سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محبوب سروري

صفحو :2

 

[.....تنهن جي ڪري]

فلڪ آ تنهن جي ڪري ۽ زمين تنهن جي ڪري،

جڙيو هي جوڙ رسول الامين تنهن جي ڪري.

 

سان کي خالق اڪبر جي ڪا خبر نه هئيج،

خدا تي آيو اسان کي يقين، تنهن جي ڪري.

 

عرب جا ماڻهو ها بي علم، جاهل ۽ جهنگلي،

ٿياسي مهذب و دانا، ذهين، تنهن جي ڪري.

 

هئا جي دور جهالت ۾ بدترين انسان،

معاشري ۾ ٿيا بهترين، تنهن جي ڪري.

 

تو پنهنجي نور سان، اونده جو چيريو سينو،

سجھو جهان ٿيو روشن، حسين، تنهن جي ڪري.

 

اسان ته توکي ڏٺو آ، خدا کي تو آ ڏٺو،

سڀئي ٿا تنهن جي خدا کي مڃين، تنهن جي ڪري.

 

پڙهايو تو ئي اچي ”لا الله الا الله!“

اسان کي ان تي آ ڪامل يقين ، تنهن جي ڪري.

 

ضعيف هوندي به، ڏاڍن جا هانو ڏاريون ٿا،

ملي حضور صه! ٿي فتح مبين، تنهن جي ڪري.

 

ٻين جي حال جي آقا! خدا کي آهه خبر،

حضور! مون آ مڃيو، تنهنجو دين، تنهن جي ڪري!!

 

ڪيئي مون جهڙي گنگهار تي ڪرم آقا!

سڀئي ٿا”سروري“ مون کي سڏين، تنهن جي ڪري.

ê

”انت محبوبي“ 1990ع

 

 

 

 

سلام/مدح

 

 

 

 

خون پنهنجي سان ڪري اسلام جا ساوا سلا

پاڻ ويو رهجي پياسي، باغبان ڪربلا

 

پنهنجي پيارن کي ڪهائڻ، هي الاهي راز آ

خود خدا آهي فقط هڪ رازدان ڪربلا

 

پڙهه شهاد ت جو سبق ۽ ملڪ جو ”محبوب“ ٿي

هي سبق خود ويا پڙهائي عرفان ڪربلا

ê

ماهنه ”فردوس“ هالا، نومبر 1952ع

 

 

نماز عشق ادا ڪنهن ڪئي ؟!

 

جهاد راه خدا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

۽ سر ڏيڻ جي سخا ڪنهن ڪئ ؟ حسين ڪئي!

 

جفا ڪندڙ سان وفا ڪنهن ڪئي؟ حسين ڪئي!

دغا ڪندڙ کي دعا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

اچي ويو دين خدا لاءِ موقعو نازڪ

انهي تان جان فدا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

غلط نظام حڪومت کي ڪنهن ڪيو چئلينج ؟

ستم سان جنگ ڀلا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

خدا جي راهه ۾ گهر تڙ ڇڏي، مسافر ٿي!

پسند ڪرب و بلا ڪنهن ڪئي؟ حسين ڪئي!

 

لٽائي ساٿ سڄو ۽ ڪهائي لخت جگر

قبول رب جي رضا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

ڏئي عزيز و اقارب جو ڪائنات کي خون،

حسين ارض و سما ڪنهن ڪئي ؟حسين ڪئي!

 

يزيد اڄ به لڀن ٿا مگر حسين ڪٿي ؟!

ڪسڻ جي رسم روا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

وڙهيو هو ڪير زبردست آمريت سان ؟

عوام تي سا عطا ڪنهن ڪئي ؟ حسين ڪئي!

 

خدا جي دين لئي سجدي ۾ سر رکي”محبوب“!

نماز عشق ادا ڪنهن ڪئي؟ حسين ڪئي!

ê

روزنامه ”عبرت“ حيدرآباد 24 فيبروري 1972ع

 

 

 

امام انقلاب امام حسين عليه السلام

سوار دوش رسالت ماب امام حسين،

بلا شبه شه گردون رڪاب امام حسين،

 

نبي جي دل، خلف بوتراب امام حسين،

سلام توتي اي عالي جناب امام حسين.

 

تو لاٿو حق جي رخ تان حجاب امام حسين،

ڪيو تو نور خدا بي نقاب امام حسين،

 

وڌايو دين جو تو آب و تاب امام حسين،

سلام توتي اي عالي جناب امام حسين.

 

وئين جياري تون اسلام جو عظيم اصول،

سلام توتي اي سبط رسول، جان بتول،

 

عظيم تنهنجو اهو انقلاب، امام حسين،

سلام توتي اي عالي جناب امام حسين.

 

ڏني تو دين جي خاطر عظيم قرباني،

قبول تنهنجي ڪئي رب ڪريم قرباني ،

 

نه عزم تنهنجي جو آهي جواب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين

 

بناءِ دين لئي گهربو هئو ڪو اطهر خون،

سڄي جهان ۾ خدا کي پسند ائين تون،

 

حسين خدا جا حسين انتخاب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين،

 

ڪهائي دوست ٿو پنهنجا هو دشمنن جي هٿان،

۽ رهبر کي لٽائي ٿو رهزنن جي هٿان،

 

وفا ۾ ڪهڙو حساب و ڪتاب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين،

 

صدائي حق سان باطل جو سينو چاڪ ڪري،

وئين تون دين محمد کي تابناڪ ڪري،

 

اي نور چشم رسالت ماب امام حسين،

سلام توتي اي عالي جناب امام حسين.

 

يزيد پنهنجي ڪري خود مٽي پليد ويو،

هميشه آهين تون زنده مري يزيد ويو!

 

 

هتي ۽ توڙي هتي ڪامياب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين.

 

يزيد پرده باطل سان حق لڪائي ڇڏيو،

جهڪايو سر نه اتي تو، ۽ سر ڪٽائي ڇڏيو.

 

ڪيو تو ڪوڙو هڪ آمر جو خواب آمر حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين.

 

ڪڏهن يزيد جي تابع حسين ٿي ٿو سگهي؟

تريءَ جي هيٺ ڀلا سج ڪڏهن لڪي ٿو سگهي؟

 

هميشه جلوه فگن آفتاب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين.

 

وسي ٿي تو تي شب و روز رب جي رحمت،

يزيد شمر ۽ ابن زياد تي لعنت،

 

انهن جو ٿيندو ضرور احتساب امام حسين،

سلام تو تي اي عالي جناب امام حسين.

 

هي تنهنجو نوحه خوان ”محبوب سروري“ آهي،

زبان تي ذڪر آ، چاهت ۾ دل چري آهي،،

 

 

۽ تنهنجي ڪا ڻ آ اکين ۾ آب امام حسين،

سلام توتي اي عالي جناب امام حسين.

 

ê

ماهوار ”اديوان“ ڪراچي جنوري 1979ع

 

 

 

 

مخدوم نوح

 

باغ مان باد صبا حد ادب سان کڻ قدم،

ڇو ته، يڪسوئي سان، تنهائي ۾ ويهي، صبحدم،

بلبل شيرين بيان جي چهنب مان ٺاهي قلم

اجھ گلن جي ئي ڳلن تي مدح ڪا لکڻي اٿم،

جنهن کي بيحد شوق مان ڳائيندا مرغان چمن،

وجد ۾ ايندي ٻڌڻ سان ٽاري ٽاري، ڪک ۽ پن.

 

ذڪر ان جي سان اچي ويندي چمن ۾ تازگي،

جنهن تي نازان ٿي خدائي جنهن تي شيدا بندگي ،

صدقي صدقي آ بزرگي، سادگي پاڪيزگي،

جنهن بنايو زندگي ۾، زندگي کي زندگي،

نوح سرور با شريعت مرد، مشتاق نبي

ٿي نظر آيو سراپا جنهن ۾ اخلاق نبي.

 

تون هدايت جو چراغ ۽ رشد جو آهين ڏيو،

سنڌ ۾ تنهن جي هئڻ سان سوجهرو آهي ٿيو،

تنهن جي قلبي ڪيميا جو ٿي اثر اهڙو ويو،

جو پتو هو سون ٿيو، سون پارس ٿي پيو،

مشرڪن ۽ بت پرستن جي جتي آئي ٿي بو،

چو طرف ٻڌجي ٿو ات ”الله هو، الله هو،“

 

تو وٽان سکجي ٿو مولي ٰ جي محبت جو سبق،

تو وٽان حاصل ٿيو هر ڪنهن کي وحدت جو سبق،

تون ٿو سيکارين سدا مرسل جي سنت جو سبق،

تون ٿو سيکارين سدا مرسل جي سنت جو سبق،

پاڻ عامل ٿي پڙهايو تو شريعت جو سبق،

علم جو دنيا کي هو مڪي مديني کان مليو،

سنڌ وارن کي اهو ئي تنهن جي سيني کان مليو.

 

جيئن شمع تي لازمي آهي ته پروانا اچن،

تنهن جي لئي تن دور کان تنهنجا ديوانا اچن،

ٿا ڪهيو سو ڪوهه تان مرسل جا مستانا اچن،

شاعر و عاشق اديب، ۽ مست ، مولانا اچن،

تنهنجي هن درگاهه تي ٻڌجي ٿي ڪلمي جي تنوار ،

ذڪر ۾ مشغول ڏسجن ٿا جوان، ٻڍڙا ۽  ٻار.

 

تون پيا ڪن کي سدا توحيد جو پيارين ٿو جام،

تنهنجي ميخاني مان ڪو موٽيو نه ڪڏهن تشنه ڪام،

تنهنجي نالي سان رهي ٿو ميڪشن کي احترام،

ٿا پڙهن ميخوار ساقي! بارها توتي سلام،

جيڪو خالي آيو سو ڀرپور ٿي واپس وريو،

ميڪده تنهنجي منجهان مخمور ٿي واپس وريو.

 

”سهروردي سلسله“ جو تون امير ڪاروان،

آهين تون دين، حيبب ڪبريا جو پاسبا،

تنهنجي هن درگاهه تي ٿا فخر ڪن ” هالا نوان“،

ٿو چمڻ چاهي نمي، نيلن کي نيرو آسمان،

تنهنجي ٿيا رشيد وهدايت ساڻ ماڻهو مستفيد،

ٿيا قريبا هند و پاڪستان ۾ نو لک مريد!

 

ترڪ تو سڀني ڪيون دنيا جون فاني لذتون،

ٿي رهيون مشتاق تنهنجي لئي حقيقي نعمتون،

ٿي فدا تو تي فقيري تو تي عاشق عظمتون،

خاص ٿيون ته لئه خدا جون رحمتون ئي رحمتون،

باشريعت سادگي سان تو گذاري زندگي،

۽ رهئين تون عاشق مرسل ٿي ساري زندگي.

 

تو وڌي ڇڙ واڳ ماڻهن کي محبت جي مهار،

۽ مديني جي طرف ڏي قرب جي ڪاهي قطار،

تو وٽان مرڪي اٿيو جيڪو به آيو اشڪبار،

فيض تنهن جي سان فقيري ويا ڪري حاصل هزار،

تنهنجا رهندا نوح! قائم، تا قيامت ڪاپڙي ،

گنج قاروني کٽي، تنهن جي نه کٽندي”گودڙي“

 

تنهن جي در تان درد وارن کي ملي ٿي دلبري،

تنهن جا طالب ٿيا سڀئي اترادي، لاڙي، ۽ ٿري،

تو هزارن جي رسول راهه ۾ ڪئي رهبري،

تنهنجي ناتي ۾ پيو ”محبوب“ سڏجي ”سروري“

تنهنجي هر محفل مان ٿو حاصل ڪري تسڪين روح،

بيقرارن جو قرار آهين تون اي مخدوم نوح!

ê

1-”سروري مخزن“ هالا، بهار 1923ع

2- روزانه ”ادم وطن“ حيدرآباد 19 اپريل1964ع

 

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

1 اهڙي هستي جو ڪيون ٿا ذڪر محفل ۾ وري،

جنهن جي نالي سان اجهاڻل دل جا ڏيا ويندا ٻري،

شاعري جنهن جي بلاشڪ آ جزو پيغمبري،

جيڪو ڀليل، راهه جي ڪري ٿو رهبري،

عاشقن ۽ درد وندن کي ڏئي هو دلبري،

ٿا مڃن يڪراءِ سڀ جنهن کي امام شاعري!

 

شاه صاحب جو ڪلام آ شاهه صاحب جو ڪمال،

ان جون تشبيهون عجيب ۽ استعارد بي مثال،

قافيه برجسته ۽ مضمون ان جا لازوال،

لفظ لفظ اندر لياڪا پائي جاب جا جمال،

حرف هڪڙي ۾ ڪتابن جا پڙهائي ٿو ڪروڙ،

عاشقن لئي عشق اهڙي جو خزانو آهه کوڙ!

 

شاه صاحب جي ڪلام اندر حقيقت جو سراغ،

شاهه صاحب کي اهي سمجهن، هجن روشن دماغ،

جيڪي اونداهين ۾ ٻارن پنهنجي چاهت جو چراغ،

سوءِ منزل ٿا هلن روشن ڪري دلين جا داغ،

جو غلام زر آ، تنهن کي شاهه جي ڪهڙي خبر،

جنهن جي دل پٿر آ، تنهن کي شاه جي ڪهڙي خبر!

 

وصف ان جي لئي ڪٿان لفظ اهڙا آڻيون،

جن سان ورجائي وري پيا شاه کي واکاڻيون،

هن جو موضوع، سخن آ عشق جون آکاڻيون،

عام فهم انداز ۾ سوليون ڏني سمجهاڻيون،

هو ٻه سو سالن کان پوءِ پڻ آ اسان آهه محو گفتگو.

 

”مارئي“ بنجي ڪري ڪٿ ”کيت“ سان پاڪيزه پيار،

ڪٿ ”سسئي“ بڻجي ڪري پنهنجي ”پنهون“ تان جان نثار،

ڪٿ وري ”سهڻي“ ٿي ”ميهر“ لئي ڪري مهراڻ پار،

ڪٿ ”تماچي“ تڙ ڌڻي ”نوريءَ“ سان ڪينجهر تي شڪار،

ڪٿ ته”راڻو“ ٿي رسي ٿو ڪٿ ته ”مومل“ منتظر،

هر طريقي ۾ يگانو شاه آ المختصر!

 

هر اکر تنهنجي کي هيرين سان وٺون لطيف،

شاعري تنهنجي مٿان ٻي شاعري گهوري لطيف

تو حقيقي عشق جو چرخو ڇڏيو چوري لطيف،

تنهنجي منزل آهه اڳتي ٻيا سڀئي اوري لطيف،

تو جياري آ ڇڏي هيءَ سنڌ ۽ سنڌي زبان،

تنهنجا آهن تنهن ڪري پنهنجا پراوا مدح خوان!

 

شاه کي ڏسڻو اٿو عاشقن جي آهن ۾ ڏسو،

يا ته ڪنهن معشوق جي نرمل نگاهن ۾ ڏسو،

عارفن ۽ سالڪن جي خانقاهن ۾ ڏسو،

عاشق مهجور جي ويران راهن ۾ ڏسو،

شاهه کي ڏسڻو اٿو مسڪين ماڻهن ۾ ڏسو،

پيٽ بکين انگ اگهاڙن ۽ نماڻن ۾ ڏسو.

 

شاه آڏو عشق هر گز ناهه ڪا ٻارن جي راند،

عشق آ ڪرب و بلا نيزن ۽ تلوارن جي راند،

عشق آ دردن، ڏکن، سورن ۽ آزارن جي راند،

عشق دل گردي جي ڳالهه آهي، جگر وارن جي راند،

عشق جي طاقت سان طوفانن جو رخ موڙي ٿو شاه،

ظالمن جي ظلم جا زنجير سڀ ٽوڙي ٿو شاه.

 

مچ ڏسي موٽي وڃن سي عشق ۾ آهن اروٽ،

عشق صادق جي اٿيئي مچ ڏسي هر گز نه موٽ،

باهه جي آڙاهه ۾ بيخوف ٿي گهڙندا ڪي گهوٽ،

چوٽ کائڻ بعد ئي هر مرد چڙهندو آ چوٽ،

جي سدا تو ڏي ٿا تاڻن، شاهه صاحب کي وڻن،

مچ اندر جي موج ماڻن شاه صاحب کي وڻن.

 

جي ڳچين جا ڳچ وڃائن شاه صاحب کي وڻن،

پاڻ ڄيري ۾ پچائن، شاهه صاحب کي وڻن،

آک کي جي آزمائن، شاه صاحب کي وڻن،

جان کي جيئري جلائن، شاه صاحب کي وڻن،

شاه صاحب کي پچڻ وارا ٿا پروانا وڻن،

عشق جي کوري ۾ کاڻل مرد مستانا وڻن.

 

جي سچو عاشق سڏائين آگ کي هيڪرا اجهاءِ،

ٿو”پچڻ سڀ کي پچائي تون پچڻ کي ئي پچاءِ“،

آگ جي آڙاهه کي اي وير واقف ٿي وساءِ،

لهس کان جيڪي لڇن ٿا عشق ۾ تن جي نه جاءِ،

شاه جي ارشاد ۾ ڪيڏو نه آ زور بيان،

تنگ آهي سوچ منهنجي دنگ آ منهنجي زبان!

 

آسمان شاعري جو ماهه ڪامل آهه شاهه،

عاشقن جو حال محرم سالڪن جو سربراهه،

درد وندن جو سلاسو پيار جي عالم پناهه،

حرف هڪڙي ساڻ سيکاري ٿو رمز لا الله،

ان جي بيتن ۾ سمايل آيتون ئي آيتون،

شڌ ڪري ان کي نه سگهيون اشتراڪي قوتون.

 

13- شاه جي هر ڪا هدايت دل اندر داخل ڪريو،

شاه کي ئي زندگي جو رهبر ڪامل ڪريو،

شاه کي سمجهي سگهي اهڙي ڪا پيدا دل ڪريو،

شاه کان ”محبوب“ جيئڻ جو سبق حاصل ڪريو،

شاهه کان جن خوش نصيبن رهبري حاصل ڪئي،

تن بلاشڪ آ حقيقي زندگ حاصل ڪئي.

 

”سنڌي ڊائجسٽ“ مارچ 1976ع

”سنڌي ڊائجسٽ“ جنوري –فيبروري 1979ع

 

 

 

باب ٻيو 

غزل

 

اسان کي دلپسند دلبر مليو مولي ٰ شڪرانا،

مليو! بهتر کان پڻ بهتر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا!

 

ڀرم جو ڀر فقط برسر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا،

چڱو ٿيو! جو نه سيم وزر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا.

 

اسان ڪنهن ٻئي جي آڏو ڪين هرگز هٿ پکيڙيو آ،

سوالين کي سخي سرور مليو، مولي ٰ جا شڪرانا.

 

اگهن عاجز اٻوجهن وٽ ڪرم پنهنجا ڪري آيو،

۽ هيڻن کي حج، اڪبر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

 

اسين ڪنهن خان خانان جي نه هرگز ڪاڻ ڪڍنداسين،

اڙين آڏر، ولهين واهر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

 

انهيءَ تي آس اڙين جي ، انهيءَ تي ننگ نماڻن جو،

ڏکوين ڏڍ، پرين پرور مليو، مولي ٰ جا شڪرانا.

 

 

اسان جو عشق غيرمند، در در ڪينڪي ڀٽڪيو،

فقط هڪ دلربا جو در مليو، موليٰ جا شڪرانا.

 

اسان منت ڪش باغ عدن هرگز نه رهنداسين،

جو ريگستان مان رهبر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

 

خد جي خلق ساريءَ ۾ نه آهي جوڙ جانيءَ جو،

ڀلن کان پڻ بلو برتر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا.

 

اسان جي جان، اسان جي مال، اسان جي ساهه جو سائين،

اسان جي سر جو سوداگر مليو، موليٰ جا شڪرانا.

 

ديار يرا ۾ جي گهر ملي ها، خوب ٿئ ها، پر،

سڳوري سنڌ ۾ ئي گهر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا..

 

چکائي ”سروري“ سرڪي ڪيو ”محبوب“ متوالو،

هٿن سهڻن سان اڄ ساغر مليو، مولي ٰ جا شڪرانا.

 

ê

ٽماهي ”مهراڻ“ 3/1985ع

 

 

 

 

 

جي پاڻ خدا ڪنهن تي به شيد نه هجي ها.

اڄ تاءِ زمين آسمان پيدا نه هجي ها.

 

دلبر نه هجي ها ته هي دنيا نه هجي ها،

هي باغ جهان رونق افروز نه هجا هي.

 

مجنون نه ٿئي ها ڪو به جي ليلي نه هجي ها،

عاشق جي ندا نغمئه صحرا نه هجي ها.

 

جي حسن فقط ملڪ ۾ پئسي تي وڪامي،

يوسف جي خريدار زليخانه هجي ها.

 

هڪ منٽ به دنيا ۾ رهي ڪين سگهان ها،

تنهنجو جي ڪرم مون تي خدايا! نه هجي ها.

 

”هالا جو وڻي لفظ ٿو دل منهنجي کي ڏاڍو،

پر ”ها“ جي پٺيان يار اها ” لا“ نه هجي ها ·

 

”محبوب“ ٿئي ڪين ها محبوب، جي ان جو،

استاد سختن طالب المولي ٰ نه هجي ها.

ê

ماهنا”فردوس“ هالا سنڌ آگسٽ 1954ع

 

 

 

اتي ڦاٿو اچي آهيان، جتي ڦٿڪڻ به مشڪل آ،

هٿن سان دل ڏنم جنهن کي، اتان آڻڻ به مشڪل آ.

 

قريبن قرب ۾ اهڙو ٻڌو آ چوکنڀو قابو،

قدم پنهنجو اڳي يا پوئتي چورڻ به مشڪل آ.

 

غم و درد و الم کان لڙڪ هارڻ جي منع آهي،

جتي روئڻ روا ناهي اتي مرڪڻ به مشڪل آ.

 

هڻي هنڌ ڪو ڪنديون آخر، اهي اڌ رات جو آهون،

ڦٽو آرام اکين جو، رڳو جاڳڻ به مشڪل آ.

 

اڃا پرده نشين تون ڪيترو پردي اندر رهندين،

جدا توکان مٺاجاني، گهڙي گهارڻ به مشڪل آ.

 

آهيان راهه محبت ۾ انهيءَ منزل تي پهتو مان،

وڃڻ جي واٽ ڪانهي ڪا، وري موٽڻ به مشڪل آ.

 

قيامت تائين شايد طالب ديدار ٿي رهندس،

ملڻ جو آسرو ڪونهي، جدا جالڻ به مشڪل آ.

 

قيامت تائين شايد طالب ديدار ٿي رهندس،

ملڻ جو آسرو ڪونهي، جدا جالڻ به مشڪل آ.

 

معاذ الله! مان درد جدائيءَ کان چوان پيو ڇا،

سندس رحم و ڪرم مان آسرو لاهڻ به مشڪل آ.

 

کلي معشوق کي چيو اڄ ”انت محبوبي“

انهيءَ جو راز سمجهڻ ڇا، رڳو سوچڻ به مشڪل آ.

 

ê

”مهراڻ“ سيارو (1) 1955ع

 

 

 

 

قتل وارو مڪان ويجهو آ،

منهنجو اڄ! امتحان ويجهو آ،

هن جو تير و ڪمان ويجهو آ،

منهنجي دل جو نشان ويجهو آ.

بي خطر ٿي لڳاءِ تير مٺا!

توکي هڪ پهلوان ويجهو آ.

هوريان ڳالهه ڪر محبت جي

محتسب بد گمان ويجهو آ

چنڊ سان دل لڳي ته ڀوء ڪونهي

عشق ۾ آسمان ويجهو آ

پاڻ ۾ پاڻ تون ئي ڳولي ڏس

لامڪان جو مڪان ويجهو آ.

ياد رک! توکي ڪنهن به ظالم کان

ڪو نه ڪو مهربان ويجهو آ

مون کي محبوب هر مصيبت کان،

تنهنجو دارلامان ويجهو آ.

 

هفتيوار ”ستاره سنڌ، پڊعيدن

15-22 آڪٽوبر 1956ع

 

 

 

 

يا د هر هر ٿو اچين، باد صبا شاهه آهه،

صبح جو وقت، چمن، مست هوا شاهد آهه،

 

منهنجي الفت جو ه هر ڪوئي مٺا شاهد آهه

غم جدا، سوز جدا، درد جدا شاهد آهه

 

منهنجي آهن ۽ صدائن تي جي ويسه نه اچئي

پنهنجي دل کان به ته پڇ! منهنجي اها شاهد آهه

 

خوب سمجهان ٿو، محبت کي لڪائين ٿو، پرين

پيار مون سان ٿو ڪرين، تنهنجي ادا شاهد آهه

 

تنهنجي اکين ۾ فقط منهنجي محبت آهي

تنهن جو انداز نظر هوش ربا شاهد آهه

 

تنهنجي خوشنودي ٿو چاهيان مان فقط جان من

منهنجي پاڪيزه محبت جي وفا شاهد آهه

 

ناهي پرواهه زماني جي کڻي ڇا به چيو

منهنجي دل جو ته اي ”محبوب“! خدا شاهد آهه

ê

”آياب جنون“ سال 1961ع

 

 

پر واهه ناهه ڪجهه به پراوا چوڻ لڳا،

مون کي الائي دوست به ڇاڇا چوڻ لڳا.

 

سبتا هئا جي ٻول سي ابتا چوڻ لڳا.

دريا کي موج، موج کي دريا چوڻ لڳاٰ

 

چرين جي اسپتال ۾ آءُ گهمڻ ويس،

مون کي چريو! چريو! اتي چريا چوڻ لڳا.

 

ڦيرو عجيب گردش اياز جو ڏٺم،

ليليٰ کي مجنون، مجنون کي ليلي ٰ چوڻ لڳا،

 

حاوي ٿيا بزار محبت ۾ جعل ساز،

منهنجا سچا سڪا به سي کوٽا چوڻ لڳا.

 

جنهن وقت آيو محفل رندان، ۾ محتسب،

مڪي جي شهر ۾ خر عيسي ٰ چوڻ لڳا.

 

ذوق جمال تي به سياست جو آ اثر،

محدود منهن جي قرب جي ڪوٽا چوڻ لڳا.

 

هو حزب اختلاف ته پڇندا به ڪو نه ها.

مليو جو اقتدار ته آقا چوڻ لڳا.

 

جيڪي هزار بار گلائون ڪندا هئا،

ڪم تن جو پيو، حضور ۽ قبلا چوڻ لڳا.

 

پيري ۾ پيار جن به حسينن سان مون ڪيو،

مون کي وڏي سي چاهه مان”چاچا“ چوڻ لڳا!

 

جنهن وقت سالڪن ڪيو لفظن تي غور و فڪر،

”الله“ جي ئي عڪس کي ”هالا“ چوڻ لڳا.

 

دنيا کان دور جو ٿيو، عقبي ٰ کان بي نياز،

ماڻهو انهن کي طالب الموليٰ چوڻ لڳا.

 

ڏسندي جمال يار ڪيون دانهون عاشقن،

الله! هاءِ هاءِ! اڙي گهوڙا! چوڻ لڳا.

 

بزم سخن ۾ اهل سخن ٻيا به ها گهڻا،

سڀ ”سروري“ جي شعر تي وهوا چوڻ لڳا.

 

ê

”مهراڻ“ 1-1991ع

 

 

 

 

گلشن مان ڇڻي گل ويا، بس خار ئي رهجي ويا.

يارن ته جدائي ڪئي، اغيار ئي رهجي ويا.

 

جنهن ڏينهن کان ويو دلبر، ڏئي داغ جدائيءَ جو،

آرام هليو ويو ۽، آزار ئي رهجي ويا.

 

پنهنجن کان نه ٿي پاسي، ڌاريان ٿا ڏين ڌوڪو،

ڌارين سان گڏيا، جيڪي، سي ڌار ئي رهجي ويا.

 

جي تنگ نظر رهيا، ڪجهه ڪين پرايو تن،

سي ٻار ئي ڄاوا ها، ۽ ٻار ئي رهجي ويا.

 

الله کي اٽڪل سان، حاصل نه ڪري سگهبو،

ويا ماڳ رسي موڙهل، هوشيار ئي رهجي ويا.

 

مردان خدا آهن، خوابيده مقامن ۾،

بس ديده عبرت لئه، آثار ئي رهجي ويا.

 

”محبوب“ زماني ۾ ٻي ڪانه ڇڏي دولت،

دنيا ۾ فقط ان جا اشعار ئي رهجي ويا.

ê

”مهراڻ“ نمبر 1- 1964ع

 

 

 

آخر ڳلن تان جي ڳڙيا، ڳوڙها قبول پيا،

البيلي يار کي اهي تحفا قبول پيا.

 

تقررون، بحث، وعظ نه خطبا قبول پيا.

سائين کي آڌي رات جا سڏڙا قبول پيا.

 

دلين جا حال خوب ٿو ڄاڻي هو دلربا،

لوڪان لڪل ڪي ساهه جا سڏڪا قبول پيا.

 

ڪي روبرو به پيار کان محروم ٿي رهيا،

نيت سچي جا صرف نياپا قبول پيا.

 

آهي عجيب يار جي بخشش جو انتخاب،

اميدوار ڪهڙا ۽ ڪهڙا قبول پيا.

 

ٿي ويا جتي ٿي هوش و خرد ورا هارٽ فيل،

تنهن جاءِ تي ئي مست مون پارا قبول پيا!

 

ٿي ويا جتي ٿي هوش و خرد وارا هارٽ فيل،

تنهن جاءِ تي ئي مست مون پارا قبول پيا.

 

ابروئي يار آهي يا آهي هلال عيد،

هو آيو منهنجا ٽيهه ئي روزا قبول پيا.

 

ور ور ڏيو ٿو عيد مبارڪ ڏکن کي ڏيان،

خوشيون ٿيون نصيب جو ڏکڙا قبول پيا.

 

منهنجي غلط نماز قبولي سڄڻ ڇڏي،

سهني جي آڏو سهو، جا سجدا قبول پيا.

 

رندن جي دين ۾ نه پڇن ٿا ڪا ذات پات،

هن ميڪدي ۾ جيڪي به آيا، قبول پيا.

 

سهڻن ۾ واهه واهه ٿي، ”محبوب“ خوب، خوب

تنهنجا غزل سليس ۽ سادا قبول پيا.

 

ê

”مهراڻ“ نمبر 3-1972ع

 

 

 

 

 

 

پيڻ جي وقت پيمانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ،

ڪڏهن ساقي ۽ مستانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ،

 

وڙهي پيا پاڻ ۾ عاشق، جڏهن هو بام تي بيٺو،

شمع تي جيئن پروانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.

 

هي مولائي طبيعت جا ته هو صاحب شريعت جا،

موالين جي ۽ مولانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.

 

جي عقل و عشق موضوع سخن بنجن ٿا محفل ۾،

ته دانائن ۽ ديوانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ،

 

مريدان عقيدتمند و پيران طريقت ۾،

دعا، ڦيڻي ۽ نذرانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.

 

 

وڙهڻ کان پوءِ جڏهن ٿا پيار وارا پاڻ ۾ پرچن.

ته ڏوراپن ۽ ارمانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.

 

غزل ۾ ڪي نيون راهون ڪري”محبوب“ ٿو پيدا،

انهن تي پو غزل خوانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.

 

ê

”مهراڻ“ نمبر 4/1973ع

 

سچ! منهنجي چپن ساڻ شب و روز لڳل آ،

يا جام سراب آهه يا معشوق جو ڳل آ.

 

منتر نڪو جنتر نڪو جادو يا رمل آ،

سهڻن جو سدا منهنجي اڳيان ميڙو متل آ.

 

هر وقت حسينن جي مان جهرمٽ ۾ رهان ٿو،

هي پاڪ نظر، پاڪ محبت جو عمل آ.

 

هر شيءَ کي ڏسي نيٺ نظر ٿڪجي پوي ٿي،

جنهن کنا نه نظر ٿڪجي سو معشوق جو ڳل آ.

 

قاتل به وڏي سوچ ۾ ويو گم ٿي گهڻي دير،

هن منهنجي هٿن تي جو ڏٺي ميندي لڳل آ.

 

هر قسم جو ميوو ٿو پچڻ بعد ڪنو ٿئي،

هر وقت سٺو جو رهي سو پيار جو ڦل آ.

 

ڇا عشق فقط آهه، شهنشاهه جو ميراث ؟

ڇا پيار جو اهڃاڻ فقط تاج محل آ ؟

 

ڪعبي کي چمي آيون، سڄڻ سائينءَ جون اکيون!

ماڻهن جو خيال آ ته پرينءَ پاتو ڪجل آ!

 

ديوار جي هن پاسي چيو پرده نشينن،

”محبوب“ جو هي خوب! غضب جهڙو غزل آ!!

 

ê

”مهراڻ“ نمبر 43/1982ع

 

 

 

جهان ۾ فاني ۾ مردن جي عمر ٿوري آ،

وڙهن جي موت سان، مڙسن جي عمر ٿوري آ.

 

غمن جي ڀيٽ ۾ خوشين جي عمر ٿوري آ.

رئڻ جي عمر کان ٽهڪن جي عمر ٿوري آ.

 

وڏي ڄمار ٿي بزدل ۽ بوالهوس کي ملي،

مگر گهڻو ڪري گهوٽن جي عمر ٿوري آ.

 

چڙي چڙي ٿا مرن چاپلوس ۽ چمچا،

سچن ۽ صاف گو ماڻهن جي عمر ٿوري آ.

 

گدڙ جئي کڻي سو سال ته به گدڙ سڏبو،

عجيب ڳالهه آ، شينهن جو عمر ٿوري آ.

 

اسان ته ڪو نه ٻڌو جنگ ۾ مئو ڪوري،

جوان، جنگ جو جوڌن جي عمر ٿوري آ.

 

رلي جي موت کان ميدان ۾ مرڻ بهتر،

دلير ديس جي دودن جي عمر ٿوري آ.

 

هميشح گهوٽ ۽ گهوڙا مرن لڙائي ۾،

گڏهه جئن گهڻو گهوڙن جي عمر ٿوري آ.

 

ويا هي ماڳ ڇڏي، هاءِ هاءِ هنج لڏي،

اسان جي ملڪ ۾ مورن جي عمر ٿوري آ.

 

ڳجهون ۽ ڪانگ زماني ۾ بيشمار ڏٺم،

۽ ڀانجي ٿو عقابن جي عمر ٿوري آ.

 

جي بادشاهه جي هٿ تي وهڻ سان خوٻ وڻن،

ڏسو ته واقعي بازن جي عمر ٿوري آ.

 

جين غلام، غلاميءَ ۾ ٿا وڏو عرصو،

خدا جو شال آ! شاهن جي عمر ٿوري آ.

 

خدا به آهه کرن کي وڏي ڄمار ڏني،

مگر اي ”سروري“ ، سهڻن جي عمر ٿوري آ.

 

ê

”مهراڻ“ نمبر 1-1989ع

 

 

 

 

 

 

تنهنجي روشن رخ جي صبح پسند، تنهن جي زلفن واري شام پسند

تنهنجي عشق جو اي محبوب مٺا! آغاز پسند، انجام پسند

 

به تنهنجي محبت ۾ جو ملي، ماکيءَ کان مٺو ٿو مون کي لڳي.

هر رنج پسند، آرام پسند بهتان پسند، الزام پسند

 

ڪٿ دست و گريبان جون، جهڙپون، ڪٿ ٻانهن ۾ چڪ، ٻاڪارون،

چرين کي محبت جون چوڪون، ڪئن عاشق ڪن آرام پسند

 

سڀڪائي ڪري سينگار هلي، هر ڪا پائي هار هلي،

نوريءَ جي نماڻائيءَ کي ڪيو، هت تڙ تي تماچي ڄام پسند

 

منهنجو عشق وڪامي ڪين سگهيو، منهنجو پيار به ڪنهن وٽ پيش نه پيو،

مون هر گز هر گز ڪو نه ڪيو، ڪنهن دولتمند جو دام پسند،

 

منهنجي غربت کي بدنام نه ڪر، منهنجي نينهن کي تون نيلام نه ڪر،

ڪو واڪ نه ڏي،، ڪو دام نه ڪر، مون کي زلف دوتا جو دام پسند.

 

هن رنگ برنگي دنيا ۾ سهڻا نه سوين ٿا ٻيا به گهمن

منهنجو خاص تعلق آ تو سان، منهنجو عشق نه آهي عام پسند.

 

ê

”مهراڻ نمبر 4-1972ع

 

 

 

 

 

خلوص اوهان جو خطن تائين ٿو رهي محدود،

وفا جو لفظ لبن تائين ٿو رهي محدود.

 

اسان کان پيار ۾ اربع خطا نه ٿي سرڪار!

اوهان جو وعدو ڏٽن تائني ٿو رهي محدود.

 

اسان جي تشنه لبي جو علاج ٿي نه سگهيو،

اوهان جو جام هٿن تائين ٿو رهي محدود.

 

اسان جي عشق جي منزل آ وسعت صحرا،

اوهان جو چاهه چمن تائين ٿو رهي محدود.

 

عمر جي ڪوٽ جون ماڙيون ۽ بنگلا نه کپن،

اسان جو پيار پکن تائين ٿو رهي محدود.

 

سدا رهي هي سلامت اسان جو آکيرو!

اسان جو قرب ڪکن تائين ٿو رهي محدود.

 

الاجي دشت و دمن تائين ڪنهن پکيڙي ڳالهه!

چمن جو راز چمن تائين ٿو رهي محدود.

 

بيان ٿي نه سگهي، زلف يار جي خوشبوءِ.

خيال مشڪ ختن تائين ٿو رهي محدود

 

سزا جرم وفا ڏيو، ته ڏيو، ڪا ٺاهي ڏيو،

هي دڙڪو دارو رسمن تائين ٿو رهي محدود.

 

غزل ۾ رمز جا ”محبوب“ سروري ٿو رکي.

سو نڪتو اهل سخن تائين ٿو رهي محدود.

 

ê

”مهراڻ“ 2 ۽3 /1983ع


· ”ها“ جي معنيٰ اقرار ۽ ”لا“ جي معنيٰ انڪار هالا جو لفظ اقرا ۽ انڪار جو مطلب رکي ٿو. پهريائين اقرار آهي پوءِ يڪدم  انڪار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org