انتساب
منهنجي استاد، محسن ۽ محبوب، طالب الموليٰ سائينء سان منسوب ڪريان ٿو.
پيش لفظ
”محبوب سروري“ قديم بستي جاڙو پنوهر(نزد هوسڙي) جي هڪ غريب مگر
باعزت گهراڻي ۾ خميس 8 جنوري 1943ع تي محمد صديق
پنوهر جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ
پرائمري اسڪول هوسڙي مان ورتائين. انهن ڏينهن ۾ ان
اسڪول ۾ پرائمري پنجين درجي کان وٺي انگريزي ٽن
درجن تائين پڙهايو ويندو هو. اهڙي طرح ”محبوب
سروري“ صاحب ساڳئي اسڪول مان سال 1947ع ۾ سنڌي
فائينل جو امتحان ۽ ان سان گڏو گڏ ٽي درجا انگريزي
جا پڻ پاس ڪيا. ان کان پوءِ سال 1953ع ۾ نور محمد
هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين.
انٽر آرٽس جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان سال 1955ع ۾
سال 1957ع ۾ بي اي (آنرس) پوليٽيڪل سائنس ۾، ۽
ايم. اي سنڌي ۾ سال 64-1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد مان پاس ڪيائين.
مٿين سڃاڻپ وارو باوقار ۽ قدآور شخصيت، جنهن جي منهن تي سدابهار
مرڪ، يار ويس ۽ ملنسار، هر وقت کلندڙ
کلندي کلندي چوٽ ڏيندڙ، ننڍي وڏي سان پيار ۽ محبت
ڪندڙ، هرڪنهن جي ڪم ايندڙ سونهن، سچائي، امن ۽
آزادي جو ترجمان، سخنور ۽ سخن شناس، سڀاءُ جو
سٻاجهڙو ۽ حليم، سنڌي ثقافت جو دلداده، ديني آداب
۽ اصول جو سختيءَ سان پابند، سڀ کي پنهنجو
بنائيندڙ، ڪچهري جو ڪوڏيو، ضدي ۽ ارڏو اعليٰ درجي
جو بي ڊپو ۽ بيباڪ، پُراعتماد استاد ۽ شاعر آهي.
ڪهڙا به کڻي ناموافق ۽ ناخوشگوار حالات هجن. محبوب
صاحب جو موڊ ۽ مزاج ۾ هرگز فرق نه ايندو. محبوب
ليکي چوکي مان ڪونه ڄاڻي، ڪاليج ۾ جيڪو به استاد
اديب، شاعر لنگهي آيو ته محبوب ان کي پنهنجي مهمان
سمجهي تواضع ڪندو هو. چوند آهي ته:
”محبت ۾ وفا ڇا ۽ جا ڇا؟
لڳائي دل وري ليکا ڪبا ڇا؟“
محبوب سروري صاحب پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”يار خاطر“ مطبوعه 1959ع
جي صفحي 123 تي پنهنجي خود نوشته سوانح حيات ۾
هيئن رقمطراز آهي: ”باغ حيات کي 24 بهارون بخشي
چڪو آهيان، خزان جي خسارن، بلبل جي پيار، گل جي بي
رخي، باغبان پرورش، صياد ۽ گلچين جي بي مروتي،
بادِ صبا جي ٿڌن شوڪارن، وفا ۽ جفا جي مسئلي کي
حقيقت شناس نظر سان ويهي ڏٺو اٿم. 8 جنوري 1934ع
بروز خميس ڳوٺ جاڙو پنهور لڳ هوسڙي تعلقو حيدرآباد
۾ هڪ مسڪين پر باعزت هاري محمد صديق پنوهر جي گهر
تولد ٿيس. غربت جي گود ۾ محبت ۽ محنت جي تعليم
ملي. محمد بچل ۽ محبوب علي، ٻن نالن مان ٻيو نالو
فقط ”محبوب“ تخلص جي صورت ۾ ئي رهجي ويو.
شاعري ٽئين درجي کان شروع ڪيم، زياده تر غزل گو آهيان، استاد
قبله ”طالب الموليٰ “ سائين اٿم، انهي نسبت سان
”محبوب سروري“ سڏجان ٿو. ڊائري لکڻ، شاعري ڪرڻ
مصوري ۽ مطالع منهنجا محبوب مشاغل آهن. پاليٽڪس،
نفسيات، دينيات ۽ تواريخ مطالع جا خاص موضوع اٿم.
سنڌي ادبي گلشن ۾ ”يار خاطر“ جي نالي سان پهرين
بهار آندي اٿم.
مالي مجبورين کان هزارها مشڪلاتن کي شرمسار ڪري بي. اي (آنرس)
پاس ڪيم. ايم اي، ايل ايل بي جو شاگرد آهيان.
1952ع کان قبله حضرت ”طالب الموليٰ“ سائين منهنجي
هر طرح تعليمي ۽ تعميري مد ۽ رهنمائي ڪندا اچن.
سندن مخلصانه محبت، عارفانه الفت، بزرگانه شفقت ۽
اديبانه صحبت منهنجي روشن مستقبل لاءِ بشير آهن.“
”محبوب سروري“ صاحب اڳتي هلي ٽماهي ”مهراڻ“ جي شاعر نمبر
1-2/1929ع جي صفحي نمبر 427 تي پنهنجي لاءِ هن طرح
لکيو اٿس ته: ”نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ،
سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان انٽر آرٽس، سنڌ
يونيورسٽي مان بي. اي آرنرس ۽ ايم. اي تائين تعليم
حاصل ڪيم. هن وقت طالب الموليٰ اروينٽل ڪاليج هالا
جو پرنسپال آهيان، زياده تر غزل گو شاعر آهيان،
شاعري ۾ استاد حضرت ”طالب الموليٰ“ سائين اٿم.
ڪجهه وقت کان شاعريءَ جو رنگ قومي ۽ انقلابي آهي.“
”محبوب سروري“ صاحب سال 1959ع کان 1964ع تائين سنڌ ماڊل هاءِ
اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ گريجوئيٽ ٽيچر ٿي رهيو. ان
کان پوءِ 64-1965ع ۾ پورو هڪ سال ”مدرسه تعليم
الاسلام“ ميرپورخاص ۾ استاد ٿي رهيو، تنهن بعد 11-
اپريل 1966ع ۾”سروري اسلاميه ڪاليج“ هالا ۾
ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ساڳئي سال ”طالب
الموليٰ اورينٽل ڪاليج“ هالا جو پرنسپال به مقرر
ٿيو، سال 1971ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا حڪومت
جي تحويل ۾ وڃڻ کان پوءِ 13 سيپٽمبر 1971ع ۾
عمرڪوٽ ۾ حڪومت پاران نئين قائم ڪيل ڪاليج ۾ بدلي
ٿي ويو، جتان آڪٽوبر 1975ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ مسلم
سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو.
جتي هن وقت بطور پروفيسر ڪم ڪري رهيو آهي. ساڻس
منهنجي ڄاڻ سڃاڻ به 1985ع ۾ اتي ئي ٿي آهي.
هن ڪتاب جي مرتب ڪرڻ جو سبب: 1985ع ۾ جڏهن ”محبوب سروري“ صاحب
مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آيو ته
روزانه فرصت جي وقت اسٽاف روم يا پنهنجي سنڌي شعبي
جي آفيس ۾ وهڻ بدران اڪثر لائبريري ۾ اچي مطالع ۾
محو رهندو هو. هڪ پروفيسر ڪچهري ۽ گپ شپ جي بدران
سمورو فرصت جو وقت ڪتب بينيءَ ۾ گذاري، تنهن ڳالهه
مون کي هن ڏي گهڻو متوجه ڪيو، پر پوءِ معلوم ٿيو
ته هن جو روح لائبريري ۾ ئي سڪون حاصل ڪندو آهي.
ڏهه سال ڪوٽڙي ڪاليج ۾ پنهنجي سروس دوران به ڪاليج
لائبريري ۾ گهڻو وقت گهاريائين، خاص طور انهيءَ
وقت جي لائبررين گل محمد مغل صاحب ۽ محمد حسن
پنوهر صاحب سان واسطو رکندو هو.
هڪ ڏينهن مون کي الاجي ڪيئن اچي اهو احساس ٿيو ته هڪ قادر
الڪلام شاعر پنهنجي حسن تغافل سبب پنهنجو سمورو
ڪلام ضايع ڪري رهيو آهي. لهٰذا مون صرف پنهنجي
ادبي ذوق جي تڪميل خاطر سندس ڪلام ڪافي جاکوڙ ۽
جفاڪشي سان مختلف ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان ڳولها
ڦولها ڪري هٿ ڪيو ۽ هڪ فائيل تيار ڪري سندس آڏو
رکيم، اهو ڏسي پاڻ حيران ٿي ويو. جڏهن ٻڌايم ته هي
ڪلام سال 1952ع کان 1990ع تائين گڏ ڪري ڇاپائڻ جو
ارادو رکان ٿو. تڏهن به اعتبار نه پيو اچيس ته
”مون جهڙي غريب شاعر جو ڪلام، ڪو غريب دوست گڏ ڪري
ڇا ڪندو!“ جڏهن پڪ ٿيس ته پوءِ جيڪو ڪلام مون کي
دستياب نه ٿي سگهيو، اهو پاڻ مختلف رسالن ۽ ڪتابن
مان ڳولڻ ۾ مدد ڪيائين.
هي حقيقت آهي ته ڪتاب مرتب ڪرڻ جو مقصد صرف هيءُ هو ته اهو شخص
جو سٺو شاعر ته آهي، پر شهرت ۽ نمائش کان گريزان
آهي ۽ سندس ڪلام زماني جي گرد و غبار ۾ لٽجي نه
وڃي، تنهن کي ڇپائڻ سان هڪ ته شاعر جي سندس حياتي
۾ حوصله افزائي ۽ قدرداني ٿيندي ۽ ٻيو ته سنڌي ادب
۾ هڪ نئين ڪتاب جو اضافو به ٿيندو. اهڙيءَ طرح هڪ
ادبي اثاثو ۽ ادبي سرمايو محفوظ ٿي ويندو ۽ پڙهندڙ
ان مان محظوظ به ٿي سگهندا، من اڻ توريو اگهامي.
علمي ادبي سرگرميون: ”محبوب سروري“ صاحب ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي
تنظيمن سان وابسته رهيو آهي. انهن تنظيمن جو ذڪر
هيٺ ڪجي ٿو:
1. ”بزم سروري“ اسلاميه ڪاليج هالا جو 1954ع ۾ جنرل سيڪريٽري
مقرر ٿيو.
2. ”انجمن علم و ادب“ هالا جو سال 53-1954ع ۾ آفيس سيڪريٽري
مقرر ٿيو.
3. ”بزم طالب الموليٰ“ حضرت سائين مخدوم ”طالب الموليٰ“ جن سال
1955ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪئي ته پاڻ ان جو سرگرم
ميمبر ۽ عهديدار به ٿي رهيو.
4- ”محفل سروري“ هوسڙي جو بنياد پاڻ اپريل 1956ع ۾ وڌائين ۽ ان
جو جنرل سيڪريٽري پاڻ ئي رهيو. هن ئي محفل سروري
طرفان، ”محبوب سروري“ صاحب ڪتاب ”يار خاطر“ مرتب
ڪري سال 1959ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ چونڊ 22 زنده
شاعرن جي ڪلام جو نمونو ۽ انهن جي زباني سوانح
حيات تصويرن سميت ڏنل آهي. هن ادبي ڪاوش تي کيس
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب مبارڪباد واري خط ۾
لکي ٿو ته ”هي ڪتاب موجوده ماحول ۽ شاعري جي مخصوص
جهلڪ جو هڪ آئينو آهي ۽ اڳتي هلي هن وقت جو چڱي
خاصي يادگار بنبو“.
ان کان سواءِ ”مجبوب سروري“ صاحب هڪ ٻيو ڪتاب ”شاهه جا سوا سئو
بيت“ جي عنوان سان مرتب ڪري سال 61-1962ع ۾ ڇپرايو
آهي. اهي ٻئي ڪتاب تادم تحرير ناپيد رهيا آهن. پر
پوءِ معلوم ٿيو آهي ته انهن ٻنهي ڪتابن کي 30-32
سالن بعد تازو عصر حاضر جي نوجوان ممتاز اديب و
شاعر ۽ ”ڏات پبليڪشن“ جي روح روان مخدوم جميل
الزمان ”جميل“ سائين ”ڏات پبليڪشن“ حيدرآباد طرفان
ڇپرائي منظر عام تي آڻي رهيو آهي.
5. ”محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي، حيدرآباد جو 1977ع کان
1981ع تائين جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.
6. ” سنڌ لطيف ادبي مجلس (سلام)“ حيدرآباد، سندس تجويز ۽ ڪوشش
سان 1981ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو اڄ ڏينهن تائين جنرل
سيڪريٽري آهي.
7- ”ڏات پبليڪشن“ حيدرآباد جو ڪافي عرصو ميمبر رهيو، جنهن جو
روح مخدوم جميل الزمان ”جميل“ سائين آهي.
8- هن وقت ”بزم طالب الموليٰ “ شاخ حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري
آهي.
مٿي ذڪر ڪيل علمي ادبي تنظيمون جن جو ”محبوب سروري“ عهديدار به
ٿي رهيو. انهن جي پليٽ فارم تان هن سڄي سنڌ جي سطح
تي وڏيون علمي ادبي محفلون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون
۽ عظيم الشان مشاعرن جو اهتمام وقتاً فوقتاً ڪندو
رهيو آهي، جنهن کي علمي ادبي حلقن قدر جي نگاهه
سان ڏٺو ۽ ساراهيو آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي
ناميارن رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندو رهي
ٿو. سندس اسلوب بيان عام فهم ۽ آسان هئڻ سبب عوام
۾ پنهنجي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي.
”محبوب سروري“ صاحب بنيادي طور غزل گو شاعر آهي، پر هن شاعري جي
هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي جهڙوڪ: حمد، نعت،
سلام، مدح، ڪافي، بيت، قطعات، مستزاد، قطع تاريخ،
نظم، سهرا ۽ گيت وغيره. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها
آهي جو کيس ”في البديه“ شاعري تي خاص ملڪو حاصل
آهي.
هي هڪ وڏي خوشيءَ ۽ مسرت جي ڳالهه آهي جو ههڙي ڪهنه مشق ۽ صف
اول جي هڪ ممتاز شاعر جي ڪلام کي ڇپائڻ لاءِ سنڌ
جي عظيم اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڄامشورو/ حيدرآباد
پاڻ مرادو مون کان سندس ڪلام جو مسودو گهرايو ۽
بورڊ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمن صاحب جناب
مخدوم جميل الزمان ”جيمل“ سائين ۽ مهربان ميمبر
صاحبن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، جناب عبدالغفار
صديقي صاحب، جناب احسن الهاشمي صاحب، جناب عبدالله
خان ورياه، صاحب ۽ ٻين ڪلام کي ڇپائڻ لاءِ سفارش
ڪئي ۽ احسن الهاشمي صاحب جهڙي شاعر سندس ڪلام تي
نظرثاني ڪري اشاعت لاءِ تائيد ڪئي.
ان کان سواءِ مان انهن سڀني صاحبن جو ٿورائتو آهيان جن صاحبن هن
ادبي ڪاوش ۾ مون کي پنهنجي مواد مان ڪلام ڏسڻ جي
سهولت فراهم ڪئي، تنهن کان سواءِ مان عبدالقيوم
”صائب“ صاحب ۽ منصور ”ويراڳي“ صاحب جن جو نهايت
ٿورائتو آهيان، جن صاحبن ”محبوب سروري“ صاحب جي
ڪلام بابت پنهنجا قيمتي رايا لکي ڏياري موڪليا.
آخر ۾ مان قبله حضرت مخدوم ”طالب الموليٰ“ سائين جن جو تهدل سان
نهايت ممنون و مشڪور آهيان، جن پنهنجا وڏا وڙ ڪري
مون حقير کي ”محبوب سروري“ جي ڪلام بابت ٻه لفظ
لکي ڏيڻ سان مون تي پنهنجو خاص الخاص احسان ڪيو
آهي. هتي مان پنهنجي محسن ۽ معروف ادبي شخصيت جناب
مخدوم جميل الزمان ”جميل“ سائين جن جو پڻ دل جي
گهراين مان شڪريه ادا ڪريان ٿو جو پاڻ تڪليف وٺي
هن ڪتاب ڇپائڻ لاءِ دلچسپي ورتي.
تاريخ: 18-2-1991ع شاهه محمد بلوچ
لائبريرين
گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج
حيدرآباد سنڌ
ناشر طرفان
سنڌي ادبي بورڊ جي عزت مآب چيئرمين ، محسنِ علم و ادب قبله
سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن جي
مايئه ناز سربراهي ۾ بورڊ جي طرفان اهڙو فيصلو ٿيل
آهي ته بورڊ جي اشاعت ۾ دورِ حاضر جي معياري شاعرن
کي به شمار ڪيو وڃي.
انهي کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ ڪلاسيڪي شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات
شايع ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري کي ڪافي حد تائين
محفوظ ڪري قابل فخر ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي.
دورِ حاضر جي شاعرن ۾ ”ڪلام محبوب سروري“ سال 90-1991ع جي
اشاعتي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي
قارئين ڪرام جي هٿن جي زينت بڻيل آهي ۽ هي هڪ
اتفاق چئجي جو سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي
حيثيت سان آئون پنهنجي ڪلام لاءِ پاڻ ”ناشر جو
نوٽ“ لکي رهيو آهيان: ذالڪ فضل الله!!
قبله سائين طالب الموليٰ جن 1952ع کان شاعري ۾ منهنجا استاد
رهيا آهن. شاعرانه ماحول لاءِ مون کي هالا جو شهر
نصيب ٿيو جنهن ۾ علم جو پانڌيئڙو ٿي پهتو هوس.
مخدوم امين فهيم سائين سان همعصر شاعر هئڻ جي
حيثيت سان روزانه شاعرانه ڪچهريون ٿينديون رهيون.
ازانسواءِ انهي وقت هالا جي ٻين مشهور شاعرن سان
رابطو به رهيو. هالا انهيءَ دور ۾ به علم و ادب جي
عروج تي هو. آئون سروري اسلاميه ڪاليج جي ”بزم
سروري“ جو سيڪريٽري به هوس. ڪاليج جو پرنسپال
سائين محبوب علي چنا هو، جنهن جي دلچسپي سان هر
ماهه ڪاليج ۾ شاعر به شرڪت ڪندا هئا. المقصد ته
انهي وقت هالا ۾ علمي ادبي تنظيمن طرفان هر مهيني
۾ ڪيترن ئي مشاعرن ۽ علمي ادبي محفلن جي ڌوم متل
هوندي هئي. منهنجي شاعري جي نشو و نما انهيءَ روه
پرور ماحول ۾ ٿي.
27- آگسٽ 1991ع کان اڄ تائين آئون بورڊ جو سيڪريٽري رهيو آهيان
انهي کان گهڻو اڳ بورڊ طرفان منهنجي منظور ڪيل
ڪلام جي اشاعت لاءِ مون گهڻي ڪوشش نه ورتي جڏهن
بورڊ جي اشاعتي پروگرام ۾ شامل سڀني شاعرن جو ڪلام
زيورِ طباعت سان آراسته ٿي، منظرِ عام تي آيو تنهن
کان پوءِ هن ڪتبا کي اشاعتي مرحلي تائين پهچايو
ويو.
محترم شاهه محمد بلوچ منهنجو ڇپيل ڪلام مختلف ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن وغيره تان هٿ ڪري هڪ فائيل جي صورت ۾ جڏهن
منهنجي آڏو پيش ڪيو ته آئون حيران ٿي ويس جو پاڻ
مرادو هڪ غريب دوست، هڪ غريب شاعر جو ڪلام گڏ ڪري
قدرداني جو اظهار ڪيو هو.
شاعري کي مون هميشه فڪرِ روزگار ۽ زندگي جي ٻين ذميدارين کان
ثانوي حيثيت ڏني آهي ۽ پنهنجي شعرن کان ايترو ته
لاغرض رهيس جو مون انهن کي هڪ هنڌ لکي محفوظ به نه
رکيو، ڪنهن مشاعري ۾ پڙهيل يا رسالي ۾ ڇپيل شعر جي
ڪاپي به مون پاڻ وٽ نه رکي ايڏي بيخياليءَ ۽ بي
پرواهيءَ جو مون کي هاڻي احساس پيدا ٿيو آهي ته
مون پنهنجي شاعري سان انصاف نه ڪيو!
هن ڪتاب جو مرتب محترم شاهه محمد بلوچ جيڪو پاڻ به لئبررين آهي
جنهن وڏي جاکوڙ سان مختلف ڪتبخانن مان منهنجو ڪلام
ڳولهي ڦولهي گهڻي ڀاڱي محفوظ ڪيو، اهو سندس مون تي
وڏو ٿورو آهي ۽ سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت آهي. انهي
جي باوجود سمجهي ٿو ته منهنجو ڇپيل ڪلام اڃا به
رهجي ويل آهي.
”ڪلامِ محبوب سروري“ ۾ 1952ع کان 1992ع تائين چاليهن سالن جي
عرصي جو صرف ڇپيل ڪلام آهي ۽ انهي کان پنجوڻو
ڇهوڻو ڪلام اڃا به ڦاٽل ٽٽل ۽ مروٽيل پنن تي پراڻن
وڏن خاڪي لفافن جي پيٽ ۾ پيل آهي. زندگي ۾ مون
پنهنجو ڪلام تيسين ڪنهن هنڌ ڇپجڻ لاءِ هرگز نه ڏنو
جيسين هر بار مون کان گهريو نه ويو.
”ڪلام محبوب سروري“ جن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي
ڇپيو انهن جو حوالو هر ڪلام جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي.
انهي مان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهو فائدو نظر
اچي رهيو آهي جو مستقبل جي محقق کي اهو معلو ڪرڻ ۾
وڏي آساني ٿيندي ته ڪنهن شاعر جي شاعري کي ڪهڙي
اهميت ملي ۽ انهي دور ۾ ڪهڙيون اخبارون ۽ رسالا
نڪرندا هئا ۽ ڪهڙا ڪتاب ڇپيا هئا.
ناشر جي حيثيت ۾ آئون پنهنجي ڪلام لاءِ پاڻ ته ائين لکي ڪو نه
ٿو سگهان ته اهو ڪيترو معياري، فصيح ۽ بليغ آهي.
جو ڪجهه به آهي مهربان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي ۽
فيصلو انهن تي ڇڏيل آهي.
آخر ۾ آئون انهن سڀني مهربان سڄڻن ۽ رفيقن جو شڪريو ادا ڪريان
ٿو. جن منهنجي ڪتاب کي منظرِ عام تي آڻڻ ۾ هٿ
ونڊايو.
”ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا“
ڄام شورو، سنڌ پروفيسر محمد بچل پنوهر ” محبوب سروري“
7،ذيقعد 1412هه سيڪريٽري
10، مئي 1992ع سنڌي ادبي بورڊ
محبوب سروري شاعرن ۽ اديبن جي
نظر ۾
”محبوب سروري“ صاحب جي شخصيت يا سندس ڪلام کي ڪيترن ئي ڪهنه مشق
شاعرن ساراهيو آهي ۽ سندس ڪلام بابت مختلف رسالن ۽
ڪتابن ۾ انهن جا تاثرات ڇپجي چڪا آهن. ان کان
سواءِ جن شاعرن پنهنجا تاثرات خطن ۾ لکي موڪليا
آهن، انهن جو به ذڪر هيٺ ڏجي ٿو :
1- سليم هالائي صاحب پنهنجي 6- جون 1953ع واري خط ۾ سروري صاحب
کي لکي ٿو ته ” تسليم – اوهان جو هڪ شاهڪار نظم
”ڪوثر“ جي تازه پرچي ۾ نظر مان گذريو. شعر ۾
شريعت، جذبات ۽ واقع نگاري ايتري قدر پراثر طريقي
۾ پيش ڪيل هئي جو دل مان بي اختيار واه واه نڪري
وئي. آئون ڪجهه عرصي کان اوهان جو ڪلام پڙهندو ٿو
اچان ۽ انهن ۾ اوهان جي جذبات ۽ خيالات جو عڪس ڏسي
مبارڪ باد پيش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان.“
2- ماهنا مه ”فردوس“ هالا پنهنجي آگسٽ 1954ع جي شماري ۾ ”محبوب
سروري“ بابت هيئن ٿو لکي ته: محمد بچل ” محبوب“
ولد محمد صديق ذات پنوهر ڳوٺ جاڙو پنوهر لڳ هوسڙي
تعلقو حيدرآباد سنڌ (ولادت 8- جنوري 1934ع) هڪ
غريب گهر ۾ جنم ٿيس مائٽاڻو ڌنڌو اصل کان ئي کيتي.
تعليم جو پانڌيئڙو ٿي ننڍپڻ کان ڳوٺ ڇڏي پرديس جي
مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيس. هن وقت سروري اسلاميه
ڪاليج هالا ۾ انٽر آرٽس پرهندڙ آهي. هڪ وڏي مشڪل
حضرت طالب الموليٰ صاحب جن جي صحبت ۾ آڻڻ جو باعث
بنيس. قريشين جي قرب هميشه لاءِ قيد ڪيس. ننڍپڻ
کان دردن ڀري دل جي قدرداني ۽ همت افزائي ويتر اهو
شوق وڌايس.
3- مسرور ڪيفي صاحب ڪتاب”جديد شعراءِ سنڌي“ جيڪو اداره فروغ ادب
ڪراچي پاران سال1964ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ”محبوب
سروري“ لاءِ ”امداد حسيني“ صاحب جا تاثرات هن طرح
ڇپيل آهن. ”غزل جي صنف جيتري آسان سمجهي وڃي ٿي،
اوتري ئي مشڪل آهي. غزل کي لکي ته هر ڪو ٿو، پر
نڀائي ڪو ڪو ٿو.
خاص ڪري اهو غزل جو فارسي جو تصنع واري ماحول مان نڪري، سنڌيءَ
جي سادي سٻاجهڙي ۽ سچي سون جهڙي ماحول ۾ لکيو وڃي.
غزل جو اهو رنگ اسان جي چند پراڻن شاعرن جي ڪلام ۾
نظر اچي ٿو نه ته بس!
جديد دور جي ڪن شاعرن فارسي جي تصنع کان هٽي، ٺيٺ سنڌي ماحول ۾
غزل لکيا آهن ۽ هي ئي دور غزل جي ارتقا جو دور آهي
”محبوب سروري“ به انهن شاعرن مان هڪ آهي، جن
انهيءَ جهاد ۾ حصو ورتو آهي. ”محبوب“ سنڌي محاورن،
ٺيٺ سنڌي لفظن جي استعمال ۾ ڪمال حاصل آهي.“
4- ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 3، 1968ع ۾ ”هن پرچي جا شاعر“ جي عنوان
هيٺ ان وقت جي ايڊيٽر ”گرامي“ صاحب ”محبوب سروري“
بابت هن طرح لکي ٿو ته ”جناب مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ“ جو تربيت يافته، پخته گو شاعر آهي. سندس
ڪلام ۾ شوخيءَ سان گڏ دلڪشي آهي. نوجوان شاعر ۾ هڪ
منفرد ۽ امتيازي مقام پيدا ڪري چڪو آهي. هن وقت
سروري ڪاليج هالا ۾ ليڪچرار ۽ ”طالب الموليٰ
اورينٽل ڪاليج“ هالا جو پرنسيپل به آهي. عشقيه ۽
اصلاحي موضوعن تي سندس ڪلام، معياري شاهڪار جي
حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
ان کان پوءِ ساڳي رسالي جي ”شاعر نمبر“ 1-2/ 1969ع ۾ غلام محمد
”گرامي“ صاحب اداري پاران لکي ٿو ته ”محبوب“ سروري
جو فن اسم بامسميٰ آهي. سندس فن حضرت طالب الموليٰ
سائين جي فن محبوب جون عنايتون ۽ شڪايتون، ”محبوب“
جي شاعري جا اهم موضوع آهن. سندس اڃا تائين ڪو به
مجموعه ڪلام شايع نه ٿيو آهي.
5- ”محبوب سروري“ صاحب جي باري ۾ جناب عبدالقيوم صائب صاحب راقم
الحروف ڏانهن پنهجي خط مورخه 1-3-1989ع ۾ هن طرح
رقمطراز آهي، ته: ”مون کي خوشي ٿي آهي جو هڪ غريب
شاعر جو ڪلام سندس زندگيءَ ۾ هڪ غريب دوست گڏ ڪري
ڇاپائي منظر عام تي آڻي رهيو آهي. ”محبوب سروري“
پنهنجي زندگي ۾ مختلف مرحلن ۾ مختلف دورن ۾ واردات
قلبي جو پنهنجي شاعري ۾ نقش چٽيو آهي. ان جو واسطو
هم ڪلاس هئڻ جي سلسلي ۾ 1957ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾
شروع ٿيو. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي سان مون اهو محسوس
ڪيو ته محبوب سروري پنهنجي شاعري کي وڏي محنت سان
هٿ ڪري شاعر ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
محبوب سروري غريب ۽ خود دار شاعر آهي. هر دور ۾ فراموش ڪيو ويو
آهي. حالانڪ هو پنهنجي نوعيت جو هڪ سٺو شاعر آهي.
وڌيڪ فيصلو پڙهندڙن ۽ مستقبل ۾ ادبي تاريخ لکندڙن
تي ڇڏيل آهي“.
6- ”منصور“ ويراڳي صاحب پنهنجي موڪليل خط مورخه 15-3-1989ع ۾
”محبوب سروري“ صاحب بابت پنهنجا تاثرات هن طرح
قلمبند ڪيا آهن :
”محبوب سروري مرغوب شخصيت جو مالڪ، سڀاءُ ۽ سرشت ۾ سنجيدگيءَ
سببان ذار محجوب، مگر مرغوب ۽ مغلوب مورئون نه.
بلڪل بي باڪ ۽ بي لاگ-! هر دور ۾ زندگيءَ جي هر
موڙ تي محبوب ئي محبوب.“
۽ شخصيت کان گهڻو استفادو ڪيو آهي.
”محبوب“ زياده تغزل جو شاعر آهي. سندس غزل اشاريت ۽ معنويت جو
تنقيدي عنصر رکي ٿو. هو کِلندي کِلندي چوٽ ڪرڻ جو
ماهر آهي. سندس ڪلام پختگي ۽ برجستگي، روانيءَ ۽
جذبات جي فراوانيءَ سان سرشار آهي.
”محبوب“، محاورات ۽ اصطلاحات کي پنهنجي ڪلام ۾ ائين ٿو جڙي،
جيئن منڊيءَ تي ٽڪ! فن جي رياض ۽ سخن جي مشق،
تجربي ۽ مطالعه، مشاهدي ۽ صحبت کي کيس سنڌي زبان
جي وڏن وڏن استاد شاعرن ۾ جڳهه ڏني آهي. ”محبوب“
جو ڪلام حشو و زائد کان پاڪ آهي. بندش چست، ٻولي
بامحاوره، خيال رنگين ۽ فڪر تنقيدي، محبوب جي ڪلام
جون اهي خصوصيتون آهن، جي سندس ڪلام کي انفراديت
بخشن ٿيون.
هڪ تيز فهم ۽ زيرڪ، باشعور ۽ منطقي هئڻ جي ڪري زندگيءَ جا مختلف
پهلو ۽ انهن جا ٻئي قدر چڱيءَ طرح ڏٺا اٿس، پاڻ
لکيو اٿس :
”خزان جي خسارن، بلبل جي پيار، گل جي بيرخي، باغبان جي پرورش
صياد ۽ گلچين جي بي مروتي، بادِ صبا جي ٿڌن
شوڪارن، وفا ۽ جفا جي مسئلن کي حقيقت شناس نظر سان
ويهي ڏٺو اٿم ۽ مطالع ڪيو اٿم... ۽ غربت جي گود ۾
محبت ۽ محنت جي تعليم ملي اٿم. ڊائري لکڻ، شاعري
ڪرڻ، مصوري ۽ مطالعه، منهنجا محبوب مشاغل آهن.
پاليٽڪس، نفسيات، دينيات ۽ تاريخ مطالعه جا خاص
موضوع اٿم”.
سندس لکڻ موجب سندس شاعريءَ ۾ اهوئي اصلاحي ۽ تنقيدي رنگ نمايان
آهي. منطقي موشگافيون،، بامحاوره چوٽون، اصلاحي
تنقيدون ۽ حسن و جمال جون نيرنگيون، وفا ۽ جفا جون
حڪايتون،
يارن جو يار وفادار ۽ ملنسار رفيق، شاگردن لاءِ شائسته شفيق،
عوام لاءِ اديب ۽ خليق، علم ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ
ستارو، شاعريءَ جي ميدان تي شيرين مثل، شسته زبان
۽ جادو بيان شهسوار!!!
هي آهي اهو اختصار باعث صدِ افتخار- جنهن ۾ انهيءَ محبوب شاعر
جي روپ سروپ ۽ خدا داد صلاحيتن جي هڪ هوائي جهلڪ
بکي رهي آهي، جنهن جو ڪلام مون جڏهن به پڙهيو ۽
ٻڌو تڏهن پنهنجي پاران ”شاعريءَ کي گناهه سمجهڻ“
واري باغيانه فيصلي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ مجبور
ٿيڻو پيو ۽ اندر ۾ اهي ئي اڌما اٿڻ لڳا ته:
”ههڙي شاعري شايد/ڄڻ ته عبادت آهي،
هي محض حڪايت نه، مگر حقيقت آهي؛
البته بشر جو ڪلام حرفِ آخر هرگز هرگز نه آهي-“
تصور چوي ٿو ته ”محبوب“ جي ڪلام جو هي مجموعو / انتخاب (اڻ ڏٺل)
به انهيءَ ساڳئي معيار مطابق هوندو ۽ ”منصور“ کي
مڃڻو پوندو ته ”محبوب جي شاعري معنيٰ بندگي-“
تاريخ: 18 – 2 -1991ع شاهه محمد بلوچ
باب
پهريون
حمد / نعت
(اسڪولي ٻارن لاءِ)
حمد باري تعاليٰ
تون ئي اسان جو آهين الله،
تنهنجي ڪيون ٿا سڀ ساراهه،
تنهنجو ثاني ڪو به نه آهه،
لا الـٰہ الاّ لله
تون ئي مالڪ تون ئي خالق،
تون ئي سڀن جو ربّ ۽ رازق،
آهين شاهن جو تون شاهه،
لا الـٰہ الاّ لله
تون ئي مولا ملڪ جو والي،
تو وٽ آهن سڀ ئي سوالي،
تون ئي بادشاهه بي پرواهه،
لا الـٰہ الاّ لله
علم پڙهائج نيڪ بنائج،
پنهنجي همت ساڻ هلائج،
هر دم آهين تون همراهه،
لا الـٰہ الاّ لله
”وسڪارو“ مهراڻ پبليڪيشن حيدرآباد
جنوري 1988ع
يا الـــٰهي
مديني ڏي سگهو منهنجو سفر تون يا الهي ڪر،
ملاقاتي سندو خبير الشبير تون يا الهي ڪر،
نه گهرجي، بادشاهي مون، نه ڪوئي گنج قاروني،
عطا بس عشق احمد جو ثمر تون يا الهي ڪر.
سندءَ رحم و ڪرم جو آسرو مون گهڻو آهي،
ڏسي منهنجي نه ڏوهن کي ڏمر تون يا الهي ڪر.
کڻي ڪهڙي به دشواري اچي آڏو مگر مون لاءِ،
انهيءَ جي تلخي کي شهد و شڪر تون يا الهي ڪر.
وري ڪا گنبذ خضري کان آڻي هير اوڀر ڏي،
معطر بحر و بر، شاخ و شجر تون يا الهي ڪر.
اڃايل امتي تنهنجو سڪي پيو سنڌ ۾ تو لاءِ،
محمد کي اها منهنجي خبر تون يا الهي ڪر.
پٿر پگهري ٿين پاڻي اٿن ڪي عشق جا اڌما،
سخن ”محبوب جي ۾ سو اثر تون يا الهي ڪر.
”سروري مخزن“
سروري اسلاميه ڪاليج هالا، سال 55/1954ع
رسول خدا جو شان
سڀ کان عظيم خالق ارض و سما جو شان!
تنهن بعد افضل آه مٺي مصطفيٰ جو شان!
دنيا جي بادشاه کي ڇاتي رهي ٿو ناز؟
وڌا ان کان ٿيو حضور جي در جي گدا جو شان!
لک بار ٿيو وڌيڪ آ، ڪسري جي ڪاخ کان،
مرسل مٺي جي فيض سان غار، حرا جو شان!
پيدا جڏه رسول ٿيو هن جهان ۾،
مٽيو هبل ۽ لات منات و عزا جو شان!
ڪنهنجي زبان کي ناهه ڪا طاقت، خدا جو سُنهن!
کولي ڪري بيان جا خير الوريٰ جو شان!
ڪاتب قلم وهائي، وهائي، مري ويا!
پوري لکي سگهيا نه سي نور الهدي جو شان!
عشــّاق آهيون اسين ”محبوب“ حق جا!
چئون ٿا خدا جو شان، هي آهي خدا جو شان!
ماهنامه ”طالب الموليٰ“ جنوري 1953ع
نظامِ مصطفيٰ ﷺ
الله الله ڇا نه مٺڙو آهه نام مصطفيٰ،
دائما دل کي وڪوڙي ويو آ دام مصطفيٰ.
تاجداران، جهان هر گز نه ٿي سگهندا اي دل،
همسرِ خاڪ ڪف، پاء-غلام مصطفيٰ.
اشتراڪي نعري تي ڀلجي ويل ڪر اعتماد،
روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو حل نظام مصطفيٰ.
نوع انساني جو محسن شافع هر دو جهان
رحمة لّلعالمين آهي مقام مصطفيٰ.
امن و خوشحالي جي ان کي آ مبارڪ دوستو،
ٿي ويو جو داخل، دارالسلام مصطفيٰ.
منتشر افراد سهڻي نعري تي سڀ گڏ ٿيا،
قوم جي اتحاد جو مرڪز نظام مصطفيٰ.
منتشر افراد سهڻي نعري تي سڀ گڏ ٿيا،
قوم جي اتحاد جو مرڪز نظام مصطفيٰ.
اشتراڪيت جي حيواني نشي کان ڀڄ پري،
پي حجازي ميءَ منجهان پر ڪيف جان مصطفيٰ.
”مون کي مشرق جي طرف کان ٿي لڳي ٿڌڙي هوا“.
سر زمين پاڪ لئي سو آ پيام مصطفيٰ.
جاڳو مظلومو! شب ظلمت اجها بس ختم ٿي،
پر بهار ايندو وري صبح نظام مصطفيٰ.
اڻ ڏٺل ”محبوب“ سو، سئو سال اڳ، سئو ڪوهه دور!
غائبانه اڄ به دل کي پيو آ دامِ مصطفيٰ.
ماهوار ”رهبر ڊائجسٽ“ آڪٽوبر/نومبر 1977ع
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصطفيٰ
توکي مولا ڏنا مرتبا مرتبا،
اي محمد مٺا مرحبا مرحبا،
تو توان تن من فدا،
يا حبيب، خدا.
اي ڀلين کان ڀلا، ڀرجهلا ڀرجلا
رهبر و رهنما مصطفيٰ.
تنهنجو مخلوق ۾ جوڙ جاني نه ڪو،
تنهنجو سنسار ۾ سائين ثاني نه ڪو
وصف ڪهڙي ڪبي،
يا نبي! يا نبي!
تنهنجي تعريب آ جا بجا جا بجا،
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصطفيٰ.
راهه حق ۾ گهڻا ئي تو صدما سٺا،
زخم ڏيندڙ کي مرڪي ڪئي تو دعا،
تنهنجي همت ڏسي،
استقامت ڏسي
پست باطل جا ٿيا حوصلا حوصلا،
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصطفيٰ
دين اسلام جي لئه تو ڏکڙا ڏٺا،
فتح توکي ملي نيٺ مرسل مٺا،
دين غالب پيو،
ڪفر غائب ٿيو!
ڪاخ ڪسري ۾ پيا زلزلا زلزلا،
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصفيٰ.
توکي هيڪر ڏسي جنهن ٻئي ڏي ڏٺو،
سو ئي قانون الفت ۾ ڪافر ڪٺو،
تون سڀ کان سٺو،
تون مٺن مان مٺو
تنهنجي هرڪا ادا خوشنما خوشنما،
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصطفيٰ
سامراجي غلط اشتراڪي غلط،
دين اسلام ئي آهه برحق فقط،
جيڪو تو کان ڦريو،
ڪنڌ ڀر سو ڪريو،
اي سڀن جا سچا پيشوا پيشوا،
رهبر و رهنما مصطفي ٰ مصطفي ٰ
آهه نيڪي تي دنيا ۾ غالب بدي،
منهنجا سائين چون ٿا آ پندرهين صدي.
اڄ اسان ڏي به ڪر،
هڪ نظر! هڪ نظر!!
آهه مشڪل ۾ دل مبتلا مبتلا،
رهبر و رهنما مصطفي ٰ مصطفي ٰ
تنهنجي تعريف مان ڪهڙي ڪهڙي ڪيان،
تو زمين کي ڪيو غيرت آسمان،
تنهنجي سيرت ڏسي،
سهڻي صورت پسي،
دشمنن پڻ چيو واهوا واهوا!
رهبر و رهنما مصطفيٰ مصطفي ٰ
تنهن جي سڪ ۾ ئي سڏجان پيو ”سروري“
تنهنجي ديدار لئه منهنجي دل ٿي چري ،
منهنجو ”محبوب“ تون،
منهنجو مطلوب تون،
منهنجو دارون دوا دلربا دلربا،
رهبر و رهنام مصطفي ٰ مصطفي ٰ
ê
روزانه ”عبرت“ 10 فيبروري 1979ع
”مهراڻ“ نمبر 4/1981ع
منهنجو محبوب
وصف ان جي لکڻ وقت ٿا هٿ ڏڪن
لفظ تعريف جي لئه ڪٿان آڻجن،
استعاره ۽ تشبيهون ناقص لڳن،
ڳالهه يڪراءِ ڪئي ٿي سڀن شاعرن،
نعت گوئي جو مشڪل کا مشڪل آ فن،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
ان کي ”محبوب“ ٿو ڊڄندي ڊڄندي چوان،
مرڳو گستاخي مون کان نه ٿي پئي متان،
هن جو درجو ڪٿي ۽ ڪٿي آهيان مان،
عاشقن جي مگر لسٽ ۾ شل هجان،،
من غلامن سان گڏ منهنجو نالو لکن،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
جنهن جي قدمن ۾ ”اقبال“ جي آخودي،
جيڪو ”حالي“ جو آ محور عاشقي،
جنهن تان قربان ”رومي“ سنڌي مثنوي“
صدقي صدقي مٿس”شاهه“ جي شاعري،
جنهن کي نذر عقيدت ٿا سڀ پيش ڪن.
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
منهنجو محبوب مولا جو راز شنا،
هن جي هر ڪا ادا آ ادائي، خدا،
هر ادائي خدا آهه، ان جي ادا،
منهنجو محبوب آئينه حق نما،
جيڪي ان کي ڏسن سي خدا کي پسن،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
منهن جو محبوب سائني وفادار آ،
منهن جي محبوب وٽ پيار ئي پيار آ،
منهن جو محبوب سهڻن جو سردار آ،
منهنجو محبوب رحمت ۾ سرشار آ.
ان جي در تان سوالي نه خالي وڃن.
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
ان جي تعريف ۾ آهه حمد خدا،
ان جي تعظيم ۾ آهه حق جي ثنا،
ان سان آهي وفا ڄڻ خدا سان وفا،
ان جي آهي رضا ۾ خدا جي رضا،
ههڙا محبوب ڪنهن کي نه ڳوليا لڀن،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
منهن جو محبوب ملڪن ۾ مشهور آ،
منهن جو محبوب هر عيب کان دور آ،
منهن جو محبوب ئي جلوه طور آ،
منهن جو محبوب”نواز علي نور“ آ،
ههڙا محبوب ڪنهن کي ڪٿان هٿ اچن،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
جنهن جي الفت آ سرمايئه زندگي،
جنهن جي خوشنودي، افضل ترين بندگي،
جنهن جي آهي خوشي ۾ خدا جي خوشي،
جنهن جي سڪ ۾ ئي سڏجان پيو”سروري“
شال محشر ۾ مون کي هو پنهنجو چون،
منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!
ê
”نئين زندگي“ فيبروري 1980ع
2-”مهراڻ“ 3/1981ع
3-”مشعل راه“ نظامت تعليمات برائي ڪاليجز
حيدرآباد آڪٽوبر 1988ع
نعت رسول مقبول ﷺ
آڱر جي اشاري سان ٽڪر چنڊ، ڪيائون،
محبوب مٺي جون اهي محبوب ادائون!
ڇا ان جون عطائون ٿيون، ڇا منهنجون خطائون،
ڇا عشق محمد لڳي! ۽ ڇا لڳان آئون!
دنيا جي حسينن ۾ ستم، ظلم، جفائون،
محبوب خدا وٽ ته وفائون ئي وفائون!
ڪعبي کي ڏسڻ بعد جي روضو نه ڏٺائون،
توحيد سان اقرار رسالت نه ڪيائون!
در ان جو ڇڏيوسين ته مليون سخت سزائون،
در در تي وڃيو هاڻ پيا ٺوڪرون کائون!
پيغام ڏجو ان کي اي پورب جون هوائون،
ٻڌ سنڌ ۾ هڪ تنهنجي سڪايل جون صدائون!
بس عشق نبي، عشق آ، ٻيا عشق مڙيئي،
قصا يا فسانا يا ڪهاڻيون يا ڪٿائون!
سرڪار پڇا ڪئي ته ڪٿي” سروري“ آهي ؟
آقا! اجهو آئون! اجهو آئون!! اجهو آئون!!!
ê
1-”نئين زندگي“ 15 هجري صدي نمبر
آگسٽ/سيپٽمبر1980ع
2-”وحدت افڪار“ وزارت اطلاعات و نشريات اسلام آباد
3-” المسلم مخزن مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد
88-1987ع
اي محبوب ماکي کان مٺا!!
شان ۾ توکا مٿي مرسل مٺا ٻيو ڪير آ؟
ها اگر آهي ته بس آهي خدا، ٻيو ڪيرآ؟
تون ئي آهين درد مندن جي دوا، ٻيو ڪيرآ؟
پرت وارن جو پيارا پيشوا ٻيو ڪيرآ؟
زخم ڏيندڙن کي ڪري جيڪو دعا ٻيو ڪيرآ؟
صاحب جود و سخا مهرو وفا ٻيو ڪيرآ؟
دوستن جي دل کسيندڙ، دلربا ٻيو ڪيرآ؟
دشمنن جي من کي موهيندڙ مٺا ٻيو ڪيرآ؟
رهب حق، چشمئه صدق و صفا بيو ڪير آ؟
فخر عالم يا مهمد مصطفي ٰ ٻيو ڪيرآ؟
تنهنجو ثاني يا رسول مجتبي 2 ٻيو ڪيرآ؟
خاتم پيغمبران خير الوري ٻيو ڪير آ؟
ڀال ڀليل تي ڪندڙ، اي ڀرجهلا ٻيو ڪيرآ؟
راهه رليل جو رفيق ۽ رهنما ٻيو ڪيرآ؟
عيب دارن ۽ گنهگارن کي ڏئي جو دليري،
شافع روز جزا، مشڪل ڪشا ٻيو ڪيرآ؟
غمزده سڏڪا ڀريندڙ کي ڀلا سرچائي ڪير ؟
دک ڀري دنيا جي دردن جي دوا ٻيو ڪيرآ؟
باعث تخليق عالم، ڪاشف اسرار حق،
شافع محشر، شه هر دو سرا ٻيو ڪي آ؟
تون شه ڪون و مڪان، تون رحمت للمالمين،
فخر ڪن جنهن تي سدا ارض و سمان ٻيو ڪير آ؟
مظهر نور خدا، آهين رسالت جو چراغ،
منهنجا سائين، شمع بزم انبيا ٻيو اڪير آ؟
تون ئي آهين جنهن جي دامن ۾ اچي آهيان لڪو،
منهنجو اي”محبوب“! ماکي کان مٺا! ٻيو ڪير آ؟
ê
”رهبر ڊائجسٽ“ مارچ 1977ع
”مهراڻ“ سيرت نمبر 3-4/1980ع
آيو سو! جنهن جي اچڻ سان خدا ياد آيو،
حق جي آواز ٻڌن ساڻ خدا ياد آيو،
سهڻي صورت کي ڏسڻ سان خدا ياد آيو.
ماڻهو گمراهه ٿي خالق کي وساري ويٺا،
صرف بيجان بتن جي ها سهاري ويٺا،
تن کي اسلام اچڻ ساڻ خدا ياد آيو.
آيو! جنهن جهڙو نڪو آيو نڪو ايندو ٻيو،
جنهن جو ثاني نڪو ٿيو آيو نڪو ايندو ٻيو،
اعليٰ اخلاق ڏسڻ ساڻ خدا ياد آيو
آهه ڪعبي ڏي جهڪيل گنبذ خضرا جي نگاهه،
يعني مڪي جي تقدس جو مدينو آ گواهه!
سبز گنبذ کي پسڻ ساڻ خدا ياد آيو.
حب مرسل ۾ نظر مست ۽ دل آ پرسون
”سروري“! تنهنجو سخن خوب آ ايمان افروز،
مدح محبوب ٻڌڻ ساڻ خدا ياد آيو
ê
هفتيوار ”وينجهار“ حيدرآباد
6کان 12 فيبروري 1989ع |