڪارخانا!
سڄو جڳ بدلجي ويو آهه جائي،
اسان جي عشق ۾ نه تبديل آئي،
اهي ماڳ ماڙيون اهي آستانا!
اهي ئي ڪچهريون اهي رس رهاڻيون،
اهي بيت ڪافيون اهي ئي ڪهاڻيون،
اهي سر اهي گر اهي گيت گانا!
اهي ئي پنهون، رانجها، ميهار، راڻا،
اهي پيار جا عار انگل ۽ ماڻا،
اهي منتون آزيون، عرض، جانا!
اهو ڇا نه هو خوبصورت زمانو،
شجر دل جي تي پيار جو آشيانو!
اهو صحن گلشن، اهي ڪک ۽ ڪانا!
اسان جو سدائين تابناڪ آهي ماضي،
اسين پوءِ ان تي رهون ڇو نه راضي؟
خدا داد خوبين جا اڻ کٽ خزانا!
غريب آهيون پر اٿئون خو اميري،
نظر حاڪماڻي طبيعت فقيري،
اهي ڌاڳا ڦيڻا اهي حال ڳانا!
اهو حسن بي مثل، پاڪيزه الفت،
اها سهڻي سيرت اها سهڻي صورت،
اهي ڪنڍڙا ڪاڪل، اهي قيد خانا!
بظاهر لڳل آهه عشق مجازي،
سهون سر تي غيرن جي بهتان بازي،
مگر سخت معيار اٿئون عاشقانا!
اسان جو پرين چوڏهن صديون پراڻو،
اسين ان سواءِ ٻيو نه ڄاڻون سڃاڻون.
انهي کان مٿي ناهه ڪو دوست دانا!
نه پر وا جي چوڏهين صدي ڪئي پڄاڻي،
جو پندرهين صدي ۾ به پيون ٿا پراڻي،
پراڻا هي نغمه پراڻا ترانا!
اسان چوڏهين صدي ڪئي پڄاڻي،
جو پندرهين صدي ۾ به پيون ٿا پراڻي،
پراڻا هي نغمه پراڻا ترانا!
اسان چوڏهين صديون ڏٺو آزمائي،
سڌو رستو انسان ويٺو وڃائي،
وري موٽ، پهرين صدي ڏي زمانا!
نوان نظريه، فرقه، فتنا ٿيا پيدا،
اسين دين اسلام تي آهيون شيدا،
ٿي دهرائي دنيا اسان جا فسانا!
اسين هڪڙي سائين کي سجدو ڪريون ٿا،
۽ مرسل مٺي تي ئي ڪلمون ڀريون ٿا.
يقين ان تي”محبوب“ آ سورهن آنا!
ê
”نيئن زندگي“ آڪٽوبر 1980ع
جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
آ وقت جو آواز :- ”جيئ سنڌ! سنڌ!!“
هر سمت وڄي سان جئي سنڌ! جئي سنڌ!!!
اسلام جو دروازو چوان ” نوح“ جي ڪشتي،
هت ”شاهه“ ۽ ”شهباز“ جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
هن سنڌ سان سونهين ٿو وطن پاڪ جو نقسو،
ڇا ناز ۽ نانداز، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
هر ذره جئي منهنجي وطن پاڪ جو مولي،
هر ذره جو آواز، ، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
پنجاب جي، سرحد جي، بلوچن جي دعاگو،
ڪشمير جي دمساز، ، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
هر حال جئن شال مٺي ملڪ جا ماڻهو،
سڀ شاهين ۽ شهباز، ، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
درويش ولي آيا هلي، سنڌ ۾ ڇا لئي؟!
ڀل راز رهي، ، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
”يورپ کان ٿڌي هير لڳي منهنجي پرين ﷺ کي“.
سو سنڌ کي اعزاز ، ، جئي سنڌ! جئي سنڌ!!
گونجي ٿو سڄي ملڪ ۾ ”محبوب“ جو نغمو،
هر لب تي هڪ آواز :-”جئي سنڌ! جئي سنڌ!!“
ê
”سنڌ“ سيارو(1) 1983ع
غريب ماڻهو
عجيب حال ڏسان ٿو، غريب ماڻهوءَ جو،
جئڻ محال ڏسان ٿو، غريب ماڻهوءَ جو.
ڀڳل کٽولو، ڇنل واڻ ۽ رلي ڦاٽل،
متاع و مال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
چون ٿا فتح بالاخر غريب جي ٿيندي!
اڃا زوال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
ڀرم جي بک ئي ڀلي، شل نه پنهنجو شان وڃي،
عجب خيال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
خلاف آهه گهڻو فيملي پلاننگ جي،
وڏو عيال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
ڏکن غمن ۾ مڃي ٿو خدا جا شڪرانه،
وڏو ڪمال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
هو صبر و شڪر جو پيڪر، سٻاجهڙو سادو،
زرين مثال ڏسان ٿو، غريب ماڻهوءَ جو.
هي مالدار ئي مولي ٰ کي پيارا آهن ڇا ؟
ڏکيو سوال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
پين ٿا خون خوشي سان انهي جو دولتمند،
لهو حلال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
نظر اچي ٿو، اجهو ڪڙڪندو ڪو قهر خدا،
جو هيڻو حال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
ڇڏيان مان ڊاهي ميلن جا بنگلا ”محبوب“!
جڏهن ملال ڏسان ٿو غريب ماڻهوءَ جو.
ê
”سنڌ“ اونهارو (3) 1983ع
شامت اعمال
اسان جي شعر ۾ جدت اچي ته ڪيئن اچي؟
قلم جي نوڪ ۾ طاقت اچي ته ڪيئن اچي؟
سخن مان روح کي راحت اچي ته ڪيئن اچي!
اسان جي شاعري بي روح، بي اثر بيڪار،
اسان جو ذهن آ احساس ڪمتري جو شڪار،
بدن ۾ جوش و حرارت اچي ته ڪيئن اچي!
وطن جي شان ۾ جن جا ٿي ڳيت ڳايا ويا،
زبان تن جي ڪٽي، بي زبان بنايا ويا،
انهن جي لب تي شڪايت اچي ته ڪيئن اچي!
پڙهون ٿا پيٽ جي خاطر، ڪمايون دولت کي،
ملي ٿي نوڪري، حاصل ڪيون ٿا رشوت کي،
اسان ۾ جذبئه خدمت اچي ته ڪيئن اچي!
اسان جو ذهن غلام ۽ قلم وڪاڻل آ،
اسان جو فڪر مئل ۽ ضمير کاڻل آ،
صحيح رنگ صحافت اچي ته ڪيئن اچي!
اچن نماز ۾ دل تي جهان جون ڳالهيون،
زمين مال ۽ دولت، مڪان جون ڳالهيون،
اسان کي لطف عبادت اچي ته ڪيئن اچي!
ملي جهاد فلسطين ۾ اسان کي شڪست!
شڪست اسان کي ڇا؟ اسلام جي جهان کي شڪست!
اڃا ٻي ڪاري قيامت اچي ته ڪيئن اچي!
اسان جو بي تڪو ڪردار ۽ خراب افعال،
اسان تي آئي، اي ”محبوب“! شامت اعمال
اسان کي پاڻ تي عبرت اچي ته ڪيئن اچي.
ê
”مهراڻ“ 4/1985ع
جيئي پاڪستان
نعره هڻ مرد مسلمان، جيئي پاڪستان،
غير کي ڪر وري حيران جيئي پاڪستان،
چوڏهن آگسٽ جو اعلان، جيئي پاڪستان
آهي الله جو احسان، جيئي پاڪستان.
ملڪ منهنجي جو وڏو مان، جيئي پاڪستان
سرس دنيا ۾ سندس شان، جيئي پاڪستان
زيست جو ساز ۽ سامان، جيئي پاڪستان
مان سندس گل، هو گلستان، جيئي پاڪستان
جنهن جي الفت ۾ آ ايمان، جيئي پاڪستان،
جنهن جو الله نگهبان، جيئي پاڪستان،
آب مهراڻ اسان لاءِ ٿيو آب حيات،
دل جي هر درد جو درمان، جيئي پاڪستان.
باغ بستان، گلستان، چمن، باغيچا،
بحر و بر وادايون ميدان، جيئي پاڪستان.
غير جون سازسون سڀ نيٺ ٿي ناڪام ويون،
ختم ٿيو فتنه جو سامان، جيئي پاڪستان.
منهنجي هن قوم بالاخر ڪيو قبيلي کي درست،
عشق مرسل ٿيو اڳواڻ، جيئي پاڪستان.
يوم آزادي مبارڪ هجي اي اهل وطن،
سڀ سڻائي ڪئي سبحان، جيئي پاڪستان.
مرڪي ”محبوب“ چيو، ”پاڪ وطن“ زنده باد!
هن تان جند جان به قربان، جيئي پاڪستان.
ê
”نئين زندگي“ آگسٽ 1987ع
منهنجي سنڌ
هي منهنجي سنڌ آ، الله وارن جو هي گهر آهي،
۽ درويشن بزرگن ديندارن جو هي گهر آهي.
هتي ڪوپا قداور بي ڊپا دودا دلاور ٿيا،
بهادر، جنگ جوڌن، جانثارن جو هي گهر آهي.
هتي چمڪيون ٿي تلوارون هيون گهوڙن جون هڻڪارون،
مجاهد، سرفروشن، شهسوارن جو هي گهر آهي.
مٺا مارو، سڄڻ سانگي، سدا ساوا ستابا سڀ،
مسرت شادماني ۽ قرارن جو هي گهر آهي.
اهي جن علم سان سارو جهان روشن ڪري ڇڏيو،
اڪابر عالمن ۽ ديندارن جو هي گهر آهي.
مٽي جو مان جن وٽ آ، رکن جي لڄ لوئي جي،
انهن غيور مارن ۽ پنوهارن جو هي گهر آهي.
گهڻا هت پهلوان پوريل، لٽيل ڪيئن ڌڱ ڌرتي ۾،
مڻيا وارن شهيد شاندارن جو هي گهر آهي.
تشدد، ظلم ، بي انصافي کان ڌاڙيل بنجن ٿا،
و گر نه سلجهيل ۽ نيڪو ڪارن جو هي گهر آهي.
رهن سنڌي سٻاجها ٿا دعاگو ساري دنيا جا،
سچارن نيڪ نيت قربدارن جو هي گهر آهي.
اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ درويشن فقيرن جو،
سخنوار اهل دل ”محبوب“ پارن جو هي گهر آهي.
ê
”پريت پبلڪيشن“ ٿاڻو بولا خان 1988ع
سنڌ جو گيت
جيسين سچ جي ٻيڙي ترندي،
جيسين حق جي لاٽ پئي ٻرندي،
سنڌو ندي پئي جيسين وهندي،
سنڌي ٻولي مور نه مرندي،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين سج اوڀر کان اڀري،
جيسين ٿڻن مان کير ٿو نڪري،
جيسين جهان ۾ نيهن ٿو نسري،
”قالو بلا“ جو قول نه وسري،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين قائم آهي دنيا،
جيسين قيامت ٿيندي برپا،
جيسي آهي سنڌو دريا،
ماءُ جي جيسي آهي ممتا،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين دنيا جو آ چرخو
جيسين آهي سچ جو سودو،
جيسين حق جو آهي هوڪو،
جيسين هر ڪو دولهه دودو،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين دنيا ۾ آ اجالو،
جيسين ”ڀٽائي“ جو آ رسالو،
جيسين زندهه باد ”جمالو“
سنڌ جو قائم رهندو نالو،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين ”جيئي سنڌ“ جو نعرو،
هڪ به سنڌي آ جيسين جيئرو،
جان ۾ آخري خون جو قطرو،
تيسين سنڌ کي ناهي خطرو،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
هر ڪنهن کي ٿي هيج ڏئي سنڌ،
پهرين پياري پوءِ پئي سنڌ،
نعرو هڻ، خوش خوب ٿئي سنڌ،
چئو ”جيئ سنڌ“! چئو”جيئي سنڌ!!“.
سنڌ سونهاري زندهه رهندي.
جيسين ديس ۾ دودا دلاور،
مرد مٿير ۽ ڪوپا قداور،
”شاهه“ ”قلندر“ ”سچل“ ”سرور“
”سروري“ صاحب جهڙا سخنور،
سنڌ سونهاري زندهه رهندي،
سنڌ ٻولي مور نه مرندي.
ê
”سارنگ“ جنوري 1989ع
سر زمين سنڌ زنده باد
صوبه ”پنجاب“ آ سهرو، سندس دامام ”سنڌ“
تنهن ڪري ئي آهي بنيادي طرح برباد سنڌ
جيڪڏهن ” شيرين“ پاڪستان آ، ”فرهاد“ سنڌ“
زنده باد اي س ر زمين ”پاڪ“ زنده باد ”سنڌ“
”ڊيم ڪالا باغ“ کان آهي گهڻو ناشاد سنڌ
ڇو ته هن منصوبي سان ٿي ويندي غير آباد سنڌ
گود پنهنجي ۾ پرائو پاليو اولاد سنڌ
تن جي بي انصافين جو ٿي ڪري فرياد سنڌ
پنهنجي صوبي ۾ ئي سنڌي اجنبي آهن ٿيا
ڪين بخشيندي ڪڏهن هي ظلم ۽ بيداد سنڌ
ڪي وزارت تي وڪامن ڪن کي آ ذاتي مفاد
آهي ڪئي ڪن بي ضميرن ليڊرن برباد سنڌ
سنڌ پنجابين بلوچن ۽ پٺاڻن جي پناهه
هر مهاجر جي ڪئي هر حال ۾ امداد سنڌ
آهه پاڪستان جي آزادي جو چاليهون سال
پر نه ٿي احساس محرومي کان اڄ آزاد سنڌ
سنڌ درويشن جو ديس آ، اوليائن جي زمين
”رک خداو ند هميشه شاد ۽ آباد سنڌ“
سنڌ تي تهذيب اسلامي جو گهر آثر
ڪيئن سهي سگهندي ڀلا هٿ فتنئه الحاد سنڌ
”سروري“ کي سنڌ جي خوشبو بهشتن ۾ اچي
جنت الفردوس ۾ پڻ هن کي هوندي ياد سنڌ
ê
”پريت پبليڪيشڻ“ ٿاڻو بولاخان، مارچ 1989ع
حالات حاضره
گرچه روئڻ کان منع آهه، کلڻ ڏکيو آ،
سستو انسان جو هئڻ موت ڏسڻ ڏکيو آ،
ننڊ حرام آهه ٿي، کائڻ ۽ پين ڏکيو آ،
روز هيئڻ ”ڪرفيو“ ۾ قيد ٿيڻ ڏکيو آ،
منهنجا محبوب! هتي پنهنجو ملڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچي ۾ رهڻ ڏکيو آ،
روز شب آهه ٺڪا ٺوڪي ٻنهين شهرن ۾،
صورت حال ڪجي ڪيئن بيان لفظن ۾،
ٿيندي عڪاسي نڪي نثر، نڪي لفظن ۾،
سازش غير سان آ باهه لڳي گلشن ۾،
هن تعصب جي بٺي ۾ به پچڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيو آ.
ڪٿر رهيو ”مشرقي راڻي“* جو اهو امن و سڪون،
اچ ڏسون ڪيئن نه پيو ڀاءُ ڪري ڀاءُ جو خون،
آهه پکڙي ويو صوبائي تعصب جو جنون،
هن طرح منهنجي وطن جو آ ٿيو حال زبون،
صرف هيئن پوري اکيون هاڻ لڪن ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيو آ.
دين اسلام لئه دلين ۾ ڏسان ٿو سردي،
بي دلي ، بي حسي، بدحالي ۽ بي دردي،
ظلم زوري آ، زبردستي ۽ دهشت گردي،
پائي پوليس جي ڌاڙيل، هلن ٿا وردي،
اهڙي حالت ۾ ته انصاف ملڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيوآ.
حيدرآباد ڪراچي جا هي نازڪ حالات،
ڏينهن سو ڏينهن نه آ، رات نه سا آهي رات،
هڪ ٻئي لاءِ ٿيا شڪوس ۽ شبهات،
باعٽ دشمني آ سنڌي مهاجر جي ذات،
پيار جو هاڻ پرين! گاڏو ڌڪڻ ڏکيو ا،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيو آ.
شمع ۾ نور نه آ، عشق نه پرواني ۾،
ڪيف مئي ۾ نه رهيو، لطف نه ميخاني ۾،
رند مسجد ۾ ڏٺم، شيخ صنم خاني ۾،
ناهه شهرن ۾ مزو، هل هلون ويراني ۾،
فرق بندي جي فسادن ۾ مرڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيو آ.
منهنجا محبو مٺا! پيارا پرين!! جان غزل!!!
هل جتي قرب محبت جو هجي ميڙو متل،
هل ته صحرا ڏي هلون، شهر ڇڏي منهنجا مٺل!
هل ” عمرڪوٽ“ ”مٺي“ ”ڇاڇري“ ۽ ڇوڙ“ ڏي هل!
جت محبت نه آ نفرت ۾ جئڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچي ۾ رهڻ آ ڏکيو.
پيار ڪٿ گولئه و بارود کان ڊڄندو ناهي،
عشق ڪنهن آتش نمرود کان ڊڄندو ناهي.
نينهن خود، سود ۽ بي سود کان ڊڄندو ناهي،
”سروري“ دشمن مردود کان ڊڄندو ناهي،
هي اباڻو جهڳو، هي شهر ڇڏڻ ڏکيو آ،
حيدرآباد ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڏکيوآ.
ê
”نئين سوچ“1-جولا کان16 جولاءِ 1990ع
*”مشرقي راڻي“ مان مراد ڪراچي آهي.
بارود جي بُو اچي
امر ” معروف“ جي لاءِ ڪرڻو اٿم،
آهه ”منڪر“ کي مارڻ به نيڪي جو ڪم.
ڳالهه سمجهي اگر ڪو، خدا جو قسم،
حق جي داعي لئه گهرجي ٿو بارود و بم،
جنهن جي لفظن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي گفتن مان بارود جي بو اچي.
راز توکي ٻڌايان ٿو اي هم نشين،
پختو”نصر من الله“ تي ڪر يقين،
جيڪڏهن ڳالهه منهنجي کي سمجهين مڃين،
حق جي دعوت لئه، اهڙي کپي سر زمين،
جنهن جي باغن مان بار ود جي بو اچ،
جنهن جي گلشن مان بار ود جي بو اچي.
شل اچي قوم منهنجي ۾ جوش جهاد،
شل اچ گم شده ان کي ميراث ياد،
امن قائم ٿئي، ختم فتنو فساد،
ملڪ سو ئي رهي ٿو، سدا زندهه باد،
جنهن جي ڳوٺن مان بارورد جي بو اچي،
جنهن جي شهرن مان بار ود جي بو اچي.
صرف تبليغ مان ڪجهه نه ورڻو اٿو،
دين غالب اگر پنهنجو ڪرڻو اٿو،
هڪڙي هٿ ۾ ڪو هٿيار رکڻو اٿو،
ٻئي هٿ ۾ قرآن کڻڻو اٿو!
جنهن جي ورقن مان بار ود جي بو اچي،
رحل، طاقن مان بار ود جي بو اچي.
مون کي ڏاڍو اهو نوجوان ٿو وڻي،
جيڪو حق لئه وڙهي، حق جو نعرو هڻي،
گوله بارود، راڪيٽ لانچر کڻي،
ماءُ مرڪي! جا اسلام لئه پٽ ڄڻي،
جنه جي هڪلن مان بار ود جي بو اچي،
جنهن جي نعرن مان بار ود جي بو اچي.
ڏاج ۾ ڪينڪي سيم ۽ زر کپي،
مال دولت نه گهرجي نه زيور کپي،
گوله بارود، راڪيٽ لانچر کپي،
مون کي شادي جو اهڙو ٿو منظر کپي،
جنهن جي ڳيچن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي سهرن مان بارود جي بو اچي.
ڪري پري، هن صراحي ۽ ساغر جي بو،
مون کي گهرجي نه ٿي مشڪ و عنبر جي بو،
روح پرور آ، راڪيٽ لانچر جي بو،
منهنجي دل کي وڻي اهڙي دلبر جي بو،
جنهن جي زلفن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي بازن مان بارود جي بو اچي.
پنهنجي مسجد ۾ اهڙو ئي عالم ڏسان،
قول ۽ فعل ۾ يڪ سخن يڪ زبان،
جنهن جي منهن ۾ مڻيا، جيڪو شعله بيان،
جو ”ڪليشن“ سان خطبو پڙهي شان سان.
جنهن جي وعظن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي خطبن مان بارود جي بو اچي.
مون کي ڏاڍا اهي جنگ جوڌا وڻڻ،
جي ”ڪليشن“ کڻن، ”هئنڊ بم“ جي هڻن،
جيڪي ميدان جنگ ۾ ٿا مارن، مرن،
اهڙي سورهه تي قومون ڀلي ناز ڪن،
جنهن جي زمن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي داغن مان بارود جي بو اچي.
هاڻي ساقي! نه سستي جو ساغر کپي،
جانبازي جو جذبو ۽ جوهر کپي،
جيڪو بزدل بنائي، نه ليڊر کپي،
شاهه جهرو ئي سرويچ شاعر کپي،
جنهن جي نغمن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي بيتن مان بارود جي بو اچي.
ڇو ٿا تاڙيون وڄايو ؟ ” ڌماڪا“ ڪيو!
شعر جيڪو وڻي، ان تي ”ٺاٺا!!“ ڪيو!!!
”سروري“ جي سخن تي نه وهوا ڪيو،
ان جا جذبات ڇا لئه ٿڌا ٿا ڪيو ؟
جنهن جي نظمن مان بارود جي بو اچي،
جنهن جي شعرن مان بارود جي بو اچي.
ê
”نيئن سوچ“ ڪراچي 27-جولاءِ 13 آگسٽ 1990ع
آهي ڪو ڌڻي سائين
ستم آ! ظلم آ!! بغداد!!! آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
ٻڌي ڪو سنڌ جو فرياد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
ٿيو برباد آدم زاد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
نچي ابليس جو اولاد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
ڪو آهي مڙس ماڻهو ؟ جيڪو روڪي ظلم جي هٿ کي،
ڪري مظلوم جي امداد، آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
ڪو آهي مرد مولائي ؟ هڻي جو حق جو نعرو،
اچي، باطل ڪري برباد، آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
هتي مسڪين ماڻهو ٿا حراست ۾ رهن حيران،
۽ دهشتگرد سڀ دلشاد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
حسين و سر برهنه عورتون، ميڪ اپ سان ”ٽي وي“ تي،
پڙهن ٿيون محفل ميلاد! آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
تعجب آهي! ميخانو لهي ٿو لائون حجري سان!!
جو رند آ شيخ جو داماد! آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
گهڻا شاگرد دهشت گرد هر ڪاليج ۾ آهن؟
ڪٿي آ عزت استاد ؟ آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
رهي مغموم ٿو پر امن شهري ملڪ منهن جي جو،
ڏسون ٿا شر پسند سڀ شاد ، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
اسان جون خوبصورت بستيون، ويران ٿيون ڏسجن!
لطيف آباد و هير آباد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
”ڪراچي“ ”حيدرآباد“ اڄ ٻئي بيروت بڻجي ويا،
عوام آهي گهڻو ناشاد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
ڪري هر دور ۾ ٿو پارٽي تبديل هو پنهنجي ؟
اسان جو رئيس مولا داد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
اسان جي نوجوانن پنهنجي اهڙي ”ڪٽ“ رکي آهي،
سڃاڻي ڪيئن سگهون نرماد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
رهي اشراف ٿو بس ”ڪرفيو“ جي قيد ۾ قابو،
۽ ظالم ٿو گهمي آزاد، آهي ڪو ڌڻي سائين؟
تعصب واري ”شيرين“ لاءِ ”جوءِ شير“ ۾ يارو!
ملائي زهر ٿو ”فرهاد“! آهي ڪو ڌڻي سائين؟
ٿيو اسلام جي نالي ۾ پاڪستان حاصل پر،
ٿو اوچي سر هلي الحاذ! آهي ڪو ڌڻي سائين؟
گهرن، رستن، گندن نالن، سمنڊ، دريا ۽ واهن ۾،
ڏسون ٿا لاش لا تعداد! آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
سخنور ”سروري“ جي شعر تي سڀ ماٺ ۾ آهن!
ڏين ٿا بو الهوس کي داد!! آهي ڪو ڌڻي سائين ؟
ê
”نئين سوچ“ ڪراچي 5 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر 1990ع
گذارشون
سدائين اهل وفا لاءِ سازشون آهن،
هميشه غير تي بيجا نوازشون آهن،
هي دست بسته اسان جون گذارشون آهن.
چمڻ جي پير ٿا چاهن، لڳين ٿي ٺوڪر،
ڪڍڻ جي پير گهرن ٿا، اهي ٿين دلبر!
سدائين پيار جون غيرن تي بارشون آهن.
اسان کي ”طالب الموليٰ“ جو آهي شعر پسند،
”اسان جو عشق هميشه کان آهه، غيرت مند“
گوار غيرت الفت کي گردشون آهن،
لڳائي دل وري ليکا ڪبا سڄڻ ڪهڙا!
قبول شال پئون جهڙا آهيون تهڙا،
اسان کي ڏانءِ نه آيون نمائشون آهن.
جفا ۾ گل به لڳن ٿا ڪڏهن ڪنڊن کان وڌيڪ،
وفا ۾ ”هوسڙي“ پڻ ٿي لڳي ”لنڊن“ کان وڌيڪ،
جلوص دل جون هي معصوم خواهشون آهن.
هي پنهنجو پنهنجو نصيب آهي، پنهنجو ڀاڳ آهي،
وفا جي گهوڙي جي غيرن جي هٿ ۾ واڳ آهي،
اسان لاءِ ڌمڪيون دڙڪا ۽ تابشون آهن،
ڀلي پيو غيرن سان گڏجي گذار تون سائين،
نه وعدا پار تون پيارا، نه پار تون سائين!
نه پارتون نه اسان وٽ سفارشون آهن.
عجيب آ! غير سان ڏاڍ ٿا بي حجاب هلو!
ڏسي اسان کي ٿا منهن تي ڏيو نقاب هلو!
بلي! بلي!! هي اسان تي ئي بندشون آهن.
وڏي حياتي اوهان کي خدا نصيب ڪري!
سري سري نٿي ”محبوب سروري“ جي سري!
نياز مند جون شاهد نگارشون آهن.
ê
”مهراڻ“ 4 /1990ع
اي سنڌ!
اي سنڌ! نه تون ”جعفر“ و ”صادق“ کي جنم ڏي،
غدار و منافق ٿو سدا توکي ستم ڏي.
جنهن کي تو وڏي هيج مان پاليو ۽ نپايو،
توکي ٿو سوين سور اهو تنهجو قسم ڏي!
تو جنهن جي خوشي لئه سوين، خوشيون ڪيون قربان،
خوشين جي عيوض توکي ٿو سو درد ۽ غم ڏي.
پنهنجائي ٿا پنهنجن سان وڙهن، سوچيو! سمجهو!!
ٿو ڪير وڙهڻ واسطي، بارود ۽ بم ڏي؟
احسان فراموش تي، احسان ڪرڻ ڀل!
نا اهل کي پنهنجو نه قلم، اهل قلم ڏي،
سنڌين ۾ سجاڳي اچي هن منهنجي سخن سان،
اي ذوق سخن! مون کي تون هن وقت ۾ ڪم ڏي!
سڪرات ۾ ”محبوب“ چپن تي رکيو ڪاغذ!
ٿو سنڌ جي نقشي کي چمي، آخري دم ڏي!
ê
نئين سوچ شمارو 13
– 14، 20 – ذوالقعد 1411هه
باب چوٿون
متفرقات
ڪافي
بيت
قطعات
مستزاد
قطع تاريخ
ڪافي
مٺن مارن سندو مون کي، وڇوڙو ٿو عمر ماري،
گذاريان روز گوندر ۾ سوا سرتين گهنگهر گهاري.
پيم پرلاءِ پڪارن تي، سندي تاڙي تنوارن تي.
ملارون مينگهه مارن تي ڪيا آگم ڪڪر ڪاري.
وسي وڄ ٿي وجهو وڪر، ڏسي ڏوٿين لٿا ڏکڙا،
سگهو ساڻيهه ڏي نڪڙا وريا مارو ولر واري.
وهن رستن مٿي ريلا، ڀريا جهر جهنگ ٻٻر ٻيلا،
ڇڪيو سرتيون ٻڌن ڇيلا پکن پاسي پلر پياري.
چڙن چونگار چوڌاري هري هونگار، هيڪاري،
جدائي جان مون ڳاري رئان ٿي جال جر هاري.
ڪيان اڌ رات جو آهون تڪي سانگين سنديون راهون،
ڪري دل قيد ۾ دانهون ٿي سانگين جو سفر ساري.
اباڻن جي نه لاهيان لٽ، نه پائيندس پٽيهر پٽ،
وڻي جيلن جي مون کي ڇٽ ڇڏيان مشڪون عطر هاري.
عمر جا محل ۽ ماڙيون هتي ساڻيهه ۾ ساڙيون،
ولهارن کي وڻن واڙيون رهن ڍوليا ڍنگر ڍاري.
مٺا مارو اجهي ايندا عمر سان جنگ جوٽيندا،
وٺي ”محبوب“ چئي ويندا سندس ڪوٽن ڏکر ڏاري.
ê
ماهنامه ”مارئي“ خاص نمبر جون 1957ع
بيت
(1)
منهنجي لئي محرم، تنهنجي ڪارڻ عيد ٿي،
جيئري جدائي وئين ڪري، اهو ڏک اٿم،
رري رقيب آيا، ڏسڻ گوندر غم،
اچي ڪل ڪٺي ٿيا، دشمن آخر دم،
توکان اهو به ڪم پرين پهتو ڪين ڪي.
(2)
ڪري قدمن جي مٿان، ڪنهن ٿي رت رنو،
پرينءَ کان نه پنو، ڏسي ڏکويل ڪير آهه.
(3)
رسڻ پرچڻ ريت، عجيبن اختيار ڪئي،
پڪي ٿي پريت، ڏوراپا ڏيڻ سان.
ê
1-”وڻڪار“ بهار پبليڪشن سانگهڙ 1963ع
2-”مهراڻ“ نمبر 1 ۽ 2 /1970ع
بيت
(1)
جنهن لئه ٿو جيان، سو مون کي مارڻ آيو،
هن به ههڙيون جي ڪيون ته ڪنهن جي ٿاڪ ٿيان،
ڏاڍن کي ڪهڙا ڀلا، ڏوراپا ڏيان،
مون سان هيئن ميان! ڪرڻ مناسب ڪين هو.
(2)
شايد هو ئي حساب، رهيل مون ڏي روح ۾،
مون کان موشو ٿو ڪرين، سکئين هاڻ حجاب،
پنهنجن کان پري رهڻ، ڪهري منجهه ڪتاب؟
سگهه منهنجي سوال جو، جاني ڏي جواب،
نه ته عشق جو عتاب، ڪڏهن لهندءِ ڪينڪي.
(3)
ههڙي ريت حبيب، وڃڻ واجب ڪين هوءِ
پنهنجن کي پري ڪري، راضي ڪيئه رقيب،
اهو سر عجيب، وٺيو ويندس پاڻ سان.
(4)
بلڪل بيقياس، ڪامل ڪڏهن کان ٿئين،
دلري پئي دانهون ڪري تن کي آهي تاس،
تڪي راهون تنهنجون، ٿيڙا نيڻ نراس،
جگر جيءَ جهڄي پيو، هنيون منجهه هراس،
ڪلفت ڪر کنيو هلي، الفت آهه اداس،
وصل واجهائي پيو، لڳي پرت پياس،،!
عشق اميدون پيو ڪري، برد باسي باس،
پرچڻ تي جي تون پوين ته رسڻ ڪهڙي راس!
ڏکن ڏاڍ ڍوء ڪيا، من جو کائي ماس،
سڄڻ هجئي شاباس، جو ههڙا ويل وهائيه.
(5)
ڏوراپو آ ڏاج، اصلئون عاشقن جو،
ظلم زوريون، سور سختيون، عاشقن علاج،
عجر آزيون ميڙ منٿون، قربائتن جو ڪاج،
گلا خواري، جٺ ڦٺ واري، تهمت پائن تاج،
رئڻ آهه رواج، محبت واري ملڪ ۾.
(6)
هيءَ حياتي خواب، اصلئون عاشقن لئه،
پچڻ کامڻ پرت ۾، پاڙهيو نينهن نصاب،
نت نڀائڻ جو سدا، برهه پرهايو باب،
اکين وهي آب، عجيبن جي عشق ۾.
(7)
پاڻي ڪو نه ڪڇين، محبت جن ميهار جي،
ڇلانگ ڇولين ۾ هڻي، مٿان سر سٽين،
هر ڪنهن سندي حال جو آهي پاڻ آمين،
قرب ۾ قربان ٿيڻ، دل وارن جو دين،
محبت سندو مند ۾، رکج يار يقين،
ڪامل پنهنجي قرب سان ڍوليا مان ڍڪين،
انهن تي امين! پڙهه ته سڀ پوري ٿئي.
1-”ڪنول ڪٽوريون“ بهار پبليڪيشن سانگهڙ 1963ع
2-”مهراڻ“ نمبر 1-2 /1970ع
3-”بيت“ مرتب:ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،1971ع |