سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محبوب سروري

صفحو :4

 

 

 

 

گريبان چاڪ ٿيو پر چاڪ دامان ڪو نه ٿي سگهيو،

اڃا منهنجي جنون جو پورو ارمان ڪو نه ٿي سگهيو،

 

اگهر سر ساهه منهنجو تو تان قربان ڪو نه ٿي سگهيو،

ته پوءِ چئبو ته ڪامل منهنجو ايمان ڪو نه ٿي سگهيو،

 

چڱو ٿيو منهنجو مشڪل ڪنهن کان آسان ڪو نه ٿي سگهبو،

ڪم ازم ڪم عشق ڪنهن جي زير احسان ڪو نه ٿي سگهيو،

 

يقين محڪم، عمل پيهم ۽ ارڪان نيڪ، شرط آهن،

رڳو ڪلمي پڙهڻ سان ڪو مسلمان ڪو نه ٿي سگهو.

 

شب فرقت جا سڀ تاريڪ لمحا شاهدي ڏيندا،

ته روشن شمع رو ڌاران شبستان ڪو نه ٿي سگهو.

 

ڏسي دربان کي مون سان گڏ رقيبن اهڙي سازس ڪئي.

جو خود پرده نشين وٽ پيش دربار ڪو نه ٿي سگهيو،

 

جهان شور، و شر کي مان ڇڏي آيس مقام اندر،

شريڪ غم مگر شهر خموشان ڪو نه ٿي سگهيو.

 

وري هوءَ عالم مستي ۾ محو يار ٿي ويئي،

دل وحشي کان اجھ سير بيابان ڪو نه ٿي سگهبو،

 

حضور حسن ۾ مهرو وفا جي ڪاڻ آيس پر،

عطا ٿيو درد اهڙو جنهن جو درمان ڪو نه ٿي سگهيو.

 

پريشان حال منهنجي تي بظآهر حال ڀائي ٿيا،

ڪيو جيڪي رفيق سو به تو کان ڪو نه ٿي سگهيو.

 

ويون تڪر محتب بعد ڳالهيون ٻيون ته سڀ وسري،

مگر هي شاعري جو دور خفقان ڪو نه ٿي سگهيو.

 

تو هن کي زور يا زر سان نه پنهنجي وس ڪري سگهندين،

ڪڏهن”محبوب“ ڪنهن جو قرب ڌاران ڪو نه ٿي سگيو.

ê

 

ماهنامه ”فردوس“ سال 1954ع

ماهنا ”روح ادب“ سال 1955ع

”مهراڻ“ شاعر نمبر 1-2/ 1969ع

 

 

 

 

اي دل! ڪڏهن به درد الم کي ڏسي نه روءُ

سهه صبر سان، ظلم و ستم کي ڏسي نه روءُ.

 

هو مهه لقا ته نيٺ به وڃڻو ئي هو، سو ويو،

هاڻي سندس نشان قدم کي ڏسي نه روءُ

 

ٿو يار مهربان وٺي تنهنجو امتحان،

غيرن تي ان جي لطف و ڪرم کي ڏسي نه روءُ

 

قاصد ادا! تون ماٺ ڪري ڏي خبر سڄي،

ڪنهن ٻئي ته بيقرارج ي غم کي ڏي نه روءُ.

 

قاتل قياس ڪو نه ڪيئي درد دل ڏسي،

هاڻي ڪٺل جي ماس ۽ چم کي ڏسي نه روءُ.

 

زندهه اڃا به آهه اي غافل شهيد عشق!

تلوار، نيزي، گهوڙي، علم کي ڏسي نه روءُ.

 

سو ٿي چڪو جو ڪاتب تقدير! تو لکيو،

پڇتائي هاڻي نوڪ قلم کي ڏسي نه روءُ.

 

توکي خدا هزار حياتيون اڃا به ڏي،

”محبوب“! منهنجي آخري دم کي ڏسي نه روءُ.

ê

دوماهي ” شاعر“ جون – جولاءِ 1956ع

 

بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو،

اڳيون مزو ۽ لطف نظارن ڇڏي ڏنو!

 

پنهنجن جو پيار پاڻ پيارن ڇڏي ڏنو،

ٻارن جو ڄڻ هو کيل سو ٻارن ڇڏي ڏنو.

 

زلفن جي پيچ ۾ نه اها آهه پختگي،

اوسينگ وار ونگ ئي وارن ڇڏي ڏنو!

 

اڄ پيار، قرب، ميٺ محبت جي راهه کي،

هڪڙي جي ڳالهه ناهي هزارن ڇڏي ڏنو!

 

تنهن گمشده جي حال جي ڪري چارد گر خبر،

جو ڌڻ کان وڇڙي ويو ۽ ڌنارن ڇڏي ڏنو!

 

ڪر سير کي سڻائو يا الله المدد!

ڪشتي جو ساٿ هاڻ ڪندارن ڇڏي ڏنو!

 

هن حال منهنجي تي به ڏسي گل جي بي رخي

دامن کي نيٺ خار ۾ خارن ڇڏي ڏنو!

تڏهين ته مون سان رنج و الم درد ٿيو رفيق،

جو ڪانهلو ئي مون کي قرارن ڇڏي ڏنو!

 

جنهن داءَ ساڻ منهنجي ٿئي قسمت ۾ ڪا چڱي،

سوا انگ، رنگ، ڍنگ ئي اڍرن ڇڏي ڏنو!

 

آخر شب فراق ۾ اهڙو ته مان رنس،

تان جي ڳڻ کي نيٺ پوءِ تارن ڇڏي ڏنو!

 

مون تي نه آ ميار، اي”محبوب سروري“

يارن کي مون به ڇڏيو جو يار ڇڏي ڏنو!

ê

 

دوماهي”شاعر“ آگسٽ –سيپٽمبر 1956ع

 

ڪري ويران ويو رشڪ گلستان بنجي جو آيو هو،

ڏنو تنهن غم سرور جاودان بنجي جو آيو هو.

 

لٽي سو ويو امير ڪاروان بنجي جو آيو هو،

مٺا سوان ان منجهان ئي، پاسبان بنجي جو آيو هو،

 

نه ڪئي تنهن قدرداني قدردان بنجي جو آيو هو،

انهي حود راز کوليو، رازدان بنجي جو آيو هو.

 

ڪڇڻ جي واث ڪانهي، ماٺ ڌاران ناهه ڪو چارو،

زبان مورڳو ڪپي ويو هم زبان بنجي جو آيو هو.

 

محبت مان، خوشي مان، زندگي مان، عشق مان، دل مان،

ڪڍي ويو روح، خود روح روان بنجي جو آيو هو.

 

صدائن کي، فغان کي التجا، آهن ۽ دانهن کي،

انهي خود ڪو نه سمجهو ترجمان بنجي جو آيو هو.

 

ڏنم حسن نظر پنهنجي سان پنهنجي پاڻ کي دوڪو،

اهو صياد نڪتو، باغبان بنجي جو آيو هو.

 

هي ڏاڍن جي محبت دل کي ڏيندي سخت تر صدمو،

خيال آخر سچو نڪتو گمان بنجي جو آيو هو.

 

ملائي خاڪ ۾ ”محبوب“ ويو ارمان سڀ دل جا،

سمحبت جي زمين جو آسمان بنجي جو آيو هو.

ê

 

”يار خاطر“ 1959 ع

 

 

اسان جو عشق عاليشان، شاهاڻو، شريفاڻو،

اسان جو پيار پاڪيزه ڳنوارن وارو ڳوٺاڻو.

 

نه هر گز راهه الفت ۾ ڪڍون ڪو ٻول ٻاراڻو،

اسان جو قول هڪڙو آ، اسان جو واعد مڙساڻو.

 

نه دل کي پڻ ڪيوسين ڪجهه وطن کان دور ويڳاڻو،

رضائي يار سان هر دم اسان جو روه ريجهاڻو.

 

جتي قسمت ڇڏي اڇلائي، سو ئي شهر سيباڻو،

”محمد خان جوٽنڊو“ يا بولا خان ٿاڻو“.

 

سڏکن جا آهيون ڏاڍا، سکن مان ڇا اسين سمجهون،

سدا سورن ۽ سختين ۾ اسان جو عشق ساماڻو.

 

هني صحرا نوردي پڻ لکيل منهنجي مقدر ۾،

جت ول ٿا کڻون، سڌڙيو، اتي سهڪيو ٿئي ساڻو.

 

سدائين عشق جو نعرع علي الا علان هڻنداسين.

ڀلي سوريءَ تي چاڙهي ڪو ڀلي سر تي گهمي گهاڻو.

 

رضآ ته آهه بس راضي، اسان جو حال ۽ ماضي،

فقيري جي لباس اندر رکون ٿا شان شاهاڻو.

 

نه پايون پٽ جون پوشاڪون، نه چاهيون محل ۽ ماڙيون،

وڳ آهي پراڻو هڪ، جهڳو آهي غريباڻو.

 

ڪڙو آ زهر قاتل کان، اسان لئيه ويڻ ويرين جو،

مٺو ماکيءَ کان وڌ آهي، مٺي ”محبوب“ جو ماڻهو.

ê

 

1-”مهراڻ“ نمبر 1-2/1973ع

2- ماهوار” سنڌي ڊائجسٽ“ آگسٽ –سيپٽمبر 1979ع

 

 

 

 

اي عيد ڏينهن روزو رکڻ ٿا حرام ويو.

”ساقي ڀري ڏي جام جو ماهه صيام ويو“.

 

سڀئي اچي جو رند بلا نوش گڏ ٿيا،

اڄ نيڪده جو آهي وڌي اهتمام ويو.

 

اي يار تنهنجي جادو بياني جو ڇا ڪمال!

آزاد آيو جيڪو، اهو ٿي غلام ويو.

 

هن بيخودي ۾ مون کي سڃاڻي نه ڪو سگهيو،

مومن ”سلام“، هندو ڪندو ”رام رام“ ويو.

 

عاشق اهو جو يار جي مرضي تان ٿئي نثار،

جن سر ڏئي حسين عليه السلام ويو.

 

پرواهه ناهه عشق ۾ ناڪام جي رهيس.

پر عاشقن جي لسٽ ۾ لکي ته نام ويو.

 

هرڪو هتان اي يار هٿين خالي ويو لڏي،

رهجي فقط جهان ۾ مردن جو نام ويو.

 

استاد سائين طالب المولي ٰ جي فيض سان.

”محبوب“ جو ڪلام ٿي مقبول عام ويو.

ê

”نيئن زندگي“ مئي 1980ع

 

 

مون کي هن ملڪ فنا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو،

رنگ و بو آب و هوا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

سچ پڇو يارو وفا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو،

سنگدل آڏو صدا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

مان ته بس هاني وڏي واڪي وٺي دانهون ڪندس،

يا خدا صبر و رضا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

روز شب هاڻي ڪندس تعريف پنهنجي عشق جي،

حسن جي مدح وثنا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

ناز واري جي اڳيان بس بي نيازي ٺيڪ آ،

ان جي آڏو التجا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو،

 

پنهنجي تنهائي ۾ يٿندس پاڻ پنهن جي انجمن،

آشنا نا آشنا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

شيخ صاحب جي سهاپن کان هي بيماري چڱي،

شڪر جو ان جي دعا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

درد بنجي پنهنجي دردن جو ڪندس آئون علاج،

ڇا ٿيو دوارون دوا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

هاڻ مستانن، چرين، ٻارن سان ڪريان ٿو رهاڻ،

خشڪ زاهد پارسا مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

اجھ جنون و عشق جو سارو ڪيان ٿو راز فاش،

پاڻ سان پنهنجي گلام مان ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو.

 

پاڻي ئي”محبوب“ پاڻ ٿيندس با وفا،

ٻئي ته هڪڙي بيوفا مان ڪجه به حاصل ڪو نه ٿيو.

ê

 

ماهوار ايڊيشن”هلال پاڪستان“ 1957ع

ماهوار ”عبرت“ ايڊيشن مئي 1960ع

”نئين زندگي“ جولاءِ 1980ع

 

 

 

 

محفل ۾ صاحب دل، بينا اچي پيو،

ديوانا جنهن ڪيا گهڻا دانا، اچي پيو،

 

رندن جي لاءِ فيض مسيحا اچي پيو،

ساق بڪف شراب طهورا اچي پيو.

 

شيشي ۾ اڄ نظر رخ زيبا اچي پيو،

ساغر ۾ خود سيمٽجي و دريا اچي پيو.

 

سرها ڪندو هو راهون ۽ رستا اچي پيو،

گلشن نشين جانب صحرا اچي پيو.

 

ماڻهن جي ليکي هو تن تنها اچي پيو،

ان سان سڄو زمانو به گويا اچي پيو،

 

دل جي غزل جي مطلع اولي اچي پيو،

يا زيست جي حسين تمنا اچي پيو.

 

هو شان ۾ بلند ۽ بالا اچي پيو،

يا بخت ۾ سڪندر و دارا اچي پيو،

 

هستي ۾ رشڪ قيصر و ڪسري اچي پيو،

مستي ۾ جهڙو جو دريا اچي پيو.

 

عظمت ۾ رشڪ اوج ثريا اچي پيو،

وسعت ۾ جهڙو غيرت صحرا اچي پيو.

 

جنهن راهه تان هو سهڻو سراپا اچي پيو،

چمندو هي چريو، نقش ڪف پا اچي پيو.

 

عاشق نماز عشق ۾ غلطي جي خوف کان،

اڳواٽ سهو جا ڪندو سجدا اچي پيو.

 

مشڪل ۾ ٿي اداس نه ”محبوب“ سروري،

تنهنجو حيبب، حوصله افزا، اچي پيو.

ê

 

”نئين زندگي“ ڊسمبر 1987ع

 

 

 

 

حدود ميڪده ۾ ميڪشن جو مان ڪونهي ڪو،

بنا عزت جي مينوشي اسان جو شان ڪونهي ڪو.

 

پياسين کي پياري پو سهائن ڇو سکئين ساقي!

ڪري احسان جو ويچارجي، احسان ڪونهي ڪو.

 

اڳي ارمان هو، دل جا ڪڏهن ارمان ٿين پورا،

هينئر ارمان آهي، بس ته ڪو ارمان ڪونهي ڪو.

 

اهو قرآن آهي جو زماني کي ٿو بدلائي،

زمانو جنهن کي بدلائي، اهو قرآن ڪونهي ڪو،

 

وڃي راهه محبت ۾ انهيءَ منزل تي پهست مان،

جتان واپس ورڻ جو هاڻ ڪو امڪنا ڪونهي ڪو.

 

اجازت کان سواءِ ان جي وڃي قدمن تي ڪرنداسين،

خوشا قسمت، در دلبر تي اڄ دربان ڪونهي ڪو.

 

حضور هسن ۾ مهر و وفا جي ڪاڻ آيس پر،

عطا ٿيو درد اهڙو جنهن جو درمان ڪونهي ڪو.

 

نه آئين عيد تي سهڻا، اکيون روزائتيون آهن،

اسان جي لاءِ ڄڻ گذريو اڃا رمضان ڪونهي ڪو.

 

محبت، پيار ۾ وعدو ڪرڻ سولو لڳي ٿو پر،

ڪيل وعدو سڄڻ پورو ڪرڻ آسان ڪونهي ڪو.

 

ڪرم ”محبوب“ تي ڏس مفلسي ۽ تنگدستي جا،

اڃا درويش جو شايع ٿيو، ديوان ڪونهي ڪو.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر 4/1987ع

 

 

 

 

اڄ لڳو منهنجي غزل شعر و سخن تي پهرو،

منهنجي تقرير ۽ تحرير، خطن تي پهرو،

 

زور آهي جي سڄڻ، منهنجي چپن جي قسمت،

ڪيتور ڏيندين ڀلا پنهنجي ڳلن تي پهرو،

 

اڄ گلستان تي ڪانگن ڪيو آهي قبضو،

ڪابه بلبل نه اچي، آهه چمن تي پهرو.

 

جيڪڏهن ڪنڌ تي ڪاتي اچي ته به دانهن نه ڪر.

چوءطرف آهي لڳل منهنجي چپن تي پهرو.

 

غير ملڪي ٿا رهن فتني ۾ سرگرم عمل،

مڙس ماڻهو ٿي ڏيو پنهنجي وطن تي پهرو.

 

خوب اجھ پرکي ڇڏيو، دوست نما دشمن کي،

رهجو هوشيار! ڏجو پنهنجي حقن تي پهرو.

 

دشمني برق تپان سان ٿي نئين سر پنهنجي،

اي پکي! ڏي تون نشيمن جي ڪکن تي پهرو.

 

اڄ وڌي آهه ويو اهل جنون جو تعداد،

سخت تر ٿي ويو سهڻن جي درن تي پهرو.

 

هل ته ويران ۽ جهنگل ۾ ڏسون امن و امان،

فوج جو گشت آ شهرن ۾، گهرن تي پهرو!

 

صبح جو هير نه گلشن ۾ بغاوت آڻي،

باد صر صر جو لڳل آهي گلن تي پهرو.

 

قوم پنهنجي کي ڀلا ننڊ مان ڪيئن جاڳايان؟

منهنجي دانهن تي، پڪارن تي، سڏن تي پهرو.

 

ظلم کي ڪيئن ڳٿر منا جهلي برباد ڪيان،

منهنجي پيرن تي پهرو آ، هٿن تي پهرو!

 

ڪو به هرگز نه ٻڌي” سروري“ باغي جو سخن،

نوجوانن جي لڳي ويو آ ڪنن تي پهرو.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر4/1989ع

 

 

 

 

چاون ڪيئن پنهنجي دلبر کي ته آ شمس و قمر جهڙو،

ٻنهين مان ناهه ڪوئي منهنجي منظور، نظر جهڙو.

 

فلڪ جو چنڊ منهنجي چنڊ سان ٿيندو برابر ڪيئن؟

تفاوت آ زمين و آسمان شام و سحر جهڙو.

 

گهڻي ئي قسم آهن عطر جا دنيا اندر ليڪن،

نه ٿيو ثاني پرين جي پاڪ پيرن جي پگهر جهڙو.

 

رقيبن جي خوشامد زهر قاتل کان ڪڙي آهي،

مٺن جو آهه ماڻو پڻ مٺو، شهد و شڪر جهڙو.

 

پراڻو در، ڀڳل ڪونرو، تڏو ڦاٽل، ڏسي ڀليس،

خد جو گهر به آهي ساڳيو ئي منهن جي گهر جهڙو.

 

فلڪ جي نيري ڪاغذ تي هلال عيد ٿو ڏسجي،

ته نقطي کان سواءِ ڄڻ نون جي آهي اکر جهڙو.

 

محبت، پيار، همدردي جون وصفون جي وڃن نڪري،

ته پوءِ انسان جو درجو به ٿي پئي جانور جهڙو.

 

گهرائي عرش تي جنهن کي چيائين ”انت محبوبي“

خدا خلقيو نه جڳ ۾ ڪوئي ٻيو خي البشر جهڙو.

ê

”سروري مخزن“ سروري اسلاميه ڪاليج هالا 54-1955ع

 

 

هي سروري صاحب جو غزل، غور طلب آهه،

هر شعر ۾ آ راز لڪل، عور طلب آهه،

 

ڪنهن کي به خدا هسن جي بک ڪا نه ڏني آهه!

ڪاڻيءَ به وڌو آهه ڪجل! غور طلب آهه،

 

رندن جي خلاف آهه سڄي ملڪ ۾ هڙتال،

هر شيخ آ سرگرم عمل، غور طلب آهه،

 

حاوي ٿو ڏسان شهر تي حجري جي سياست،

ميخاني تي آ تالو لڳل، غور طلب آهه.

 

ڪنهن قدر ڪيو مرد قلندر، جو نه جئري،

ميڙو آ جنازي تي متل غور طلب آهه.

 

پيري ۾ ڪري شادي ٿو، هي شهر جو قاضي،

ڏس! واڇ ڦريل، ڏدن ڀڳل، غور طلب آهه.

 

هڪ پورهي به فرياد جواني تي ڪيو آهه،

ڏاڙهيءَ تي اٿس ”ڪيس“ ڪيل، غور طلب آهه.

 

بي وقت اچي راڳڻي اڄ ڇيڙي رقيب آهه،

خوشين ۾ وجهي ٿو هو خلل، غور طلب آهه.

 

معيار وفا آهه شهنشاهه جي دولت؟

يا جنهن تي اڏيل تج محل؟ غور طلب آهه.

 

ڏس تڙ تي تماچي ٿو ڏئي ڀونئر جيئن ڀيرا،

ڪينجهر ۾ کڙيو آهه ڪنول، غور طلب آهه.

 

اڄ تنهنجي چرئي، عام سان گڏ عيد ملهائي،

دامن تي چتي آهه، لڳل، غور طلب آهه.

 

ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ ”محبوب“ مليو آهه،

بيشڪ آ مٺو صبر جو ڦل، غور طلب آهه.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر1/1990ع

 

 

  

 

تنهنجا واسينگ مثل وار به سبحان الله!

تنهنجي گفتار ۽ رفتار به سبحان الله!

 

تنهنجي انڪار ۾ اقرار به سبحان الله!

تون دل آزار به دلدار به سبحان الله!

 

بيوفا آهين، وفادار به سبحان الله!

تنهنجي شوخي ۾ لڪل پيار به سبحان الله!

 

دلڪشي تنهنجي عجب، سرڪشي تنهنجي ته غضب،

تون ڪڏهن گل ته ڪڏهن خار به سبحان الله!

 

ڪنهن گهڙي راهون تڪين، ڪنهن گهڙي مون کان ٿو لڪين،

وصل جي توکي تڙپ، عار به سبحان الله!

 

تون ڪڏهني پين ٿو، ڪڏهين پيارين ٿو، الفت جو شراب،

منهنجو ساقي به تون، ميخوار به سبحان الله!

تنهنجي فرقت ۾ عذاب آهه، محبت ۾ سرور،

منهنجي لئه غم به تون، غمخوار به سبحان الله!

 

منهنجي نغمن تي فدا، مون کان اي ”محبوب“ خفا،

مون لئه بيتاب ته بيزار به سبحان الله!

ê

”مهراڻ“ شاعر نمبر 1-2-3/1969ع

 

 

اکيون رئن ٿيون هر هر، الائي ڪنهن جي لاءِ،

نهاريان ٿو کنيو ڪر، الائي ڪنهن جي لاءِ،

 

سندءِ سخا جا کليا در الائي ڪنهن جي لاءِ،

برابر آهن سخي، پر، الائي ڪنهن جي لاءِ،

 

اڃا به ڇا کان اي ساقي! مان تشنه لب آهيان،

ڦرن ٿا تنهنجا هي ساغر، الائي ڪنهن جي لاءِ.

 

اسان لئه يار هو ڪافي ته پوءِ، بهشتين کي،

بنايو خالق اڪبر، الائي ڪنهن جي لاءِ.

 

هزارين ماڻهو ٿا تنهن جي وفا جي ڪن دعوي ٰ،

مگر تون آهين اي دلب الائي ڪنهن جي لاءِ.

 

ائين ته پاڻ به پنهنجي جهان جو شاهه آهيان،

ٻهاريان ٿو گهٽيون گهر الائي ڪنهن جي لاءِ،

 

هرو ڀرو ٿا اسين ڪنهن جي هونئن ڪيون پرواهه،

سڀني جا آهيون نوڪر الائي ڪنهن جي لاءِ.

 

سچي پڇين ته حياتي جي مون کي ناهي گهرج،

مڙيئي پيو ٿو تڳان، ير! الائي ڪنهن جي لاءِ.

 

اڳي ته شوق خود آرائي هو گهڻو ”محبوب“!

ڪيا مون هال هي ابتر الائي ڪنهن جي لاءِ.

ê

”يار خاطر“ محفل سروري هوسڙي، سال 19 69ع

 

 

 

 

چريو تو لئه ٿيڻ جو سهرو منهنجي سر تي سونهين ٿو،

۽ منهنجو سر، فقط هڪ تنهنجي سنگ در تي سونهين ٿو.

 

سخنور سروري ميخانئه سرور تي سونهين ٿو،

جو هر ڪو ماڻهو پنهنجي مرڪز و محور تي سونهين ٿو.

 

اسان جو غير معمولي، رهيو معيار مينوسي،

بلاشڪ ڀروسو هڪ ساقي ڪوثر تي سونهين ٿو.

 

ٺهان ٿو چاهه مان چمندي پرينءَ جي پاڪ پيرن کي،

صراحي جو جهڪل سر جئن، لب ساغر تي سونهين ٿو.

 

سندءِ ديوانو هر ڪنهن در تي ڀٽڪڻ ڪو نه ٿو ڄاڻي،

سندس دست طلب هڪ دلربا جي در تي سونهين ٿو،

 

کٽي بازي ويا، شڪرانه! دانائن کان ديوانا!

جهنڊو منهنجي گريبان جو سڄڻ جي گهر تي سونهين ٿو؟

 

شڪايت ڇا ڪجي! الفت ۾ ڏونگر ڏورڻا آهن،

ڪو ڏوراپور جتن جي ذات زوار تي سونهين ٿو،

 

گنهگار آهيان، پر سونهن آهيان، نيڪو ڪارن جي،

ڏسو! ڪهڙو نه ڪارو تر رخ انور تي سونهين ٿو.

 

ڪند ايماندار اڄ عيد جي ڪهڙي خريداري،

اسان بس ماستر ماڻهن جو ڪم اوڌر تي سونهين ٿو،

 

جفا سهڻن کي سيکارڻ سندو الزام جيڪو آ،

سراسر”سروري“ صاحب پروفيسر تي سونهين ٿو.

ê

 

1- ٽماهي”مهراڻ“ نمبر 1-2/1988ع

 

 

 

عشق مون کي اهڙي سهڻي ساڻ يارو ٿي ويو،

اوج تي آ منهنجي قسمت جو ستارو ٿي ويو.

 

جنهن ڏٺو هن کي اهو الله وارو ٿي ويو،

ڏوهه هن جا ڌوپجي ويا، صاف سارو ٿي ويو.

 

جنهن هنيو پارس کي پاسو سون سارو ٿي ويو،

جيڪو هن جي ڀر ۾ بيٺو ناميارو ٿي ويو،

 

پيار هن جي سان گهڻي ئي ملڪ ۾ مشهور ٿيا،

هن جو نالو ورتو جنهن سو ناميارو ٿي ويو.

 

پيار هن جو آهه بي پهچن جي لئي پردو پناهه،

عشق ان جو بي سهارن لئي سهارو ٿي ويو.

 

تن جي قدمن کي چمن ٿا قيصر و ڪسري جا تاج،

جنهن کي حاصل آ سندس نوري نظارو ٿي ويو.

 

هن کي ٿر هر ڪنهن کري کوٽي جي دل جي پئي خبر،

ڇو ته اڄ منصور آهي، ملڪ سارو ٿي ويو.

 

ماهه ڪامل موج ۽ مستي ۾ هو چوڏهينءَ جي رات،

هو جڏهن آيو اڱڻ تي چنڊ ڪارو ٿي ويو،

 

مون دوزخ ۾ ڌڪڻ وارا ٿا جنت ڏي ڇڪين،

جنبش ابروئي جانان جو اشارو ٿي ويو،

 

منهنجي سڪ سندو ندي جي سير ۾ ٿي سرخرو،

موج ۾ ميهر مليو هر، ڪن ڪنارو ٿي ويو.

 

اهل دل، اهل ادب، اهل نظر، اهل وفا،

”سروري“ صاحب خدا کي آ پيارو ٿي ويو.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر 3/1988ع

 

 

 

لاريب! جهان حرص و هوس ۾ مون کي ڪو سيم و زر به رهيو،

پر صاحب سيم و زر جي اڳيان ڪٿ منهنجو خميده سر نه رهيو،

 

خوشين مان وڏا ٿو ٽهڪ ڏئي، واعظ کي غم دلير نه رهيو،

گوهر کي صدف ۾ ڳول صدا ڏيڏر ۾ ڪڏهن گوهر نه رهيو،

 

ڪردار سان دشمن پيش پون گفتار سان تلوارن به جهڪن،

سان منهن ۾ ئي ميڻا ڪا نه رهي ۽ جان ۾ سو جوهر نه رهيو.

 

سمجهان ٿو ستم ان جي کي ڪرم، جو يار سان ليکا ڪهڙا ڪبا؟

بس مهرو وفا ۽ جورو جفا ۾ فرق صفا ڪنهن پر نه رهيو،

 

غم، درد، الم صدم ۽ ستم سو سر تي سٺم ته به کلندو رهيس،

دنيا ته ڀلايا ڀال گهڻا پر مون کي ڪو منهن ۾ سر نه رهيو!

 

عاشق سچا سرويچ ڪٿي ، سهڻن جا  پيارا پيچ ڪٿي،

جو در تي جهڪي سو سر نه رهيو سر جنهن تي جهڪي سر در نه رهيو!

 

افسانه سندن دنيا ۾ رهيا، پر پيار جا پانڌيئڙا نه رهيا،

سسئي نه رهي پنهون نه رهيو سهڻي نه رهي ميهر نه رهيو.

 

هن پار وڃڻ وارا ٿيا گهڻا هن پار اڃا ڪو ڪو نه وريو،

هن پاسي هميشه لئي ٿا وڃن پر ڪنهن کي بقا هن ڀر نه رهيو.

 

احباب ادب وٽ شعر ڇڏي ويندين تون هليو رهندين نه هتي،

”محبوب“! جهان شعر وس سخن جي عرض تي جئن ”اختر“ نه رهيو.*

ê

”رهبر ڊائجسٽ“ جنوري –فيبروري 1986ع

 

 

 

ڪي هڻن زوري ٿا رستن تي، گسن تي ڌاڙو،

ڪي گهرن ۾ ٿا هڻن، مال ۽ ڌن تي ڌاڙو.

 

اڄ لڳو گل تي، گلستان تي چمن ڌاڙو،

هڪڙي صياد جو بلبل جي وطن تي ڌاڙو.

 

سهڻي ڌاڙيل هنيو، جان ۽ من تي ڌاڙو،

منهنجي دل، منهنجي جگر، منهنجي بدن تي ڌاڙو.

 

ڪي ٿا ڌاڙيل هڻن، علم ۽ فن تي ڌاڙو،

ڪي هڻن نظم و غزل، شعر و سخن تي ڌاڙو.

 

ڪي ٿا ڌاڙيل هڻن مال ۽ ڌن تي ڌاڙو،

سون چاندي تي ڪروڙن تي، لکن تي ڌاڙو.

 

قسمين قسمين ٿا هلن ڊاڪو ۽ قذاق هتي،

ڪي هڻن شهر خموشان ۾ م ڪفن تي ڌاڙو.

 

آيا جي ٽانڊو کڻڻ، بورچي ٿي ويهي رهيا!

غير ملڪي ٿا هڻن منهنجي وطن تي ڌاڙو.

 

اڄ عمرڪوٽ تي مارن جي چڙهائي آهي

ڪنهن هنيو آهه پنوهارن جي پکن تي ڌاڙو.

 

منهنجا ماروئڙوء، سانگيئڙو! ماريو ۽ مرو!

ٿو لڳي پنهنجي لڄن، پنهنجي ٻچن تي ڌاڙو.

 

منهنجي حق ناهه ڇا ”محبوب“! ته ناحق سان وڙهان؟

ٿو لڳي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر 2/1989ع

 

 

 

پوندين ٿڪي اي يار! تون ظلم و ستم ڪري،

ڪوڙو اهو جو دانهن، خدا جو قسم ڪري،

 

معشوق خوش ٿئي ٿو، جي جور و جفا ڪندي،

عاشق جي ڇا مجال جو ان تي ڪو غم ڪري.

 

توکي خدا ڪو دل ۾ وجهي رحم جو ذرو،

مون کي به شال صبر تي ثابت قدم ڪري.

 

طاقت رکان ٿو ڪهڙي جوتو وٽ هلي اچان،

ملندين اچي به پاڻهي پنهنجو ڪرم ڪري.

 

تنهنجي جفا جو داستان ورق وفا تي مان،

خون جگر سان ٿو لکان سرڙو قلم ڪري.

 

جڏهين ٿو جام صبر جو لبريز ٿي وڃي،

عاشق جي آهه پوءِ ٿي جادوءَ جو ڪم ڪري.

 

معشوق سنگدل به ڳري ميڻ ٿي پوي،

”محبوب“ جو هي شعر ان تي ڪو دم ڪري.

ê

 

ماهنا مه ”فردوس“ هالا، سيپٽمبر 1953ع

 

 

مسلسل سختيون سهندي دکويل دل ڏنو روئي،

مسافر بار فرقت کان سر منزل ڏنو روئي.

 

خوشي مان جئن کلي تو ڦيريون نظرون رقيبن ڏي،

تڏهن تنهنجي نگاهه ناز جي گهائل ڏنو روئي.

 

ڪيو ٿئي عشق پنهنجي ۾ نه جئرن گڏ نه مئلن گڏ،

سندءِ اهڙي ستم کان بي وطن بسمل ڏنو روئي.

 

تڙي در بان در تان دلر مون کي جڏهن ڇڏيو،

سچي سڏڪا ڀري سهڻا سندءِ سائل ڏنو روئي.

 

ملڻ جي آرزو درياءِ فرقت ۾ ٻڏي ويئي،

دل ناڪام جي حسرت لب ساحل ڏنو روئي.

 

جڏهن سر بي وطن مظلوم جو ڌڙ کان جدا ٿي ويو.

ته هاري لڙڪ رتا جا خنجر قاتل ڏنو روئي.

 

چوان”محبوب“ ڇا جنهنکي لڳي تنهنکي خبر هوندي،

غزل سورن ڀريو سڻندي سڄي محفل ڏنو روئي.

ê

 

ماهنامه ”روح ادب“ حيدرآباد نومبر 1954ع

 

قدر الفت جو ٿئي ڪين جي وفا عام هجي،

عشق ناڪام ئي، ناڪام ئي، ناڪام هجي.

 

صبح خوشين ۾ ۽ تڪليف ۾ هر شام هجي،

زندگي ڪهڙي؟ جو آرام ئي آرام هجي.

 

عشق ۽ پيار ۾ بدنام سهي، نا هجي،

دائما دل کي محبت جو پيل دام هجي.

 

سو به ساقي؟! جو ڀري آيو وڏو جام هجي،

جو ٻڪن ۾ ئي ڏي سو ساقي گلفام هجي.

 

ڪر سچي چرخ ڪهن! آهه ڪو آدم زادو،

جنهن تي آئي نه ڪڏهن گردش ايام هجي.

 

مون خطادار کي هو پنهنجو ڪري يا نه ڪري،

من محمد صه جي غلامن ۾ لکيل نام هجي.

 

يار ئي يار هجي، يار سوا ڪجهه نه هجي،

شب نڪو روز نڪو صبح نڪا شام هجي،

 

بحر الفت جون ڪڏهين موجون هي ماٺيون نه ٿين،

لازمي آيه ته ڪو عشق تي الزام هجي.

 

آخري دم نه هجي لفظ لبن تي ٻيو ڪو،

تنهنجو بس نام هجي، نام هجي نام هجي.

 

غير معمولي ڪشش پيئي ڪري طرز بيان،

ڇا عجب! منهنجي اها شاعري الهام هجي.

 

ناهه مستيءَ ۾ شريعت جي ڪا”محبوب“ خبر،

مون گنهگار جو من عشق ئي اسلام هجي.

ê

 

”يار خاطر“ محفل سروري هوسڙي، سال 1959ع

 

 

 

ڄاڻ آيو، جي نه آيو ته مڙئي خير آهي،

صورت حال رهايو ته مڙئي خير آهي.

 

مان بدستور سندس راهه نهاريندس پو،

هو بدستور نه آيو ته مڙئي خير آهي.

 

چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي ڪيترو لڪندو آخر؟

تو جي پردو نه هٽايو ت مڙئي خير آهي.

 

عشق وارن جي نظر ڏاڍي خطرناڪ اٿيئ،

ٿو هلين پاڻ لڪايو ته مڙئي خير آهي.

 

مون سان هڪڙو تون فقط دوست! رهائج هر دم،

لوڪ ساري نه رهايو ته مڙئي خير آهي

 

ٿيو جو ممنوع شريعت ۾ شراب آهي مگر،

ههڙي ساقيءَ جي چکايو ته مڙئي خير آهي.

 

ساغر مئي ته ڇا! جيڪ به وڻئي ڏي ساقي،

تو هٿان زهر به آيو ته مڙئي خير آهي.

 

آءُ ته پيئندا به رهون موج سا کلندابه رهون،

”شيخ جيءَ“ ٻوٿ سڄايو ته مڙئي خير آهي.

 

منهنجي سڪرات ڏسي هو نه پريشان ٿئي،

منهنجي دلبر کي ٻڌايو ته: ”مڙئي خير آهي“

 

دور فاني مان فقط قرب ڪمائي نڪران،

مون ٻيو ڪجهه به ڪمايو ته مڙئي خير آهي.

 

مون کي تنهنجو ئي لقب آهه نمايان ڪرڻو،

مون جي ”محبوب“ سڌايو ته مڙئي خير آهي.

ê

 

”يار خاطر“ سروري هوسڙي، سال 1959ع


* هالا ۾ اختر هالائي جي ورسي (1963) جي موقعي تي پڙهيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org